مشرف جا 3 نومبر وارا قدم معافي جوڳا ناهن، 70ع ۾ عوامي فيصلي کي نظر انداز ڪرڻ سبب ملڪ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2009۔

  1. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي 10 رڪني فل ڪورٽ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 3 نومبر وارن قدمن بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته مشرف جا ۳ نومبر وارا قدم معافي جوڳا ناهن، 70ع ۾ عوامي فيصلي کي نظر انداز ڪرڻ سبب ملڪ ٽٽي ويو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو

    فيصلو 350 صفحن تي مشتمل آهي، 3 نومبر جي تجزيي نگارن جي تبصرن کي به حصو بڻايو ويو، تفصيلي چيف جسٽس لکيو، جسٽس جواد ايس خواجه ۽ جسٽس اضافي نوٽ لکيو، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ گورنر وڏي وزير سان صلاح مشورو ڪندو آهي، پر جسٽر (ر) عبدالحميد ڊوگر گورنر جي وڏي وزير سان مشوري کانسواءِ ئي هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري ڪئي، جيڪا غير قانوني تصور ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ چيو ته 70ع ۾ عوام جي فيصلي کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن سبب اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ئي ملڪ ۾ خرابيون پيدا ٿيون. فيصلي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته صدر ججن کانپوءِ ٿيندڙ واقعن بابت وزير اعظم، گورنر ۽ وڏي وزير جي مشوري جو پابند هوندو، 9 مارچ تي عوام محسوس ڪيو ته طاقت جو سرچشمو عوام ئي آهي. جڏهن ته انتظامي ڪمزور آهي، جڏهن ته امن امان ناهي، ملڪ ۾ صورتحال غير معمولي آهي، ايتري ۾ جوڊيشل ايڪٽوازم عوام جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، آئين جي حڪمراني جي محافظ پاڻ تي اعتماد هئڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو