اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ ڄام احمد سمون طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2012۔

  1. ڄام احمد سمون

    ڄام احمد سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    137
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ماستر منظور

    اڄ ننڊ مان اٿندي ئي ٽي وي تي ٻڌم ته سنڌ جو مشهور فنڪار ماستر منظور رات 00۔3 بجي دماغ ۾ گولي لڳڻ سبب هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔ اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ماستر منظور

    سائين هائو اها خبر اسان لاءِ به ڏکائتي هئي پر اڳتي هلي جڏهن ميڊيا تي اهو آيو ته ماسٽر منظور جي موت جو سبب شروعاتي تحقيقات جي مطابق گهرو اڻبڻت جي نتيجي ۾ خودڪشي جي شڪل ۾ ظاهر ٿي ته گهڻي دير تائين اهو سوچيندو رهيس ته دنيا کي راڳ ٻڌائي راحت ڏيندڙ پنهنجي وجود ۾ ڪيترو ته ڏکايل هو جو هُن زندگي تي موت کي ترجيح ڏني ۔
    وسلام
     
  3. رانجهن

    رانجهن
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ماستر منظور

    پاڻ چيو هئائين ته شيشن واري محل ۾ ٿو رهين توکي ڪهڙي خبر منهنجي حال جي ۔ افسوس
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄ جي افسوسناڪ خبر ته صبح ماسٽر منظور جي گهر مان سندس لاش مليو آهي۔ سندس موت جو ڪارڻ اڃان تائين پر اسرار اهي۔


     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماستر منظور

    انا لله وانا اليه راجعون

    رب العالمين سندس مغفرت فرمائي ۔۔۔ آمين

    انسان جي حيثيت هن دنيا ۾ ائين ئي آهي جيئن پاڻيءَ تي ڦوٽو ۔۔۔ ڪير ڪيئن ٿو موت سان ڀاڪر پائي، ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ماستر منظور

    [​IMG]

    [JUSTIFY]هر جاء پرين هر محفل ۾
    مونکي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي ،

    تنهنجون يادون سنڀالي رکيم دل ۾
    پر تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي


    ڏکائتي خبر آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سهڻو ۽ مڌر آواز جو مالڪ هو۔ ماسٽر منظور جو پراسرار موت ؟؟؟؟؟؟؟ قتل يا خودڪشي ؟؟؟ پوليس هن ڪيس کي خودڪشي ۽ فن جي دنيا جا ماڻهو قتل سمجهن ٿا.

    زندگيء سان پيار ڪندڙ ماسٽر منظور خودڪشي ڪيئن ٿو ڪري سگهي ۽ جي هن خودڪشي ڪئي به ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ؟؟

    ڇا هن پراسرار موت جي تحقيقات يا ان جا ڪارڻ ٻاهر نڪري سگهندا؟

    ماسٽر منظور 8 جولاءِ 1974ع ڌاري مکڻو فقير وڌو جي گهر قمبر ۾ پيدا ٿيو ۽ موسيقي جي دنيا ۾ ترقي ڪندي هو قمبر کان لاڙڪاڻي ۽ پوء قاسم آباد حيدرآباد ۾ اچي رهيو. ڪيترن ئي آڊيو وڊيو گيتن جي البمس جي سرجڻهار جو موت ايئن ٿيندو ، ڪنهن کي به يقين نه ٿي آيو.

    پر آهي ڏک واري خبر۔ خوبصورت آواز جو مالڪ سنڌي فنڪار اسان کان جوانيء ۾ ئي وڇڙي ويو۔[/JUSTIFY]
     
  7. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    ماسٽر منظور جي خبر رات 50۔3 وڳي ڌاري سنڌي نوجوان ماڊل شائق ناريجو وٽان ملي جنهن کان سنڌ ڀلوڙ راڳي جي خبر جو ٻڌي اکين مان ڄڻ ته ننڊ ئي رسي وئي ڪيتري ئي دير هن جي يادگيرين کي ياد ڪندي يو ٽيوب تي هن جا ڳايل گانا ٻڌندو رهيس ۽ هنن کي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن سان فيس بُڪ تي شيئر ڪندو رهيس۔ الله تعالي کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عنايت فرمائي

     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    انا لله وانا اليه راجعون
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    انا لله وانا اليه راجعون

    رب العالمين سندس مغفرت فرمائي ۔۔۔ آمين

    تمام گهڻو افسوس ٿيو هڪ نوجوان ء بهترين گلوڪار هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    انا لله وانا اليه راجعون
     
  11. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    انا لله وانا اليه راجعون

    تمام گهڻي ڏک ڏيندڙ خبر آهي۔ڪجه ڏينهن کان مرحوم جي زال ناراض ٿي پنهنجي پيڪن ۾ رهڻ لڳي هئي۔ابتدائي تحقيق جي مطابق مرحوم ڊيپريشن جو شڪار ٿي خودڪشي جهڙو ڪڌو عمل ڪيو۔ان ڳاله ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مرحوم استاد منظور نئين ٽهي جو هڪ بهترين راڳي هئو۔الله پاڪ شل مرحوم لاء هر مرحلي تي آسانيون پيدا ڪري۔
    آمين۔
     
  12. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    انا لله وانا اليه راجعون
     
  13. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    منهنهجا سڄڻئو، انسان ڏاڍو هيڻو آهي، اسان دنيا داري ني نشي ۾ ايترا ته مهو ٿي ويا آهيون جو اڳتي جي ڪا به ڪل ڪانهي ڪا، ڪلهه گهر ۾ وقت گذريو اها افسوسناڪ خبر پڻ ٻڌي سي، هنيا جهري پيو، پو ٿورو وقت شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ ۾ گزريو، شاه جي رسالي ۾ ”سر سريراڳ“ جي داستان ٻئي ۾ هي وائي پِڙهيم، سچ پڇو ته نير وهي پيا، سوچيم ته منهنجو لطيف ڪيترو نه نفيس انسان هيو، ضرور ان مهل منهنجي لاکيڻي لطيف به هي وائي نهايت سوز منجهان ورنائي هوندي ۽ يقينن پنهنجو پانڌ ڳوڙهن ساڻ پسايو هوندو۔۔ توهان جي نظر ڪيان ٿو۔

    وائي​
    ڪَنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمَنُ! اَمانَ!
    يا اِلاهِي! ٻاجَھ ٻِلاٽِي ڀانئِيان.
    ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناه ڪو، اَپَرِ ٿيا عِصيانَ؛
    خَبرَ ناه قَبرَ جِي، نِسورا نِسيانَ؛
    والِي! رَسج وَهِلو، اَرَکِ ٿيا اَنسانَ؛
    سُڻُ سَٻاجھا سُپرِين، نَعرو نِگهبانَ!
    مَدِيُون پَسِي منهنجون، شَرِمايا شَيطانَ!
    هِنَ منهنجي حالَ تي، هَيء هَيء ڪَن حَيوانَ!
    سائِين! سُکاڻِي آهِئَين، سامُونڊِي، سُبحانَ!
    تُرَهو ڇِنُم تارِ ۾، رَسِج تون رَحمانَ!
    ٻيلِي جو ٻُڏنِ جو، مون تي موٽي مانَ؛
    ويٺو پِني پِنَڻو، ڪَر ڀيرو مٿي ڀانَ؛
    خالِقَ تان خوبُ ڪيا، گولَنِ جا گُذِرانَ؛
    آئُون پڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ؛
    سَڀِ سُوالِي سَمِگيا، داتا ڏيئِي دانَ؛
    وِلها سڀِ وَنهِيا ڪيا، تنهنجي جُودَ، جُوانَ؛
    مَتان مُونکي ڇَڏِئين، ٻيـلِي سندا ٻانَ!
    وِيرَ! وَسِيلو آهِئين، داڙوُ ۾ دِيوانَ؛
    لاءِ ڏُهارِينِ ڏِينهَن کي، خِيمو اَڏِيو خانَ؛
    اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ!
     
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    سنڌ جي ڀلوڙ راڳي ماسٽر منظور کي ملير ويجهو واديءَ حسين قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. رات دير سان ماسٽر منظور جو لوندڙي ۾ گولي لڳل لاش سندس حيدرآباد جي قاسم آباد واري گهر مان هٿ ڪيو ويو. وارثن ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته ماسٽر منظور آپگهات ڪيو آهي، صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ معاملي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ماسٽر منظور جي جنازي نماز قاسم آباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ شاعرن، فنڪارن ۽ اداڪارن ۽ سندس مداحن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ماسٽر منظور جي مڙهه کي سپر هاءِ وي تي واديءَ حسين قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب گهر ڀاتين پاران رات 3 وڳي کانپوءِ اطلاع ڏيڻ تي هو واقعي واري هنڌ پهتا ته ماسٽر منظور کي لوندڙي ۾ گولي لڳل هئي ۽ سندس ڀر ۾‎ پسٽل پيل هو، جڏهن ته پسٽل جي چيمبر ۾ هڪ گولي ڦاٿل به هئي. واقعي وقت ماسٽر منظور سان گهر ۾ سندس ڀاءُ، نياڻي ۽ ٻه پٽ موجود هئا، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن کان کانئس رٺل سندس گهر واري به سندس موت جي خبر ٻڌڻ بعد گهر پهچي وئي. پوليس جي شروعاتي جاچ موجب پوليس توڙي وارثن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ماسٽر منظور جي موت جو ڪارڻ آپگهات آهي. ماسٽر منظور جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو، پر وارثن بغير پوسٽ مارٽم جي لاش گهر کڻائي ويا. ماسٽر منظور جي مامي منظور وڌي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته گهرو اڻبڻت سبب ماسٽر منظور پريشان رهندو هو، ٿي سگهي ٿو ته ان سبب هن آپگهات ڪيو هجي. صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ ماسٽر منظور واري معاملي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ مشتاق شاهه ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي کان اڄ شام تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ماسٽر منظور ميرو خان تعلقي جي رهواسي راڳي مکڻي فقير جي گهر ۾ اک کولي ۽ سندس اصل نالو قدر حسين وڌو هو. ماسٽر منظور هڪ گلوڪار گهراڻي ۾ جنم ورتو، تنهن ڪري موسيقي جي دنيا ۾ پير پائڻ لاءِ ڪشالا ڪاٽڻا نه پيا. ماسٽر منظور 12 سال اڳ قمبر مان لڏي حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي، هن نه رڳو سنڌ، دبئي ۽ سعودي سميت ٻين ملڪن ۾ به پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو. سنڌ جي پهرين سنڌي سيٽ لائيٽ چينل ڪي ٽي اين ۽ ڪشش جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ به ماسٽر منظور راڳ

    جون رهاڻيون ڪيون. ماسٽر منظور جا سئو کان وڌيڪ آڊيو ۽ وڊيو البم مارڪيٽ ۾ آيا، جنهن سبب هن سنڌ جي ماڻهن خاص طور نوجوان طبقي ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي. ماسٽر منظور لکين مداحن سميت پونئرن ۾ 2 پٽ، هڪ ڌيءَ ۽ گهرواري ڇڏي آهي بشڪريه ڪي ٽي اين .

    [6SIZE="5"]درد وندين دلين جو ترجمان راڳي ماسٽر منظور[/SIZE]
    ماسٽر منظور جو اصل نالو قدر حسين وڌو هو، پر پاڻ راڳي منظور سخيراڻي کان گهڻو متاثر هوندو هو، اڪثر ننڍپڻ ۾ ان جا گيت وڏي شوق سان ٻڌندو ۽ جهونگاريندو هو ۽ جڏهن فن جي دنيا ۾ هن قدم رکيو ته پاڻ تي نالو به ماسٽر منظور رکرائين. فن ته هن کي ورثي ۾ مليو هو، سندس والد مکڻو فقير جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ بهترين راڳي هو ۽ هن پاڻ پنهنجي والد کان ئي راڳ جي سکيا ورتي هئي. فن جي شروعات ته هن ڳوٺ قمبر ۾ 1986ع کان ڪئي هئي پر جڏهن دنيا جو پهريون سيٽلائيٽ چئنل ڪي ٽي اين آيو ته ٻين راڳين سان گڏ هن به پنهنجي قسمت آزمائي ڪئي ۽ هن جو ڪي ٽي اين تي ڳايل گيت ”هر جاءِ پرين هر محفل ۾ مون کي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي“، ڳائڻ کان پوءِ انهيءَ گيت هن کي شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. ان کان پوءِ هن جي شهرت جا دروازا کلندا ويا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هن جا ٻڌندڙ وڌندا ويا، پر هن کي اڪثر ماڻهو ڏک ڀرئي غمگين گيتن کي گهڻو پسند ڪرڻ لڳا، جنهن جو هن پاڻ ”ڪاوش“ کي هڪ ڏنل انٽرويو ۾ ذڪر ڪيو هو ته ”ماڻهو منهنجي غمگين گيتن کي پسند ڪن ٿا.“ هن کان جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته توهان سوين گيت ڳايا آهن، ڪهڙو گيت توهان کي پنهنجو پسند آهي ته جواب ۾ هن چيو ته هو ”هر جاءِ پرين هر محفل ۾“ ان کانپوءِ هن تي غمگين گيتن جي ڇاپ لڳي وئي. هن جي ڳائڻ جو هڪ الڳ انداز هوندو هو. جڏهن هي ڳائيندو هو ته سامهون ويٺل ماڻهو خوش ٿيڻ بجاءِ ڏک واري ماحول ۾ وڪوڙجي ويندا هئا. ماسٽر منظور جنهن جو ڪالهه حيدرآباد جي قاسم آباد واري گهر مان گولي لڳل لاش هٿ اچڻ کانپوءِ سنڌ جي راڳين ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي. هن جي هر چاهيندڙ جي اک آلي لڳي پئي هئي. ماسٽر منظور قمبر شهداد ڪوٽ ويجهو ڳوٺ ٺارو وڌو ۾ 1974ع ڌاري مکڻو فقير جي گهر ۾ اک کولي. گريجوئيشن ڪيائين پر هن کي ڳائڻ جو ننڍپڻ کان شوق هو ۽ سندس والد جي به خواهش هئي ته سندس پٽ بهترين راڳي ٿئي. ننڍپڻ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو اسڪول ۾ قومي ترانو ڳايو ته اها هن جي پهرين اسٽيج هئي. هو راڳ ۾ عابده پروين ۽ استاد محمد يوسف کان متاثر هوندو هو، پر ڪجهه سکيا هن استاد فتح علي خان به ورتي هئي. شادي هن ارينج مئرج ڪئي جنهن مان هن کي 2 پٽ ۽ 3 نياڻين جو اولاد ٿيو ۽ پاڻ راڳ کان وڌيڪ اولاد جي پرورش تي ڌيان ڏيندو هو. هن جو پهريون البم 1995ع ۾ آيو. هن جو پهريون البم مشهور وڃڻ کانپوءِ هن جا سئو کان مٿي البم مارڪيٽ ۾ آيا ۽ هزار کان مٿي هن گيت ڳايا، جڏهن ته ڪي ٽي اين ۽ ڪشش چئنل تان هن جا ڪيترائي ويڊيوز البم اڄ به روزانو هلي رهيا آهن، جيڪي هن جي شهرت جا سبب بڻجي ويا. مرحوم پاڻ ڪاوش کي هڪ ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته ڪي ٽي اين جي ڪري ئي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ مون کي سڃاڻپ ملي آهي، ڇو ته پاڻ ته فن جي شروعات 1995ع کان هن جو پهريون البم مارڪيٽ ۾ پهچي چڪو هو ۽ ڪي ٽي اين 2002ع ۾ آيو. اهڙي طرح نوجوان راڳين ۾ وڌيڪ شهرت ماڻيندڙ راڳي ماسٽر منظور عرب ملڪن ۾ پڻ راڳ ڳائي اتان جي رهندڙ سنڌ واسين جون دليون کٽي ورتيون هيون. هن نه صرف سنڌي گيت ڳايا پر سرائيڪي، پنجابي، بلوچ، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ به ڳايا. جڏهن ته ڪيترن ئي پنهنجن گيتن جي ڪمپوزنگ پاڻ ڪندو هو. هر ماڻهو تي جلد اعتبار ڪندڙ راڳي ماسٽر منظور جي اڪثر تقريبن ۾ ڳائڻ دوران مخصوص ڊريس ڀرت ڀريل ڪوٽ ۽ پينٽ پهريل هوندي هئي. ماسٽر منظور 12 سال اڳ اباڻو ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ رهندڙ هو. ماسٽر منظور هڪ گيت ”قبر تي لکي ڇڏ جو مون سان يار وفا نه ڪئي“ ۽ هڪ ٻيو وڇوڙي جو گيت ”هانءُ ڦاڙي ڪيم رڙيون جڏهن موڪلائي پيو وڃي“ ڳائي بي پناهه شهرت ماڻڻ کان پوءِ ڪالهه اسان سڀني کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ سندس وصيت موجب ڪراچي جي ٽول پلازه حسيني قبرستان ۾ کيس سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. موت برحق آهي پر اڪثر جن راڳين موت کي پنهنجن گيتن ۾ ياد ڪيو آهي، اهي وقت کان پهريان ئي پنهنجي پرستارن ۽ مداحن کان موڪلائي ويا آهن. جن ۾ سڀ کان پهريان انقلابي راڳي سرمد سنڌي جو ڳايل گيت ”جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين“. جلال چانڊيو، ”توکي ساري ساري نيٺ ويو گذاري“، فوزيه سومرو ”هي وڇوڙو ماري ڇڏيندو“، مريد عباس ”سهڻا سڀاڻي ڪاوش اخبار ۾ منهنجي موت جي خبر پڙهجائين“ ۽ ڪالهه وڇوڙي جا گيت ڳائي ماسٽر منظور به اسان کان جدا ٿي ويو.۔۔۔۔۔۔۔۔۔مصطفيٰ ملاح




     
  15. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    انا لله وانا اليه راجعون

    رب العالمين سندس مغفرت فرمائي ۔۔۔ آمين

    پر لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ کپندو ھيو۔
     
  16. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    خبر ناهه گهڻاڏينهن زندگي آهي
    ملين ته اڄ ئي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان۔۔۔۔اياز
     
  17. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    انا لله وانا اليه راجعون

    رب العالمين سندس مغفرت فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  18. عاشق علي شيخ

    عاشق علي شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2012
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Head of Purchasing & Logistic Affairs
    ماڳ:
    جدة - المملكة العربية السعودية
    جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!

    May Allah award his soul with peace. Allah knows better what is reality if he did socite it is haram but if he is killed he is shaheed. I wish for his soul to be with peace and Allah award his soul with Jannah. (perodise)
     
  19. عاشق علي شيخ

    عاشق علي شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2012
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Head of Purchasing & Logistic Affairs
    ماڳ:
    جدة - المملكة العربية السعودية
    جواب: ماستر منظور

    To be honest, I still can’t believe in our hero Mr. Basheer Khan Quraishi, the real person. Still I am under thinking about our hero, I did call to JSQM media cell and send message that now let’s work to make change, let’s get our children be educated, let’s work for education we will get whatever we wish even freedom, otherwise no way.
    For Master Manzoor, I have no comments because still I have no real figure, if he is killed than I salute him he is counted in Shaheed list.
    But if he made suicide then I hate him, that he could not face the problems,
    The man has to be bold and face all the issues & problems of life. It is a job of illiterate people.
    Weak people can’t be heroes and never should be discussed. (I am sorry if my message hurts any but fact is fact)
     
  20. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ماستر منظور

    سائين عاشق

    مهرباني ڪري سنڌي ۾ لکندا ڪريو اسان انگريزي مان اصل نه ڄاڻو اميد ته آئندا لا۽ ڪوشش ڪري سنڌي لکندا

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو