نئين سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جي ها دوستن جي شڪايت کي نظر ۾ رکيو ويو هو ته سنڌ سلامت فورم کلڻ ۾ دير ڪري رهيو آهي۔۔ اهو ئي سبب هو جو فورم جي لوگو کي ننڍو ۽ سموري سڪرپٽ کي جيئن جو تيئن هلڪو رکيو آهي۔۔
    هي زين فورو جو ڊيفالٽ اسٽائيل آهي۔۔ ان اسٽائيل کي سنڌي بيسڊ بڻائبو ۔۔ ان لاءِ ڪجهه وقت گهربل آهي۔۔ هوئن به زين فورو جي اسڪرپٽ کي وڌيڪ سمجهڻ جي ضرورت آهي۔۔ اميد ته دوستن تڪڙين تبديلين بجاءِ وقت سر آهستا آهستا تبديلين کي تسليم ڪندا۔۔ ۔
    پنهنجا قيمتي رايا موڪلڻ تي لک قرب۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پسند ڪرڻ جون مهربانيون وڏا۔۔۔ ادا سليمان واري ڳالهه نه هجي ته پنهنجي پي سي جو ڪيبورڊ مٽائي وٺو جو هتي ته فل اسٽاپ ورڪ ڪري پيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ :p
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا شاهجهان 28 جولائي 2011 تي ساٿ ۾ شامل ٿيا آهن ۔۔۔ کين نئون ڪيئن چئجي۔۔۔۔ پر سندن پهريون ليک اڄ آيو آهي۔۔۔ اميد ته پنهنجي خوبصورت لکڻين کي فورم جي زينت بڻائيندا رهندا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وعليڪم اسلام
    دوست همانگير فورم جي نئين تبديلي بابت ڪجهه نه ٻڌايو ۔۔۔ لڳي ٿو مصروفيت ڪري ۔۔۔
    خير سندن تفصيلي راء جو انتظار رهندو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم سائين افتخار جن جي پسنديدگي جي مهرباني۔۔
    دوست آهستي آهستي فورم کي وڌيڪ آسان بڻايو ويندو ته جيئن پهرين جي مقابلي ۾ دوست پنهنجا خيال بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهن۔۔۔ مهربانيون۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مرحبا۔۔۔۔ واهه واهه۔۔۔ ڇا چئي ڇا چوان۔۔ اصل لفظ نه ٿا ملن۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي انتظاميه جي فعال دوستن کي سلام آهي جو هنن ايتري جلدي هن مرحلي کي عبور ڪري ورتو ۽ انگريجي کان سنڌيءَ ۾ هن فورم کي ترجمو ڪرڻ سان گڏ فيچرز کي به جوڙي ورتو۔۔۔ اها ڳالهه ته واکاڻ کان سواءِ نه ٿي ڪري سگهجي ته فقط هڪ ڏينهن 24 ڪلاڪن جي اندر فورم کي هڪ سافٽ ويئر (ادي وي بُليٽن) کان ٻئي سافٽويئر (ادا زين ڦورو) تي منتقل ڪيو ويو، هاڻي فورم جو ڏيک تمام بهترين ۽ هلڪو ڦلڪو ڏسڻ ۾ پيو اچي۔۔۔ اميد ته ان جو موبائل ورجن به جلد جاري ڪندا ته جيئن مون جهڙا بي ڪمپوٽريا ماڻهو ان کي استعمال ڪري سگهن۔۔ هههههه​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سڀ کان پهرين ته سڀني سنڌ سلامت واسين کي سنڌ سلامت جي هن نئين وڳي ۾ اچڻ تي کوڙ ساريون واڌايون. ڇو ته خبر پئي آهي ته هن وڳي ۾ سنڌ سلامت جي نه رڳو صورت پر سيرت به نِکرجي ويندي. ۽ خاص طور تي سابقه رشيد سمون ۽ هاڻي ذيشان رشيد سمون (المعروف جادوگر) جنهن ڏينهن رات ڪ ڪري هن ڪم کي انجام تي پهچايوآهي.
    انتظامي رڪنن سان ڪجهه ويجهڙائي (۽ ڪافي نا لائقي ته سندن ڪو به ساٿ نه ڏيڻ) سبب اها خبر ته آڳاٽو پئي هئي ته نئون سافٽويئر اچي پيو جنهن ۾ سنڌ سلامت ۾ ڪافي نوان ڪم به ٿي سگهندا جنهن ۾ ڪا به تحرير ڪنهن کي ٽيگ ڪرڻ (جيئن اسان فيس بوڪ تي ڪندا آهيون) ٿي سگهندو. ۽ اهڙا ٻيا ڪم جن لاءِ رشيد اشارو ڏنو آهي.
    هن جِدت جو مون کي ته ڪجهه گهڻو ئي انتظار ڪرڻو پيو جو ڪافي عرصو اڳ خبر پئي هئي. سو شايد ٻين دوستن سان ايئن نه هجي. اڪثر سليمان وساڻ کان پڇندو هوس ته چوي رشيد ڳوٺان واپس اچي ويو آهي جلد ڪم نبرجي ويندو، وري جي عرس پريو کان پُڇ ته چوي نه ادا اڃان دير آهي رشيد ڳوٺ ويو آهي. ۽ جي رشيد کي فون ڪر ته گهڻو ڪري سفر ۾ هجي ۽ صحيح ڳالهه نه ٿي سگهي. بهرحال اڄ جڏهن ڪالهوڪي ٿيل ڪراچي واري رتو ڇاڻ ۽ اڄ هڙتال سبب گهر ويهي اهي سور پٽيندي ۽ نيٽ گردي ڪندي سنڌ سلامت کولي ته هي نئون روپ ڏسي ڄڻ ته ڪلهه کان ڏکايل دل کي آٿت ملي وئي.
    الائي ڇو مون کي لڳي ٿو مون جيان ڪافي دوستن کي اهو اندازو ناهي ته سنڌ سلامت جا انتظامي رڪن سنڌ سلامت لاءِ ڪيتري نه محنت ڪن ٿا ۽ بدلي ۾ اسان کان پنهنجن ڪچن ڦڪن اکرن ۾ ڪجهه لکڻ نه ٿو پڄي ۽ نه وري سندن ٻانهن ٻيلي ٿي ڪجهه ڪري ٿا سگهون. هن ايڏي ڪم جي بدلي ۾ به هنن لفظن جي بي ترتيب ڀيٽا (جيڪا سج کي ڏيئو ڏيکارڻ کان مٿي ناهي) ڪجهه به ڪرڻ لاءِ ناهي. . . . . . . ها پر پنهنجي پياري دوست سليمان وساڻ جي ڪريڊٽ ۾ اهو ضرور ڳڻائيندس جنهن جي همٿائڻ تي پنهنجي اها ننڍڙي ڪوشش هن وڏي ڪم جي ڀيتا طور اڄ شام پيش ڪندس. جي ها منهنجو اشارو پنهنجي طرفان ڪمپوز ڪيل الطاف شيخ جو ڪتاب ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه آهي جنهن کي 26 مارچ تي ڪمپوز ڪرڻ شروع ڪيم ۽ هاڻي پروف چيڪ ڪري پورو ڪيو اٿم. اهو ڪتاب سنڌ سلامت جي اي بوڪ جو حصو ٿيندو. ۽ هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته انهي ڪتاب جي سنڌ سلامت بوڪ سيريز ايڊيشن لاءِ “پنهنجي پاران” خاص طور تي الطاف شيخ صاحب لکيو آهي.
    ۽ ها سليمان پيارا! ٻروچن تي ميار ناهي هوندي. ٻروچ ته بس ٻروچ هوندا آهن. اوهان پرواهه نه ڪريو ٻروچ اوهان جي توقعات تي ڪڏهن پورا لهندا ته ڪڏهن بنا ڪجهه چئي هليا ويندا. ڪڏهن ملندا ته ڪڏهن گُم ٿي ويندا. اوهان ٻڌو ناهي اهُو واقعو ته اسان جهڙا ڪي سَت ٻروچ ڪنهن سفر تي هئا. انڌيري ۾ ڇهن ڄڻن واري واري سان لندي بلا تي پير ڏنو ۽ چڪ به لڳن پر انهي ڊپ کان ته رڙ نه ڪئي ته ٻيا کلندا ۽ اهو سور پي ويا پر جڏهن ستين همراهه رڙ ڪئي ته سڀني سچي ڪئي ته اسان ڇهه به فٽاڻا آهيون پر رڙ ڪونه ڪئيسين. ساڳي ڪار مون سان به هئي ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت ايڊيٽر ۾ فل اسٽاپ وغيره جا کوڙ مسئلا هئا پر چپ رهيس ته متان اهو رڳو مون سان هجي پر رنجيت کي اوهان وضاحت ڪئي ته هاڻي هي ٻروچ سچي ٿو ڪريوَ ته بروبر اهو ويل مون سان به هو. سو جي هاڻي فائر فاڪس وارا اها ٽيڙي سڌي ڪن ته واهه نه ڪيون پراڻو ورجن انسٽال.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مَٽَ سَٽَ سٺي هوندي آهي ۽ وڻندي به آهي ، ۽ وقت سان ٿوري گهڻي ڦيرڦار هئڻ به گهرجي ۔ نه ته مرشد چواڻي
    جيها سي تيها مارو مون مڃيا
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جيتوڻيڪ جواب ڏيڻ ۾ ڪافي دير ڪئي اٿم جو ڪالهه آفيس ۾ ڪم جي گهڻائي ۽ شام جو گهر پهچڻ کانپوءِ سنڌ جي حالتن ايترو ته ڏکائتو ڪري وڌي جو، اچانڪ مٿي ۾ سور پئجي ويو ۽ شايد دل پنهنجي قبضي کان نڪري وئي هئي، انڪري جڏهن رشيد ٻڌايو ته 80 فيصد ڪم ڪري ئي فورم کولي ٿو ڇڏيان ۽ باقي ڪم کي آهستي ۽ احسن طريقي سان نبري وٺبو، مون کيس چيو هو ته بيشڪ جيڪڏهن اڃان ڪي ڪلاڪ لڳن ته ڀل ڪم 100 فيصد ڪري پوءِ کولي، پر شايد باقي 20 فيصد وڌيڪ وقت وٺندو انڪري دوست رشيد فورم کولي ڇڏيو،
    حسب عادت صبح سان سنڌ سلامت کوليم ته نوان رنگ نظر آيا پر وري اوچتو آفيس جا ڪم ايترا وڌيا جو مانجهاندي تائين سنڌ سلامت جو ڦيرو ڪري نه سگهيس هاڻ جڏهن دوستن جا رايا پڙهيم ته خبر پئي ته سنڌ سلامت جي سهڻن دوستن ڪافي ڪم اڳتي پهچائي ڇڏيو آهي
    سائين ٻروچ چواڻي ته اسان لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته سنڌ سلامت موجود آهي ، مطلب حق موجود سدا موجود، انکانپوءِ سائين نثار ناز جي ڳالهه جيئان ته ڪجه ڦڪائپ آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ سلامت جو سهڻو لوگو ۽ اجرڪي رنگ کلندا هيا ته اکين کي تراوت ملندي هئي، جيتوڻيڪ سادگي سٺي شئي آهي پر پوءِ به سنڌ جا رنگ جيستائين نظر نه ايندا تيستائين مزو ڪٿي ايندو
    ادي سليمان جي ڳالهه ته جيئن جيئن هن نئين سوفٽ ويئر کي استعمال ڪبو تيئن تيئن تجربا ۽ سوال پئدا ٿيندا ۽ اميد ته جستائين ذيشان رشيد اسان سان گڏ آهي ته اهي مسئلا به حل ٿيندا رهندا ۽ سنڌي حسن به پئدا ٿيندو رهندو، پاڻ ته آهيون ئي نين شين کي قبول ڪرڻ وارا، انڪري هن شئي کي به قبوليت سان قبول ڪيوسون، کپي کپي کپي ،،،،

    دل جي گهراين سان سڀني دوستن کي واڌايون ته سنڌ سلامت هاڻ ڪافي مضبوط ۽ سگهارو فورم ٿي اڀريو آهي ۽ اميد آهي ته سنڌين جي ڏک سک ۾ حال ڀائي ٿي پنهنجو فرض نڀائيندو رهندو

    دوست رشيد جي محنت کي نه مڃڻ ائين ٿيندو جيئن ڪا ماءُ ٻار ڄڻي ڏي ۽ انجي سورن جو ذڪر نه ڪجي، اسانجي هن سٻاجهڙي دوست نئين نالي واري ذيشان رشيد کي لفظن سان ڀيٽا ڏيڻ مشڪل آهي، هميشه سنڌ سلامت جا فني ۽ انتظامي ڪم ائين نڀائيندو آهي جيئن ڪو فرض ٿي آيا هجن، خرچ ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۽ سنڌ سلامت کي نوان رنگ روپ ڏيڻ جو اونو ائين ئي ستائيندو اٿس جيئن ڪنهن پيءُ کي پنهنجي اولاد جو هوندو اهي

    سلام دوست رشيد

    اسانجا ٻيا دوست به ڪافي سلڇڻا ۽ محنتي آهين جن هن فورم سان دوستيءَ جو حق هڪ سچي دوست جيئان نڀايو آهي، پر مونکي خوشي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن سليمان وساڻ جي موجودگيءَ جو احساس ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن دوست جي موجودگي ائين آهي جيئن تتل ڏينهن ۾ گهاٽي وڻ جو گهاٽو ڇانورو

    سنڌ سلامت جا سڀ رڪن ۽ عهديدار سچا، وفادار ۽ سهڻا ساٿي آهن جن جو هجڻ هن فورم لاءِ ايترو ئي ڪارائتو آهي جيترو ڪنهن باغ لاءِ باغائيءَ جو

    اميد ته هي ساٿ اڃان وڌيڪ ٿيندو ۽ اڃان سگهارو ٿي سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت ۾ پاڻ نڀائيندو

    منـــڌ مَ مَنهـــــن ويههُ، اڀي اوســر اُسَ ۾،
    تو سيئي سيڻ ڪيا، ڏور جنين جو ڏيهه،
    پــاڙي پـــاڙي پيههُ، وَتُ پڇندي پرينءَ کي
    سسئي آبري
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    سڀ کان پهريان ته مهنجي طرفان سڄي سنگت ۽ انتظآميه کي ان نئين سافٽ ويئر تي سنڌ سلامت جي منتقلي جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو
    باقي رهي ٻي گالهه ته هن فورم جي نئين سيٽنگ مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    نئين سافٽوئير تي منتقلي تي سڀني دوستن کي مبارڪون خاص ڪري سائين عبدالرشيد جن کي مبارڪون جن ڪافي وقت کان هن نئين سافٽويئر جي متعلق ذڪر پئي ڪيو ليڪن وقت گهٽ ميسر ٿيڻ ڪري ڪافي ڏينهن لڳي ويا اڄ نوابشاهه کان واپسي تي سائين سنڌ سلامت جي نئين سافٽوئير تي منتقلي جي متعلق ٻڌايو ڪمپيوٽر کولي جڏهن فورم جو نئون لُڪ ڏٺم ته ڏاڍو سٺو لڳو سائين ڪافي فيچرز اڳ ۾ ٻڌايا هئا ليڪن هاڻي جڏهن وقت سر هن تي ڪم ڪبو ته هن جون مختلف خوبيون سامهون اينديون ان سان گڏ جيئن ته هر نئين ڪم ۾ ڪافي پيچيدگيون هونديون آهن ان ئي نموني هن سافٽوئير تي منتقلي سان ڪافي ڳالهيون تصحيح طلب هونديون جيڪي دوستن جي نشاندهي ۽ مدد سان درست ڪيون وينديون۔

    هڪ ٻه ڳالهيون جيڪي فوري طور منهنجي نظر کان گذريون هڪ ته هي سافٽويئر اوپيرا تي درست نه پيو هلي ان تي اسڪرول بار به کاٻي پاسي ظاهر ٿي رهي آهي ۽ سنڌي ايڊيٽر به صحيح ڪم نه پيو ڪري جو اکر لکڻ وقت ٽٽي ٿا وڃن۔

    في الوقت فائر فاڪس پراڻي ورجن تي تمام سهڻي نموني سان فورم کلي رهيو آهي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سنڌ سلامت فورم کي نئي لباس ۾ ڏسي ڪري دوستن جي محنت کي ساراهڻ کان سوا۽ ته رهي نه ٿو سگهجي

    ڪافي محنت طلب ڪم اهي
    فورم کي استعمال ڪنداسين ته خبر به پوندي ته ڪهڙا مسئلا پيش اچن ٿا

    دوستن کي عرٍض آهي ته هن نئي سافٽ ويئر ۾ جيڪي توهان کي مسئلا پيش اچن ته اهي شيئر ڪن ته جيئن انهن کي درست ڪري سگهجي

    سدائين گڏ
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا رشيد سمون اسلام عليڪم ڪجھ مصروفيت جي ڪري ڪالھ اسان هن اڳڻ تي پير نه پاتو ۽ اڄ جڏهن آياسين ته ڪجھ وقت لاء حيران ٿي وياسين ته اسان ڪنهن ٻئي اڳڻ تي اچي نه ويا آهيون ،هرشي بدليل بدليل هئي،هڪدم ياد آيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن اوهان سان ٽيلفون تي ڳاله ٻولھ ٿئي هئي ته اوهان فرمايو هو ته فورم کي اوهان لٽيشٽ ورشِن تي شفٽ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهيو۔الله پاڪ جي مهرباني سان توهان پنهنجي محنتن ۾ ڪامياب ٿي ويا۔۽ فورم هڪ نئين رنگ ۽ ڍهنگ ۾ نڪري نروار ٿيو آهي۔ان لاء اوهان ۽ انهن سڀني محترمن جيڪي توهانجي ٻانهن ٻهلي هئا ان ڪم ۾،کي لک لک مبارڪون هجن۔نئون رنگ ڪجه وقت وٺندو سمجهڻ ۾ پرسٺو لڳي رهيو آهي۔اسان جي خيال ۾ ذيشان رشيد اوهانجي شهزادي جو نالو آهي،جي ائين آهي ته اسان ٻه هاڻي پنهنجن شهزادن جا نالا سان هن اڳڻ جي نئين رنگ ۾ رنگجي وڃون،ڇا خيال آهي(مذاق پيا ڪيون،انکي سريس نه وٺجو) اسان توهانجي ڳالھ کان سوء سيڪڙو متفَق آهيون ته فورم ميمبرن جي محنتن سان ترقي ڪندا آهن ۽ نه فقط رڳو سٺن رنگن جي ڪري۔اميد ته هاڻي اهئي محترم ميمبرس جيڪي صرف خاموش تماشائين وانگرهن فورم جوپيرو ڀريندا آهن،ڪجھ پنهنجا ليک۔ڪمينٽس ۔احساسات هن اڳڻ جي آڪاش تي چٽي هنن کي ستارن جي جهرمٽ ونگرچمڪائيندا۔توهانجون محنتون تمام گهڻين تعريفن جي قابل آهن۔الله سائين توهان جي هر ان ڪم ۾ آسائي پيدا ڪري جيڪا هن محبتي اڳڻ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي لاء هجي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڏسندا وڃو دوست۔۔ بس توهان پنهنجا فرض نڀايو ته اسان جا نڀايل فرض به توهان حيران ڪري ڇڏيندا۔۔۔
    رهيو سوال موبائيل ورجن جو ته ان لاءِ به بس انتظار جون گهڙيون ٿوريون رهيون آهن۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اميد نه هئي ته خوشيءَ ۾ لکيل توهان جي ليک کي بجلي طرفان وري وري مٽائڻ باوجود توهان ايترو لکي منهنجو سينو ڦوڪائي ڇڏيندو۔۔۔
    جلد ئي فورم جي نواڻ بابت تفصيلي ٽيوٽوريل شروع ڪيا ويندا۔۔ جنهن کان پوءِ فورم جي خوبين کي وائکو ڪيو ويندو۔۔ ۽ پوءِ موجوده سادگي واري رنگن کي سنڌيت جا رنگ پهرايا ويندا۔۔ تڏهن وڃي فورم جي اصل شڪل ظاهر ٿيندي۔۔۔ ۽ ان وقت ڏسبو ته توهان جو جواب اسان کي ڪيترو خوش ڪندو۔۔۔
    توهان دوستن جي سهولت خاطر هڪ دفعو وري ڪجهه موڊيفيڪشن ڪبيون ته جيئن توهان جا پوسٽ کان اڳ بجلي وڃن ڪري ضايع ٿيندڙ ليک بچائي سگهجن۔۔۔ ان کان علاوه ڪتابن تي تبصرن لاءِ پڻ هڪ منفرد نظام متعارف ڪرائبو۔۔۔
    رهيو سنڌ سلامت ۾ فل اسٽاپ جو مسئلو ته مون کي ان ۾ ڪجهه ٻيا به مسئلا نظر آيا آهن جن کي ترت سلجهائڻ جي ڪوشش ڪبي۔۔۔ تيسين دوستن کي صلاح آهي ته فورم کي گوگل ڪروم جي نئين ورجن تي ئي استعمال ڪن۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تبديلي ئي زندگي آهي... هن دفعي سنڌين جي فيس بوڪ سان لڳائو کي خاص ذهن ۾ رکي نئين سافٽويئر جي چونڊ ڪئي وئي آهي... اميد ته فيس بوڪ سان مطابقت رکندڙ سنڌ سلامت هاڻي سنڌيت جي سفر ۾ اڳ کان اڳري هوندي...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هميشه وانگر هر رڪن کي جڏهن توهان طرفان جواب ملندو آهي جهڙوڪ سندس موضوع موڪلڻ جو مقصد پورو ٿي ويندو آهي۔۔۔
    منهنجا سائين ۔۔۔ ڏيڏر جي لاءِ هڪ مثال آهي ته هو پراڻي کوهه کان ٻاهر ان ڪري نه نڪرندو آهي جو هو ان کي کوهه کي ئي پوري ڪائنات سمجهندو آهي۔۔ اسان سنڌين کي به ننڊ ۾ پيل ستل ۽ سست قوم سمجهيو پيو وڃي۔۔۔ ان ڪري سجاڳي جو مثال قائم ڪندي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ کوهه مان نڪرڻو ئي پوندو۔۔۔
    بظاهر فورم جي موجوده سادگي فورم جو اصل بلڪل به نه آهي ۔۔۔ وقت ٻڌائيندو ته هي تبديلي بهتر رهي۔۔۔ ان لاءِ بس ڪجهه انتظار ۽ توهان جي پٺڀرائي ئي گهربل آهي۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڳالهه سمجهه ۾ به نه آئي مبارڪون به موڪليون۔۔ محترم رياض صاحب توهان جي مختصر جواب کي هاڻي پسنديدگي جو رنگ ڏنو آهي پر اميد ڪجي ٿي ته ڪنهن به تحرير کي هاڻي توهان صرف پسند ڪرڻ تائين نه رهندو پر ان تي ڀرپور ٽيڪا ٽپڻي ڪندو۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جي فورم کان ڪجهه ڏينهن جي دوريء مجبور ڪيو ته توهان کي ڪال ڪري خيريت پڇجي۔۔۔ ۽ خيريت جو ٻڌي نئين خبر پهچائي توهان جو اشتياق وڌائڻ ٿي چاهيم۔۔۔ فورم جي صورت جڙندي ڪجهه ڏينهن لڳندا ۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان جا رايا ڏسبا۔۔۔
    جيتري قدر اوپيرا برائوزر تي درست نه هلڻ جي ڳالهه آهي ته في الحال مون انٽرنيٽ ايڪسپلورر جي جديد ورجن، فائر فاڪس جي 11 ورجن گوگل ڪروم جي 20 ورجن ۽ سفاري برائوزر تي فورم کي بهتر ڪم ڪندي ڏٺو آهي۔۔ ان ڪري في الحال متبادل برائوزر استعمال ڪيو۔۔۔ جلد اوپيرا لاءِ ڪو حل آڻبو۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    اڄ منهنجي محبوبا سنڌ سلامت جو نئون انداز ڏسي دل باغ بهار ٿي ويو۔ هي اڱڻ هر سنڌي جو محبوب اڱڻ َآهي سنڌ سلامت جو نئون ڏيک يقينا تمام گهڻو وڻندڙ آهي۔ سنڌ سلامت جي نئين ويس جو نئون نظارو منتظم اعلي ذيشان رشيد المعروف جادوگر جي مصروف ترين نوڪري ۽ ان کان به مصروف ترين پرسنل زندگي هئڻ باوجود وقت ڪڍي ڪيل جاکوڙ سبب ئي ممڪن ٿيو آهي۔ مونکي ان وقت ادا رشيد جي مصروفيت هڪ سائنسدان جيان لڳندي آهي جيڪو تجربي کانپوء ڪاميابيء جو منتظر هوندو آهي۔ ان ٻار وانگر لڳندي آهي جيڪو ڪائي مشڪل گيم کيڏندي مشن پار ڪرڻ لاء پر عزم هوندو آهي۔ ان رانديگر جيان هوندي آهي جيڪو پنهنجي ذاتي ڪارڪردگيء جي بجاء قوم لاء کيڏندو آهي۔ ۽ يقينا کيس سندس نيڪ نيتيء جو صلو ملي ٿو ۽ اسان سڀني لاء ون اسٽاپ شاپ جهڙو فورم هر دفعي هر نئين تجديد سان سامهون اچي ٿو۔
    نئين سنڌ سلامت جي آن ايئر ٿيڻ تي سنڌ سلامت جي سڄي دوستن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔۔۔

    دعا ۾ ياد


     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو