1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ڊاڪٽر موتي پرڪاش : هند ۾ سنڌي ادب جو ستارو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڊاڪٽر موتي پرڪاش : هند ۾ سنڌ ادب جو ستارو
    محمد سليمان وساڻ

    ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو اصل نالو موتي پُٽ سکر امداد شرما ۽ تخلص پرڪاش آهي۔ سندس جنم 15 مئي 1931ع تي دڙي ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو۔ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي پرايائين ۽ انگريزي تعليم لاء کيس سندس ناناڻي گهر ڳوٺ جاتيء موڪليو ويو۔ جتي پنڊت ڪندن آسورام شرما جي مٿس مهرباني ٿي، جنهن کيس سنگيت ۽ هارمونيم سيکاري. پنڊت کي سنڌي ناٽڪ سان ڏاڍو چاهه هو، هن جاتيءَ ۾ سنڌي ناٽڪ کي اوج تي رسايو هو. ”موتي“ هن جي لکيل ۽ هدايتڪاري هيٺ پيش ڪيل ڊرامي ۾ پارٽ ڪندو هو جو گهڻو ڪري سندس سهڻي شڪل ۽ صورت سبب کيس زنانو ڪردار ملندو هو.

    ورهاڱي کان پوءِ موتي پرڪاش به ڀارت هليو ويو، جتي بي.اي (آنرس) ۽ بي.ايڊ تائين تعليم حاصل ڪري 1951ع ۾ ماستري جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ 2002 ۾ رٽائرمينٽ تائين ان پيشي سان واڳيل رهيو. ان دوران هو شاعري ۽ سنڌي ادب سان به واڳيل رهيو ۽ ان سان گڏ دهليءَ ۽ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نيوز سروس ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو هو. هو 1956 کان 1977 تائين آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس سان لاڳاپيل رهيو۔ هن وقت تائين 29 سال ماستري جي پيشي ۾ گذاري چڪو آهي. م

    موتي پرڪاش کي ننڍپڻ کان لکڻ جو چاهه هو، اڃان اسڪول ۾ ننڍو ٻار هو ته ”ٻال سنديش“ نالي (سنڌ ۾) رسالو شروع ڪيو هئائين ۽ پنهنجا گيت ”گلستان“ رسالي ۾ شايع ڪرڻ لاءِ موڪليندو هو. هن کي ڊرامن لکڻ ۽ هدايتڪاريءَ جو گهڻو چاهه آهي، سندس هڪ سئو کن ڊراما ريڊيو تان نشر ٿي چڪا آهن. 1960ع ۾ هن ڪن ساٿين سان گڏجي بمبئي ۾ سنڌو ڪلامندر جو بنياد وڌو ۽ ان سنسٿا طرفان ورهاڱي بعد پهريون ئي سنڌي اصلوڪو ناٽڪ پيش ٿيو.

    موتي پرڪاش نثر توڙي نظم ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هن جا هي ڪتاب شايع ٿيل آهن:

    ادينا؛ ڪاڪوڪلو، ڪالندي، انڊر سيڪريٽري (ترجمو)،
    رات هڪ طوفان جي (جنهن جي سنڌي فلم به نڪتي هئي)،
    پردي اڳيان پردي پٺيان (اصلوڪا ناٽڪ)،
    آءُ ته چوريون چنگ (ڪلام جو مجموعو)،
    ادبي گل، دل جون ڳالهيون (مضمونن جا مجموعا)
    انڌيرو اجالو (ناول)
    گلڙن جا گيت (ٻاراڻو ادب ۽ شاعري)
    چڻنگ وچ چولي (شاعري)
    ڏٺي ڏينهن ٿيام (خاڪا)
    سي سڀ سانڍيم ساهه سين (سفرنامو)


    ان کان سواء موتي پرڪاش ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ پڻ لکيا ۽ پيش ڪيا آهن۔ موتي پرڪاش جي گهرواري ڪلا پرڪاش پڻ ڀارت جي سٺي ليکڪا آهي. ڊاڪٽر موتي پرڪاش کي سندس ادبي خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن۔

    ورهاڱي کان پوءِ ائين پئي سمجهيو ويو ته هندستان ۾ لڏي ويل سنڌي هندو مختلف هنڌن تي ٽڙي پکڙي وڃڻ سبب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڏيئي کي روشن رکي نه سگهندا. هري دلگير، موتي پرڪاش جي ڪتاب ”آءُ ته چوريون چنگ“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو، ”موتي پرڪاش انهن ڳاڻ ڳڻين نوجوان اديبن مان آهي، جن جي سر تي سهرو آهي هندستان ۾ سنڌي ساهتيه کي ٻوسٽ جي موت کان نجات ڏيڻ جو ۽ سندس بچاءَ ڪرڻ جو“۔ موتي ترقي پسند اديب آهي، هن ڀارت ۾ ترقي پسند تحريڪ ۾ سرگرمي سان حصو ورتو آهي، هو بنيادي طرح ناٽڪ ۽ نثر نويس آهي پر هن شاعري ۾ به چنگ چوريو آهي. هن غزل ۾ به طبع آزمائي ڪئي آهي، جيتوڻيڪ هو ترقي پسند شاعر آهي پر غزل ۾ هو مجاز جي ڄار ۾ جڪڙيل ڏسڻ ۾ ٿو اچي. هن جي غزلن ۾ سندس نظمن ”پريشاني“، ”جهوپڙي“، ”اسين“ ۽ ”داغ“ وارو ترقي پسند رنگ نظر نٿو اچي. هن جي غزلن جي خوبي آهي، سندس انداز بيان ۽ ٻولي. هن جو انداز بيان سليس، سادو ۽ وڻندڙ آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ جادوگري ڪري، نثر کي نظم بنائي ڇڏيو اٿس. سندس لکيل گيت آنڌيء ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي ۽ سون کي خاڪ بنائڻ وارا سنڌي تمام گهڻو مشهور ٿيو آهي۔ هن جي ٻولي سادي ۽ عام فهم آهي، جنهن ڪري سندس غزل وڌيڪ پراثر آهن.
    ڊاڪٽر موتي پرڪاش 4 آگسٽ 2015ع تي ديهانت ڪري ويو.


    سندس شاعريء مان ڪجهه چونڊ شاعري

    اڄ وري گذريل زمانا ياد پيا،
    پيار جا رنگين فسانا ياد پيا.

    ماڪ سان منهن ڌوئي ٿيندا گل حسين،
    لڙڪ لاڙڻ جا بهانا ياد پيا.

    اچ وري ڪشبا ڏسي ڪنهن جا ڪمان،
    تنهنجي نيڻن جا نشانا ياد پيا.

    لام تي لنوندو ڏسي بلبل کي اڄ،
    پنهنجا اجڙيل آشيانا ياد پيا.

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ساقيا، جام ڀري پيار، پيئڻ تي دل ٿي،
    ڏس سڪائي ته نه ائن مار، جيئڻ تي دل ٿي.

    ويهه سامهون، ته جئڻ جو ڪو بهانو بڻجي،
    دوبدو توسان اي دلدار، ٿيڻ تي دل ٿي.

    موت سان ڀي اسين هٿ ڇو نه ملايون مرڪي،
    ڪنهنجي دل تي نه ڪڏهن بار ٿيڻ تي دل ٿي.

    لفظ ويا وٽڙي ۽ گيتن جو خزانو خالي،
    توکي لڙڪن جا ٻه هار ڏيڻ تي دل ٿي.


    -

    هاءِ هي انتظار جو عالم،
    هي خزان ۾ بهار جو عالم.

    شال بي چين، بي قرار رهان،
    پيارو پيارو آ پيار جو عالم.

    رنگ و بو سان سدا وڪوڙيل آهه،
    خار وٽ ناهه خار جو عالم.

    قافلو ويو ائين اڳيان نڪري،
    باقي غم ۽ غبار جو عالم.

    بيقراريءَ ۾ ٿو قرار اچي،
    هجر ۾ وصلِ يار جو عالم.


    [​IMG]

    حواله :
    سنڌي غزل جي اوسر (ڀاڱو ٻيو) : اياز قادري
    سنڌي سنگت انڊيا جي ويب سائيٽ
    دي سنڌو ورلڊ ڊاٽ ڪام

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 مئي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,068
    ورتل پسنديدگيون:
    3,013
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڊاڪٽر موتي پرڪاش : هند ۾ سنڌي ادب جو ستارو

    تمام بهترين شيئرنگ ادا سليمان وساڻ صاحب
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,052
    ورتل پسنديدگيون:
    352
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڊاڪٽر موتي پرڪاش : هند ۾ سنڌي ادب جو ستارو

    تمام بهترين شيئرنگ ادا سليمان وساڻ صاحب
     
  4. AZAM AFZAL

    AZAM AFZAL
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2012
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    246
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    لآڙڪآڻو

هن صفحي کي مشهور ڪريو