پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير۔۔۔! وائي نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]ڪُجهه ڏينهن سنڌ سلامت جي محترم نثارابڙو سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واري سنڌ دشمن کي للڪاريندي سنڌي ٻچڙن کي ان جو مُنهن بند ڪرڻ لاءِ چيو هو، مان شاعر آهيان منهنجي هٿ
    ۾ تلوار به ڪونهي بس منهنجي هٿ ۾ قلم آهي ، ان قلم سان ان گيديءَ کي للڪاريو اٿم ، وائي جي صورت ۾ وائي اسان جي سنڌ جو لوڪ ورثو آهي لوڪ ادب آهي،ڪاش مونکي وائيءَ جون ماترائون ڳڻڻ اچن ها،ته ڇند جو رنگ به هن ۾ سمائي ڇڏيان ها، بهرحال هن وائي کي جهونگاريندي جهونگاريندي لکيو اٿم ڪهڙي سُر ۾ بيٺي آهي ڪا خبر ڪانهي ڪاش شاعر سان گڏ راڳ جي فن جو ڄاڻون هُجان ها ، خير سڀني کان هٽي ڪري سئو ڳالهين جي هڪڙي ڳالهه ته ٽي درجي وارو شاعر آهيان ائين چئي جيڪي به هن وائي ۾ ٽيڪينيڪي اوڻايون يا خاميون آهن انهن جو گناهه ثواب پنهنجي سر تي وسايان ٿو. ان هوندي به ڇند جي ڄاڻون شاعرن کي التجا ٿو ڪريان ته هو منهنجي هن وائي تي ٽيڪنيڪ جي لحاظ سان اصلاح ڪندا ته مهربانيون ٿينديون ۔ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا[/JUSTIFY]


    وائي
    نثاراحمدناز

    ڌُوتا منهنجي ڌرتيءَ سان ڇو ته وڌو ٿَئِي وير!

    پَوَئِي شَلَ ڪاريهر تي پير.

    تيرِي ميرِي ڪانه ڪا هلندئي، ٿيڻو آهين ڍير!

    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    گيدِي تُنهنجون گُستاخيون ، سنڌ نه سهندِي هير!

    پَوَ ئِي شَلَ ڪاريهر تي پير.

    مُرڪون باسي سنڌ سدائين ، ڇو تنهنجي من ۾ مير!

    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    دوکي جي ديوار آ ٽُٽَڻِي ۽ مُور نه ٿيندي دير !

    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا، سامهون ايندو ڪير !

    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    روشن راهون سنڌ جون ٿينديون ڊهندو نيٺ انڌير

    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    ”ناز“ دُعاڳو سنڌ مٺِيءَ جو خير ئي گهرندو خير !

    پَوَئي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.​


    نوٽ : هير لفظ جي معني هينئر آهي

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير۔۔۔! وائي نثاراحمدناز

    سهڻا ناز سائين! اوهانجو قلم به ڪات آهي، قلم ئي ته ڪات جي رهنمائي ڪندو آهي، لک ٿورا جو اوهان منهنجي هن جذبي کي مان ڏنو آهي ،،،، مونکي حيرت ٿي ته ڪروڙن جي قوم، جنهن ۾ لکين حب الوطن ۽ هزارين سرفروش ضرور هوندا انهن جي موجودگيءَ ۾ اهو خنزير سنڌ جي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ زنده سلامت گهمندو وتي ٿو،،،

    افسوس صد افسوس آهي اهڙي قوم تي جنهنجي گهر ۾ ويهي ڪو ڌاريو، ماءُ جي لڄ جون ليرون ليرون ويٺـو ڪري، ڪڏهن ڪڏهن سنڌي قوم جي حالت ڏسي شڪ ٿيڻ لڳندو آهي ته؛ الله منهنجي ان سوچ کي ڪوڙو ثابت ڪري ته هاڻ سنڌي قوم پنهنجا آخري پساه پئي کڻي، ” منهنجي وات ۾ خاڪ”

    جيڪا قوم فيصلا ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي ۽ وقت جي لهرن تي لڙهڻ شروع ڪندي آهي، ته انجي پڄاڻي ڪا ڀلي ناهي ٿيندي، مٿان وري حڪمران، جيڪي سنڌين جي ووٽ تي آيل آهن سي به سنڌ دشمن ۽ دشمنن جا يار ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم پيا ڪن، ان صورت ۾ قوم جو ڇا ٿيندو؟ الله خئير ڪري

    اوهانجي هي وائي وقتائتي ۽ اسانجي اندر جو آواز آهي ، رب العالمين اوهانجي قلم ۾ حب الوطنيءَ جا درياهه ڀري ڇڏي، جيڪي ڪڏهن به نه سڪن، نه سياري ۾ نه سانوڻ ۾ ، هميشه سيرون ڪري پيا وهن ،،، آمين
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير۔۔۔! وائي نثاراحمدناز

    ”ناز“ دُعاڳو سنڌ مٺِيءَ جو خير ئي گهرندو خير !

    پَوَئي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.


    سائين نثار اوهان جو آواز ۽ اوهان جي صدا هر سنڌي جو آواز آهي۔ ڪاش قوم به ڪجهه ڪري باقي ڪاريهر جو ڪيترو آسرو ڪبو۔ اسان کي ڪاريهر بجاء هاڻ پاڻ ڪاريهر ٿيڻو پوندو۔

    اوهان جون مهربانيون، وقتائتي ۽ بهترين شاعري
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير۔۔۔! وائي نثاراحمدناز

    محترم نثاراحمد ابڙا توهان جي مهرباني جو منهنجي قلم کي توهان ڪات سان تشبيهه ڏني اها ساڳوڻي وائي جانب علي بلاولي کان آڊيو جي صورت ۾ مقامي ليول تي رڪارڊ ڪئي اٿم سڀ کان پهرين اهو گيت توهان سان ونڊ ٿو ڪريان، هتي جي هر ادبي ماڻهو کان علاوه هر انهي ماڻهو کي هي منهنجي وائي پسند آئي آهي مزي جهڙي ڳالهه ته سنڌ سلامت جي فنڪار جانب علي بلاولي هي وائي جنهن به محفل ۾ ڳائي آهي ته کيس ماڻهن محبتن سان ان جي مٿان نوٽ واري جانب علي بلاولي جي حوصلا افزائي ڪئي آهي ۽ جنهن جنهن منهنجي هي غريباڻي وائي ٻُڌي آهي اهي ماڻهو حاصيڪار مون سان ملڻ پيا اچن ۽ محبت سان منهنجي هٿ چمن پيا ۽ هڪ ٿي ڌرتي جي دشمنن تي لعنتون وجهن پيا ۽ ڌرتي جي دشمنن سان ويڙهاند جو وچن ڪن پيا۔ هڪ ڀيرو وري اها وائي توهان سان ونڊ ڪري ان جو آڊيو به توهان سان ونڊ ٿو ڪريان

    وائي
    نثاراحمدناز
    ڌُوتا مُنهنجِي ڌرتِيءَ سان ڇو ته وِڌو ٿَئِي وير ؟
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    تيرِي ميرِي ڪين ته هلندئِي،ٿيڻو آهين ڍير!
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    گيدِي تُنهنجون گُستاخيون ،هي سنڌ نه سهندي هير!
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    مُرڪون باسي سنڌ سدائين ،آ تُنهنجي من ۾ مير!
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    هرڪا نياڻي ٻاگِهي سنڌ جِي آ ، دودو پُٽ دلير!
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    دوکي جِي ديوار َ آ ٽُٽڻي ، آخر دير سوير !
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    سنڌ اُجالا ٿيندي هر سُو ، ڊهندو نيٺ انڌير !
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا ، سامُهون ايندو ڪير !
    پَوَئي شَل ڪاريهر تي پير .
    ”ناز“ دُعاڳو آهي سنڌ جو خير ئي گهرندو خير !
    پَوَئي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير


    [MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/MOV01321.mp3[/MP3] ​
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير۔۔۔! وائي نثاراحمدناز

    مهرباني ادا سليمان وساڻ ، منهنجي هن گيت ۾ ڪاريهر تي پير تمثيل طور کنيل آهي باقي توهان منهنجي هن وائي جي هر بند کي پڙهي ڏسندا ته مون پنهنجي ڌرتي جي پُٽن ۽ نياڻين کي بهادري جي رستن تي هلڻ جي تلقين ڪئي توهان کي به آڊيو جي صورت ۾ اها ساڳوڻي وائي جيڪاجانب علي بلاولي ڳائي آهي توهان سان ونڊي ٿو ڇڏيان ۽ پنهنجو فرض پورو ڪري ٿو ڇڏيان۔

    وائي
    نثاراحمدناز
    ڌُوتا مُنهنجِي ڌرتِيءَ سان ڇو ته وِڌو ٿَئِي وير ؟
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    تيرِي ميرِي ڪين ته هلندئِي،ٿيڻو آهين ڍير!
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    گيدِي تُنهنجون گُستاخيون ، سنڌ نه سهندي هير!
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    مُرڪون باسي سنڌ سدائين ،آ تُنهنجي من ۾ مير!
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    هرڪا نياڻي ٻاگِهي سنڌ جِي آ ، دودو پُٽ دلير!
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    دوکي جِي ديوار َ آ ٽُٽڻي ، آخر دير سوير !
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    سنڌ اُجالا ٿيندي هر سُو ، ڊهندو نيٺ انڌير !
    پَوَئِي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير.
    جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا ، سامُهون ايندو ڪير !
    پَوَئي شَل ڪاريهر تي پير .
    ”ناز“ دُعاڳو آهي سنڌ جو خير ئي گهرندو خير !
    پَوَئي شَلَ ڪارِيهرَ تي پير


    [MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/MOV01321.mp3[/MP3]​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو