سنڌ سلامت کي نيئن سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اسلام عليڪم،
    دوستن کي ياد هوندو ته فورم جي ٽين سالگره تي پنهنجي خصوصي تحرير ۾ عرض ڪيو هو ته اسان جستجو ۾ آهيون سنڌ سلامت لاءِ هڪ الڳ ۽ بهتر سافٽويئر استعمال ڪريون۔۔۔ ڇو ته وي بليٽن 4 تي منتقلي سنڌ سلامت لاءِ ڪجهه بهتر ثابت نه ٿي۔۔۔ ۽ وي بليٽن جي ڊيولپمينٽ جي رفتار به ڪجهه حوصلي واري نه آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو اسان فورم کي وڌيڪ ڪنهن اپگريڊ تي اپڊيٽ نه ڪيو ۔۔۔
    دراصل سنڌ سلامت کي نئين سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو ڪافي وقت اڳ ئي ڪري ڇڏيو جڏهن هي سافٽويئر لانچ ٿيو هو۔۔ پر هن سافٽويئر جي ابتدائي ورجن ۾ سنڌي جي ساڄي کان کاٻي طرف سپورٽ نه هئڻ ڪري ۽ سنڌ سلامت جي موجوده ڊيٽا کي نئين سافٽويئر ۾ منتقل ڪرڻ جي سپورٽ نه هئڻ ڪري ان منصوبي تي اڳتي وڌي نه سگهياسين۔۔۔ پر ان سافٽويئر ۾ تيزي سان تبديليون ۽ اپڊيٽ ورجن اچڻ ۽ مسلسل بهتري سان ڪافي مسئلا سلجهندا ويا جنهن کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته ان سافٽويئر جو لائيسنس خريد ڪري ان تي سنڌ سلامت کي منتقل ڪرڻ جي آزمائش ڪري ڏسجي۔۔۔
    هي آهي زين فورو جيڪو دراصل وي بليٽن جي ئي پراڻن ڊيولپرس جو تيار ڪيل آهي۔۔۔ هن جو يوزر انٽرفيس بهترين آهي۔۔ ۽ فيچرس نيئن ويب اسٽينڊرڊ مطابق آهن۔۔۔
    ان سلسلي ۾ هن سافٽويئر کي خريد ڪرڻ باوجود جو ڪافي وقت گذري ويو آهي مسلسل تجربي هيٺ رکيو ويو آهي۔۔۔ ۽ سامهون ايندڙن مسئلن کي سلجهايو پيو وڃي۔۔۔ هڪ اهم مسئلو جيڪو موجود آهي سو آهي وي بليٽن 4 کان زين فورو ڏانهن منتقل ٿيڻ لاءِ آفيشل امپورٽر جو نه هجڻ۔۔۔ پر ان سان پنهنجا حوصلا پوئتي نه هٽيا آهن۔۔۔ زين فورو جي پراڻي ورجن لاءِ هڪ ٿرڊ پارٽي امپورٽي موجود آهي جنهن ۾ ضروري تبديليون ڪري ڊيٽا امپورٽ ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔ پر ان سان سنڌ سلامت رڪن ۽ انهن جون تحريرون ئي منتقل ڪري سگهجن ٿيون۔۔۔ موجوده سنڌ سلامت تي آندل ڪافي ساريون موڊيفڪيشنس ساڳي حالت ۾ منتقل ڪرڻ ڪافي مشڪل آهن۔۔
    جيتوڻيڪ ادا عامر ضياء چارڻ ۽ مان نئين سافٽويئر تي مستقل تجربا جاري رکيو پيا اچون پر ان باوجود تڪڙو منتقل ڪرڻ سان ٿي سگهي ٿو توهان کي سنڌ سلامت جا ڪافي سارا فيچرس نئين سافٽويئر تي ڳوليا نه ملن۔۔۔ ان ڪري هي ڪم ڪافي صبر آزما ثابت ٿي رهيو آهي۔۔۔ يقينن سنڌ سلامت فورم جي نئين سافٽويئر تي هجرت هڪ يادگار تجربو رهندي۔۔ جنهنجو حال ٻئي موضوع ۾ ڪبو۔۔ پر ان تجربي سان ان ڳالهه جي پڪ ٿي چڪي آهي ته سنڌ سلامت جي موجوده ڊيٽا کي ڪنهن نقصان پهچائڻ کان سواءِ ئي نئين سافٽويئر تي منتقل ٿي سگهجي ٿو۔۔۔ پر ان باوجود اڃان ڪافي سارا سوال جواب طلب آهن۔۔ جن جي اسان ڳولا ۾ آهيون۔۔ جنهن کان پوءِ اسان اميد ڪري سگهون ٿا ته سنڌ سلامت کي نئين سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو آغاز ڪري سگهبو۔۔۔
    في الحال زين فورو جي سنڌي ترجمي ۽ ان تي سنڌي پيڊ لڳائڻ جو ڪم جاري آهي۔۔ انشاء الله جلد ئي سنڌ سلامت کي نئين سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو۔۔ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن توهان جي ذهن ۾ ڪي ويچار يا سوال آهن ته اهي توهان پڇي سگهو ٿا۔۔۔
    والسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت کي نيئن سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو۔۔۔

    اصل واه جي ڳالھ ٻڌائي ڇڏي اٿو ، پرگڏوگڏ اسان جي بيقراري ۾ پڻ مزيد اضافو ڪري ڇڏيو اٿو ، خير جيڏي دير اوترو ئي الله خير ڪندو ، اسان جون نيڪ تمنائون اوهان سان ۽ پوري سٿ سان گڏ آهي ،
    الله تعالى اوهان کي خوش رکي ، آمين
     
  3. خير محمد

    خير محمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 اپريل 2012
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    کپرو ضلع سانگهڙ
    جواب: سنڌ سلامت کي نيئن سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو۔۔۔

    الله پاڪ سنڌ سلامت کي ڪامياب ڪندو مان نئون آهيان دوستو ۽ ڀائرو مونکي پهنجو دوست بنايو مون هڪ ٻن کي دوستي جو پيغام موڪليو آهي اميد ته پهنجو ساٿ رهندو
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت کي نيئن سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو۔۔۔

    ادا توهان سان فورم کي اپ ڊيشن جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿئي چڪي آهي

    الله ڀلي ڪندو سنڌ سلامت کي توهان جي ۽ ادا عامر جي صلاحيتڻ تي فۡخر آهي

    اميد ته تمام جلد سنڌ سلامت فورم کي زين تي موو ڪرايو ويندو
    ان نئي تجربي جو انتظار رهندو



    سدائين گڏ
     
  5. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت کي نيئن سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو۔۔۔

    ادا رشيد توهان اهو تمام بهترين فيصلو ڪيو آهي
    مون زين فورو جو فارم وزٽ ڪيو آهي تمام بهترين انٽرفيس ۽ گرافڪس آهي
    جيڪڏهن هن فارم تي سنڌ سلامت جي ڪاميابي سان لڏ پلاند ٿي وئي ته صفا واه واه ٿي ويندي
    صفا سنڌ سلامت تاج محل جهڙو سهڙو ٿي ويندو
    اسان جي دعا آهي الله پاڪ توهان کي جلد هن ڪم ۾ ڪاميابي عطا ڪري
     
  6. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: سنڌ سلامت کي نيئن سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو۔۔۔

    ها ادا رشيد اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته هر سال جي نثبت سان فورم تي تبديلي ۽ نواڻ هجڻ لازمي آهي جيڪا سنڌ سلامت فورم جي چانڊاڻ هوندي۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت کي نيئن سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو۔۔۔

    سائين توهان جي لڳاتار جستجو ۽ حوصلي جي ڪري اسان کي اميد آهي ته هي ڪم جلدي پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو۔۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت کي نيئن سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو۔۔۔

    واهه واهه
    تمام بهترين فيصلو ڪيو ويو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو