سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان

    سنڌ جي ليجنڊ فنڪار مرحوم انور سولنگي جي چوٿين ورسي خوبصورت شامن جي شهر حيدرآباد جي سنڌ ميوزم ۾ ملهائي وئي

    رپورٽ: نثاراحمدناز
    تصويرون : اي جي فقير سمون

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي، ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت جو شوبز وارو شعبو خالي خالي ان ۾ ڪا به نئين پوسٽ ڪنهن به دوست ڪٿان کان به نه موڪلي آهي، مشهور سنڌي فنڪار مرحوم انور سولنگي جنهن جي 5 اپريل 2012 تي چوٿين ورسي هُئي ، سنڌ سلامت جي محنتي ساٿي ادا محمد سليمان وساڻ انهي سلسلي۾ انور سولنگي مرحوم جي ياد ۾ سنڌ سلامت پاران هڪڙو ڪارڊ به سڀني دوستن سان ونڊيو هو، ۽ ان کان اڳ مونکي ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي صدر مشهور فنڪار رفيق عيساڻي صاحب پڻ مرحوم انور سولنگي جي چوٿين ورسي جي سلسلي ۾ مونکي دعوت نامون ڏياري موڪليو هو جيئن ته انور سولنگي مرحوم سنڌ جو ور اسٽائل اداڪار صداڪار ۽ فنڪار هو انهي ڪري سنڌ سلامت جي شوبز واري شعبي ۾ انهي ورسي واري تقريب جو احوال ونڊڻ مون لا لازمي ٿي پيو هوسو خميس ڏينهن انهي تقريب ۾ شرڪت ڪيم ۽ سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين فقير اي جي سمون سان گڏجي انهي ساري تقريب کي ڪور ڪيم ۔پيش آهي هن تقريب جو پيرائتو احوال ۽ تصويرون[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY] 5 اپريل 2012 خميس جي ڏينهن سنڌ جي ڀلوڙ سنڌي فنڪار مرحوم انور سولنگي جي 4 چوتين ورسي حيدرآباد سنڌ جي مشهور سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ملهائي وئي ، جنهن ۾ فلم ٽي وي اسٽيج اديبن ۽ڏات ڌڻين کان سواءِ عام خواتين ۽ حضرات وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم انور سولنگي جي فن تي ڳالهايو ۽ لفظن جي ڀيٽا ڏني. اها ورسي سنڌ جي فنڪارن جي تنظيم ڀٽائي آرٽس ڪائونسل حيدرآباد طرفان سنڌ ثقافت کاتي جي تعاون سان ملهائي۔[/JUSTIFY]

    هاڻ پيش آهي انهي ورسي واري تقريب جو تصويري احوال​


    [​IMG]
    محترم رفيق عيساڻي پاران انور سولنگي مرحوم جي چوٿين ورسي جي تقريب جو موڪليل ڪارڊ

    [​IMG]
    محترم محمد سليمان وساڻ پاران موڪليل مرحوم انور سولنگي جي جيون ڪٿا جي ڪهاڻي ۽ تصوير
    انور سولنگي : اداڪار، صداڪار، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار

    انور سولنگي ٽي وي، فلم، اسٽيج ۽ ريڊيو جو مشهور ۽ معروف اداڪار هو . -انور سولنگي- جو جنم 1944ع ڌاري شهدادپور ۾ ٿيو . جتان پوءِ سندس خاندان حيدرآباد منتقل ٿيو . ريڊيو تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1970ع ۾ ڪيائين ، پر سندس مشهوري 1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي ڊرامن جي ڪري ٿي . هو پاڪستان جي انهن چند سينيئر اداڪارن ۾ شامل ٿئي ٿو ، جن کي پنهنجي ڪردار جي سانچي... ۾ گهڙڻ ايندو هو . انور سولنگي ٽي وي ، ريڊيو ۽ اسٽيج جي 500 کان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو . جن ۾ سنڌي ۽ -اردو- ڊراما شامل آهن . -انور سولنگي- جي مقبول ڊرامن ۾ ” راني ڪي ڪهاني “ ، ” ڇوٽي سي دنيا “ ، ” ديوارين “ ، ” جنگل “ ، ” هوائين “، انڪوائري آفيسر، آتش، پولار، ڪونج ۽ ” ماروي “ شامل آهن .

    انور سولنگي ۽ مشتاق جسڪاڻي جي جوڙي مزاح ۾ هڪ سڃاڻپ بڻجي وئي، انهن جي شهرت جي سبب سنڌي فلمسازن به کين پنهنجي سنڌي ۽ اردو فلمن ۾ موقعو فراهم ڪيو. انور سولنگي ۽ مشتاق جسڪاڻي جي ”ڍولڻ ۽ مکڻ خان“ واري جوڙيءَ کي مرحوم شاهه اسد سنڌي فلم ”پرو“ ۾ انهن ئي نالن سان ڪاسٽ ڪيو. اڳتي هلي انور سولنگي کي نامور هدايتڪار نذرالاسلام اردو فلم ”خواهش“ ۾ اهم رول ڏنو، جيڪو هن خوب نڀايو.

    گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته -انور سولنگي- اداڪار سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هو . 2008ع ۾ سندس شاعري ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ” زهر ڀريا پيالا “ ڇپيو . انور سولنگي جي اداڪاري ۾ حقيقت جا رنگ نظر ايندا هئا ۽ سندس لفظن جي ادائگي به خوب هئي. کيس ٻه دفعا پي ٽي وي جو بيسٽ ايڪٽر اوارڊ پڻ مليو.

    -انور- جي پنهنجي ڪهاڻي پاڪستان جي اڪثر فنڪارن جي ڪهاڻين کان مختلف نه هئي . فنڪارن جي قدرداني نه هجڻ ڪري هو هڪ حد تائين غير مطمئن هوندو هو ، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس اها خبر هجي ها ته فنڪارن سان اهڙو سلوڪ ٿو ٿئي ته هو ڪڏهن به اداڪار نه ٿئي ها .
    انور سولنگي 4 -اپريل- 2008ع تي 64 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ گذاري ويو ۽ کيس سخي حسن قبرستان ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو .​


    [​IMG]
    ڀٽائي آرٽس ڪائونسل حيدرآباد جو صدر محترم رفيق عيساڻي ليجنڊ فنڪار مرحوم انور سولنگي جي شخصيت ۽ فن مطعلق ڳالهائي رهيو آهي

    [​IMG]
    فرينڊز آرگنائيزيشن حيدرآباد جو صدر محترم شفيع چانڊيو انور سولنگي جي فني سفر ۽ شخصيت جي باري ۾ ڳالهائي رهيو آهي جڏهن ته اسٽيج تي هڪ وڏو پينا فليڪس بينر آويزان آهي

    [​IMG]
    اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ادا ڪندڙ سنڌي نياڻي ورسي جي تقريب جي ڪاروائي هلائي رهي آهي

    [​IMG]
    مشهور فنڪار جيڪو هميشهه باگڙي جو ڪردار ادا ڪندو آهي مرحوم انور سولنگي کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي

    [​IMG]
    مشهور سنڌي مزاحيه فنڪار قادر بخش مٺو مرحوم انور سولنگي جون ساروڻيون شريڪ ٿيندڙن سان ونڊي رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌ مشهور فنڪاره (وڏيري سڪينه) نوشين شيخ انور سولنگي مرحوم جي باري ۾ ساروڻيون ٻُڌائي رهي آهي(رپورٽ نثاراحمدناز تصويرون : اي جي فقير سمون)

    [​IMG]
    محترم رفيق عيساڻي صاحب کي لکين شاباسون جو هُن سنڌ جي عوامي فنڪار مرحوم انور سولنگي جي چوٿين ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي مرحوم کي خراج تحسين پيش ڪيو

    [​IMG]
    سنڌ جو جهونو ۽ پنهنجي انداز جو مالڪ فنڪار مرحوم انور سولنگي کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]
    ٻه مهمان سنڌي ناريون هن ورسي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيون


    [​IMG]
    سنڌ جا ٻه مشهور فنڪار هن ورسي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا

    [​IMG]
    سنڌي فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ۾ شريڪ ٿيندڙ خواتين ۽ حضرات

    [​IMG]
    اي جي فقير سمون اڪيلي ناري جي تصوير ڪڍڻ جو ڪاريگر آهي توهان ڏسي سگهو ٿا

    [​IMG]
    ٻارن کان سوا دنيا جي ڪابه تقريب سجندي ئي ڪانهي ٻه معصوم سنڌي نياڻيون هن ورسي واري تقريب جي سُونهن کي چار چنڊ لڳائي رهيون هيون

    [​IMG]
    اسان جو دوست آزاد گوپانگ ۽ مهراڻ ٽي وي جو انڪر پرسن حسين خاصخلي ساٿ ساٿ آهن

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    هن ورسي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ خواتين ۽ حضرات​
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

    محترم رفيق عيساڻي صاحب کي لکين شاباسون جو هُن سنڌ جي عوامي فنڪار مرحوم انور سولنگي جي چوٿين ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي مرحوم کي خراج تحسين پيش ڪيو
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

    ادا عبدالواحد سومرا توهان جون شاباسون موبائل فون ذريعي هينئر هينئر محترم رفيق عيساڻي تائين پهچائي ڇڏيون اٿم ۽ رفيق عيساڻي صاحب توهان جا ٿورا مڃيا آهن ۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

    مرحوم انور سولنگي جيڪو به ڪردار ڪندو هو سو حقيقت جي بلڪل ويجهو هوندو هو۔ هڪ ورسٽائيل اداڪار هجڻ سان گڏ سٺي آواز جو مالڪ ۽ شاعريء جا رنگ وکيريندڙ ماڻهو هو۔

    دوستن کي شاباسون هجن جن کيس سندس ورسيء تي ياد رکيو ۽ اوهان کي به جس هجي جو اوهان هن پروگرام جي رپورٽنگ سهڻي انداز سان ڪئي آهي۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

    محترم سليمان وساڻ توهان جون شاباسون ڌُر ڌڻين تائين پهچايون ويون آهن جن مرحوم انور سولنگي جي ياد کي دل ۾ سمايو ۽ سندس ياد ۾ هن ورسي جو اهتمام ڪيو، باقي اسان جي رپورٽنگ اسان جي فرضن ۾ شامل آهن ته سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي هر اها ڳالهه پهچائجي جنهن ۾ سنڌي ڏات ڌڻين، سنڌي فنڪارن، سنڌي دودن سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن جي همت افزائي ٿيل هُجي حوصلا افزائي ٿيل هُجي، مڃتا ٿيل هُجي۔ انشاالله پنهنجو اهو فرض سنڌ سلامت لا جيستائين سسئي ۾ ساهه آهي نڀائيندو رهندس۔ لک لائق توهان جا جو مون مسڪين جي حوصلا افزائي ۽ همت افزائي سُٺن لفظن ۾ ڪرين ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو