سنڌ سلامت وي بُليٽن جو سنڌي ترجمو رليز ڪري ٿي ۔۔۔۔۔۔۔

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]ڪيترائي سنڌي دوست، سنڌ سلامت جا مانوارا ميمبر ۽ ويب سائيٽن جا مالڪ مختلف وقتن تي وي بليٽن جي سنڌي ترجمي جي گهُر ڪندا رهيا آهن۔ سنڌ سلامت جو سٿ ان لاء مسلسل ڪم ڪري رهيو هيو ۽ سافٽويئر جي ڪجهه پروفيشنل مجبورين سبب دير ٿي۔ ان باوجود به سنڌ سلامت جي ٽين سالگره جي موقعي تي ادا رشيد سمون پنهنجي خصوصي ليک ۾ سنڌ سلامت جي انهن رڪنن ۽ سنڌي دوستن جي اسرار کي نظر ۾ رکندي وي بليٽن جو مفت سنڌي ترجمو رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔

    جيئن ته وي بليٽن تي سڀ کان پهريون فورم سنڌ سلامت اچڻ جي ڪامياب تجربي کان پوءِ اهو نوٽ ڪيو ويو ته ڪجهه ٻيا سنڌي دوست به پنهنجي مٺڙي ٻولي سنڌي کي نيٽ تي متعارف ڪرائڻ لاءِ پنهنجي طور تي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔۔۔ انهن مان ڪجهه دوستن ته پنهنجي طور وي بليٽن جو تجربو به ڪري ورتو آهي۔۔ اهڙا تجربا پنهنجي جاءِ تي ڀلا پر جيڪڏهن هر ڪو پنهنجي طور وي بليٽن جو ترجمو ڪندو ته وي بليٽن جي ترجمي ۾ سنڌي ٻولي جو ساڳيو معيار برقرار رهي نه سگهندو۔۔ ڇو ته هر ڪو انگريزي جي مختلف جملن کي پنهنجي طور ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو نتيجي طور انٽرنيٽ تي جيڪي ٿورا گهڻا سنڌي موجود آهن۔۔۔ اهي هن رنگا رنگي ترجمي کي ڏسي ڪنفيوز ٿي ويندا۔۔۔ جنهنجو لازمي نتيجو سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ جي پکيڙ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيندو۔۔۔

    جيئن ته سنڌي ٻولي ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ وي بليٽن فورم سنڌ سلامت ئي آهي ان ڪري مختلف دوستن جي مشورن کي نظر ۾ رکي انگريزي لفظن جو سڌو سئون مطلب ڪرڻ بجاءِ اهي لفظ رکيا ويا آهن جيڪي انٽرنيٽ تي ايندڙ سنڌين کي سولائي سان سمجهه ۾ به اچي سگهن ۽ انهن کي ياد رکڻ به سولو ٿئي ان ڪري اڪثر انٽرنيٽ تي ايندڙ سنڌي هن ترجمي جا عادي ٿي چڪا آهن۔۔۔ ان جي لاءِ بهتر رهندو ته نت نوان تجربا ڪرڻ بجاءِ اڳ ئي بهتر انداز سان سلهاڙيل وي بليٽن ترجمي کي پنهنجي فورم تي لڳائجي۔۔۔

    ان سلسلي ۾ هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به اسڪرپٽ جو ترجمو قانونن ۽ اخلاقن ان سافٽويئر جي ملڪيت سمجهيو ويندو آهي ۔۔۔ ان ڪري وي بليٽن جو سنڌي ترجمو صرف وي بليٽن لائسينس رکندڙ رڪن کي ڏنو ويندو۔۔۔

    دلچسپي رکندڙ دوستن کي گذارش آهي ته سنڌي وي بليٽن ترجمي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي درخواست هيٺين شرطن تحت موڪلي سگهن ٿا۔۔۔

    • ترجمو صرف وي بليٽن جي لائسنس رکندڙن کي ئي ڏنو ويندو۔۔
    • ترجمو وٺندڙ دوست پنهنجو پورونالو ايڊريس بشمول موبائيل نمبر ۽ اي ميل ايڊرس درخواست ۾ شامل ڪن۔۔
    • جنهن وي بليٽن فورم تي سنڌ ترجمو لڳائڻ چاهين ٿا ان جو نالو ۽ لنڪ لکي موڪليندا۔۔
    • ترجمو استعمال ڪندڙن تي لازمي هوندو ته ترجمو ڪندڙ : جو نالو ختم نه ڪندا۔۔
    • ترجمو استعمال ڪندڙن تي اهو به لازمي هوندو ته اهي ترجمي ۾ موجود لفظ ”سنڌ سلامت“ يا ان جي لنڪ کي ختم نه ڪندا۔۔۔
    • ترجمو استعمال ڪندڙن تي لازمي هوندو ته اهي ترجمو صرف پاڻ تائين محدود ڪندا ۽ جيڪڏهن هنن کان ڪو ترجمو گهرڻ جي درخواست ڪري ته کين سنڌ سلامت ڏانهن رجوع ڪرڻ جو چوندا۔۔

    جن دوستن کي وي بليٽن جي سنڌي ترجمي جي ضرورت آهي ۽ اهي مٿيان سڀ شرط قبول ڪن ٿا ته اهي مون سميت انتظاميه جي ڪنهن به رڪن کي ذاتي پيغام ڪري پنهنجا تفصيل موڪلن جنهن کان پوءِ کين سنڌ سلامت جو ترجمي جو لنڪ موڪليو ويندو۔۔۔

    اميد ته سنڌي ٻوليءَ جي انٽرنيٽ تي ترقي لاء سنڌ سلامت فورم جي هن ننڍڙي ڪاوش کي ڀرپور موٽ ملندي ۽ سنڌي ٻولي جديد دور جي تقاضائن کي پورو ڪندي ترقيء جون منزلون طعي ڪندي رهندي۔
    [/JUSTIFY]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: سنڌ سلامت وي بُليٽن جو سنڌي ترجمو رليز ڪري ٿي ۔۔۔۔۔۔۔

    سائين تمام بهترين ڪم آهي الله اوهان کي ان جو اجر ڏيندو۔ باقي هي انتهائي آسان ۽ ضروري شرطون آهن جيڪي هر ڪو بنا ڪنهن اعتراض جي قبول ڪندو ۽ ڪرڻ به گهرجن،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت وي بُليٽن جو سنڌي ترجمو رليز ڪري ٿي ۔۔۔۔۔۔۔

    ماشا الله، سائين هي تمام بهترين فيصلو ڪيو ويو آهي، رجسٽر ٿيل رڪنن کان علاوه مهمان طور هن موضوع کي پڙهندڙ ٽريفڪ ئي ٻڌائي ٿي ته سنڌي سڄڻن کي سنڌ سلامت پاران اهڙي سهولت ڏيڻ ڪيڏو پسند آيو آهي۔
    ڪجھ وقت اڳ سائين بشير عسڪري صاحب جن مون سان ان معاملي تي ڊسڪس ڪئي هئي اها سندن درخواست مون سائين رشيد صاحب جن تائين به پهچائي هئي، اڄ اوهان جو هي مضمون ڏسي مون به دوست سائين بشير احمد عسڪري صاحب جن کي فون ڪري اطلاع ڏنو، جنهن تي پاڻ گهڻي خوشي جو اظهار ڪين، اميد آهي ته پاڻ انتظاميه سان جلد رابطو ڪندو۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت وي بُليٽن جو سنڌي ترجمو رليز ڪري ٿي ۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌي ٻولي جي ترقي لا انٽرنيٽ جي دنيا ۾ جيڪو انقلاب سنڌ سلامت آندو آهي، اهو اٍڄ کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو سين، ڌڻي در دعا آهي ته منهنجا هي دوست جيڪي سنڌي ٻولي جي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن، اهي سدا سُرها رهن، شال جتي به هجن اهي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لا هميشه جاکوڙيندا رهن، اسان ٻيو ڪجهه ته انهن لا نٿا ڪري سگهون بس اسان جون نيڪ تمنائون ان سموري سٿ لا هميشه رهنديون جس لهڻا اهي دوست جن هيڏي تيز ترين دور ۾ انٽرنيٽ تي اسان کي سنڌي ٻولي سان روشناس ڪرايو، نه ته اسان جي ايندڙ نسل جيڪي صرف انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر سان ئي سلهاڙيل هجن ها اهي پنهنجي ٻولي کي ئي وساري ويهن ها۔ ۔ ۔۔ سدائين گڏ
     
  5. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    تمام سٺي ڪاوش آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي جي ترويج لا کنيل وقتائتو قدم۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو