دوستو سلام
سنڌ سلامت ڪتابي سلسلي جو ڏهون ڪتاب راضي فقير جو رسالو پيش آهي۔ راضي فقير جي شاعري لطيف سائين جي شاعريء سان مشابهت رکي ٿي تنهنڪري کيس لطيف ثاني به سڏيو ويو آهي۔
ٿورائتا آهيون سيد علي محمد شاهه (جيئي لطيف) آف ميرپور بٺورو ضلع ٺٽو سنڌ جا جنهن راضي فقير جو رسالو سائين نثار ناز تائين پهچايو ۽ سافٽ ڪاپي به مهيا ڪئي جيئن هي رسالو سنڌ سلامت ذريعي سڀني پڙهندڙن تائين پهچائي سگهجي۔