۔سنڌ سلامت رهندي پر۔۔۔سلامت نه ٿو رهي سگهي

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2012۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    السلام علڪيم چوندا جتي قلم ۽ زبان کي آزادي نه هجي ته ان قلم کي ٽوڙي يا ان زبان کي ڪپي ڇڏڻ ضروري هوندو آهي ۔۔۔۔ جتي قلم کي لکڻ جي آزادي نه هجي ته ان ديس مان هڪ شريف ماڻهون لاء اتان ڪوچ ڪرڻ ئي مناسب هوندو آهي خاص ڪري ان وقت جڏنهن ڪو ماڻهون اتي رشتن جي زنجير ۾ جڪڙيل هجي ۽ رشتن جي تقدس کي پامال نه ڪرڻ چاهندو هجي ۔۔ته اتان ڪنارو ڪرڻ ئي مناسب لڳندو آهي اسان ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ وارن مان نه آهيو پر اڄ سنڌ سلامت جي هڪ سنيئر انتظاميه جي جملن مان مون کي اهو ئي محسوس ٿيو ته مون کي لکڻ به نٿو اچي ۽ نه ئي مون کي آزادي آهي لکڻ جي سو جتي انسان جي پر ئي ڪٽيل هجن اتي رهڻ ۾ به ڪو مزو ناهي رهندو جي سنڌ سلامت جي انتظاميه جن کي سنڌ جي گدارن جي به سڃاڻ ناهي انهن گدارن جو جي اسان بائيڪاٽ ڪريون ته به اسان قصور وار سڏرايون اسان کي اهو سودو قبول ناهي اسان سنڌ جي گدارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو آهي نه ڪنداسي پر ڪجه دوستن اهو قسم کنيو ته اسان انهن کي به راضي رکڻو آهي اهو اسان کان برداشت نه ٿيندو ۽ انهن جو عزم انهن کي مبارڪ اسان جو عزم اسان کي مبارک سو پهنجي يا علي مدد آهي سدا خوش هجي سنڌ سلامت ۽ سڀ دوست ۽ ميمبر اسان جي دعا سڀني لاء ۔۔۔۔۔۔سنڌ سلامت رهندي پر۔۔۔سلامت نه ٿو رهي سگهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ھل سائين!!! :eek: زندگي ۾ پھريون دفعو علي جو ڪاوڙيل موضوع مليو آھي سوبه سرعام لکيو اٿس، ادا مان ته ڳوٺ ويل ھيس ڪابه خبر نه آھي ته منھنجي وڃڻ کان پو ڪھڙا غدار ۽ ڪھڙا سچا ٿي ويا آھن۔؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سهڻا، من موهڻا علي۔۔۔ ادا ايڏي ڪاوڙ؟؟؟ ڇا مسئلو آهي؟؟؟ ڪجهه ته مستن کي به سمجهائي۔۔ هڻ کڻ ايجنسي ڪجهه ايڪشن وٺي۔۔ ههههه۔ ڇڏ ڪاوڙ سهڻا، سنڌ سلامت جي جهاز جو ساڄو پَرُ آهين۔۔۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڀا پنهنجن سان وري به ڪهڙي ڪاوڙ، توهان کي اظهار جا آزادي جو پورو پورو حق آهي،،توهان هن ڏکئي موڙ تي پاڻ کي اسان کان الڳ ڪيون وڃو ٿا جيڪو توهان کي نٿو سونهي، سنڌ مٿان غدارن جا حملا ٿي رهيا آهن ۽ اسين اهڙي موقعي تي به هڪٻئي جو ساٿ چڏي وڃون ته اها ڏاهپ نه چئبي، قرب ڪري ساٿ سلامت رکو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهوئي ٿيو جنهن جو اندازو هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن کي ٻه لفظ لک ته ناراض ٿي ٿو وڃي۔ سنڌي ماڻهن جي ان سوچ ئي ته مارايو آهي۔
    ڀاء علي خبر ناهي ڇو توهان شايد اهو ڏسڻ ٿا چاهيو ته دوست منهنجي هن اعلان کانپوء ڇا ٿا ڪن ۽ هو مونکي ڪيترا ايلاز منٿون ڪندا۔ هاڻي ڳالهه اها آهي ته جي ويجهو هجين ها ته کڻي پٽڪا ميڙ ۽ نياڻيون ميڙ ڪري توکي پرچائڻ تنهنجي گهر اچون ها پر هاڻ عراق تائين پهچڻ اسان لاء وڏو مسئلو آهي۔
    خبر ناهي ڇو هتي مون سميت هر ماڻهو ايڏو حساس ٿي ويو آهي، جيڪڏهن پنهنجي مرضي هلي ته واهه نه ته الله حافظ ۔۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته هي جو هيڏو وقت ڏيون ۽ ان جي بدلي وري دوستن جون ناراضگيون ملن ان کان بهتر آهي ته گهر ويهي رهجي۔ پر وري سوچيندو آهيان ته گهر ويهي کٽون ئي ڇنبيون تنهن کان ڀلو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهجي۔
    دوست علي ڳالهه اها آهي ته اوهان فورم جا بانيڪار ۽ انتظاميه جا اهم عهديدار آهيو، تنهنڪري هميشه اهڙي راء رکو جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي ۽ اهڙو ڪو موقعو ئي پيش نه اچي۔ مونکي خبر آهي ته فيسبوڪ جو مسئلو سنڌ سلامت تي نه اچڻ گهربو هو ۽ سنڌ سلامت کي اوهان فيسبوڪ وانگر نه سمجهو ها ۽ دوستن جي راء جو به احترام ڪيو ها۔ ان ۾ ناراضگي جي ڪا ڳالهه ناهي ڇو ته اوهان کي اسان سڀ ڳالهيون هڪ پياري ۽ دلي دوست ۽ هڪ وڏي جي حيثيت سمجهي رازداري ۾ ۽ ذاتي ميسيج ذريعي چيون هيون ۽ ان جي خبر شايد ئي ڪنهن سنڌ سلامت جي ٻئي ميمبر کي هجي۔
    پر اوهان جي اهڙي تڪڙي ۽ جلدبازي واري قدم سچ ته گهڻو رنج پهچايو آهي. دوست اوهان جڏهن فيسبوڪ تي الائي ڪهڙيون ۽ ڪيتريون ياريون ۽ دوستيون رکو ٿا ته اسان ڪڏهن ان تي ڪو اعتراض ناهي ڪيو، ڇو ته اها هڪ الڳ دنيا آهي ۽ هر ڪنهن کي آزادي آهي. پر سنڌ سلامت تي ساڳي جنگ جاري رکڻ کي اسان بهتر نه ٿا سمجهون ۽ انتظاميه جو ميمبر هوندي مان اوهان جي اهڙي ڪنهن به فيصلي کي مڃڻ بجاء ان تي ٻيهر غور ڪرڻ جي صلاح ڏيندس۔ مان لطيف سائين جو هي بيت اوهان اڳيان رکان ٿو ، اميد ته فيصلي تي نظرثاني ڪندا :
    رتي رُس مَ تن سين جن ريء سري نه ساهه
    هو جهيڙين تون جهڪو ٿي پاند ڳچيء ڳل پاء
    وڃي پاڻ پرچاء متان رٺو ئي رهجي وڃين


     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    آئون محمد سليمان وساڻ جي انهي را سان سئو فيصد متفق آهيان ته فيس بُڪ تي ٿيل ذاتي جهيڙا نڀيرڻ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي نه ڪالهه پاليسي هُئي نه آڄ آهي ، فيس بُڪ جي دنيا ۾ ڇا ٿيندو آهي، ڇا وهندو آهي ڇا واپرندو آهي ان جا واقف توهان سڀ آهيو، سنڌ سلامت جو محبتي اڱڻ رڳو ڪنهنجا ذاتي خار ، ڪنهنجون ذاتي رنجشون بّخشڻ بخشرائڻ لا وجود ۾ ڪونه آيو آهي، سنڌسلامت محبت جو اهو مهراڻ آهي جنهن ۾ رڳو ادب ، خلوص ۽ پيار جي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي۔ جنهن سان سنڌ، سنڌي ٻولي جي خدمت ٿئي اها ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي۔ هن دنيا ۾ ڪير پوتي پاڪ آهي ڪير چارئي پلاند چت ڪريو هلي ان جي خبر سوا خدا پاڪ جي ڪنهن کي ڪونهي اهو ئي رب سڀني گناهه گار بندن تي پنهنجي پردي جي باکر وجهندو آهي، شروع ۾ شروع ۾ ذاتي طور هڪ ٻي سان لمٽ کان وڌيڪ ناتا رشتا رکي وري هڪ ٻي سان روابط ختم ڪري فيس بُڪ جي ذاتي جهيڙي کي سنڌ سلامت تي کڻي سنڌ سلامت جي اڱڻ کي جهيڙي جو آکاڙو بنائي سنڌ سلامت کي ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي سنڌ سلامت جي سموري انتظاميه کي پريشرائيز ڪري پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ چاهي اها به حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي، جيڪڏهن هرڪو ميمبر، هرڪو انتظاميه جو رُڪن سنڌ سلامت تي جيجل سنڌ لا سنڌي ٻولي لا ڪيل جاکوڙ جو صلو ذاتي طور ڪنهن سنڌ سلامت جي ميمبر يا سنڌ سلامت جي عهديدار کي پسند يا پسند جي بنياد تي نيڪالي ڏيارڻ جي ڳالهه ڪري اها ڳالهه به اصل جِي کي جهوري ٿِي، حالانڪه هُئڻ ته ائين کپندو هو ته ذاتي پسند ناپسند ، ذاتي سُٺو آهي يا خراب آهي وارين نظرين کي پنهنجي ذات ۾ رکي سنڌ ٻولي ۽ سنڌ جي قومي مفادن کي نظر ۾ رکي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي محبتي اڱڻ جو حصو بڻجي پنهنجون صلاحيتون ڪتب ۾ آڻڻ گهرجن۔ باقي هاڻي اسان ننڍڙن ٻارن وانگر ڳالهه ڳالهه تي رُساما ڪنداسين ته هرڪو ائين چوندو ته سنڌ سلامت جا محبتي ۽ محنتي ميمبر يا عهديدار پنهنجي ذاتيات کان قطئي ٻاهر نٿا نڪرن ۔ الله کي مڃو يارو۔ پنهنجي پنهنجي دل صاف ڪري هڪ ٻئي کي معاف ڪري سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لا سوچيو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا علي علي اسلام عليڪم،توهان سان اسانجي ڪا آمهون سامهون ملاقات نه ٿئي آهي پر،اوهانجي باري ۾ محترم رشيد سمون،سليمان وساڻ،طاهر سنڌي ۽ نثار ابڙو جي واتان ڪافي ساراه ٻڌي آهي،توهانجون هن فورم کي آرگنائيز۽ ايڪٽو ڪرڻ ۾ به ڪافي محنتون شامل آهن،هڪدم فيس بوڪ جي ڪنهن معاملي کي ايشو بنائي هن پنهنجي ڪکائن،محبتي،خلوص ۽ عزت واري اڳڻ کي اوهان جو الوداع چوڻ ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالھ آهي ۽ توهانجهڙي هن فورم جي سڄڻ،جنهن کي هن فورم تي ڪافي عزتون ملن ٿيون کي اهو نه ٿو جڳائي ته ايڏو وڏو قدم کڻي۔سياڻا چوندا آهن ته هميشه پنهنجي ڳاله مثبت بحث سان مڃائجي نه ڪئي ناراضگي سان۔جيڪڏهن انتظاميه بشموليت اوهان ۾ ڪنهن ڳالھ تي اتفاق نه آهي ته اهو معاملو پاڻ ۾ گفت وشيند سان به حل ٿي سگهي ٿو۔ يقين ڪيو ته اسان جنهن جو هن اڳڻ جي سينئر ميمبرن ۾ شمار ٿيندو آهي ۽ ڪافي ساري معاملن تي انتظاميه مهرباني ڪري اسان کان به راء وٺندي آهي،کي هن ايشوجيڪو توهانجي ناراضگي جو سبب بنجي ويو آهي جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي۔اسان جڏهن هت سڀ انڪري گڏ ٿيا آهيون ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ سنڌي قوم جي خدمت ڪري سگهون ته پوء هن قسم جو ناراضگي جو ڇا جواز آهي۔ڪاوڙ ڇڏيو،پنهنجي اڳڻ جي وري زينت ٿيو۔ادا سليمان وساڻ پنهنجي ڪمينٽس ۾ هر ڳاله جي وضاحت ڪئي آهي۔اميد ته ان کي پڙهڻ کانپوء اوهان جي ڪاوڙ ختم ٿئي ويئي هوندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو