جانان تُنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿي وياسين

'مزاحيه شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ نمستي . اڄ صُبح جو گهر جي دروازي تي ٽنڊو محمد خان جو يگانو ۽ ديوانو شاعر: مورڙو دودو يوسف حُسين خاڪي شاهه زلفي قيس ڪاظمي آيو، نه نه ادا آيا ڪونه آيو هي هيڏو وڏو نالو جنهن ۾ سواءِ هڪ جي نالي جي سمورا سندس تخلص آهن مان ستو پيو هُئس منهنجي گهر جي لوهي
    دروازي تي سر جي اڌڙ سان ٺڪ ٺڪ ڪيائين ٺڪ ٺڪ جا آواز ايڏا وڏا هُئا جو سمورو پاڙو جاڳي پيو، مان ڀي يا الا خير چئي اٿي دروازي ڏانهن ڀڳس، دروازو کوليم ته زلفي شاهه هٿ ۾ سر جو اڌڙ کڻيو بيٺو هو پاڙي وارا به منهنجي دروازي تي بيٺا هُئا اڙي زلفي اهو ڇا دروازو سر جي اڌڙ سان ٺڪ ٺڪ ڪري کولائبو آهي ڇا، چوڻ لڳو اڙي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جا سيڪريٽري مان سڀاڻي آچر واري دستوري گڏجاڻي ۾ ڪونه ايندس، سو سوچيم ته جيڪو چار سٽو رات گهڙيو اٿم سو توکي ٻُڌائي اچان،اڙي الله شل تنهنجو ٻيڙو تاري سنگت جا ٻيا به ٻٽيهه ميمبر آهن انهن جي دروازي تي سروٽو کڻي ٺڪ ٺُڪ ڪري انهن جي ننڍ ڦٽائين ها ۽ انهن کي شاعري ٻُڌائين ها مون سميت پاڙي وارن جي ننڍ ڇو ڦٽائي اٿئي، چوڻ لڳو منهنجي شاعريءَ کي رڳو تون سمجهندو آهين جو دستوري گڏجاڻين ۾ منهنجي شاعري ءَ تي واهه واهه ڪري مونکي ڪولڊ ڊرنڪ ، چانهه جي پيالي پياريندو آهين ، اڙي زلفي اڙي چريا اڙي ڀوڪ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري جي حيثيت سان اها منهنجي مٿي جي ڀري آهي جو مونکي سنگت جي آفيس جو ٻوهارو ڏيڻ کان وٺي، پاڻي جو ڪولر ڀرڻ پاڻي جي ڪولر ڀرڻ کان وٺي سڀني اديبن ، شاعرن ڪهاڻيڪارن جي سُٺي توڻي خراب تخليقن تي ڳنڍ بڌي واهه واهه چوڻو آهي چريو زلفي شاهه منهنجي انهي ڳالهه کي سمجهي ڪونه سگهيو، حق الله جو نعرو هڻي چوڻ لڳو ته گهر وارن کي چئو ته منهنجي لاءِ اسپيشل دوده پتي چانهه ٺاهي موڪلين ۽ تون منهنجو نئون چارسٽو سامهون پيل ابڙن جي گهر جي سيڙهين تي ويهي ٻُڌ، ير مري ويس صُبح صُبح چريو شاعر مٿي ۾ لڳي ويو ، ماسات سڳوري اڳ ۾ ئي منهنجي ادبي شاعر دوستن کان بيزار ويٺي آهن چانهيون ڪاڙهي ڪاڙهي مونکي اڳ ۾ ئي وارننگ ڏيئي چُڪي آهي ته تنهنجا اهي مُئا شاعر آيا ته شاعرن سان گڏ توکي به ست سُرين سان گڏ گهر نيڪالي ڏئي ڇڏيندس سو زُلفي شاهه کي چيم ته چانهه پوءِ پيون ٿا تون صرف پنهنجو چار سٽو ٻُڌائي ۽ منهنجي جند ڇڏ، چوڻ لڳو سيڪريٽري ير چانهه کان سواءِ شاعري ڪيئن ٻُڌايان ، مون چيومانس ته ڀوڪ جيڪو چريو شاعر هوندو آهي اهو ته چانهه به پياريندو آهي ۽ پنهنجي شاعري به ٻڌائيندو آهي يار تون ته پنهنجي شاعري به ٻُڌائين پيو ۽ چانهه به مُنهنجي پين ٿو، چوڻ لڳو تون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري آهين وري ووٽ ڪونه وٺڻو اٿئي ڇا؟ سوچيم تي زلفي شاهه جهڙا چريا شاعر به اهو ڄاڻن ٿا ته ووٽ لاءِ هرڪو گڏهه کي به پيءُ بنائي ڇڏيندو آهي ,زلفي زلفي تون پنهنجو چار سٽو منهنجي مٿي ۾ هڻ ته جان ڇُٽي : پاڻ پنهنجي کيسي مان وٽيل سٽيل پنو ڪڍي جيڪو چار سٽو ٻُڌايو ان جي ٻُڌڻ کانپوءِ زلفي شاهه جي شڪل بلڪل هوبهو سندس لکيل چار سٽي جهڙي لڳي رهي هُئي کيس هڪ منٽ چئي گهران پنهنجي سنڌ سلامت جي ڪئميرا کڻي آيس سندس ٻه چار پوز جيڪي هن چارسٽي جي ڊزائن ۾ آهن ڪڍي ورتم فيصلو توهان تي ڇڏيان ٿو ته واقعي زلفي شاهه سندس چار سٽي جهڙو لڳي رهيو آهي يا نه ؛[/JUSTIFY]


    چارسٽو
    شاعر: مورڙو دودو يوسف حسين خاڪي شاهه زلفي قيس ڪاظمي ٽنڊو محمد خان​


    وقت کان اڳ ۾ ئي پوڙها ٿِي ويا آهيون
    جانان تنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿيِ ويا آهيون
    ڌندَ ڀڄي پيا اکيون ڪم نٿيون ڪن ،
    ڪنن کان وري ٻوڙا ٿِي ويا آهيون۔۔۔۔۔!!​


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جانان تُنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿي وياسين

    ها ها ها ها .... واه واه ٿي وئي ... نثار ناز سميت اسان سڀني جهونن جي اها حالت آهي ...

    هڪ ماڻهون ويو ڊاڪٽر ڏي، چيائين سائين مونکي هڪ بيماري ٿي پئي آهي، زال جيڪو به ڳالهائي ٿي سو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي،
    ڊاڪٽر جواب ڏنو ، اڙي نڀاڳا! اها بيماري نه پر الله جي نعمت اٿئي. دعا ڪر ته اها نعمت اسانکي به ملي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جانان تُنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿي وياسين

    سائين واه واه۔۔۔اهو شاعر ته هيو توهان جي پاڙي ۾ تڏهن چوسٽو به ٻڌائي ويو، چانهه به پيو وڃي توهان کان۔۔اسان جو ڇا ٿيندو اسان ڪنهن کي پنهنجا ڇهه سٽا ٻڌايون۔۔۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جانان تُنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿي وياسين

    ڀائو منظور علي عباسي ڏند ڀڳل اکين کان انڌو ۽ ڪنن کان وڏو شاعر منهنجي پاڙي جو ته ڪونهي پر سندس گهر منهنجي گهر کان لڳ ڀڳ ٻه ڪلو ميٽر پري آهي جيڪڏهن توهان جا ڇهه سٽا توهان کي به وقت کان اڳ پوڙهو ڪريو بيٺا آهن ته ڪا ڳالهه ڪانهي هليا اچو سڪ کي پنڌ ڪونهي توهان جا ٻه ٽي چار پنج ۽ ڇهه سٽا به ٻُڌنداسين چانهه به پياريينداسين ته الله جي ڏني مان ماني به کارائينداسين سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز جا دروازا چرين ۽ کسڪيل دماغن وارن شاعرن لاءِ سدائين کليل آهن سدا سلامت هُجو ادا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: جانان تُنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿي وياسين

    واه ڙي ادا زلفي واه هو بهو پاڻ جهڙو چئو سٽو لکيو اٿس
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جانان تُنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿي وياسين

    هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    مطلب ته ڪم ئي لهي ويا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انهن سٽن جي پٺيان هڪ سچائي سمايل اهي، هڪ اندر جو درد سمايل آهي۔ڪاش ڪو محبت وارن کي سمجهي۔
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جانان تُنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿي وياسين

    ادا نثار ناز صاحب اسلام عليڪم۔ادا سمجه م نه ٿو اچي ته زلفي صاحب جن جي شاعري ان جي چهري سان مشبته رکي ٿي يا ايڏي سلجهيل شاعري(ههه ههههههه ههههههههه) جي ڪري سندن چهرو مبارڪ اهڙو ٿي ويو آهي۔اوهان خوش قسمت ۽ مبارڪ جا مستحق آهيو،جو سروٽي کان بچي ويو۔سائين منهنجا ان قسم جي شاعري ۡڪرڻ،ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کانپوء چانھ سان گڏ پيناڊول گورين جي ضرورت به پئجي سگهي ٿي(هههه هههههه)۔سائين معاف ڪجو هڪ ڳاله اوهان کان پڇڻي آهي ته زلفي صاحب ان قسم جي شاعري ڪرڻ جي ڪري چريا ٿيا آهن؟ يا چريائپ جي ڪري اهاشاعري پيا ڪن۔بهرحال الله پاڪ اوهان جي مدد ڪندو ته ان قسم جي شاعري ٻڌي ان کي هضم ڪري سگهو۔ :yahoo:
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: جانان تُنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿي وياسين

    هاهاهاهاهاهاهاههاهاهاهاهاهاهاهاها
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جانان تُنهنجي عشق ۾ ٺوڙها ٿي وياسين

    ها ها ها ها ها ها ها
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو