سنڌي ٻوليءَ جو مغربي محقق ارنيسٽ ٽرمپ، 13 مارچ 1828ع تي، جرمنيءَ جي شهر السفيلڊ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو جارج ٿامس ٽرمپ هو، جيڪو هاري هو ۽ گذر سفر لاءِ ڪڏهن ڪڏهن واڍڪو ڪم ڪندو هو. -ارنيسٽ ٽرمپ- چئن سالن جي عمر ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. سندس انهيءَ شوق کي ڏسندي سندس والد کيس ڀر واري هاءِ اسڪول ۾ تعليم لاءِ موڪليو، جتي هن لاطيني، يوناني ۽ ٻيون ٻوليون سکيون، 17 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ هن امتحان پاس ڪري ورتو. ٽرمپ جي مائٽن کيس پادري بنائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن کي ڏکڻ جرمنيءَ جي مشهور اداري اسٽيفن ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن نه فقط مذهبي علمن جو مطالعو ڪيو، پر مختلف ٻولين جو اڀياس پڻ جاري رکيو. ٽرمپ کي عبراني، عربي ۽ سنسڪرت ٻولين سان خاص دلچسپي هئي. جرمنيءَ کان پوءِ هي لنڊن پهتو، جتي هڪ پرائيويٽ اسڪول مان يوناني ۽ لاطيني ٻوليون پڙهڻ کان پوءِ ايسٽ -انڊيا- هائوس ۾ اسسٽنٽ لائبررين طور ڪم ڪرڻ لڳو. هتي ئي چرچ مشنريءَ وارن سندس قابليت ڏسي، کيس هندستان وڃي اتان جي ٻولين جي گرامر ۽ لغتن تيار ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ۽ -برطانيا- سرڪار به هن جي اهڙن ڪتابن ڇپرائڻ جو واعدو ڪيو. 1854ع ۾ هو پهرين بمبئي پهتو، جتي اچي ”ائنڪلن چرچ“ جو پادري ٿيو ۽ اتي رهائش دوران فارسي زبان ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪيائين، جو -ان- ۾ انگريزي ”ڪامن پرائمر بڪ“ جو ترجمو ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي بنيادي پروگرام موجب ڪراچيءَ آيو. ڪراچيءَ جي آبهوا ابتدا ۾ هن تي خراب اثر ڪيو، جنهن ڪري ”چرچ مشن“ طرفان هن کي علاج جي خيال سان فلسطين موڪليو ويو، جتي هن عربي زبان جو اڀياس جاري رکيو. فلسطين ۾ رهندي، هن جي هڪ انگريز خاتون سان ملاقات ٿي، جنهن سان 1856ع ۾ شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پٽ به ڄائو.
هي صاحب 1856ع ۾ وري ڪراچيءَ آيو، جتي هن جي گهرواري بيمار ٿي پئي ۽ آخر گذاري وئي. سال کن بعد وري جرمنيءَ ويو، اتي ٻي شادي ڪري وري سنڌ ۾ موٽي آيو ۽ ٿورو وقت اچي سنڌ ۾ رهيو. سنڌ ۾ هن سنڌي زبان جو ايترو ته اڀياس ڪري ورتو، جو 1866ع ۾ ”شاهه جو رسالو“ هٿ ڪري ۽ پاڻ هندستاني (اردو) طرز جي سنڌي ”الف بي“ جي لوهي ٽائيپ وجود ۾ آڻي، -ان- جي ذريعي لپسيا (ليپزگ) جي ”بروخوس ڪمپنيءَ“ جي مدد سان -ان- کي جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيائين. هي رسالو 1218 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام جا 26 سر ڏنل آهن. -ان- کان اڳ ۾ 1858ع هن هڪ ڪتاب “Sindhi Reading Book in the Sanskrit and Arabic Characters” نالي سان لنڊن جي واٽس پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي جا بيت درج ڪيا ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ هي صاحب ٻيڙيءَ تي چڙهي، سنڌونديءَ رستي 22 ڏينهن جي لاڳيتي مسافريءَ کان پوءِ لاهور پهتو ۽ اتان وري پشاور پهتو، جتي هن پشتو ۽ ڪافري ٻولين جو مطالعو ڪيو. هن ’براهوي زبان‘ جو به سٺو مطالعو ڪيو، پشاور ۾ رهندي وري طبيعت خراب ٿي پيس ۽ وطن موٽي ”اسٽگارٽ“ شهر ۾ وڃي رهيو، جتي به مشرقي ٻولين جو مطالعو جاري رهيس. 1864ع ۾ پفلنگن شهر ۾ پادري مقرر ٿيو ۽ 6 سالن اندر ڪيترا ڪتاب لکيائين اتي جرمن گهرواريءَ مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيس.
1870ع ۾ برطانوي سرڪار هن کي سِکن جي مذهبي ڪتاب ”گرنٿ صاحب“ جي ترجمي جي آڇ ڪئي. 1872ع ۾ گرنٿ جو ترجمو مڪمل ڪيائين، جيڪو 1877ع ۾ ڇپيو، جنهن سان هن کي وڏي شهرت ملي. 1883ع ۾ ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ سامي ٻولين جو پروفيسر مقرر ٿيو، جتي هن عربي گرامر ’مروحيه‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مسلسل مطالعي ۽ لکپڙهه سبب سندس -اکيون- موڪلائي ويون، جنهن تي هن کي سخت صدمو پهتو. سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن ذهني مريضن جي اسپتال ۾ گذريا. 5 -اپريل- 1885ع تي هيءُ عظيم اسڪالر، 57 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
سنڌي ٻوليءَ جي -باري- ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جا رايا نهايت عالماڻا ۽ فاضلاڻا آهن. 19 هين صديءَ جي آخر ڌاري سندس قائم ڪيل اهي رايا اڄ به ڪنهن حد تائين درست تسليم ڪيا وڃن ٿا. البت سندس اهو رايو ته ”سنڌي -ٻولي- نج سنسڪرتي -ٻولي- آهي يا سنسڪرت ئي سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو آهي“، اڄ جي لسانيات جي ماهرن جي نظر ۾ رد ٿي چڪو آهي. ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکيو، جنهن ۾ هن سنڌيءَ جون ڪيتريون بناوٽون شاهه لطيف جي بيتن مان مثال ڏئي سمجهايون، ٽرمپ جي گرامر ۾ ڪيترائي اهڙا اشارا ملن ٿا، جن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي جدا حيثيت ۽ نرالائيءَ کي پڻ نروار ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جو تقابلي گرامر به لکيو، ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص آوازن ”ٻ“، ”ڏ“، ”ڄ“ ۽ ”ڳ“ تي پڻ کوجنائون ڪيون، ۽ انهن آوازن جي ڀرپور تشريح ڪئي. ڊاڪٽر ٽرمپ ئي اهو ماڻهو هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ لاءِ 1853ع ۾ جوڙيل عربي سنڌي لپيءَ خلاف رايو ڏنو، ۽ چيو ته ”اها لپي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي جون سموريون ضرورتون پوريون نٿي ڪري“. -ان- کان سواءِ هن ڪاروبار لاءِ جوڙيل واڻڪي لپيءَ تي پڻ تنقيد ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي لهجن تي پڻ ڊاڪٽر ٽرمپ تحقيق ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مکيه لهجن اترادي، وچولي ۽ لاڙي وغيره تي لکيائين.
ڊاڪٽر -ارنيسٽ ٽرمپ- جون سنڌي ٻوليءَ ۽ شاهه جي رسالي لاءِ ڪيل خدمتون يادگار آهن ۽ سنڌ واسين لاءِ فخر جو باعث آهن. هو سنڌي لسانيات ۽ لطيف شناسيءَ واري ميدان ۾ سدائين زندهه رهندو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان