شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجيجڙندا ڪيئي جام،
    نوان متولا ايندا، هڻندا تن جي هام!


    سنڌ سلامت سٿ پاران دنيا جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيء تي کيس سلام پيش ڪري ٿو۔ تاريخ ۾ جڏهن به انهن شخصيتن جو ذڪر ٿيندو جن پنهنجي ديو مالائي ڪردار ۽ سحر انگيز شخصيت ڪري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ذڪر ضرور نڪرندو جنهن پنهنجي ذهانيت، سحر انگيز شخصيت، اعلى فن خطابت ۽ عوام سان هڪ ٿي وڃڻ ڪري هڪ عرصي تائين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو آهي۔

    [​IMG]

    پنهنجا ته پنهنجا پر دشمن به سندس ساراه ڪرڻ کان رهي نه ٿا سگهن۔ اڄ سندس ورسي جي موقعي تي سڄي پاڪستان جو رخ ڳڙهي خدا بخش ڏانهن آهي ۽ ماڻهو پنهنجي محبوب قائد کي سلامي ڏيڻ لاء ڪي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ته وري ڪي پيرين پنڌ اتي پهتا آهن۔ هتي گڏ ٿيندڙ ماڻهن مان گهڻائي انهن جي آهي جيڪي پنهنجي محبوب اڳواڻ کي سلام پيش ڪرڻ لاء پهتا آهن۔ هي اهي ماڻهو آهن جن کي زوريء گاڏين ۾ چاڙهي هتي ڪونه آندو ويو آهي۔

    ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت ۽ سندس پاليسين سان ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اختلاف هو پر سندس ذهانت ۽ سحر انگيزي کي سندس ڪٽر دشمن به مڃين ٿا۔ ڀٽي صاحب جي اها وڏي خوبي هئي جو هن سياست کي بنگلن ۽ ڊرائئنگ روم مان ٻاهر ڪڍي عوام ۽ جهڳين تائين پهچايو ۽ عام ماڻهن کي زبان ۽ شعور ڏنو۔ اها سندس قابليت ۽ ذهانيت ئي هئي جو هن شملا ۾ هارايل ڪيس باوجود هندستان جي وزيراعظم کان پاڪستان جي زمين ۽ فوجون بغير ڪنهن اصافي شرطن جي واپس ڪرايون۔ هن پارٽي ته عوام، مزدور ۽ هاريء لاء ٺاهي هئي پر پوء وري جاگيردارن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو جتان ڪوششن باوجود به سازشي ماڻهن جي ڦندي ۾ ڦاسي پيو۔ پر پوء به هن هر سازش جو مقابلو ڪيو ۽ وڙهندو رهيو۔ هن نه ته ڪنهن سان مفاهمت ڪئي ۽ نه وري اصولن تي سوديبازي ڪئي۔ هن اياز جي هنن سٽن کي ڄڻ ته سمجهي ڇڏيو هو:

    جي تون وڙهندين ماريو ويندين
    هن ڌرتيءَ تان واريو ويندين
    دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو
    ماڻهن جو ويساهه نه ويندو

    ڀٽو صاحب لاء جيڪي به مشڪلاتون پيدا ڪيون وين، هن کي ڪيڏو نه ايذايو ويو پر پوء به هن جو حوصلو بلند هو، ڪنهن صحافيء لکيو آهي:

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 33 هين ورسيء تي کيس ڀيٽا

    ڀٽو صاحب واقعي عظيم هو، بهترين تحرير ونڊ ڪرڻ جا ٿورا
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 33 هين ورسيء تي کيس ڀيٽا

    هڪ سورهيه سنڌي جو موت قبول ڪري امر ٿي ويو ۽ دشمنن به کيس سنڌي جي حيثيت سان شهيد ڪيو۔۔۔ ان جا تي ٻيا به ڪيترائي حڪمران آيا ويا پر جهڙي طرح سان ڀٽي صاحب کي ۽ سندس پوري خاندان کي شهيد ڪيو ويو اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ باب رهندو ۔۔۔

    ها ڙِي پاڪستان تو سنڌين کان ڪهڙيون ڪهڙيون نه ڳوريون قربانيون ورتيون آهن۔!!!!!

    محبوب شخصيت هو ڀٽو صاحب ۔۔۔

    رب العالمين سندس مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 33 هين ورسيء تي کيس ڀيٽا

    رب العالمين کيس جنت نصيب فرمائي، ۽ سندس مغفرت فرمائي، آمين۔
     
  5. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    جواب: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 33 هين ورسيء تي کيس ڀيٽا

    محترم محمد سليمان وساڻ
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي کيس سهڻي ڀيٽا پيش ڪئي آهي
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 33 هين ورسيء تي کيس ڀيٽا

    دوستن جي مهرباني جن تحرير کي پسند ڪيو

    ڀٽو جي مزار تي لکين ماڻهن جي هجو اڄ اهو ثابت ڪيو ته سندس چاهيندڙڻ ۾ گهٽتائي ناهي آئي، توڻي جو ماڻهن کي گهڻا ئي ڏک مليا آهن هن حڪومت کان۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇني گل گلاب جا ڪيئي ڌارئو ڌار،
    اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان.

    مقبول عوامي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيء جي موقعي تي کيس عقيدت ڀريو سلام پيش ڪيون ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي سندس ياد

    [​IMG]
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ورسيء تي سلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو