عبدالستار ايڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Abdul Wahid Soomro طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2012۔

  1. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    1928ع ۾ انڊيا گجرات جي هڪ ميمڻ خاندان ۾ هڪ ڇوڪرو ڄائو جنهن جو نالو عبدالستار رکيو ويو. عبدالستار کي ننڍپڻ ۾ ئي، سندس ماءُ سيکاريو هو ته؛ ”غريبن جي مدد ڪريو. اٻوجهه ۽ لاچارن جي ڪم اچو ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ کپي.“ اهو سبق عبدالستار کي هميشه هميشه جي لاءِ ياد ٿي ويو. ورهاڱي کان اڳ، پهرين عبدالستار جو خاندان، انڊيا گجرات مان هجرت ڪري پاڪستان ۾ اچي وسيو. عبدالستار جو تعلق، ميمڻ ڪميونٽي سان هو. هن ڪميونٽيءَ واپار ۾ وڏا ڪمال ڏيکاريا آهن. جوانيءَ ۾ هر ماڻهو جا ڪجهه خواب هوندا آهن. دولت، نوڪري، گاڏي، عشق، محبت ۽ ٻيا گهڻا مشغلا ۽ خواهشون. پر عبدالستار هڪ الڳ قسم جو نوجوان هو، جنهن جا خواب ۽ منزل؛ دولت، گاڏي، دنياوي لذتون نه هيون. عبدالستار جنهن رستي جي چونڊ ڪئي، اهو رستو هو خدمت جو- انسانيت جي خدمت جو؛ اٻوجهه مسڪينن ۽ لاچارن جي خدمت جو. وسائل جي اڻهوند عبدالستار جي جذبه خدمت جي جنون ۾ ڪا گهٽتائي ڪو نه آندي. هن نيڪ ڪم جي شروعات ڪندي، عبدالستار سڀ کان پهرين سوشل آرگنائيزيشن سان گڏجي ڪم ڪيو پنهنجي پاڻ تي يقين ۽ ”الله مدد ڪندو“ واري ايمان ساڻ عبدالستار سڀ کان پهرين، هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي، جنهن ۾ غريب لاچارن جو مفت علاج ڪيو ويندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ، عبدالستار هڪ پراڻي وين خريد ڪئي، جنهن جو نالو غريب ماڻهو جي وين رکيو ويو ۽ هو ان ۾ ويهي غريب بيمار ماڻهن کي اسپتال کان گهر ۽ گهر کان اسپتال پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندو هو. ڏسندي ڏسندي عبدالستار جو نالو هر زبان تي اچڻ لڳو. هن بي مثال ڪم جي شروعات جو پهريون قدم عبدالستار پاڻ کنيو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ عبدالستار ڪڏهن مڙي پويان نه ڏٺو ۽ پاڻهي پاڻهي رستو ٺهندو ويو.
    عبدالستار ايڌي کي ماڻهن چندو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ عبدالستار مالي طور تي مضبوط ٿيندو رهيو ۽ عبدالستار جي ڊسپينسري تمام منظم نموني سان ڪم شروع ڪيو. سڀ کان پهرين عبدالستار پنهنجي ڊسپينسري ۾ گهربل نرسنگ اسٽاف ۽ ٻيو اسٽاف ڀرتي ڪيو ۽ هاڻي اها جڳهه هئي جتي ان جي ملاقات بلقيس سان ٿي. 14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان کي ٻه خوشيون مليون، هڪڙو پاڪستان آزاد ٿيو ۽ ٻيو بلقيس پيدا ٿي. بلقيس ايڌي فائونڊيشن ۾ تمام دل و جان سان ڪم ڪيو. 1966ع ۾ بلقيس ۽ عبدالستار جي شادي ٿي وئي. عبدالستار جي قائم ڪيل ويلفيئر، ڏينهن رات ڪم ڪندي رهي ۽ آهستي آهستي عبدالستار جي قائم ڪيل ويلفيئر، هڪ شهر کان ٻئي شهر، ٽئين شهر ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڦهلجڻ لڳي. ائين عبدالستار ايڌي سڄي ملڪ ۾ سڃاتو وڃڻ لڳو. 1973ع ۾ ڪراچيءَ اندر هڪ پراڻي بلڊنگ ڪري پئي. ان حادثي جي امدادي ڪمن جي لاءِ، سڀ کان پهرين ايڌي فائونڊيشن جا رضاڪار پهتا، جنهن جي اڳواڻي ايڌي صاحب پاڻ ڪري رهيا هئا. اتان اهو سلسلو باقاعدي شروع ٿي ويو ۽ جڏهن به ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪو حادثو يا دهشتگردي ٿئي يا ڪا قدرتي آفت سان ڪو به جاني يا مالي نقصان ٿيندو هو ته ان جي امدادي ڪم ڪارن لاءِ سڀ کان پهرين ايڌي فائونڊيشن جا رضاڪار حرڪت ۾ ايندا هئا ۽ رياست جون ذميواريون ايڌي فائونڊيشن سرانجام ڏيڻ لڳي.
    ايڌي ويلفيئر آرگنائيزيشن، اها واحد آرگنائيزيشن آهي، جنهن وٽ پنهنجي ايئر ايمبولينس به آهي، جنهن جي وسيلي اھا دشوار جڳهن تي به پهچي امدادي ڪم سرانجام ڏيندي آهي. اڄ ايڌي فائونڊيشن، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ڪامياب ويلفيئر آرگنائيزيشن طور سڃاتي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ انھيءَ کي ڪروڙين روپيا چندي جي صورت ۾ ملن ٿا. ايڌيءَ جي ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل، صرف 8 شاخون غريب ۽ لاچار ماڻهن جو مفت علاج ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه هڪ اکين جي استپال، هڪ ڪينسر اسپتال، ٻه بلڊ بئنڪ پڻ ڪراچيءَ ۾ ايڌي فائونڊيشن جي زير نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه، ايڌي فائونڊيشن جي نگرانيءَ ۾ هڪ ليگل ايڊ ڊپارٽمينٽ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو غريب لاچار ماڻهن کي مفت قانوني سهولتون مهيا ڪري ٿو ۽ اھو ليگل ايڊ ڊپارٽمينٽ، ڪيترن ئي غريب بيگناهه قيدين کي وڪيلن جي سهولت پڻ ڏئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا ئي بيگناهه قيدي آزاد ٿيو وڃن. بلقيس ايڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ڪيل ”اپنا گهر“ پڻ، ڪراچيءَ جي غريب لاچار ماڻهن جي لاءِ، ڪاڙهي جي لُڪ ۾ ٿڌي ڇانو جو احساس ڏياريندڙ، انتهائي قابلِ تعريف ۽ قابلِ ذڪر آهي. هن اپنا گهر ۾ 20000 هزار کان وڌيڪ ٻار پلجن پيا، جن جي ٽن وقتن جي ماني، علم ۽ هنر جي ذميداري پڻ ايڌي فائونڊيشن جي ذمي آهي. هڪ ملين کان وڌيڪ غريب ٻارن جي ڊليوري پڻ ”اپنا گهر“ ۾ مفت ڪرائي ويندي آهي. ڇا اڄ ڪا ماءُ عبدالستار جي ماءُ وانگر، پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪري ٿي؟ ڇا اڄ ڪو نوجوان عبدالستار واري رستي جي چونڊ ڪندو؟ هڪ حقيقي وڏو ماڻهو، عبدالستار پاڪستانين ۾ موجود وڏن ماڻهن ۾، سڀ کان وڏو ماڻهو آهي.
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عبدالستار ايڌي

    [​IMG]

    ۔۔پاڪستان ۾ انسانيت عبدالستار ايڌي کان شروع ٿئي ٿي، جنهن جي ڄمار 88 سال آهي ۽ کيس اها به خبر نه آهي ته پئسن جي پويان ڊُڪڻ جو مطلب ڇا آهي. هن اڄ تائين ڪنهن به سرڪار کان امداد نه ورتي آهي. هو رڳو عوام جي مدد سان 63، 64 سالن کان اهڙو ادارو هلائي رهيو آهي جنهن جي ماهوار آمدني هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. هو سادو ايترو آهي جو چوي ٿو ته وٽس ٻيڻي رقم اچي ٿي ۽ هڪوڻي خرچ ٿئي ٿي هو ايترو ته بهادر آهي جو ڪوبه پروٽوڪول نه ٿو رکي ۽ بدترين حالتن ۾ به ڪا سيڪيورٽي نه هوندي اٿس. بلوچستان ويو ته کيس پڪڙيندڙ ڌاڙيل به توبهه تائب ٿيا ۽ کيس فنڊ ڏنائون. اتر وزيرستان ۾ طالبان کيس بي لوث اڳواڻ مڃيو ۽ وڏي امداد ڏئي کيس حفاظت سان روانو ڪيائون. وٽس ڪوبه رک رکاءُ ناهي ۽ نه ئي ساراهجڻ جي تمنا اٿس.۔۔۔۔ عوامي آواز۔۔۔۔۔هن ساده لباس شخص ڪڏهن به غرور جو اظهار نه ڪيو آهي ، تازو هُن غريب بکايل ماڻهن جي مدد لاءِ ڪِشتو کڻي مختلف شهرن ۾ خيرات وٺڻ لاءِ ڪئمپون پڻ لڳايون . 8 آڪٽوبر 2005ع ۾ آيل خوفناڪ زلزلي ۾ هُن -بالاڪوٽ- ، ڪشمير ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ ترت پهچي خوب مدد ڪئي . هن وقت دنيا ۾ جن ماڻهن کي سماجي خدمتن عيوض سڃاتو وڃي ٿو ، تن ۾ عبدالستار ايڌي سڀ کان مٿانهون آهي ، سندس خدمتن عيوض کيس عالمگير شهرت سان گڏ ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن ، کيس انسٽيٽيوٽ آف بزنس ائڊمنسٽريشن-پاڪستان طرفان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري پڻ مليل آهي . 1997ع جي عالمي رڪارڊ ” گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز “ موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس کي دنيا جي وڏي ۾ وڏي سروس قرار ڏنو ويو .عبدالستار ايڌي 1947ع ۾ سنڌ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آيو . پر اهو ئي سندس وڏن جو اصل وطن هو . هن پنهنجي ابن ڏاڏن بابت پنهنجي -آتم ڪٿا- ۾ ڄاڻايو آهي ته اهي ٽي صديون اڳ ” ٺٽي جي هڪ عالم هٿان هندؤ مان مسلمان ٿيا ۽ مومن جو خطاب ورتائون ، جيڪي اڳتي هلي ميمڻ سڏيا ويا . اهي ميمڻ سنڌ ۾ هالا کان نڪري ڪڇ ۽ ڪاٺيا واڙ طرف ويا . اسان انهن ميمڻن جي هڪ نک بانٽوا ميمڻن مان آهيون “ . عبدالستار ايڌيءَ جي ڪٽنب جو واسطو ڪاٺيا واڙ جي ايڌي ڪٽنب سان هو ، جتي سندن ايڌي محلو هو . پر وقت گذرڻ سان اهو به ڳوٺ ميسارجي ويو ، گجراتي لفظ ايڌيءَ جي معنيٰ ” سُست “ آهي ، پر سندن اها نُک محنتي ، -انسان- دوست روين سان ڀرپور ۽ جهيڙن ڦڏن کان دور آهي ، -ان- ڪري کين ايڌي سڏيو ويو . عبدالستار ايڌيءَ جو ڏاڏو حاجي رحمت -الله- توڪلي -انسان- هو ۽ ماڻهن ۾ عوامي تڪرارن کي صلح سان نبيريندو هو . ايڌيءَ جي والد جو نالو عبدالشڪور ايڌي آهي . سندس والد جون پهريون ٻه زالون گذاري وڃڻ کانپوءِ هن غربيٰ سان شادي ڪئي . هن جي ماءُ جو تعلق هڪ واپاري ڪُٽنب ديوان سان هو ۽ هوءَ پُر تشدد طريقي سان اڳ طلاق ورتل هئي ، جنهن سان -انسان- دوست عبدالشڪور ايڌيءَ شادي ڪئي . غربيٰ ئي عبدالستار جي ماءُ هئي .ايڌي صاحب جون تصويرون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو







     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عبدالستار ايڌي

    ايڌي صاحب جو نالو ٻڌندي ئي انسانيت ۽ خدا جي مخلوق جي خدمت ذهن ۾ اڀرندي آهي۔ ايڌي جهڙا ماڻهو ڪي صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن۔ سچو، کرو ۽ سادو انسان۔ من جو اجرو ۽ اڇو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    دعا آهي ته اهڙا انسان جُڳ جُڳ جيئن ۽ انسانيت جي خدمت ڪندي انسانيت کي عظيم بلندين تي پهچائن۔
     
  4. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG]
    انسان ذات جو بي لوث خدمتگار عبدالستار ايڌي، بي سهارن جي يار جي

    8 جولاءِ تي پهرين ورسي


    ابراهيم لاشاري (وارهه)



    جئين ته سياڻن سچ چيو آ ته “چڱو انسان ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري ؛هو پنهنجي زندگي ۾ جيڪا نيڪي يا ڪم ڪري ٿو انهي جي عيوض سندس نالو قيامت تائين زنده رهي ٿو .هن دنيا منجهه ڪيترائي عظيم ۽ ڀلارا انسان ٿي گذريا آهن ،جن پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي خدمت ڪندي گذاري آهي اهڙن انسانن منجهان غريبن، يتيمن جو يار انسان ذات جو بي لوث خدمتگار دنيا جي عظيم هستي ناليوارو سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي پڻ هڪ آهي . عبدالستار ايڌي سال 1928ع ڌاري گجرات رياست جي جهونا ڳڙهه جي ڀرسان هڪ ڳوٺ بانٽوا جي نيڪ مرد شخصيت عبدالشڪور ايڌي جي گهر کان زندگي جو حسين سفر شروع ڪيو هو سندس امڙ جو نالو غربي!هو سندس والد ڪپڙي جو واپاري هو ،عبدالستار ايڌي يارنهن سالن جو ٿيو ته سندس مٺڙي امڙ شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ شگر جي مرض ڪري سندس فالج جو سخت حملو ٿي پيو هن ان زماني ۾ پنهنجي امڙ جي بي حد خدمت ڪئي .سندس کي ننڍپڻ کان ئي ٻين جي خدمت ڪرڻ جو قائل هوندو هو .سندس والد عبدالشڪور ايڌي صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو مڱر پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هوندي هيس ،سڄو ڏينهن راند روند تي ڌيان هوندو هيس .هڪ ڏينهن سندس استاد عبدالستار ايڌي کي ڪلاس جو مانيٽر بڻايو تنهن بعد پڙهڻ سان وري دلچسپي وڌيس .هن عظيم انسان جي تربيت به امڙ جي هٿن ۾ ٿي ڇو جو والد واپاري هجڻ ڪري اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو عبدالستار ايڌي کي ننڍي هوندي مسڪينن ،غريبن ، ۽ ذهني اپاهجن انسانن سان بيهد همدردي هوندي هئي .يارهن سالن جي عمر کان نماز ۽ روزي جو پابند هوندو هو مڱر ڪڏهن به مذهبي انتها پسند نه رهيو ،ننڍي عمر ۾ مشهور واپاري سيٺ حاجي عبدالله نالي جي دوڪان تي 5 روپيه پگهار تي مزدور ٿي بيٺو ، هي ڪپڙن جا تاڪيا پٺن تي کڻي گهر گهر وڃي وڪڻندو هو ، هن هڪ ننڍڙو دوڪان به کوليو هو هن 15 سالن جي عمر ۾ رسمي تعليم پوري ڪئي ،عبدالستار ايڌي ننڍي هوندي گجراتي اخبارن جو مطالعو پڻ ڪندو هو هن بمبئي سماچار ذريعي مارڪس ۽ لينن جي نظري کان واقف ٿيو ، سندس ذهن ۾ تبديلي مئڪسم گورڪي جي ناول (ماءَ) آندي سندس من ۾ ٻين جي خدمت ڪرڻ جو جذبو وڌي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد هندو مسلم فسادن جي خطري سبب ٽيهه هزار ميمڻ سان گڏجي هن جو خاندان سندس ڏاڏو حاجي رحمت الله پاڪستان هجرت ڪري ڪراچي جي پسگردائي ملير ۾ اچي رهيا ، هن سال 1951ع ڌاري پنهنجي گڏ ڪيل پيسن منجهان هڪ ننڍڙو دڪان خريد ڪيو ، هڪ ڊاڪٽر جي مدد سان هڪ ننڍڙي ڊسپينسري پڻ کولي ورتي جتي هن طبي امداد جي سکيا پڻ ورتي شروع شروع ۾ هي ڊسپينسري جي سامهون پيل هڪ بينچ تي ئي سمهي آرام ڪندي نظر آيو سندس خيال . ته جيئن ضرورت پوڻ واري انسان جي مدد ڪرڻ لاءِ ترت پهچي سگهان، سال 1957ع ڌاري جڏهن ڪراچي شهر ۾ هڪ وڏي پيماني تي وبا (فلو) جو مرض ڦهليو هو ته عبدالستار ايڌي ترت فوري طور تي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. هن ڪراچي جي هر هنڌ مختلف هنڌن تي خيما کوڙي وس آهر خدمت ڪري مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ،اهڙي فلاحي ڪم ۾ دولتمند ماڻهن عبدالستارايڌي جي تمام گهڻي دل کولي مدد ڪئي ، ان زماني ۾ ان چندي جي پئسن منجهان عبدالستار ايڌي ڊسپينسري واري سڄي جاءِ خريد ڪري ان ئي جاءِ تي هڪ ويم گهر ( ميٽرنٽي سينٽر ۽ هڪ نرسن جي تربيت لاءِ اسڪول کوليائين ،انهي زماني ۾ ايڌي فائونڊيشن جو بنياد وڌهائين ،ان زماني ۾ هڪ ڪاروباري شخصيت هن عظيم انسان کي جهجي امداي رقم ڏني جنهن منجهان هن هڪ ايمبولينس خريد ڪئي جيڪا هو پاڻ هلائيندو هو .بي بي سي جي رپوٽ موجب سال 2002ع کان 2008ع تائين سڄي پاڪستان ۾ ايڌي سينٽر تمام گهڻي حد تائين سماجي ڪمن ۾ مصروف رهيا آهن هن وقت تقريبا 600 کان مٿي ايمبولينس گاڏيون سڄي ملڪ جي سينٽرن تي موجود آهن ان کان علاوه هوائي سروس پڻ حاصل اٿن جيڪا ڪنهن به وقت حادثي ۾ ترت طبي سهولتن سان گڏ تيار رهي ٿي تنهن کان سواءِ ڪيترن ئي شهرن منجهه ڪلينڪون ،ميٽرنٽي هوم ،پاڳل خانا ، پناهگاهون،۽ اسڪول پڻ کوليا ويا آهن ايڌي فائونڊيشن هر مشڪل گهڙي ۾ سڄي دنيا ۾ مدد فرامي ڪندو رهي ٿو ،هي انسان ذات جو هڏڏوکي عبدالستار ايڌي پاڻ خود وڃي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو . ايڌي فائونڊيشن پاڪستان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن بوسنيا ، افغانستان، عراق، چيچنيا ،سوڊان ،ايٿوپيا ۽ قدرتي آفت سٽيل ٻيٽن سماترا ۽ انڊومان ۾ به ڪم ڪندي رهي آهي . 16آگسٽ 2006ع ۾ عبدالستار ايڌي جي گهرواري ميڊم بلقيس ايڌي ۽ ڪبري ايڌي انٽرنيشنل ايمبولينس فائونڊيشن پڻ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ،جنهن تحت ايران ،آمريڪا، شام ،اسرائيل ،ڀارت ،بنگلاديش ،برطانيه ،سميت امير توڙي غريب ملڪ ۾ ايڌي جي ايمبولينس عطئي طور ڏني وئي .سال 1997ع جي عالمي رڪارڊ (گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ) موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس کي دنيا جي وڏي مان وڏي سروس قرار ڏنو ويو انکان علاوه بنا ڪنهن موڪل جي ايڌي کي ڪم ڪرڻ جي مڃتا پڻ مليل آهي، عبدالستارايڌي سياست پڻ ڪئي سال 1964 ڌاري هن صدر ايوب خان خلاف محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو ،بعد ۾ ٿورو عرصو خاموش ٿي ويٺو مڱر 1970ع ۾ هن ٻيهر سياست ۾ حصو ورتو مڱر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تي شڪست ملي ،عبدالستار ايڌي 1965ع ۾ ايڌي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس کي شادي ڪرڻ جي آڇ ڏني جيڪا بلقيس اهيا آڇ قبول ڪري سال 1966ع اپريل جي 19 تاريخ تي عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويا .عبدالستار ايڌي کي مڃتا طور ڏيهه پرڏيهه ۾ ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز سان نوازيو ويو حڪومت پاڪستان هن انسانيت جي هڏڏوکي خدمتگار شخص لاءِ امن جي نوبل انعام لاءِ به نامزد ڪيو هو ، ايڌي کي سال 1988ع ۾ لينن ايوارڊ پڻ مليو تنهن کان سواءِ اٽلي، آمريڪا ، ڪوريا ، ڀارت ، يو_اي_آي ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ايوارڊ ڏنا ويا هئا . سنڌ حڪومت سال 1989ع ۾ پڻ عبدالستار ايڌي کي ننڍي کنڊ جي عظيم سماج سڌارڪ ايوارڊ ڏنو ايڌي پرڏيهه ۾ سماجي ڪمن ڪرڻ تي گرفتاريون ۽ غير قانوني حراست کي پڻ منهن ڏنو ، انسان ذات جو وڏو خمتدگار ،امن جو علمبردار انتهائي سادي شخصيت جو مالڪ هو ڪڏهن به غرور نه ڪيائين ٻن وڳن کان وڌيڪ ڪپڙا نه رکندو هو، هو سدائين سادي زندگي گذارڻ جو قائل هو. هي عظيم انسان ايڌي ڪلينڪ مٿان ٺهيل ٻن ڪمرن جي گهر ۾ سڄي زندگي گذاري ڪڏهن به عيش عشرت جي حوس نه لڳس هميشه عيد جي ڏينهن بي سهارن سان گڏ عيد گذاريندو هو ، انسانيت جي هي خدمتگار عبدالستار ايڌي گذريل ڏهن سالن کان گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو هو ، سال 2013ع کان ايس، آءِ ،يو، ٽي منجهان ڊائيلاسز ڪرائيندو رهيو مگر صحت ساٿ ڇڏي ڏنو ، يتيمن جو يار انسان ذات جو سچو خدمدگار عبدالستار ايڌي 88 سال 6 مهينا 7 ڏينهن زندگي جا پل گذاري هزارين يتيمن ۽ هزارين بي سهارا انسان ۽ سڄي دنيا کان 8 جولاءِ 2016 جمعي جي ڀلاري ڏينهن موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو گهر واري سميت چئن ٻارن فيصل ايڌي ، ڪبري ايڌي ، زينت ايڌي ، ۽ الماس ايڌي سميت ڪروڙين ماڻهن سوڳوار ڇڏي ويو . سندس سرڪاري اعزاز سان نيشنل اسٽيڊيم ۾ نمازي جنازه ادا ڪرڻ بعد وصيت موجب ايڌي وليج ڪراچي ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو ،ياد رهي ته هن عظيم انسان 25 سال اڳ پنهنجي قبر پاڻ تيار ڪرائي هئي ۽ وصيت پڻ ڪئي هئي ته مون کي پهريل ڪپڙن ۾ دفنايو وڃي. هي عظيم انسان ته هاڻ اسان وٽ ناهي رهيو مڱر سندس ڪيل خدمتون هميشه هميشه لاءِ ياد رهنديون .اڄ 8 جولاءِ 2017 تي سندس پهرين ورسي ملهائي ويندي


    __________________________________________________
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو