”لياري آپريشن“ ٻين سان مفاهمت پنهنجن لاءِ زلت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ميب طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2012۔

  1. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محمد عيسيٰ ڀٽو

    [JUSTIFY]چار سال اڳ هندستان ۽ پاڪستان جي درميان انتهائي ڪشيدگي واري صورتحال پيدا ٿي هئي ۽ ٻئي ملڪ جنگ جي حد تائين پهچي چڪا هئا جڏهن پاڪستاني دهشتگرد اجمل قصاب ٻين دهشتگردن سان ملي بمبئي هوٽل تي حملو ڪيو هو، ان وقت بي بي سي پاران صدر مملڪت آصف علي زرداري سان رابطو ڪري سوال ڪيو هو ته هندستان پاڪستان سان جنگ ڪرڻ جي ڀرپور موڊ ۾ آهي، ڇا پاڪستان به ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟ جنهن تي صدر مملڪت آصف علي زرداري جواب ڏيندي چيو ته جمهوري حڪومتون ڪڏهن به جنگيون ناهن وڙهنديون، اهي صرف Dialogue يعني ڳالهين ذريعي پنهنجا مسئلا سلجهائي وٺنديون آهن، صدر مملڪت آصف علي زرداري هندستان ۽ پاڪستان پاران اڳ ۾ وڙهيون ويندڙ جنگين جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي درميان اهي جنگيون وڙهيون ويون ته ان وقت پاڪستان ۾ غير جمهوري حڪومتون مڙهيل هيون جڏهن ته هندستان اڳ ۾ ئي وڙهڻ لاءِ تيار بيٺل هوندو آهي تنهن ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه ڀيرا جنگ لڳي چڪي آهي پر هاڻي ائين نه ٿيڻ نه ڏبو ڇو ته هن وقت پاڪستان ۾ هڪ ذميدار جمهوري حڪومت وجود ۾ آيل آهي ان ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏبي ۽ نه هندستان کي اهڙي قسم جو موقعو فراهم ڪرڻ ڏبو ان ڪري ٻنهي ملڪن کي هاڻي جنگ وڙهڻ بدران ڳالهين وسيلي پنهنجا مسئال حل ڪرڻا پوندا، پر جيڪڏهن پاڪستان مٿان جنگ مسلط ڪئي وئي ته پاڪستان ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هروقت تيار آهي.
    هوڏانهن اهو به ڏسون پيا ته ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا پاڪستان جون سرحدون اورانگهي اسان جي سرزمين تي ڊرون حملا ڪري رهيو آهي پر موجوده جمهوري حڪومت اهو چئي قوم کي ماٺارو ڪري ڇڏي ٿي ته آمريڪا سان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪيا ويندا باقي جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. هاڻي اچون ٿا پنهنجي ملڪ جي ان سياسي صورتحال طرف ته گذريل چئين سالن کان حڪومت مختلف سياسي جماعتن سان سياسي ويڙهه وڙهڻ بدران انهن سان مفاهمت واري پاليسي اختيار ڪندي انهن کي چونڊ وزارتون ڏنيون ته جيئن ملڪ ۾ سياسي افرا تفري وارو ماحول پيدا نه ٿي سگهي ان ڪري چند ڀاڙي تي آيل وزيرن ۽ ريڪنڊيشن اتحادين کي ملائي اقتداري ديڳ ۾ ٽماٽر، بصر، ٿوم ۽ اڇي جيري طور استعمال ڪندي سياسي هانڊي کي لذيز بڻايو ويو جيڪي حڪومت لاءِ بهتر معاون ثابت ٿيا آهن.
    هڪ پاسي اها ڳالهه ته ٻئي پاسي دعوي ڪئي پئي وڃي ته ملڪ ۾ هڪ ذميوار جمهوري حڪومت وجود ۾ آيل آهي ته پوءِ لياري ۾ جنگ ڇو ۽ اتي ڪهڙي غير جمهوري حڪومت بلوچن خلاف آپريشن پئي ڪرائي؟ ملڪ ۾ ٽي ڀيرا مارشلائون لڳيون، ڪيئي ڀيرا پيپلزپارٽي جون مخالف حڪومتون آيون ۽ ويون پر لياري واسين سان ڪڏهن به اهڙي قسم جو ظلم نه ڪيو ويو جيڪو هن وقت پنهنجي ئي دور حڪومت ۾ ڪيو پيو وڃي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته موجوده جمهوري حڪومت جيڪڏهن وجود ۾ آيل آهي ته ان ۾ لياري واسين جو بي حساب خون پسينو شامل آهي جن پنهنجي ٻچن جي رت ۽ وڏين قربانين سان پيپلزپارٽي ۽ جمهوريت جي آبياري ڪئي آهي. هن وقت رحمان ملڪ لياري واسين لاءِ مارشلا ايڊمنٽريٽر کان به وڌيڪ خطرناڪ بڻجي انهن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهيو آهي. جيڪڏهن وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جي چوڻ مطابق ته لياري ۾ چند ڏوهاري آهن ۽ انهن وٽ جديد خطرناڪ هٿيار آهن ته پوءِ انهن سان ڳالهيون ڇو نه ڪيون ويون، جڏهن غير ملڪي دشمنن سان ۽ پنهنجي ملڪ جي سياسي مخالفين سان سياسي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جا فارمولا موجود آهن ته پوِ لياري واسين تي اهي فارمولا ڇو نه استعمال ڪيا ويا، انهن سان ان ڪري جنگ وڙهي پئي وڃي ته هو پيپلزپارٽي جا جيالا آهن جيڪي ڪجهه ماڻهن لاءِ اڳ جو ڪنڊو بڻيل آهن. گذريل هڪ هفتي کان جاري جنگ لياري جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڳورهاري عورتن کان وٺي کيرپياڪ معصوم ٻارن تائين نوجوانن کان وٺي عمر رسيده عورتن ۽ مردن تائين سڀ جو سڀ بارود جي ور چڙهيل آهن، جيڪي رياستي ڏاڍ جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهن جتي بجلي پاڻي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي انتهائي کوٽ سبب گذريل هفتي کان لياري ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهي آهي جتي لکين انسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور، امن امان، آرام ۽ سڪون لاءِ ترسي رهيا آهن،. لياري واسين سان ائين جنگ وڙهي پئي وڃي جيئن لياري واسي پاڪستاني نه پر هندسستان جي فوجي محاذ تي بيٺل هجن. ٻين سان مفاهمت ۽ پنهنجن لاءِ زلت بڻيل پيپلزپارٽي جي حڪومت کي اهو ڪڏهن احساس ٿيندو ته جن مٿان آپريشن مڙهيو ويو آهي اهي پارٽي جا پنهنجا ووٽر آهن. لياري واسين سان ايترو ظلم ڪرڻ کان پوءِ پيپلزپارٽي انهن مان ڪهڙي اميد ڪري سگهندي ته لياري واسي پيپلزپارٽي لاءِ ٻيِهر ايتريون قربانيون ڏيندا ۽ قطارن ۾ بيهي پارٽي کي ووٽ ڏيندا ۽ ڏياريندا. پيپلزپارٽي سدائين جي لاءِ پنهنجي مٿان اهو ڪارو داغ لڳائي ڇڏيو جيڪو سڄي زندگي پيپلزپارٽي جو پيڇو نه ڇڏيندو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت پاڻ بيهي لياري ۾ آپريشن ڪرائي پنهنجي ووٽرن تي ظلم ڪرايو. رحمان ملڪ جي اهڙيين ظالمانه حرڪتن سبب لياري واسي پيپلزپارٽي لاءِ هميشه پنهنجا دراوازا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن جتي هاڻي بلاول ڀٽو به وڃي نه سگهندو ۽ نه انهن کي پرچائي سگهندو.
    وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چوي پيو ته لياري مان راڪيٽ لانچر ۽ ٻيا هٿيار پڻ مليا آهن جيڪي فوج وٽ به مخصوص حالتن ۾ هوندا آهن، انهن جديد هٿيارن ۽ ڏوهارين کي ڏسي لڳي ٿو ته هتي سوات ۽ مالاڪنڊ کان به وڌيڪ حالت خراب آهي تنهن ڪري لياري ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن اڻٽر بڻجي ويو آهي جتي تحريڪ طالبان، لشڪري جهنگوي، سپاهه صحابه ۽ ٻين پابندي پيل تنظيمن جا ماڻهو پڻ ملوث آهن. ملڪ صاحب اهو به چوي پيو ته لياري ۾ رينجرس مشين گنز سان ليس هيليڪاپٽرن ۽ جديد سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ذريعي آپريشن ڪري ڏوهاري کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪندي. ملڪ صاحب 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏيڻ سان گڏ اها به ڌمڪي ڏني هئي ته 48 ڪلاڪن اندر جيڪڏهن ڏوهارين پنهنجا هٿيار ڦٽا نه ڪيا ته پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن ڪري انهن خلاف اڃا وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ جن جي به گهرن مان هٿيار ۽ راڪيٽ لانچر مليا آهن انهن جي گهرن کي ساڙيو ويندو. وغيره.
    هن ڪالم جي ڇپجڻ تائين لياري جي ڪهڙي صورتحال ٿي بيهي پر هتي رحمان ملڪ جي ڳالهين مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ صاحب پيپلزپارٽي خلاف باقائدي هٿ ڌوئي پويان پئجي ويو آهي، ملڪ صاحب کي اهو احساس ناهي ته جن کي هو ڏوهاري چئي انهن خلاف آپريشن ڪرائي رهيو آهي اهي پيپلزپارٽي جا جيالا، شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جا متوالا ٿي رهيا آهن جن جون قربانيون 70 جي ڏهاڪي کان شروع ٿين ٿيون ۽ اڃا تائين جاري آهن، ڪير آهي جيڪو اها دعوي ڪري سگهي ته ان لياري وارن کان وڌيڪ پيپلزپارٽي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. باقي جيسيتائين لياري ۾ هٿيارن جو تعلق آهي ته ان کان به وڌيڪ جديد هٿيار پوري ڪراچي اندر وڏي مقدار ۾ موجود آهن جتي ملڪ صاحب يا ڪنهن ٻئي جي نظر ڇو نٿي پوي، سڀني کي خبر آهي ته پوري ڪراچي هٿيارن جي ڍير تي بيٺل آهي پر اها ڪنهن ۾ به اخلاقي جرئت ناهي ته هو انهن ڏوهارين کان هٿيار واپس وٺي هن شهر کي هٿيارن کان پاڪ ڪري سگهي، جتي سدائين حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪيو ويو آهي، جتي سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ڪري وفاق پاڪستان کي ازلي نقصان پهچائڻ جون ڪاروايون ڪيون ويون اتي انهن سان مفاهمت ڪئي پئي وڃي، پر پنهنجن ووٽرن خلاف ڀرپور آپريشن ڪرائي پيپلزپارٽي خلاف نفرت جو ٻج پيدا ڪري لياري واسين جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، اسان کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪراچي اندر جيڪڏهن پيپلزپارٽي جو مضبوط ڳڙهه هيو ته اهو لياري هو پر هاڻي لياري پيپلزپارٽي جي هٿن مان نڪرندي پئي وڃي، تمام گهڻي عرصي کان پيپلزپارٽي جي دشمنن جي اها ڪوشش هئي ته ڪراچي ۾ مخصوص حالات پيدا ڪرائي ڪنهن به طريقي سان لياري مان پيپلزپارٽي جي تڏا ويڙهه ڪرائجي جيڪا دشمن جي چال ڪامياب ٿيندي نظر اچي پئي ۽ پيپلزپارٽي جي بدقسمتي چئبي ته ان پاڻ پنهنجي هٿن سان ان ڦلدار وڻ کي پاڙن کان اکيڙي ڪڍي ڇڏيو. ملڪ صاحب کي گذارش آهي ته لياري واسي به انسان آهن ۽ پنهنجي مرضي جا آزاد خود مختيار شهري آهن، هي ڪنهن جا زر خريد ٿيل غلام ناهن جو توهان هن وقت انهن خلاف آپريشن ڪرايو۽ انهن جي ٻچن مٿان بارود وسرائي پوءِ انهن مان اها اميد رکو ته هو پيپلزپارٽي لاءِ وري قرباني ڏيندا سو ته وساري ڇڏيو. سنڌ جو وزيراعلي سيد قائم علي شاهه بادشاهه فرمائي ٿو ته لياري ۾ آپريشن سبب ڪراچي اندر ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، سائين بادشاهه کي گذارش آهي ته توهان انهن ڏوهارين جا ناجائز مطالبا مڃڻ بند ڪيو جن کي دنيا چڱي طرح سڃاڻي ته پوءِ ڪراچي اندر امن امان بحال ڪرائي ڏيکاريو ته مڃينداسين.ِ
    رحمان ملڪ لياري واسين کي سوات ۽ مالاڪنڊ سان ڀيٽ ڪري رهيو آهي پر دنيا کي خبر آهي ته سوات ۽ مالاڪنڊ مان پاڪستان جا جهنڊا لاهي اتي پنهنجي نجي حڪومت قائم ڪري حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪيو پئي ويو جڏهن ته لياري واسي محب وطن پاڪستان جا زبردست حامي، جمهوريت جا علمبردار ۽ پيپلزپارٽي جا جيالا آهن جن کي رحمان ملڪ ۽ اردو ميڊيا جو مخصوص طبقو جرائم پيشا چئي انهن جي دل آزاري ڪري رهيو آهي، پر ڪير به اهو ثابت نه ڪري سگهندو ته هنن جو آخر جرم ڪهڙو آهي، اسان رحمان ملڪ کان اهو سوال ڪرڻ چاهيون ٿا ته لياري واسي ڪهڙين ڏوهن ۾ ملوث آهن جن جي سرگرمين مان رياست کي خطرو هجي؟ اهو ڪهڙو لياري واسي آهي جيڪو ملڪ جي وحدت خلاف ڪم ڪري ڪري رهيو آهي جي ائين ناهي ته پوءِ لياري واسين سان هي ظلم ڇو؟. هونئن به دنيا جو دستور آهي ته هڪ طرفي ڪاروائي ڪير به تسليم ناهي ڪندو، دنيا کي خبر آهي ته ڪراچي اندر ڪنهن ڪنهن وٽ جديد هٿيار موجود آهن پر آپريشن صرف لياري جي بلوچن خلاف ٿي رهيو آهي، لياري جي بلوچن جي هن وقت اخلاقي فتح ٿي چڪي آهي جن جي حمايت ۾ پوري ملڪ مان انهن تي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز بلند ٿي رهيا آهن جيڪي لياري واسين جي بي گناهي جو چٽو ثبوت پيش ڪن ٿا، خود پيپلزپارٽي جي اندرين حلقن ۾ بي چيني ڦهليل آهي پر ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا جي مثال جيان ته ڪير آهي جيڪو پنهنجي وزارت وڃائي لياري ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿاري سگهي. وفاق پاران سنڌ ۾ بار بار مداخلت سبب 18 هين آئيني ترميم جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن پر جيڪڏهن پيپلزپارٽي اپوزيشن ۾ هلي وئي ۽ سنڌ ۾ سدائين وانگر ائين مداخلت ٿيندي رهي ته پيپلزپارٽي جيڪا سنڌ ۾ اڪثرتي پارٽي آهي ان کي روڪڻ لاءِ ڪهڙي طرح جسٽيفاءِ ڪري سگهندي جنهن ڪُڌي عمل ۾ هو پاڻ ملوث ٿي چڪي آهي. هميشه نظام کي هلائڻ لاءِ 10 سال اڳتي جي سوچ رکڻي پوندي آهي اقتدار اچڻي وڃڻي شئي هوندي آهي، اقتدار اڄ آهي سڀحاڻي نه هوندو پر مثبت قدمن کڻڻ سان تاريخ ۾ ماڻهو پنهنجو نالو روشن ڪر ويندا آهن. بس پوءِ ڇا ڪجي جڏهن انسان جي دل مان خدا خوفي نڪري وڃي ٿي ته پوءِ رحمان ملڪ جهڙا ماڻهو جنم وٺندا آهن.
    [/JUSTIFY]

    meb_110@yahoo.com
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”لياري آپريشن“ ٻين سان مفاهمت پنهنجن لاءِ زلت

    سياست جون ڪلابازيون سمجهه کان بالاتر هونديون آهن ۽ جڏهن اوهان گهڻا طاقتور ٿي فيل مست هاٿي وانگر ٿي وڃو ۽ پنهنجن جي سڃاڻ نه رکو ته پوء به نقصان جو انديشو رهندو آهي۔ پ پ پ جي ناقص منصوبه بندي ۽ غلط سوچ سبب هو لياري ۾ پنهنجي ساک وڃائڻ سان گڏ سنڌي ماڻهن جون همدرديون به پيا وڃائن۔

    اليڪشن لسٽن ۾ به پ پ پ جي ناقص منصوبه بندي سبب لڳي ٿو ته پ پ پ هاڻي پنهنجا تڪ وڃائي رهي آهي۔

    اوهان جو بهترين ليک
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو