• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الطاف شيخ ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
ibyV29ipYpfx7X.jpg
دوستو! ڪلهه ڪيل واعدي موجب اڄ اوهان لاءِ هي ڪتاب حاضر آهي، هي ڪتاب جيڪو هاڻ مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ آهي، پر انهي جي اهميت انهي ڪري آهي ته ملائيشيا ويندڙ اڪثر ماڻهن کي هن ڪتاب جي ضرورت پئي ٿي جو گهڻو ڪري ٿوري گهڻي ٽرپ ۾ ته ڪوالالمپور ۾ ئي رهڻو هجي ٿو،
پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪجو!


 
ملڪاڻي شريف ۾ هن ڀيري عبدلاحفيظ آيو ته خلافِ معمول مولوي محمد خان محمدي جي لائبريري ۾ وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين، کيس اتان ڪو ڪتاب کڻڻو هو۔ هن اتان وڃي ”ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه“ ڪتاب کينو ان مهل اهو ئي چيائين ته هي ڪتاب ناياب آهي سو پڙهبو، پر شام جو دوست شاهجهان لغاري کي چيائين ته ان ڪتاب کي اسڪين ڪري منهنجي يو ايس بي ۾ لڳائي ڏي، سوچيوسين ته ڪراچي وڃي پنهنجي ڪمپيوٽر تي پڙهندو پر ڪراچي وڃڻ کانپو سچي ڪيائين ته هي ڪتاب ناياب ٿي ويو آهي جنهن جو ايڊيشن مارڪيٽ ۾ ناهي سو منهنجي نيت آهي ته هن ڪتاب کي ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي رکندس، مون کيس سمجهايو ته ادا وڏو ڪم پيو کڻين صبح 8 بجي کان 4 بجي تائين آفيس پو گهر جا مسئلا ، اهو ڪيئن ڪندين۔ پر هن ڪري ڏيکاريو ، سندس هن قلمي پورهيي تي اسان کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا۔
 
مونکي ياد آهي ته گهڻو وقت اڳ جڏهن مون اهو سفرنامو پڙهڻ شروع ڪيو هو ته ٻن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو هيم۔

هاڻي جڏهن عبدالحفيظ ملائيشيا پئي ويو ته هن ڪتاب بابت مونکان ڪونه پڇيو هئائين نه ته کيس ڪاپي هٿ ڪري ڏيان هان پر ان شرط تي ته اها واپس ڪري۔ محترم ڪرم الاهي چنا وٽ سائين الطاف شيخ جي سڀني ڪتابن جي هڪ هڪ ڪاپي موجود آهي۔ اها ڪليڪشن سائين الطاف پاڻ مختلف دوستن وٽان هٿ ڪري ڏني هئي ته جيئن ڪٿي محفوظ رهي۔ سائين الطاف شيخ مون لاء ۽ سنڌ سلامت لاء تمام گهڻو مهربان ۽ رهنما رهيو آهي ۽ هر وقت حوصلا افزائي ڪندو رهيو آهي۔ سندس هي ڪتاب ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه انهن دوستن لاء گهڻو ڪارائتو آهي جيڪي مليشيا وڃڻ جا شوقين آهن يا وري ڪنهن تعليمي ۽ بزنس ٽرپ طور مليشيا وڃن ٿا۔

جيتوڻيڪ جنهن وقت هي ڪتاب لکيو ويو هو ان حساب سان ڪوالالمپور تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ نمايان تبديليون اچي ويون آهن پر ثقافت ۽ تاريخ ته ساڳي اٿن۔ تنهنڪري هي ڪتاب گهڻو ڪارائتو آهي۔ مان پنهنجي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم رڪن عبدالحفيظ لغاري جو ٿورائتو آهيان جنهن اسان جو عرض اگهايو ۽ هڪ ڪتاب ڪمپوز ڪري اسان کي تحفي طور ڏنو آهي۔ باقي دوست ڳالهيون ته گهڻيون ڪندا آهن پر جڏهن عملي ڪم جي ڳالهه ايندي آهي ته ٻه ٽي ڪوهه پري بيٺا هوندا آهن۔

مان دوستن کي عرض ڪندس ته هڪ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب اهو به پنهنجي پسند جو ڪمپوز ڪري موڪلين ته اها به سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جي هڪ وڏي خدمت ٿيندي۔
 
سائين فائل ڊن جي ڊائونلوڊ لنڪ ڪم نه پئي ڪري مهرباني ڪري ان کي ڏسندا۔۔۔ ان ڪتاب جي مون کي سخت ضرورت آهي۔۔
 
سائين TAHIR SINDHI صاحب اوهان صحيح چيو۔ فائيلڊن جا اڪثر لِنڪ مسئلو ڪندا رهن ٿا۔ لنڪ کي صحيح ڪرڻ جو ڪم جاري آهي۔
فل حال اواهان ايئن ڪريو جو هتي ڪلڪ ڪري گوگل ڊرائيو واري پيج تي پُهچو جتي هي ڪتاب سنئون سِڌو پڙهي سگهجي ٿو۔ کاٻي پاسي فائيل مينيو ۾ وڃي ڊائونلوڊ ڪري وٺو۔
 
سائين TAHIR SINDHI صاحب اوهان صحيح چيو۔ فائيلڊن جا اڪثر لِنڪ مسئلو ڪندا رهن ٿا۔ لنڪ کي صحيح ڪرڻ جو ڪم جاري آهي۔
فل حال اواهان ايئن ڪريو جو هتي ڪلڪ ڪري گوگل ڊرائيو واري پيج تي پُهچو جتي هي ڪتاب سنئون سِڌو پڙهي سگهجي ٿو۔ کاٻي پاسي فائيل مينيو ۾ وڃي ڊائونلوڊ ڪري وٺو۔
جي ادا ڊائونلوڊ ٿي ويو، وڏي مهرباني اوهان جي۔۔۔
 
سفرنامن ۾ الطاف شيخ جي لکڻي کي ڪير پسند نه ڪري اها ڳالهه ٿيئڻي ناهي الطاف شيخ کي ڏات مليل آهي ان سان ڪنهنجو مُقابلو ناهي رب سائين کيس خوش رکي سندس عمر درازي لا پوري سنڌ دعاگو آهي شال سندس قلمي پورهي وارو جذبو سدائين قائم وَ دائم هُجي جيئن هر ايندڙ نئون نسل سندس لکڻين مان فيضياب ٿيندو رهي .
 
Back
Top