نئين سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    عزيز دوستو۔۔۔ اسلام عليڪم
    سنڌ سلامت فورم کي نئين سافٽويئر تي منتقلي کان پوءِ هن تاريخي موقعي توهان کي ڀليڪار چوندي ڪافي خوشي ۽ مسرت پئي ٿئي۔۔۔ هي لمحو ڏسڻ لاءِ ڪافي ۽ صبر آزما انتظار ڪرڻو پيو۔۔۔ اسان گذريل سال ئي سنڌ سلامت کي زين فورو تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هيو پر چند ضروري فيچرز جي کوٽ ڪري اسان کي ان منصوبي تي عمل ڪرڻ جو خيال تبديل ڪري ڇڏيو۔۔۔
    زين فورو تي منتقل ٿيڻ ايترو سولو ثابت نه ٿيو جيترو اسان سوچيو ٿي۔۔۔ ڇو ته وي بليٽن تان زين فورو جو آفيشل امپورٽر نه هجڻ ڪري ڪنهن ٿرڊ پارٽي ايڊ آن ۾ ضروري تبديلين ذريعي وي بليٽن 4 جو ڊيٽا امپورٽ ڪرڻو پيو۔۔۔ ان سان گڏو گڏ زين فورو جي پبلڪ فرنٽ اينڊ جو ترجمو به ڪرڻ شروع ڪيو۔۔۔ ۽ گڏ سنڌي ايڊيٽر انٽيگريشن جا تجربا به جاري رکيا۔۔۔ ۽ آخر ڪار ٻه هفتا اڳ اسان زين فورو جي ٽيسٽ انسٽاليشن ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ۔۔ ان تجربي دوران هڪ حيران ڪن ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته سنڌ سلامت جي ڊيٽا کي امپورٽ ڪندي ئي 10 ڪلاڪ لڳي ويا۔۔۔ ۽ ان ٽيسٽ جي ڪاميابي کان پوءِ پنهنجا حوصلا وڌيا ۽ تڪڙو سنڌ سلامت کي نئين سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ جو خيال ٿيو۔۔۔
    جيئن ته توهان ڏسو پيو ته الحمد الله اسان سنڌ سلامت فورم کي نئين سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون۔۔ ۽ مان اميد ڪريان ٿو ته اسان جي هي ڪوشش سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ نئين شروعات ثابت ٿيندي۔۔ عام طور ڪنهن ميجر اپ گريڊ دوران فورم کي ڪجهه ڏينهن بند رکيو ويندو آهي پر هن دفعي اسان جي پوري ڪوشش هئي ته پنهنجي مٺڙي زبان جي هن منفرد فورم کي وڌيڪ ڏينهن لاءِ بند نه رکون ان باوجود تبديلي جي شروعات ڪندي هن وقت تائين 24 ڪلاڪ گذري چڪا آهن۔۔۔
    فورم کي امپورٽ ڪرڻ کان پوءِ ڪافي ٻيا ڪم به ڪرڻا پئجي ويا۔۔۔ جهڙوڪ فورم لسٽ جون پرميشنون ۽ رڪنن جي گروپ جون پرميشنون ان کان علاوه يو آر ايل ريڊائريڪشن هڪ الڳ مٿي جو سور ثابت ٿيو۔۔۔ پر خدا خدا ڪري فورم کي 80 فيصد تائين بهتر بڻايو ويو آهي۔۔۔ جنهن کان پوءِ فورم کي هر عام ۽ خاص لاءِ کوليو ويو آهي۔۔
    دوستن کي هڪ دفغو ٻيهر ڀليڪار ڪندي گذارش آهي ته نئين فورم جي فيچرس کي استعمال ڪن ۽ پنهنجي مشورن سان تڪڙي آگاهي ڏين ۔۔ هڪ ڳالهه جو خيال رهي ته في الحال زين فورو جو هي بيٽا ورجن آهي جنهن ۾ ڪجهه بگز يا ڪجهه فيچرس نامڪمل ٿي سگهن ٿا۔۔۔ بحرحال اسان جي ڪوشش هوندي ته فورم کي باقائده سان نئين سافٽويئر ته اپگريڊ ڪندو رهجي ته جيئن فورم کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي۔۔۔
    هن دفعي اسان جي ڪوشش هوندي ته فورم کي وڌيڪ بهتر طور سمجهائڻ لاءِ ڪجهه وڊيو ٽيوٽوريل پڻ متعارف ڪجن ۔۔ ان هوندي به في الحال اسان جي پوري توجه فورم کي وڌيڪ بهتر ۽ اسٽيبل ورجن تي آڻڻ آهي۔۔۔ نئين سافٽويئر تي ڪافي جڳهين ته سنڌي ترجمو ڪرڻ ۽ سنڌي پيڊ لڳائڻ جي ضرورت هوندي جنهن کي وقت آهر مڪمل ڪندو رهبو۔۔۔
    مان اميد ڪريان ٿو ته سنڌ سلامت فورم کي نئين سافٽويئر تي منتقل ٿيڻ سان فورم جي رونقن ۾ اضافو ٿيندو ۽ هڪ ڳالهه جيڪا اڪثر سنگت سان چوندو رهندو آهيان هتي هڪ دفعو ٻيهر چوندس ته ڪميونٽي سائيٽس يا فورمز ڪنهن سافٽويئر سان نه پر ان جي رڪنن جي شرڪت ۽ فعاليت سان ان ۾ روح ڦوڪيندا آهن۔۔ اسان سنڌ سلامت کي بهتر سافٽويئر پليٽ فارم تي منتقل ڪرڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري چڪا آهيون هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هتي جاري سنڌيت جي پرچارڪ ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ پروجيڪٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ۔۔۔ فورم جي فعاليت ۽ رونق جي سلسلي ۾ فورم ۽ انتظاميه ٻنهي جي رڪنن جي شرڪت اهم آهي۔۔
    فورم جي انتظاميه تي نظرِ ثاني ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت کان ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي ۔۔۔ نئين فورم کي سيٽ اپ ڪرڻ کان پوءِ ان طرف پڻ توجه ڏني ويندي۔۔۔ ڇو ته فورم جي اهميت ۽ ان جي ارتقاء جو گهڻو انحصار ان جي انتظامي رڪنن جي فعاليت تي پڻ هوندو آهي۔۔ آئنده ايڊيٽرس جي چونڊ ڪرڻ وقت ان ڳالهه کي يقيني بڻائبو ته اهي پنهنجي زيرِ نظر فورمن تي مؤثر ڪم ڪن ۔۔۔ انتظاميه تي نظرِ ثاني سان گڏو گڏ اسان فورم ۽ ان جي سيڪشنن تي پڻ نظرِ ثاني ڪندي جن سيڪشنن جي ضرورت نه آهي انهن کي آرڪائيو ڪيو ويندو ۽ جتي نون سيڪشنن ٺاهڻ جي ضرورت پئي اتي نوان سيڪشن جوڙيا ويندا۔۔۔

    مان هتي تجويز پڻ ڏيندس ته فورم کي نئين سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ کان پوءِ ان جو شاندار آغاز ڪيو وڃي ۽ دوست کي اجازت ڏني وڃي ته هو پنهنجي مرضي ۽ خواهش تحت دلچسپ سلسلا شروع ڪن ۔۔۔ ڪوشش ڪندس ته اهڙن سلسلن جي شروعات مان پاڻ به ڪريان۔۔۔ ته جيئن سنڌ سلامت جي هن سفر کي وڌيڪ رنگين ۽ پررونق بڻائي سگهجي۔۔۔
    آخر ۾ مان پنهنجي محسنن محترم سائين نثار ابڙو، ادا سليمان وساڻ، علي علي ۽ ادا عامر ضياء چارڻ جو شڪريو ادا ڪرڻ نه وساريندس جن پنهنجي صلاحن، مشورن ۽ محنتن سان سنڌ سلامت فورم کي هن نئين سافٽويئر تي منتقل ڪرڻ ۾ پنهنجو پورو پورو ڪردار نڀايو۔۔۔

    والسلام
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سڀ کان پهريان ته مهنجي طرفان سڄي سنگت ۽ انتظآميه ۽ تمام ميمبرن کي ان نئين سافٽ ويئر تي سنڌ سلامت جي منتقلي جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ ان کان بعد جس هجي ادي رشيد سمون کي جن ڏينهن رات جي محنت کان بعد ان اسڪريپٽ کي سنڌ سلامت جي قابل بڻايو مهنجي طرفان سڄي سنگت کي هڪ دفعو ٻيهر مبارڪباد ۽ واڌايون
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين اسان جي لاء ته فورم اهو ساڳيو ئي آهي، صرف رنگ مٽيل اٿيس ۔۔ باقي توهان جيڪو الائي ڇا ڇا لکيو آهي سو ته مون جهڙن جي سمجهه کان چڙهيل آهي ها باقي ايڏي وڏي تحرير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شايد ڪو وڏو ڪم ٿيو آهي۔۔ جيڪر واقعي ڪو ايئن آهي ته توهان کي مبارڪون هجن، باقي اسان جي لاء فورم جو موجود هجڻ ئي وڏو ڪمال آهي، ڪلاڪ لڳائي ٻه جملا لکي جواب موڪلجي ويو ته لک کٽيوسين نه ته سنگت جون تحريرون پڙهي، دل وندرايون پيا۔۔ مولا توهان کي آباد رکي۔۔
    سافٽويئر جو نالو به ڏسو ته ڪهڙو رکيو اٿن، ”ڦورو“۔۔۔ پهرين ئي ڌڪ ۾ جيڪا ڦُر نظر آئي اهو آهي توهان جو نالو۔۔
    سافٽويئر مٽيو ته نالو رشيد سمون کان ذيشان رشيد ۾ تبديل ٿي ويو۔۔شايد نالو به اپگريڊ ٿي ويو ۔۔ اها به ڦورو جي شرارت آهي۔۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    اسين ادا رشيد سمون دل جي گهراين سان شڪر گزار آهيون جو توهان سنڌ سلامت کي نئي سافٽويئر تي آڻي سهڻو ۽ وڻندڙ ٺاهيو آهي۔ ڪل کان آئون انتظار ڪندو رهيس ته ڪڏهن سنڌ سلامت فارم نئي سافٽويئر تي اپڊيٽ ٿيندو، اڄ جڏهن مون سنڌ سلامت فارم کوليو ته دل کي ڏاڍي خوشي ٿي جيڪا لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي۔ هاڻ سنڌ سلامت تمام خوبصورت ۽ وڻندڙ لڳي رهيو آهي۔ ڪافي نوان فيچرس آهن نئي سافٽويئر ۾۔ سنڌي ايڊيٽر ۾ سنڌي لکندي به ڏاڍو مزو پيو اچي۔ تحرير ۾ ترميم به جلد خلي ٿي جڏهن ته پراڻي سافٽويئر ۾ ڪافي وقت لڳندو هو۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    سڀ کان پهرين توهان کي لک لک مبارڪون هجن جو توهان هڪ سٺي تبديلي آندي آهي سنڌ سلامت فورم تي جنهن جي اسان تعريف ڪيتري به ڪريون پو به گهٽ آهي۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    جيئي سنڌ سدا جيئي سنڌ
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    سٺي ڪوشش آهي پر مون کي سمجھڻ ۾ اڃا به ڏکيائي پئي ٿئي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت جي انتظاميه خاص ڪري ذيشان رشيد جا ٿورائتا آهيون جنهن فورم کي نئين سافٽويئر تي آڻڻ ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي۔ سڀني دوستن جا به ٿورائتا آهيون جن فورم جي 24 ڪلاڪ بند هجڻ باوجود فون ۽ ميسيجز ذريعي فورم بابت پڇندا رهيا۔

    تبديلي هميشهه سولائيء سان قبول ناهي ڪئي ويندي ، اها انساني فطرت آهي۔ ڇو ته اسان جنهن سسٽم سان گهڻو مانوس ٿي چڪا هجون ۽ هڪدم نئون ماحول ۽ نوان رنگ ملن ته پريشاني ٿيندي آهي۔ پوء به ڪجهه دوست وري تبديلين جا شديد خواهان هوندا آهن۔

    اميد ته هن نئين سافٽويئر تي منتقلي کانپوء دوست اسان جي مد ڪندا، صلاحون ۽ رايا ڏيندا۔ ٻروچ مان اميد هئي ته ڪي صلاحون ڏيندو پر روايتي ڳالهيون ڪري ويو۔ فورم تي لکڻ شروع ڪيوسين ته ضرور ڪجهه نيون ڳالهيون سامهون اينديون ۽ دوستن سان ونڊ ڪبيون رهبيون۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    اصلي اندر ئي ٺڙي ويو، اوطاق جا نوان رنگ روپ ڏسي سڄي انتظاميه کي ان ڳالهه لاءِ واڌايون هجن پر هڪ ڳالهه سمجهه کئون ٻاهر آهي ته نڀاڳو فل اسٽاپ ڪم ڇو نه پيو ڪري؟؟
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رنجيت سهڻا لڳي ٿو ته فائر فاڪس جو 12 ورجن استعمال ڪري رهيو آهين۔ ان ۾ هڪ بگ اچڻ سبب سنڌي، اردو ۽ عربي اسڪرپٽ تي مسئلا ڪري رهيو آهي۔ فائر فاڪس وارا ان تي عمل ڪري رهيا آهن۔ تنهنڪري فائر فائڪس جو 11 ورجن استعمال ڪري، اوهان جي شڪايت ختم ٿي ويندي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوست علي علي جا لک لائق ۔۔۔ جيڪا چڻنگ گڏ ٻاري هئي ان کي اڳتي وڌندي ڏسندي يقينن کيس خوشي ٿي هوندي اهو ئي سبب آهي جو فورم کي کلندو ڏسي ئي پنهنجو جواب پيش ڪين۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    اڃان جيئن جيئن فورو جو ڦوهارو ڦرندو تيئن تيئن سنڌ سلامت جو محبتي اڱڻ سهڻن رنگن سان نڪري نروار ٿيندو، سنڌ سلامت جي وي بلٽ ان جا پهريان رنگ جهل مل جهل سهڻا رنگ هوندا هُئا، جيڪو به سنڌ سلامت جي وزٽ ڪندو هو اهو سنڌ سلامت جا رنگ پنهنجي دل ۾ سمائي ويهندو هو، فورو سافٽ ويئر جي روشني في الحال ماٺي آهي، ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ پراڻي زماني واري سنڌ فورم ۾ واپس هليا آيا آهيون الائي ڪهڙو سافٽ ويئر هو ياد۔۔۔۔۔۔۔ ڪونه پيو اچي ها پي ايڇ ايف يا الائي ڪهڙو خير فوري طور تي جيڪو پهريون ڪم ڪريو ته سنڌ سلامت جو لوگو بدلي ڪري ڪو بهترين سنڌي بينر لوگو جي صورت ۾ لڳايو ڇو ته سنڌ سلامت جي وزٽ ڪرڻ واري جي فرسٽ امپريشن اهڙي هُجي جو ست خير ٿي وڃن۔ مونکي خبر آهي ته ادا عبدالرشيد ڏينهن رات هڪ ڪري سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي هڪ نئون رنگ ڏنو آهي، پر فرسٽ امپريشن لاسٽ امپريشن واري اهم ترين اڳڀرائي لوگو جي صورت ۾ اڃان ڪانه ٿي آهي ۔ ان هُوندي به ادا عبدالرشيد سمون کي ۽ پوري سنڌ سلامت جي سٿ کي منهنجي پاران دل جي گهرائين سان سنڌ سلامت جي هن نئين ڏيک تي کوڙ ساريون مُبارڪون ۽ شاباسون۔ پر عبدالرشيد سمون مان ذيشان رشيد اسان جو منتظم اعلى ٿيو ان جي خبر اسان کي قطئي ڪانه پئي ۔۔۔۔۔۔۔ ڀائو ذيشان رشيد جي بادشاهي جو خير ۔۔۔ لڳي ٿو جادوگر رشيد سمون في الحال سنڌ سلامت جي تهه خاني ۾ چاليهي وارو سنڌ سلامت وارو چلو ڪاٽي رهيو آهي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    تمام بهترين ڪاوش، جيتري تعريف ڪجي گهٽ، سنڌ سلامت جي سٿ کي لک واڌايون۔ دوست عبدالرشيد جي محنت به ساراهه قابل۔۔ سائين نثار ناز، سليمان وساڻ ۽ سڀني سنڌ واسين کي واڌايون ۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پياري دوست شاهجهان سُميل کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار۔ پيارا اوهان کي عرض ته سنڌ سلامت جي تعارف واري سيڪشن ۾ اچي اوهان دوستن سان پنهنجو تفصيلي تعارف پيش ڪيو جيئن سڀئي دوست اوهان بابت آگاهه ٿين۔

    دوستو شاهجهان سميل سٺو شاعر هجڻ سان گڏ اسلام آباد سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم اڳواڻ آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    دوستو اسلام عليڪم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سافٽويئر جي نالي رکندڙن کي سنڌي زبان جي ڄاڻ هجي ها ته شايد سوچن ها۔۔۔ :)
    باقي سندن شرارت کي توهان ئي پڪڙيو۔۔۔ ;)
    اميد ته پنهنجي حاضري کي مستقل رکندو جو ٻين دوستن وانگر مان به توهان جي لکائي جو بي انتها فين آهيان۔۔۔:p
    لک لائق
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وقت گذرڻ سان اصل فيچرس کي سمجهي به سگهبو ۽ ڪجهه لڪيل فيچرس کي ظاهر به ڪيو ويندو۔۔۔ پسنديدگي جي مهرباني ۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پسنديدگي لاءِ لک لائق۔۔۔
    اميد ته فورم کي پنهنجي خداداد صلاحيتن سان رونق بخشيندا رهندا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔
    خير توهان جو پهريون مسئلو ته حل ٿيو ته تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي۔۔۔ :)
    باقي ڳالهيون پڻ سمجهايون وينديون۔۔۔ بس ٿورو فرصت ملي ته۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ماشاء الله !
    تمام بهترين ادا عبدالرشيد ، اوهان کي ۽ پلس سڄي انتظاميه کي لک لک واڌايون هجن ،
    جئين ته فورم ۾ انٽر ٿيندي نئون ماحول ڏسڻ ۾ پيو ايو ۽ سيٽنگ ۾ به ڪافي تبديلي اچڻ ڪري ڪجه ڏکائي پيش اچي پئي ، پر انشاء الله هوريان هوريان ڳالھ سمجه ۾ اچي ويندي ،
    دعا آهي ته فورم ڏينهن و ڏينهن ترقي ڪندو رهي ۽ سنڌي ڀائرن جا هٿ ميلا مچندا رهن، والسلام
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اندازو هيم ته سنگت کان طويل انتظار برداشت نه ٿيندو ان ڪري ٿوري وقت ۾ 80 سيڪڙو ڪم کي سڌو ڪري فورم کولڻو پيو۔۔۔ ان ڪري ظاهر آهي ڪافي شيون درست نظر نه اينديون۔۔ جنهن کي سڌو ڪرڻ جي جستجو رهندي۔۔
    باقي ٻروچ هميشه رهنمائن وانگر لڪيل ڳالهيون ڪري ويندو آهي۔۔ توهان غور ڪريو ته سمجهي ويندو۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو