دادو جيل ۾ قيدي جي فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف قيدين جو ڇتين تي چڙهي احتجاج، پٿراءَ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2009۔

  1. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دادو (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ جيل دادو ۾ ساهه جي تڪليف سبب قيدي علي ٻٻر جي فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف ڊسٽرڪٽ جيل دادو جي قيدين جيل انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪندي، بيرڪن جي ڇتين تي چڙهي ويا،قيدين ڇتين تي چڙهڻ کان پوءِ جيل اهلڪارن تي پٿراءَ ڪيو ۽ ڏنڊا هٿن ۾ کڻي بيهي

    رهيا، جيل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا، علي شير کوسو، نياز ڀنڊ، عابد چانڊيو ۽ عنايت کوسو ۽ ٻين قيدين دانهيو آهي ته قيدي علي ٻٻر کي چئن ڏينهن کان ساهه جي تڪليف هئي ۽ اسان جيل سپرنٽينڊنٽ کي بار بار منٿون ڪيون ته کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي، پر جيل انتظاميا کيس اسپتال نيڻ کان پوءِ واپس جيل آندو ته هو فوت ٿي ويو، هنن دانهيو آهي ته جيل اندر صفائي نه هئڻ ۽ کاڌ خوراڪ صحيح نه ملڻ جي ڪري ڪيترائي قيدي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جيل انتظاميا سان ڳالهين بعد قيدين احتجاج ختم ڪري بيرڪن ۾ واپسي ڪئي.
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا خبر لڳايو پر حوالي سان ۔۔۔۔۔
    بهتر رهندو ته جنهن سائيٽ تان ورتي وئي آهي ان جو نالو لکندا ڪريو ته جيئن خبر جي درستگي برقرار رهي۔۔۔ مهرباني
     
  3. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  4. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين هي خبر ته ڪالهوڪي پوري ميڊيا تي ڇانيل آهي اڄ سڀني اخبارن ۾ هئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو