سنڌ سلامت فورم تي 10000 تحريرون مڪمل ۽ ميمبرن جي ڊبل سينچري مڪمل ٿيڻ تي ۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مون کي اهو لکندي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي ته سنڌ سلامت فورم ڇهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ مختصر عرصي ۾ سنڌ سلامت تي 10000 تحريرون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ ان کان به وڌيڪ اهو ته فورم تي رجسٽرڊ رڪنن جو تعداد 200 کي پهچي چڪو آهي۔۔۔۔
    هن منزل تي پهچندي پهچندي فورم ڪافي مشڪل سفر کان به گذريو۔۔۔۔ ڪافي دوست آيا ۽ وري پنهنجين مجبورين جي ڪري ساٿ ڇڏي به ويا۔۔۔ ڪي دوست ته ناراض ٿي ويا ۽ منٿ ۽ معزرت کي به نظر انداز ڪري ويا وري واپس نه آيا۔۔۔۔ ڪو وقت اهڙو به آيو جو خوبصورت خواب وارو سپنو هٿن مان ٿي ويو۔۔۔ فورم پنهنجو مختصر سفر ڪري بند ٿيڻ تي پهتو ۔۔۔۔۔ پر۔۔۔۔۔۔ اهي توهان جهڙا محبتي ۽ ساٿ نڀائيندڙ ساٿي ئي هئا جن منهنجي همت افزائي ڪئي۔۔۔ ۽ سفر کي جاري رکڻ لاءِ هڙان وڙان مدد جي پيشڪش ڪئي ۔۔۔
    هن منزل تي مان ادا علي علي ۽ ادا عامر ضياءِ چارڻ سميت پوري سنڌ سلامت انتظاميه سميت مڙني ميمبر جو شڪريو ادا ڪندس۔۔۔۔ هي يقينن توهان سڀني رڪنن جي محنت جو نتيجو آهي ۔۔۔ جس هجي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ کي جن پنهنجي مصروف ۽ ذميدارين سان ڀريل زندگي مان پنهنجي ٻولي خاطر، پنهنجي سنگت خاطر، پنهنجي ساٿ خاطر ۽ پنهنجي پاڻ خاطر فورم تي مسلسل ايندا رهيا ۽ نون توڙي پراڻن ساٿين کي همٿائيندا رهيا۔۔۔۔۔
    مون کي يقين آهي ته سنڌ سلامت فورم کي عام ڪرڻ لاءِ توهان دوستن مختلف گروپن تي وڃي ميلز ۽ موبائيل ميسيجز وسيلي پڻ پنهنجي جستجو جاري رکي آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو فورم تي روزانو نوان نوان دوست رجسٽريشن ڪرائي رهيا آهن۔۔۔۔۔
    مان انهن سمورن دوستن جو به شڪريو ادا ڪندس جيڪي سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه مسئلن اچڻ جي ڪري پنهنجي رجسٽريشن مڪمل ته ڪري نه سگهيا آهن۔۔۔ پر فورم تي مهمان جي صورت ۾ لڳاتار ايندا رهن ٿا ۽ فيڊ بيڪ جي صورت پنهنجا رايا فورم جي انتظاميه تائين پهچائيندا رهن ٿا۔۔۔۔ گڏ انهن سڀني ساٿين کان مان معزرت گهرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندس جن کي فورم تي رجسٽريشن مڪمل ڪرائڻ وقت مونجهارن کي منهن ڏيڻو پيو۔۔۔۔
    انهن ساٿين جن فيڊ بيڪ ذريعي ميلز موڪليون آهن انهن کي پڻ وقت سر جواب موڪلڻ جي پوري پوري ڪوشش رهي آهي پر هتي انهن کي آگاهي ڏيندو هلان ته جيڪڏهن رجسٽريشن جي عمل کي وڌيڪ سولو بڻايو ويو ته فورم تي سپيمز جي حملي جو خدشو ٿي سگهي ٿو ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن دوست کي فورم تي رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ ڏکيائي سامهون اچي رهي آهي ته اهي انتظاميه سان هيٺ ڏنل اي ميل تي رابطو ڪن ۔۔۔۔ سنڌ سلامت انتظاميه جي پوري پوري ڪوشش هوندي ته کين درست ۽ تڪڙي رهنمائي ڏني وڃي۔۔۔۔
    آخر ۾ مان شاهه صاحب جي هنن لفظن سان سنڌ سلامت فورم جي سموري ساٿ جو شڪريو ادا ڪندس ته۔۔۔
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
    ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا​


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔۔۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
    انتظاميه سان رابطي لاءِ اي ميل ايڊريس آهي۔۔۔
    salamatsindh@gmail.com
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين توهان کي انهيءَ موقعي تي مبارڪ هجي، واقعي هر سٺي شيءَ شروعات ۾ مونجهارا ڏسندي آهي پر پوءِ جيڪڏهن ان کي هڪ دفعو سڌو ٽريڪ ملي ويو ته هو عروج جي بلندين تي پهچندي آهي۔
    انشاالله اسان توهان سان هن فورم تي لکاري جي صورت ۾ ساٿ نڀائينداسين
     
  3. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين سڀني ساٿين جي محنت جو نتيجو آهي
    واقعا توهان منتظمين لائق تحسين آهيون پنهنجي مٺڙي ٻولي لاءِ ايتري محنت ڪيو ٿا
    توهان منتظمين جي خدمت ۾ ڪجھ تحفه قبول ڪندا

    sadayeen gudsadayeen gud
    sindhsalamatsaathsalsindhsalamatsaathsal

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ماشآء الله اوهان جي محنت جو رنگ آهي جو ڪو سائين مڪي مان ته ڪو دبئي مان ته ڪو موري مان ته شڪارپور مان پيو محبت جي موٽ ڏئي اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن الله اوهان کي صحت عافيت بخشي۔ اوهان جي توسط سان الائي ڪيترا قرب وارا هڪ ٻئي سان ملاقات جا مزا ماڻي رهيا آهن ڪيترن دوستن ڪافي ڪجهه هن فورم تان سکيو آهي مان به انهن فردن ۾ شامل آهيان انشآء الله هن ساٿ کي سائين سلامت رکندو اوهان فقط ڌاڳي وارو ڪم ڪيو مڻيا پاڻهي پيا مڙندا۔ ڏسو ته سائين ڪهڙو نه سهڻو سبق سيکاريوآهي ۔
    هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نينهن
    ڳنڍن سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا۔

    سدائين گڏ
    دعائن جو طبگار اوهانجو خادم
    مولوي رحيم بخش
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    اسلام عليڪم،
    منهنجي الله ربر العرت کان اِها دُعا آهي ته، هن فورم کي هر قسم جي نظر بد ۽ رنگ، نسل، ذات پات واري تفرقن کان بچائي۔ آمين

    وسلام
    راجا عبدالوهاب (اسلام آباد)
     
  6. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ادا رشيد انشاالله هڪ ڏينهن پوري سند جا پنهنجا ڀائر سڀ هِن ٽرين جي پليٽ فارم تي هوندا ۽ تعداد جي ڪا حد نه هوندي 24 گهنٽا فورم تي پنهنجا سند ڀائر به ۽ اردو بلوچ به پڻ هوندا انشااللهء
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو