لُٽ جو مال نه آهي سنڌ (وائي ) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]ساٿيو سنڌ جا ويري پنهنجو ناپاڪ منصوبو مهاجرستان ، يا مهاجر صوبي لاءِ سنڌ امڙ جي ڪُک ۾ خنجر هڻي ان کي ٻه اڌ ڪرڻ ٿا چاهين اسان سنڌين
    کي متحد ٿي سنڌ کي ٽوڙڻ واري عمل جي خلاف ميدان ۾ اچڻ گهرجي، هر انهي سنڌ جي غدار کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ گهرجي ته سنڌ ماءُ جا ٽڪرا ڪرڻ وارا غدارو سنڌ خالي ڪريو. هڪڙي وائي سنڌ جي ويري کي وارننگ جي صورت ۾ تحرير ڪئي اٿم جيڪا توهان سان ونڊي پنهنجو قومي فرض پورو پيو ڪريان اميد ته اسان جي سڀئي سنڌي شاعر پنهنجي تخليقن ۾ غدارن سان ويڙهاند ڪندي نظر ايندا.[/JUSTIFY]


    وائِي
    نثاراحمدناز

    ڳالهه ڪمينا ڌيان ۾ ڌَرِ..!
    لُٽِ جو مال نه آهي سنڌ.
    ڪتو بڻجي ڏاڙِهين ويٺو،
    شل موت پَوَئِي او مُنڪَرِ...!
    لُٽ جو مال نه آهي سنڌ.
    نيت تُنهنجي کوٽِي کاڻا،
    ڪرڻو آهين تُون ڪنڌ ڀَرِ..!
    لُٽ جو مال نه آهي سنڌ.
    مورڙا دودا هوشُوءَ پارا،
    ماريندا سڀ تو مانگَرِ...!
    لُٽ جو مال نه آهي سنڌ.
    رهڻِي آهي قيامت تائين ،
    ڌرتِي ماتا، سنڌ اَمَرِ..!
    لُٽ جو مال نه آهي سنڌ.
    مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون،
    چوي ٿو سارو سنڌ نگر...!
    لُٽ جو مال نه آهي سنڌ۔​


    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لُٽ جو مال نه آهي سنڌ (وائي ) نثاراحمدناز

    سنڌ ضرور رهندي پر اسان جيڪڏهن پاڻ نه سڌاريو ۽ پاڻ ۾ تبديليون نه آنديون ته پوء سنڌ رهندي ته ضرور پر ڪهڙي روپ ۾ اها خبر ناهي۔

    اوهان جا احساس، اوهان جا جذبا جوان آهن ۽ سنڌ لاء اسان به پتوڙيون پيا پر وري به اسان جيڪڏهن ٻڌي ۽ اتحاد نه ڪيو ته وقت هٿن مان نڪري ويندو۔ لاجواب چترڪاري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو