۽ ٿري جي ٽيڪنالاجي ۾ افغانستان پاڪستان کان بازي کڻي ويو۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    دوستو اسان مارچ جا خواب ئي ڏسندا رهياسين۔۔۔ ۽ هوڏانهن افغانستان وارن خواب ڏسڻ کانسواءِ ئي گوءِ کٽي ورتي۔۔۔

    [​IMG]

    حيرت انگيز ڳالهه اها ئي آهي ته افغانستان ۾ ٿري جي ٽيڪنالاجي ڪنهن ٻي ڪمپني نه پر اتصلات ئي متعارف ڪرائي آهي۔۔۔ جيڪا پاڪستان ۾ هن ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي۔۔۔

    دوستن کي خبر هجي الائي نه پر کين ياد ڏيارجي ته پاڪستان جي حڪومت پي ٽي سي ايل جي نجڪاري ڪرڻ وقت اتصلات ڪمپني سان معاهدو ڪيو هو ته ايندڙ ستن سالن يعني 2013 تائين ڪنهن به نئين ٽيڪنالاجي جو لائيسنس ڪنهن ٻي ڪمپني کي نه ڏنو ويندو۔۔ اهو ئي سبب هيو جو پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي تيز رفتار ترقي باوجود ٿري جي ٽيڪنالاجي کي حڪومت ٽاريندي رهي۔۔۔۔ ۽ هاڻي جڏهن بجٽ جو خسارو ڳچي ۾ پيو پوي ته هن ٽيڪنالاجي جي نيلامي ڪئي پئي وڃي۔۔۔
    حيرت انگيز ڳالهه اها به آهي ته عوام جي دٻاء باوجود اعلان ڪيل مارچ مهينو به گذري ويو پر پاڪستان ۾ ٿري جي ٽيڪنالاجي جي اڃان تائين نيلامي نه پئي ڪئي وڃي۔۔۔ افسوس ته هن حڪومت جي ڪهڙن ڪهڙن ڪارنامن تي زور ڏئي کلجي ۽ ڪهڙن ڪهڙن ڪارنامن تي زور ڏئي روئجي۔۔
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ۽ ٿري جي ٽيڪنالاجي ۾ افغانستان پاڪستان کان بازي کڻي ويو۔۔۔


    حڪومت ٿري جي اسپيڪٽرم ٽيڪنالاجي جي نيلامي ۾ شفاف ۽ منصفاڻي چٽاڀيٽي کي يقيني بڻائيندي، اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته ٽيليڪام آپريٽرن طرفان ملڪ ۾ ويليو ايڊيڊ سروسز ۽ موبائيل بئنڪنگ جي سهولت جي فراهمي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني
    اسلام آباد - 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ٽيليڪام شعبي ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ سازگار فضا فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته حڪومت ٿري جي اسپيڪٽرم ٽيڪنالاجي جي نيلامي ۾ شفاف ۽ منصفاڻي چٽاڀيٽي کي يقيني بڻائيندي. هن اها ڳالهه وڏين ٽيليڪام ڪمپنين جي سربراهن ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن سان ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي، جن وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٽيليڪام جو شعبو قومي ناڻي ۾ تقريبن 110 ارب رپيا بطور ٽيڪس جمع ڪرائي رهيو آهي ۽ لکين نوجوانن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. هنن وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٽيليڪام شعبي ۾ سڌي سنئين سيڙپڪاري 10 ارب ڊالرن جي آهي. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته ٽيليڪام آپريٽرن طرفان ملڪ ۾ ويليو ايڊيڊ سروسز ۽ موبائيل بئنڪنگ جي سهولت جي فراهمي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته حڪومت ٿري جي اسپيڪٽرم ٽيڪنالاجي جي نيلامي ۾ شفاف انداز ۾ منصفاڻي چٽاڀيٽي کي يقيني بڻائيندي. هن ناڻي واري وزارت ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته هو ٽيليڪام ڪمپنين سان اجلاس ڪري ۽ صنعت ۽ صارفين جي مفادن کي هڪ جهڙو نظر ۾ رکندي ٽيڪس نظام کي مناسب بڻائي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ٽيليڪام ڪمپنين جي سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پنهنجي پروگرامن کي سگهه ڏئي رهيا آهن. ان ڳالهه تي اتفاق ڏٺو ويو ته ٽيليڪام آپريٽرز ۽ ٺڪاڻن جي تحفظ لاءِ ٽيليڪام ڪمپنيون پيشيواراڻي صلاحيت رکندڙ خصوصي سيڪيورٽي فورس جوڙينديون. گهرو وزارت ان مقصد جي لاءِ اسڪينرز ۽ ٻيو لاڳاپيل ساز و سامان ۽ جي درآمد ۾ سهولت پيدا ڪندي.حيرت انگيز ڳالهه اها به آهي ته عوام جي دٻاء باوجود اعلان ڪيل مارچ مهينو به گذري ويو پر پاڪستان ۾ ٿري جي ٽيڪنالاجي جي اڃان تائين نيلامي نه پئي ڪئي وڃي۔۔۔ افسوس ته هن حڪومت جي ڪهڙن ڪهڙن ڪارنامن تي زور ڏئي کلجي ۽ ڪهڙن ڪهڙن ڪارنامن تي زور ڏئي روئجي۔ ۔۔۔۔

    بشڪريه ٽو ڊيز
     
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: ۽ ٿري جي ٽيڪنالاجي ۾ افغانستان پاڪستان کان بازي کڻي ويو۔۔۔

    ادا توهان اسان سان سٺيون ڳالهيون ونڊ ڪرائون آهن اسين اڳئي ٽيڪنالاجي ۾ پوئتي آهيون ته ان ۾ ڪا نئي ڳالھ نه آهي
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ۽ ٿري جي ٽيڪنالاجي ۾ افغانستان پاڪستان کان بازي کڻي ويو۔۔۔

    سعودي عرب ۾ رهندي چار پنج سال اڳ ئي اتي مون اها ٽيڪنالاجي يوز ڪئي هئي، جنهن ذريعي آواز ٻڌڻ سان گڏ هڪ ٻئي کي آن لائن ڏسي پڻ سگهجي ٿو، افسوس آهي جو هن وقت تائين پاڪستان ۾ اها ٽيڪنالاجي اچي نه سگهي آهي!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو