• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رشتن جي آزادي : ناول (حيدر دريا زئور)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
9giicg.jpg

سنڌ سلامت ڪتابي سلسلي جو هي نائون ڪتاب ”رشتن جي آزادي ۔۔۔۔محترم حيدر دريا زئور جو ناول اوهان اڳيان پيش آهي۔ هي ڪتاب اسان جي سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ دوست آفتاب حسين کوهارو جيڪو سنڌ سلامت تي نرمل جي نالي سان ميمبر آهي جي ڪاوشن سان اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون۔ هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار سائين اسحاق انصاري پاران لکيل آهي۔

هن کان اڳ سندس پهريون ناول لفظن جي خواهش پڻ سنڌ سلامت تي پيش ڪري چڪا آهيون۔

خوبصورت لفظن جي خالق ۽ پياري انسان سائين حيدر درياء جو هي ناول جڏهن ڪتاب جي صورت ۾ مليو هو ته مان ٻن ڏينهن ۾ ئي هي ناول پڙهي پورو ڪيو هو۔ سنڌ جي عجيب روايتن سان گڏ رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ ۽ پيار جي اظهار تي سندس سٽون سچ ته خوبصورت آهن۔

سندس ناول ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا مڪالما آهن جيڪي هتي پيش ڪري سگهجن ٿا پر انهن مان هڪ هيٺ ڏجي ٿو:

ياد رکجان، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽حضرت آدم سان پنهنجي خدا!
۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواهش!


 
جواب: رشتن جي آزادي : ناول (حيدر دريا زئور)

سائين محترم اوهان جي مهرباني مون ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو آهي، اجهو ٿا پڙهڻ شروع ڪريونس۔۔۔
 
جواب: رشتن جي آزادي : ناول (حيدر دريا زئور)

سائين محترم اوهان جي مهرباني مون ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو آهي، اجهو ٿا پڙهڻ شروع ڪريونس۔۔۔
۔

مهربانيون پيارا

اوهان پاران ايندڙ ڪتابن جو انتظار آهي۔
 
جواب: رشتن جي آزادي : ناول (حيدر دريا زئور)

حاضر سائين، ان شا الله جلد منهنجو ڪتابڙو (اجتهاد جي شرعي حيثيت) اڱڻ جي زينت بڻجندو، لک لائق۔۔۔

خوشيء جي ڳالهه هوندي جو اوهان جو هڪ ٻيو ڪتاب جلد مارڪيٽ ۾ ايندو
 
واقعي اهو سچ آهي ته رشتن جي آزادي نه هجڻ جي ڪري ئي سماجي اوڻايون پيدا ٿينديون آهن جنهن جي ڪري سنڌ جو نوجوان اڪثر پنهنجو پيار حاصل نه ڪري سگهندا آهن۔
 
Back
Top