ڄاتل سڃاتل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2012۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    نئي فورم تي آئي هڪ ڏينهن مس ٿيو آهي نيٽ نه هجڻ ڪري ڪجهه پري هياسين ٿوري مشاهدي کان پوء ڳالهه ته ڪافي ساري سمجهه ۾ اچي وئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڳم فوٽو جي هيٺان senior member هوندو هيو هاڻ وري ڄاتل سڃاتل لکيل آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عجيب غريب لفظ پيو لڳي ۔ ان کي ٿورو اسٽينڊر ۾ آندو وڃي اهولفظ اتي مزرو نٿو ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اها ته خبر آهي هن فورم جي انتظاميه پاڪستاني گورنمنٽ وانگر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪيڏو چئو پر ڳالهه پنهنجي ڪندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر پوء به راء ڏئي ڇڏجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اظاهر جي آزاديء جو حق ته آهي ۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هيء ته اهو مثال ٿيو ته تصوير درست ڪرڻ لاءِ مشورا ته کوڙ آيا پر درست پاڻ ڪيو جي جڏهن ڳالهه نڪتي ته هر ڪو ڪن ڪڍائي ويو۔۔۔
    بهتر رهي ها ته صرف غلطي ڪڍڻ بجاءِ اصلاح به ڪيو هان۔۔۔ خير جيڪڏهن توهان اهو ٿا چوڻ چاهيو ته سنڌي لفظ بجاءِ انگريزي لفظ لکجن ته باقي سنگت کان مشورو ڪجي۔۔
    توهان لاءِ خاص ۽ سمورن رڪنن لاءِ عام سمجهاڻي آهي ته نئين سنڌ سلامت تي رڪنن جي اپگريڊيشن ڪجهه هن طرح ٿئي ٿي۔۔۔
    نئون رڪن : رجسٽريشن حاصل ڪرڻ تي ۔۔۔
    رجسٽرڊ رڪن : پنج يا مٿي تحريرون موڪلڻ تي۔۔۔
    فعال رڪن : 25 يا مٿي تحريرون موڪلڻ تي۔۔
    ڄاتل سڃاتل : 45 يا مٿي تحريرون موڪلڻ تي۔۔

    توهان سميت سمورن رڪنن جي مشورن جو انتظار رهندو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    واقعي هي لفظ ڪجهه ٺهڪي ڪونه ٿو پر وري به پنهنجي جڳهه تي ان جي جاءِ تي ٻيو ڪو لفظ ڳولڻ سولو ڪم ناهي،
    منهنجي خيال ۾ سائين نثار ابڙو ان سلسلي ۾ ڪي لفظ پيش ڪري۔۔۔
    منهنجي خيال ۾ ساٿي، پانڌيئڙو جهڙي لفظن سان ملندڙ جلندڙ ڪي لفظ ڏنا وڃن۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو به شڪر آهي جو عرس ايترن ڏينهن کانپوء فورم تي ڀيرو ته ڀريو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    باقي اهو ڄاتل سڃاتل بجاء سينير رڪن يا سينير ميمبر لکجي ته بهتر ٿيندو ، هونئن به گهڻا دوست ڄاتل سڃاتل ئي آهن۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )

    ادا تواهان جي صلاح به سٺي آهي سائين نثار جو ڪهڙو مشور آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    اسلام عليڪم،اسان به ادا عرس پريو ۽ محترم سليمان وساڻ سان متفق آهيون ته لفظ ڄاتل سڃاتل مان اهو مفهوم نه ٿو نڪري جيڪو ميمبر جي ليکن جي حساب سان هئڻ گهرجي۔اسان جي راء ۾ جيڪڏهن اسان نئين ميمبر کي مهربان لکون۔ جيستائين هن جا سوء ليک پورا ٿين۔ان کانپو هزار ليک ڪمپليٽ ٿيڻ تائين هن کي سخن ور لکون ۽ هزار کانپوء هن جي شناخت ڏاهو لکون ۽ انتظاميه کي دانش ور لکون ته اسان جي مطابق ته ان ڄاتل سڃاتل کان ڪافي سٺا هوندا،وڌيڪ سائين نثار ناز،نٿار ابڙو صاحب ۽ ٻيا هن فورم جا هڏ ڏوکي جو ان باري ۾ ڇا خيال اهي جو انتظار رهندو۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين مون جي خيال ۾ سينيئر ميمبر بهتر رهندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا مان ان بابت ڪلھ به ادا سليمان کي ميسيج ڪري چيو ته ادا ڄاتل سڃاتل ته سڀئي آهن۔ ان جڳھ تي ”ساٿي“ يا ڪو ٻيو ڪجھ لکيو وڃي، ڄاتل سڃاتل اسان کي پسند ناهي۔۔۔۔۔
    باقي جيئن سنگت جي صلاح۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جيئن ته دوستن کي نثار ابڙو جي راءِ جو انتظار آهي تنهنڪري صلاح نٿي ڏجي ۽ فل حال ڪو مناسب متبادل لفظ آهي به ڪونه، پر عرس سان آئون 200 سيڪڙو مخالفت ڪند، ڇو ته جي ايئن هجي ها ته موجوده ٽيب تازه ترين کي فعال موضوع مان بدلائي تازه ترين نه لکيو وڃي ها، اهو مون 2011 ۾ سليمان وساڻ کي چيو جنهن رشيد جي صلاح مشوري سان جلدي تبديل ڪيو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين مان فقط ايترو چوندس ته اسين سڀ هتي ڪنهن به رڪنيت يا مخصوص عهدي لا گڏ ڪين ٿيا آهيون، منهنجو ته اهو ايمان آهي، ڇو ته پاڻ کي عهدو يا وڏي رڪينت حاصل ڪرڻ جي ڪا به لوڀ لالچ نه آهي، پر جئين ته ڪجهه ضابطا ۽ اخلاق هوندا آهن ان ڪري اهو سڀ به ضروري آهي، پر جيڪڏهن ڄاتل سڄاتل لفظ مان ان ميمبر جي ڪا مخصوص پوزيشن ظآهر نه ٿي ٿئي جنهن ڪري ان کي تبديل ڪري ڪنهن اڃا به سهڻي لفظ سان پيش ڪيو وڃي ته بهتي ٿيندو۔۔۔جئين سائين غلام مصطفى صاحب جن ڪجهه لفظ پيش ڪيا آهن انهن تي غور ڪيو وڃي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين رشيد سينيئر ميمبر لکو اهو صحيح آهي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پاڻ کي به اهو لفظ ڪجھ اجنبي محسوس ٿئي ٿو، لڳي ٿو اسٽيبلشمنٽ جي ڪا سازش آهي۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ها ها ها ها ها ۔۔۔۔
    کليم ان ڪري جو پهرين ڏينهن جڏهن مون اهو لفظ پڙهيو هو ته اهو خيال آيو هو ته ڪو نه ڪو دوست ضرور ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو، پر دوست رشيد جي مصروفيت ۽ ڪم ڏسي چپ رهيم، ڇاڪاڻ ته رشيد تي ڪم گهڻو هو ۽ ٻيو ته شايد! رشيد جي نيت هئي ته بجا ڪنهن انگريزي لفظ جي سنڌي لفظ استعمال ڪريان، سو سينيئر ميمبر جي جا تي هن ” ڄاتل سڃاتل“ استعمال ڪيو، جيڪو انگريزي لفظ جي نعم البدل بهتر آهي ۔۔۔ آ رشيد جي ان سوچ کي سلام ڪندس ۔۔۔
    دوستن صلاحون ڏيندي ڪيترا ئي سٺا لفظ پڻ ٻڌايا آهن ۽ دوستن مونکي عزت افزائي پڻ ڏيندي چيو آهي ته دوست ”نثارابڙو“ ڪو لفظ ٻڌائي ۔۔۔ دوستن جو شڪرگذار آهيان جن سٺا سٺا لفظ پڻ ٻڌايا آهن ۔۔۔ دوستن ” ساٿي“ پڻ صلاحيو آهي، اهو لفظ به مناسب آهي، جنهنجي معني ڪجهه هن طرح جي آهي
    ساٿي؛
    ساٿ ڏيندڙ ، سنگتي ، دوست ، همراه ، يار ، شامل ، شريڪ ، ڀيڙو ، ٻيلي ، مددگار ، ڀرجهلو ، رفيق.
    ملندڙ جلندڙ ٻيو لفظ آهي: ” سنگتي“، جنهن جي معني ڪجهه هن طرح جي آهي۔
    سنگتي
    سنگت وارو ، دوست ، يار ، سنگت ڪندڙ. همدرد ، ساٿي ، صحبتي ، رفيق ، پيارو. گڏ هلندڙ ، همراهه. تعلق وارو ، لاڳاپي وارو.
    اڃان به هڪ لفظ آهي، ” ٻيلي“ جنهن جي معنى به ڪجهه هن طرح سان آهي۔
    ٻيلي؛
    ساٿي ، سنگتي ، رفيق. حال ڀائي ، غمخوار. همراهه ، واهُرو ، مددگار.
    آخر ۾ انهن سڀني لفظن جو تت آهي ” ساٿي“ منهنجي خيال ۾ مناسب لفظ آهي ۽ مٿي ڏنل لفظن جي حساب سونهين ٿو، ڇاڪاڻ جڏهن ڄاڻ ساڃاڻ وارو شخص پچي راس ٿيندو آهي ته دوست، ٻيلي، سنگتي يا ساٿي ٿي پوندو آهي ۔۔۔۔۔
    وڌيڪ جيڪا سنگت جي صلاح ۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عرس کي ڇا چئجي جو اسان جو سنگتي ۽ يار آهي، جيتوڻيڪ مونکي پهرين ڏينهن به سخت ڪاوڙ هئي جڏهن هن سنڌ سلامت جي انتظاميه کي پاڪستاني گورنمينٽ سان ڀيٽا ڏني هئي۔۔۔۔ پر دوستي نڀائيندي خاموش رهيس۔ پر اڄوڪي ورجاء تي ڏک پهتو۔

    دوستو پاڪستاني گورنمينٽ ڪرپٽ ، نااهل ۽ بدنام رهي آهي ۔۔۔ ڇا سنڌ سلامت ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪڏهن آهن ته خدارا اسان کي ضرور ٻڌائجو جيئن اسان۽ سنڌسلامت جي انتظاميه پنهنجو احتساب ڪري سگهون۔ مصروفيتون آهن، گهر کي ڏسڻو پوي ٿو، نوڪري کي ڏسڻو پوي ٿو ۽ پوء به وقت ڪڍي ويهون ٿا رهي سهي ڪسر بجلي پوري ڪري ٿي ڇڏي۔

    اوهان شايد ادي حفيظ لغاري جي ڳالهه سمجهڻ بنا ئي تبصرو ڪري ڇڏيو ۔۔۔۔۔ هن 2011 ۾ ڳالهه ڪئي هئي ۽ ان ئي هفتي اها تبديلي آندي وئي هئي۔ شايد اوهان کان سڀ وسري ويندو آهي جيئن اسان جو سنڌي عوام هفتي کانپوء سڀ ڪجهه وساري ويهندو آهي۔

    پوء به دوست ذيشان رشيد کي سلام آهي جنهن فورم کي نئين سافٽويئر تي آڻيندي تڪڙ ڪئي جو دوستن کان سنڌ سلامت جو بند هجڻ برداشت نه پئي ٿيو۔ ٻيو ته هن ڪوشش ڪئي ته انگريزي بجاء نج سنڌي استعمال ڪجي پر ظاهر آهي، سڀني انگريزي لفطن جي لغوي معنى ۽ اصطلاحي معنى ۾ فرق ٿيندو آهي۔ تنهنڪري هن لغوي معنى استعمال ڪئي۔ ها بلڪل غلطيون ٿينديون آهن پر انهن کي سلجهائڻ جو انداز دوستاڻو هجي ته بهتر آهي۔ اوهان دوستن جي سهاري ئي سنڌ سلامت آهي، اوهان ۽ اسان ئي سنڌ سلامت آهيون۔ اسان کي هتي ميمبرن جي درجه بندي ڪندي تڪليف ٿيندي آهي پر فورمن کي هلائڻ جا ڪجهه اصول به مڃڻا پوندا آهن ۽ پراڻن دوستن کي ڪا مڃتا به ڏيڻي پوندي آهي۔

    مان سمجهان ٿو سائين نثار جون سمجهاڻيون به ڀليون آهن پر پوء به دوستن جي اڪثريت مون سميت ان راء جي حٍمايت ۾ آهي ته سينيئر ميمبر يا سينيئر رڪن صحيح رهندو۔ باقي پوء به اسان ادي ذيشان سمون، سائين نثار ابڙي ۽ سائين نثار ناز جي راء جو احترام ڪنداسون جيڪو فيصلو ڪن۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين نثار جي تحرير پڙهي مان به کليم۔۔۔۔۔۔
    دوستو توهان ڳالهه سمجهي ئي ناهي ان ڪري ته ساٿي، سنگتي يا ٻيلي پيا صلاحيو۔۔ دراصل انهن لفظن مان هڪ لفظ ”ساٿي“ کي اڳ ئي پروفائيل تان ساٿ نڀائيندڙ طور چونڊيو هيم۔۔ اهي لفظ بلڪل اتي ئي سونهن ٿا هوئن به توهان جي ساٿ ۾ شامل رڪنن کي ئي ساٿي سڏبو۔۔۔ جنهن کي زين فورو پنهنجي زبان ۾ Follower ٿو سڏي۔۔۔ ان حساب سان سائين نثار جا آڇيل لفظ اڳ ئي چونڊيل هجڻ ڪري قبول نه ٿا ڪري سگهجن۔۔۔

    زين فورو مٿي منهنجي تحرير مطابق رڪنن کي سندن ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪجهه هن طرح ٿو سڏي ۔۔۔
    New Member : On Registration
    Member: 5 and above posts
    Active Member: 25 and above posts
    Well-Known Member: 45 and above posts
    جنهن کي مون ترجمو ڪندي ڪجهه هن طرح لکيو۔۔۔
    نئون رڪن : رجسٽريشن حاصل ڪرڻ تي ۔۔۔
    رجسٽرڊ رڪن : پنج يا مٿي تحريرون موڪلڻ تي۔۔۔
    فعال رڪن : 25 يا مٿي تحريرون موڪلڻ تي۔۔
    ڄاتل سڃاتل : 45 يا مٿي تحريرون موڪلڻ تي۔۔


    اميد ته توهان جا ايندڙ مشورا منهنجي هن تحرير کي نظر ۾ رکندي ايندا۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀاءُ رشيد! سچ پڇو ته مونکي اوهانجي ڏنل ڪيٽگري سان ڪو به اختلاف ناهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ اهو اوهانجو ڪمال آهي ته هن نئين سافٽويئر تي سنڌسلامت کي سهڻي سنڌيءَ ۾ تبديل ڪري هن اڱڻ جي آسمان تي چنڊ سجايا آهن ۔۔۔۔ اسان سڀني جون نيتون ۽ پيار ته شامل رهيو پر هن سنڌ سلامت کي اسان لاءِ سجائڻ جو ڪم اوهانجي مبارڪ هٿن سان ٿيو آهي ۔۔۔ آءُ ته اوهانجا هٿ چمڻ کي برثواب سمجهندس۔۔۔۔ سو ته ملڻ تي۔
    باقي رهي عرس يا ٻين دوستن جي اندر جو اظهار سو به اکين تي ۔۔۔ صلاحون ٿيون، ڪچهري ٿي، اوهانجي ڪيل ڏاهپ ڀريي ڪم جي به خبر پئي۔
    اوهان لفظ ” ساٿي “ استعمال ڪري ڇڏيو آهي ته اهو به اسان لاءِ ئي استعمال ٿيندو ۔۔۔ ۽
    لفظ ”ويلنون“ جي معني جيڪا اوهان سنڌيءَ ۾ ڏني آهي سا به بلڪل 200 فيصد صحيح آهي ۔۔۔۔ لفظ ” ڄاتل سڃاتل“ ڪو خراب لفظ به ناهي، تمام اعلا لفظ آهي ۔۔۔ ٻن لفظن جي ميلاپ سان ٺهيل هي لفظ پنهنجي اندر تمام ڳوڙهي معني رکي ٿو۔۔۔
    ڄاتل؛ جنهنجي خبر هجي يا ٻين ذريعن يا حوالن سان انجي مشهوري هجي،
    سڃاتل؛ جنهنکي اوهان پاڻ پنهنجي تعلقات جي ذريعي پرکيو هجي۔
    هاڻ لفظ جي اهميت تي غور ڪيو ۔۔۔جنهن ماڻهون لاءِ ٻاهران ذريعا به تعريف ڪندا هجن ۽ اوهان جو ساٿي به هجي۔ جنهنکي اوهان ويجهڙائي کان سڃاڻيندا هجو
    ” ڄاتل سڃاتل“
    هاڻ جيڪڏهن اڃان به دوستن کي ٻڌڻ ۾ هي لفظ نٿو وڻي ته اسين دوستن خاطر لفظ بدلائي به سگهون ٿا ۔۔۔ سنڌ سلامت تي لکيل هر لفظ دوستن کان وڌيڪ مقدس ناهي ۔۔۔ دوست آهن ته سنڌ سلامت آهي ۽ سنڌ سلامت آهي ته دوستن جي دوستي آهي، انڪري سنڌ سلامت ۽ سنڌ دوستي اکر مڙئي هڪڙو۔ دوستن جا رايا ملن ته جنهن لفظ يا ڳالهه تي وڌيڪ دوستن جو اتفاق هجي ته ” جهڙي دوستي تهڙو رنگ”
    محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سڀني دوستن پنهنجا سهڻا رايا پيش ڪيا آهن هن عاجز جي به ناقص راء آهي اگر پسند اچي ته واه نه ته جيڪا گهڻن جي صلاح
    ٻوليء جي خوبين ۾ اها به خوبي شمار ڪئي ويندي آهي ته ٻولي ٻين ٻولين جي لفظن کي پنهنجي لفظن ۾ ضم ڪري پنهنجو بنائي ڇڏيندي آهي انڪري سينيئر ميمبر ڄاتل سڃاتل لفظ کان وڌيڪ مناسب ٿو محسوس ٿئي۔ ٻيو ته well known جو ترجمو مشهور ومعروف به ٿي سگهي ٿو ليڪن اهو به فورم جي لحاظ ٺهڪندڙ نه ٿو لڳي۔ان ڪري جيستائين ڪو اهڙو مناسب لفظ ملي تيستائين سينيئر ميمبر يا رڪن کي استعمال ڪيو وڃي جو اڪثر دوستن جي به اها راء آهي۔اردو فورمن تي به اهڙا ئي لفظ استعمال ٿين ٿا۔ وڌيڪ وري به جيڪا دوستن جي راء مناسب لڳي ان تي عمل ڪيو وڃي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ سلامت جا ساٿيو مان به سائين غلام مصطفه ميمڻ صاحب جي ڳالهين سان اتفاق ٿو ڪريان، ۽ منهنجي خيال ۾ سائين جي الفاظن تي غور ڪجي ته بهتر ٿيندو، ميمبر به سٺو الفاظ آهي بنسبت ڄاتل سڃاتل جي۔ اسان جي دوست محترم نثار ابڙي صاحب به تمام سٺا الفاظ پيش ڪيا آهن انهن مان به چونڊ ڪري سگهجي ٿي، مگر ابڙي صاحب جي الفاظن تي به رشيد سمون صاحب پنهنجا خيال پيش ڪري چڪو آهي،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    ٿوري نظر هن تصوير تي۔۔۔۔۔

    [​IMG]

    نمبر 1۔ شخصيت جي پروفائيل تصوير جو انداز
    نمبر2۔ شخصيت جو نالو۔
    نمبر3۔ شخصيت جي انداز کي ڏسي ڪري ان جو رکيل ٽائيٽل۔

    منهنجي خيال ۾ ادا ذيشان رشيد پنهنجي جڳه تي درست آهي۔ D:
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو