”سنڌ پرچائڻ“ نڪتا آهن۔۔؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    امر سنڌو ـ
    هوءَ چئوڪڙي ٿي،”سنڌ پرچائڻ“ نڪتا آهن. سنڌ جيڪا هن وقت پنهنجي جوڌي جوان بشير خان قريشي جي آلي قبر تي ماتم ڪنان آهي. سنڌ جيڪا مظفر ڀٽي جي چِچريل لاش جي وصولي تي غم ۾ ٻيڻي ٿيل آهي، سنڌ جيڪا محبت سنڌ جي ريلي تي وحشياڻي فائرنگ ۽ ڪراچي جي ڳلين ۾ نيسارا ڪري وهندڙ رت تي روئي اڃان بس نه ڪئي آهي. سنڌ جيڪا پنهنجي هر شهر، هر ضلعي ۾ پوليس ڪريڪ ڊائون ڪري، سنڌ جو نانءُ اچاريندڙ ٻچا کنڀي، بنا ڪنهن ٿاڻي ۾ رجسٽري جي ايجنسين کي منتقل ڪري رهي آهي. اُن سنڌ ۾ اُڀريل غصي، ڏک ۽ احتجاج کي ماٺو ڪرڻ لئه هو ٽوپي نراڙ تي رکي سنڌ پرچائڻ هليا آهن…. وزارتن جي منصب تي ويهڻ کانپوءِ جن پنهنجي تڪ ۾ لوڻو هڻي، ڀيرو نه ڀڃيو هو، اڄ حيدرآباد ۾ ’ميچ فڪسنگ‘ لاءِ نڪتا هِن يا سنڌ پرچائڻ نڪتا آهن…
    بيشڪ ته هو هن وقت پنڊي- اسلام آباد جي وڪٽري اسٽينڊ تي بيٺل وڏا کلاڙي آهن… سياست جي عوامي ميدان کي شطرنج جي بساط بنائڻ ۾ هُنن ڪو گهڻو وقت نه ورتو. جوڙ توڙ ۽ محلاتي سازشن ۾ بيشڪ ته هو پوري سپاهگيري واري سينا سان سينا سهايو بيٺا آهن. پنڊي سان پُڄي اچڻ تي به هو سڄي جهان ۾ مبارڪون ميڙين. سپريم ڪورٽ سان ارهه زورائي ۾ به اول صف ۾ بيٺل ۽ اتي به سندن پلڙو اڳ کان اڳرو. هو پنڊي ۽ پنجاب جي شاهراهن کي به پنهنجي پيادن هٿان شطرنج جي بازي ۾ ته مات ڏيئي چُڪا هن… بيشڪ ته سدائين اسٽيبلشمينٽ هٿان خوار ٿيندڙ پيپلزپارٽي هن وقت power جي اُن سنگهاسن تي پُهتل جتان فرعونيت ۽ رعونت جون حدون شروع ٿين. رعونت سان ڀريل قيادت کي ”اگلي باري پهر زرداريءَ“ ديوار تي لکيل نظر اچي رهيو، پر ديوارن تي لکيل ”ٻي تحرير“ پڙهڻ کان سندن اکيون قاصر آهن.
    بيشڪ، مڃون ٿا ته اهو سڀ دُرست آهي ۽ بنا ڪنهن وڌاءُ جي، جي ڏسجي ته هو پنهنجي ليکي ۾ ”اگلي باري پهر زرداري“ وارو ميچ به لڳ ڀڳ فڪس ڪري ئي ويٺا هِن. هو پنڊي ۽ پنجاب جا چَٺا، خيبر پختونخواهه ۾ شراڪت داري ۽ بلوچستان ۾ بارگينگ سان بيهي ويندا. ڪو شڪ ڪونهي ته هو پنڊي ۽ پريزيڊنسي جا فاتح، ٻيهر سئو سلاميون سڄي ملڪ مان ميڙين پر…. پريزيڊنسي جي بئرڪ کان، اسان چئون ٿا ته هڪ نظر هن دردوندي جي ديس تي به وجهو، هتي نه شطرنج جي بساط، نه بارگيننگ، هيءُ جهان قرب جو ڪُٺل، محبتن جو ماريل آهي… توهان جي حصي ۾ آيل غير مشروط محبتن جي سرزمين، جنهن جو نالو سنڌ آهي. پنڊي جي پاور جا قيدي؛ جي اڃان به وقت هُجيوَ ته هڪ نگاهه هِن ديش تي به وجهو، جن غير مشروط محبتن سان ”سنڌ ڪارڊ“ کي blank چيڪ جي صورت ۾ توهان جي کيسي ۾ وڌو ۽ آئي ويل، سپريم ڪورٽ هُجي يا سپاهگير سينا توهان وقتن فوقتن ان ڪارڊ جو استعمال ڪيو ۽ پنهنجي دؤر کي طوالت بخشي. ڪو شڪ ناهي ته سڄي پاڪستان ۾ توهان جون پاڙون پر اُنهن کي طاقت بخشيندڙن جو، جا مدفن ڳڙهي خدا بخش ۾ خاڪ ٿيل… ان طاقت سان توهان خوب کيڏيو. پر طاقت جي رعونت ۾ توهان کي اُها خلق نظر نه آئي، جيڪا اُن خاڪ سان جڙيل هئي. ان خاڪ سان جُڙيل خلق جا خواب ڪيئن ڌوڙ ڪيا ويا. جي ڪڏهن وجهه مليو ته پنهنجن نمائندن سان سنڌ کي ڏسجو، توهان تي، طرز حڪمراني تي ۽ سنڌ سان ويساهه گهاتي تي ٿيندڙ تنقيد کي توهان يقينن مخالفن جي پروپئگنڊا چئي رد ڪرڻ جو اختيار پاڻ رکو ٿا، پر ياد رکجو ته توهان جوڙ توڙ واري سياست واري ايوان کان ٻاهر جڏهن هن خلق سان مکاميل ڪرڻ ايندؤ، هنن جو حال ونڊڻ ايندؤ، تڏهن ئي شايد توهان کي اندازو ٿيندو ته هاڻي هو ڳڙهي جي محبتن کي اقتدار ڏانهن ويندڙ شاهي رستي سان تشبيهه ڏيندي ڪيئن وک وک تي توهان جي وٺ ڪرڻ لئه تيار آهن. ها پر شايد اهو به ڪو ٻيو دؤر هو، جڏهن اقتدار جي سج لٿي کانپوءِ پنهنجي آباڻي وٿاڻن ڏانهن واپسيءَ جو سفر ڇڪبو هو، هاڻ ته شايد ائين ممڪن نه رهي. اقتدار کان ٻاهر جا رستا هاڻي اباڻي قبرستانن ڏانهن واپس شايد نه ٿين. ديس ڌڻين سان هاڻ جيئري ملاقاتون شايد وري نه ٿين.
    هن وقت پاور جا رستا واپسي وارا پيرا ڊاهي دبئي ۽ لنڊن ۾ پنهنجي مستقبل جا ماڳ سيٽ ڪرڻ جا سانباها عام جام پيا ڏسجن.
    ڀلا، هن ديس ۾ اهو ڪنهن کان لڪل آهي ته اڄوڪي ”کاتي پيتي“ وارن کاتن ۾ مقرر منسٽرن جا لنڊن/ دبئي جا ديرا اڳ ئي آباد هئا ۽ اڃان به شفٽنگ هلندڙ آهي. مُنهنجي سنڌ جي پيپلزپارٽي جي وزيرن لاءِ ”اگلي باري“ نه پر ”آخري باري“ وارو لقاءُ آهي. محترمه بينظير ڀٽو جن کان آخري جلسن ۾ قرآن تي قسم وٺندي رهي هئي ته عوام جي خدمت ڪجو، خدا جو قسم ته اُنهن سڀني ”ميڙن“ ۾ هڪ ٻئي سان خوب ريس پُڄائي. خوب ميڙيو ويو. ڪٿان ڪٿان نه ميڙين. ترقياتي رٿائن مان ميڙين، پوليس ٿاڻن مان ميڙين، ڊيڄاري ڌمڪائي ميڙين، سرڪاري پرائمري اسڪولن مان ميڙين، پرائمري ماسترن جي ويزا موڪلن مان سندن اڌ پگهارون سيڪريٽريٽ تائين پُهچائي ميڙين، روڊ رستن مان ميڙين، خالي گٽر جي ٺيڪن مان ميڙين، نوڪرين جي پوسٽنگ ۽ پٽيوالين جي نوڪري وڪڻندي ميڙين، نوڪرين جي پوسٽنگ ۽ بدلين مان ميڙين، گوسڙو ماسترياڻين/ماسترن کان رشوت ۾ ميڙين، بدلين مان ميڙين، داداگيري، غنڊه گردي سان ميڙين، ڊي او ايس ڊئين مان ميڙين، واهن جي کاٽي کيڙي مان ميڙين، ٽٽل بندن جي مرمت ٺيڪن مان ميڙين، پي آءِ اي، اسٽيل مل ته کڻي مڃون ته تعصبي ميڊيا جو مچايل ممڻ هو، پر هنن ته سنڌ يونيورسٽي، بينظير ڀٽو، لياري يونيورسٽيءَ مان واڪ لڳائي ميڙيو، ٻن سالن ۾ ٻوڏ متاثرين جون امدادون پنهنجي گودامن ۾لڪائي ميڙين، وري به عرض ته قرآنن تي قسم کاڌل اِها چونڊ محترمه بينظير ڀٽو جي هُئي پر سڀني هُن سان ۽ عوام سان خوب نڀايو. پنهنجي آڪهه سميت ڪاهي پيا، ٻنهي هٿن پيرن سان زالين مڙسين، ٻارين ٻچين ”ميڙڻ ۽ کائڻ“ ۾ جُنبيل رهيا. زالون، پُٽ، پوٽا ۽ مُڙس، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جهاتي پائي ڏسو ته ڪيئن منسٽرن جون آڪهه جون آڪهون ويٺيون ڪيلڪيولٽر کنيو ’لين دين‘ جا کاتا سنڀالين. ڪميشن ڪيتري؟ پوسٽنگ جا پئسا ڪيترا؟ بدلين جو اگهه ڪهڙو؟؟ من پسند پوسٽنگ جي واڪ ڪيتري هوندي؟ ڏسو ته هاڻ جيالا به نه پر سندن گهر ڀاتي سڄو ڪاروهنوار سنڀالين ٿا، هتان جو ڪو ٽڪو پئسو هيڏانهن هوڏانهن ٿئي. ڏسو جانچجي ته ڪير آهي جو ٽوپي نراڙ تي رکيو ڪنهن نه ڪنهن ڊپارٽمينٽ سان ڪميشن ۽ ٺيڪا طئي ڪري ٿو؟ هر وزارت جو ڪهڙو ڀاتي جيڪو هن دور ۾ دڳ نه چڙهيو آهي؟ ٿاڻن جي وڪري تي ڏسو ته ڪهڙي جنات ويٺل آهي. باقي ”ادي“ ۽ ”اديءَ“ جا ڪم ته لياري ۾ لال ڪري چون ته به ٿيا ست خير. بينظير ڀٽو کي هيومن شيلڊ فراهم ڪري پنهنجي ڇاتين کي گولين آڏو ڏيندڙ لياري تي اٺ ڏينهن پوليس چاڙهي سندن ٻچا بڪتر بند گاڏين هيٺ هڏا ٽڙڪائڻ جو شغل ته ”ادي“ خوب ڪيو. ڪير آهي ڪابينا ۾ جيڪو سينو ٺوڪي چوي ته هُن پاور پيرڊ ۾ پنهنجا ”ٽيڪڻ“ جو ڌنڌو نه ڪيو؟ ڪير آهي جو چوي ته سندس منسٽري ۾ پٽيوالي جي نوڪري به ڪا نه وڪامي؟
    Power ته پتو ناهي پر ٽي (P’s) پيز رکندڙ پيپلزپارٽي جي دؤر حڪومت ۾ ڪرپشن ضرور decentralize ٿي.

    هلندڙ
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ ڏسندي رهي. اسان جا قلم وسندا رهيا ته جمهوريت مضبوط ٿئي. مرڪز سان پُڄي پئجي. سنڌ ته هونئن ئي سندن power centre، سنڌ کان نيٺ به هيءُ ڪيڏانهن ويندا. اسان مٿي پاسي سطح تي سندن حامي و ناصر رهياسين. جمهوريت جي بقا ضروري هئي، مفاهمت ضروري هئي. اين ايف سي، اٺين ترميم، سورنهين جا بل ضروري هئا. اها ڳالهه نيٺ به مڃڻ لاءِ تيار نه هئاسين ته سنڌ جي دردن جو ازالو نه ٿيندو. سنڌ ۾ يقينن اهڙي ڌُر موجود جيڪا شعوري طور تي مٿين سطح تي پاليسين جي ڏس ۾ سدائين پيپلزپارٽي جو پاسو کڻندي رهي، پوءِ اهو اين آر او تي گهر موڪلڻ جو معاملو هُجي يا سوئيز بينڪ اڪائونٽس جي نالي ۾ سندن جرح هُجي. پيپلزپارٽي جڏهن به اسٽيبلشمينٽ جي منهن سامهون ٿي، جڏهن به جمهوريت جو نالو کڻي پارليامينٽ جي سپرميسي supremacy لاءِ سپريم ڪورٽ جي مُنهن مقابل ٿي يا وري ڪجهه ٻين مامرن تي ڏند چڪ لاءِ تيار ٿي، تڏهن سنڌ مان ضرورسندس لاءِ صدا اُڀري. اُها صدا حقيقتن ان لاءِ به هُئي ته سدائين پيپلزپارٽي وٽ سازشي طريقي سان اڌ اننگ ۾ گهر موڪليئي وڃڻ جو بهانو هو، سدائين سندن وٽ جواز هو ته هو عوام لاءِ، سنڌ لاءِ کير ماکي جون نديون وهائڻ لاءِ آتا بيٺا هئا، پر ظالم اسٽيبلشمينٽ کان سنڌين جي حڪومت سٺي نه ٿي. پارليامينٽ جي مُدي جي پورائي لاءِ يقينن اڄ به ساڳيو ئي موقف پر هاڻ جڏهن پنجين سال جي بجيٽ وقت اسيمبلي ئي نه پر سينيٽ ۾ سندن اڪثريت آهي ته پوءِ سنڌ کانئن جواب طلبي جو حق رکي ٿي.
    هاڻوڪي پيپلزپارٽي هونئن به سنڌ جي بدترين تجربي ۾ واضح ڪيو آهي ته ”مخالف ڌر“ جمهوريت کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ ضروري آهي نه ته جيئن سنڌ ۾ پيپلزپارٽي بي تاج بادشاهن جيان پنهنجي وڏيرن/ميمبرن ڇيڪ ڇڏي آهي، اُن مان ته ظاهر آهي ته اِهي پنهنجن کي ئي رهڙ هڻندا، پنهنجن کي ئي روڙي لاهيندا…
    سنڌ انهن وڏيرن جي، منسٽرن جي ’کاڌي پتي‘ کي ڪو نه ليکيو، هنن جي ’ميڙڻ‘ کي به معاف فرمايو ۽ هنن جي چهري تي ڏسو ته ريکا جي ڪا به لڪير ناهي، جڏهن ته گذريل سال جي بجيٽ جو اڌ حصو پنهنجي نااهلي ۽ بدترين گورننس جي ڪري هو وڃائي چُڪا آهن. اُها هنن جي نه پر سنڌ جي بجيٽ هُئي جيڪا هوءَ وڃائي چُڪا. هو اسان کي اين ايف سي ۾ وڌيڪ پئسن جو آسرو ته ضرور ڏين ٿا پر جي هيل تائين مليل بجيٽ کي خرچ نه ڪرڻ تي منجهائن ڪير پنهنجو گريبان اڳتي ڪندو.
    پر- سنڌ؛ پنهنجي سموري سگهه سميت ان پيپلزپارٽي کي هڪ نه پر بار بار رد ڪيو آهي جڏهن پاور Bargaining ۾ هنن سنڌ جي سوديبازي جي ڪوشش ڪئي آهي. سوديبازي ۾ هُنن لاءِ سڀ کان سستو وکر سنڌ جو سودو آهي. حيدرآباد ڪراچي جو انتظامي ورهاڱو هُجي يا ڪراچي ۾ سنڌين جي حقيقي نمائندگي جو سوال هُجي، هيءُ همراهه سوديبازي جي آخري حد تائين ويا آهن. پورٽ، ڪراچي پوليس، مڪاني ادارا، تعليمي بورڊ، يونيورسٽيون هنن ڇا ڇا جي سوديبازي نه ڪئي. سڀني صوبن جي بنهه ابتڙ، قانون، آئين جي بنهه اُبتڙ هنن سنڌ جا تعليمي بورڊ گورنر جي اختيار ۾ ڏنا. هڪ پاسي اسان کي ارڙهين ترميم جي رانديڪي سان کيڏندا رهيا ته ٻئي پاسي ارڙهين ترميم موجب يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن تي گورنر جا اختيار ختم ڪرڻ کان قاصر رهيا.
    لياري تي آپريشن، ٻارن ٻچن تي بڪتر بند گاڏيون چاڙهڻ، ٽڪي هڪڙي جي پوليس آفيسر هٿان پنهنجي ئي پارٽي جي قلعي جي رُڪ ٿيل ماڻهن جي تذليل، سڌيون گوليون، اٺ ڏينهن پاڻي بجلي بند… اِها آخري حد هئي.
    سنڌ جي جوڌي بشير خان قريشي جي قتل جي پير کڻڻ ۾ گوٿنايون… ٻي پاسي مهاجر صوبي تي وات مڱ ۾ وجهي ”تِتِ مِت، تتِ مِت“ ٻوليندڙ… سڄي سنڌ هڪ پاسي غصي، احتجاج جي باهه ۾ پڄري، ٻئي طرف پنهنجا وڏيرا اسيمبلي ۾ آرامي لڳا پيا هُجن… متان سندن اقتداري ڀيچي ڀڄي نه وڃن، هو سنڌ ۾ رتوڇاڻ جو ميدان تيار ڪرائيندا رهيا ۽ نيٺ جڏهن ڪراچي ۾ 22 مئي تي ٻارهين مئي جو ورجاءُ ٿيو ته همراهه آپي مان نڪتل ته ”ريلي ڇو نڪتي؟ ٺٽي مان ماڻهو ڇو آيا؟ گاڏيون ڪنهن ساڙيون.“ زخم تي نمڪ ٻرڪڻ نه هو ته ٻيو ڇا هو. اها سنڌ جي تذليل نه هئي ته ٻيو ڇا هو- اڄ سوڌو نه عزيز آباد، نه ڪٽي پهاڙي نه اورنگي ڪورنگي… ڪٿي نه ڪو ماڻهو ٻڌو نه ڪو شڪي پڪڙيو نه پوليس کي حرڪت ڪرڻي پئي ۽ نه ئي رينجرس چُرڻ گوارا ڪيو ۽ جڏهن ساڳن ئي مبينه قاتل چهرن وجهه وٺي قاضي احمد وٽان وار ڪيو ته گهر گهر ۾ پوليس رينجرس ڪاهي پئي آهي. مظفر ڀُٽي جو چِچريل لاش هٿ آيو، مَک به نه اُڏاڻي، سندن چهري تي گهنج به نه پيو پر سڄي سنڌ ۾ هن وقت پوليس ڪريڪ ڊائون آهن، هو سنڌ نالو اُچاريندڙ هر قومپرست جا پيرا کڻندا کين شڪارين جيان کنڀيندا وتن. نه پوليس ٿاڻي تي انٽري، نه ايف آءِ آر- هو سڌو تشدد گاهن ڏانهن کنيا پيا وڃن، گم ڪيا پيا وڃن- ڪنهن مهل هاڻ ڪو چچريل لاش اچي، اسان سڀ هانو ۾ هٿ وجهي ويٺل…. ان حالت ۾ هو ٽوپي نراڙ تي رکي هليا آهن سنڌ پرچائڻ….
    رڳو سموري سنڌ ئي نه، پر اُن جو اهڃاڻ آواز جويو صاحب کانئن ملڻ کان انڪار ڪري ٿو. اياز لطيف پليجو سنڌ جي تحفظات کي سامهون رکندي محبتِ سنڌ جي ريلي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو رکي ٿو ۽ ملڻ کان انڪار ڪري ٿو. مشتاق ڦل، سنڌي ادبي سنگت جي سرواڻ جي حيثيت ۾ ان ڪاميٽي کي رد ڪري ٿو، ڄڻ ته ادبي سنگت سان لاڳاپيل سڀ اديب/ دانشور کين رد ڪن ٿا. سنڌين جو خون ڀل سستو هُجي، سنڌ جي سوديبازي ائين سستي ناهي. ’سنڌ پرچائڻ‘ لاءِ ڳالهيون چار رُڪني ڪاميٽي کان گهڻيون ڳريون آهن، هاڻ سنڌ سان نئين سر اعتماد جو رشتو ڳالهين سان نه پر عمل سان طئي ٿيندو. رڳو هاڻوڪو غم غصو نه پر پيپلزپارٽي حڪومت کي هاڻ حقيقي طور تي سنڌ جي سڀني معاملن تي ٻيهر سنڌ سان رجوع ڪرڻو پوندو. رڳي چند اديبن/ دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي نامي گرامي ماڻهن سان ملي شڪوي شڪايتن ۽ آخر ۾ ڪنهن درخواست/ ڪاڳر پني جي ڏي وٺ بجاءِ سنڌ جي هر ماڻهو سان ٻيهر رابطي ۾ اچڻو پوندو، جي سنڌ جي حمايت، سنڌ جي ساڃاهه ۽ دانش جي حمايت وٺڻي آهي ته وري به شروعات عمل سان ڪرڻي پوندي. ابتدا ۾ ئي جوئي صاحب سميت سمورين ڌرين سان مطالبن جي پورائي لاءِ ٽائيم فريم رکي ملڻو پوندو. هن وقت سنڌ جي غائب قومپرست ڪارڪنن جي بازيابي، ريلي جي قاتلن جي گرفتاري، مهاجر صوبي جي تشهير روڪڻ بابت پيشگي حڪمت عملي، بشير خان قريشي ۽ مظفر ڀُٽي جي قاتلن لاءِ جانچ جي شروعات وارا عمل اُها غير مشروط ۽ پيشگي وک هوندي جنهن سان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ پنهنجي وڃايل اعتماد جي بحالي جو عمل شروع ڪري سگهي ٿي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترمه امر سنڌو جو لکيل ليک ڄڻ ته هر سنڌي جو آواز آهي ۔۔۔۔

    سنڌ کي پرچائڻ لاء لازمي آهي ته عملي ڪم ٿئي ۔۔۔۔ ڳالهيون ۽ سکڻا نعرا گهڻا لڳي چڪا آهن۔ مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن هن دفعي قومپرست ڌريون گڏ ٿين ۽ هڪ ايجنڊا ۽ پلاننگ تحت پنهنجون سڀ انائون ۽ مفاد ڇڏي ڏين ته پوء سنڌ جي سياست جو رخ هڪ نئون، نرالو ۽ تبديل ٿيل لڳندو ۔۔۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    حقيقت ۾ ادي امر سنڌو جو لکيل هي آرٽيڪل هر سنڌي جو آواز آهي ۔ ۽ ها هاڻي اسين پنهنجي جوڌن جا لاش ميڙي ميڙي ٿڪجي پيا آهيون ۔ هاڻ اسان کي خاموش ٿي ويهڻ نه گهرجي ۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هوءَ چئوڪڙي ٿي،”سنڌ پرچائڻ“ نڪتا آهن
    اهو به ياد رکجو وري ورجايان ٿو ته ياد رکجو سنڌ ڌرتي ۾ به ِوڪائو مال جهجهي انداز ۾ موجود آهي ، وقت جا اڳواڻ ، اديب ، دانشور ، محقق ، قوم پرست ، جنهن به طرف هٿ وڌايو توهان کي توهان جي اگهه مطابق مال ملي ويندو ۽ ۽ ۽ سنڌ پرچجي ويندي ۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بهترين ۽ اکيون کوليندڙ مضمون ، اميدن تي دنيا قائم آهي نه ته موجوده حڪومت واقعي ڪا ڪسر ناهي ڇڏي الامان والحفيظ
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌ جو حقيقي آواز امر سنڌي جي زباني۔۔۔
    جيئي سنڌ۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    لا جواب ونڊ شائين!
    جاري رهي
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    ادا نثار ابڙو صاحب توهان جي ونڊ ڪيل مضمون واري چونڊ تمام بهترين چونڊ آهي، ادا امر سنڌو جو هميشه وانگر هي مضمون به اکيون کوليندڙ مضمون آهي، امر سنڌو صاحبه هڪ بيباڪ ۽ بهادر ليکه آهي، ۔انهيء بهادري ۽ جرئت جي ڪري ئي هنکي پنهنجي يونيورسٽي واري نوڪري تان به هٿ کڻنو پيو، سنڌي ٻوليءَ جي هن ليکڪا ۽ شاعره جو اصل نالو سلميٰ آهي . سندس والد جو نالو حسين بخش لغاري آهي ۽ سندس جنم ، ڳوٺ دودي خان لغاري تعلقي ميرپورخاص ۾28 آگسٽ 1968ع تي ٿيو . ڊبل ايم . اي ۽ ايل . ايل . بي آهي . هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي ڊپارٽمينٽ آف فلاسافيءَ جي چيئرپرسنپڻ رهي چڪي آهي، . سندس مستقل رهائش سيٽلائيٽ ٽائون ، ميرپورخاص ۾ آهي ( مير پور خاص شهر سنڌ جي ڏکڻ ـ اولهه ۾ واقع آهي. هن شهر جو بنيادمير ٺارو ٽالپور۽ سندس فرزند،مير علي مراد ٽالپورسن1806ع ۾ رکيو ۽ سندن رياست جو تختگاهه بڻايو. هي شهر انبن جي ڪري مشهور آهي. اڄڪلهه هي شهرسنڌ۽هندجي وچ ۾ هلندڙ ريل گاڏي جي مکيه اسٽيشن جي ڪري پڻ مشهور آهي.‎‎‎ميرپورخاص (ميرن جي سرزمين) سنڌ جو پنجون وڏو شهر آهي، جنهن جي ماڻهسيه اٽڪل 488,590 آهي. هي شهر خاص طور انبن جي ڪري مشهور آهي، هتي هر سال انبن جو ميلو لگندو آهي جنهن کي Mango Festival سڏيو ويندو آهي. جنهن ۾ هزارين قسمن جا انب هوندا آهن سن 1806ع ۾ منڪاني ٽالپر پنهنجي شهر مان لڏي ميرپورخاص ۾ آيو ۽ هڪ تنظيم هلايائين جيڪا مير علي مراد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ هلي. آخر ۾ سنڌ بمبئي جو حصو ٿي وئي ۽ ميرپور خاص سنڌ جو حصو ٿي ويو. عمر ڪوٽ هيڊڪواٽر ٿي ويو. سن 1900ع ۾ جمڙائو ڪينال ٺهيو ۽ 1906ع ۾ ميرپور خاص کي هيڊڪواٽر ڪري چڏيو. جڏهن ويهين صدي شروع ٿي تڏهن ميرپورخاص جي ماڻهسيه 2،787 هئي. ميرپورخاص جي ڪاٽن فيڪٽري ملڪ جي سٺي فيڪٽري مڃي وڃي ٿي. ) .امر سنڌو باشعور ۽ باصلاحيت ليکڪا آهي . هن جي شاعري ، مضمون ۽ ڪالم مختلف رسالن ، اخبارن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ ڇپجندا رهندا آهن . اڪثر ادبي ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهندي رهندي آهي ۽ سخت نقاد ۽ باشعور ليکڪا طور مڃتا حاصل ڪري چڪي آهي . سنڌي ،اردو ۽ انگريزي ادب تي سٺي دسترس رکي ٿي ۽ سماجي ۽ ادبي حوالي سان نهايت سرگرم ڪارڪن آهي . عورتن جي سجاڳيءَ ۽ سندن حقن لاءِ هر وقت پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي . سندس ڪجهه شاعري شيخ اياز جي نوٽ سان ” ڏيئا ڏيئا لاٽ “ ۾ ڇپيل آهي ۽ هڪ شعري مجموعو مارڪيٽ ۾ پڻ اچي چڪو آهي، امر سنڌ صاحبه تي اسان جي دوست محترم طاهر سنڌي صاحب پڻ سنڌ سلامت تي هڪ ليک ونڊ ڪيو هو جنهن جي لنڪ پڻ هت لڳائجي ٿي
    محترمه امر سنڌو۔۔۔۔۔ محترمه امر سنڌو صاحبه جا مضمون پڙهڻ لاء هتڪلڪ ڪندا

    ۔(امر سنڌو جا 2010 جا لکيل مضمون ۽ ڪالم ) ۔ ۔(امر سنڌو جا 2009 جا لکيل مضمون ۽ ڪالم ) ۔ ۔(امر سنڌو جا 2008 جا لکيل مضمون ۽ ڪالم ) ۔ ۔(امر سنڌو جا 2007 جا لکيل مضمون ۽ ڪالم ) ۔ ۔(امر سنڌو جا 2006 جا لکيل مضمون ۽ ڪالم )۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔بشڪريه روزانه عوامي آواز، روزانه ڪاوش، سنڌيڪا، وڪيپيڊيه، وغيره
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو