ذوالفقار آباد رٿا ۽ قاعدن جو ” قتلام“

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ذوالفقار آباد بابت گهڻي ڄاڻ نه هجڻ سبب ڪٿي به ، دوستن جي محفل ۾ يا ڪنهن بحث ۾ شامل ٿيڻ لاء گهربل ڄاڻ نه هجڻ سبب خاموش رهڻو پوندو هو۔ اڄ اختيار کوکر ڪاوش ۾ هڪ تفصيلي مضمون لکيو آهي، جيڪو اسان سڀني لاء ڄاڻ وارو ثابت ٿيندو۔

    ذوالفقار آباد رٿا ۽ قاعدن جو ”قتلام“
    اختيار کوکر
    [​IMG]
    سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٺٽي ضلعي مان چونڊيل خاتون صوبائي وزير سسئي پليجو کان ثقافت کاتي وارو قلمدان واپس وٺي کيس بغير کاتي واري وزير بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ سان لاڳاپيل مختلف اشوز تي پيپلز پارٽي جي اندر توڙي ٻاهر فعال مؤقف رکندڙ، عام چونڊن ۾ ٺٽي جي شيرازين کي شڪست ڏئي سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيل هن خاتون ميمبر هن ڀيري اهو ”ڏوهه“ ڪيو، جو صوبائي ڪابينا جي گڏجاڻيءَ ۾ جڏهن ٺٽي ضلعي ۾ ذوالفقار آباد نالي نئون شهر اڏڻ لاءِ هڪ چيني ڪمپنيءَ سان ڀائيواريءَ واري ٺاهه جي منظوري ڏني پئي وئي ته هن سوال ڪيو ته جنهن علائقي ۾ اهو نئون شهر اڏيو پيو وڃي، ڇا حڪومت ان علائقي جي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو آهي يا انهن کان پڇيو آهي ته هو ان رٿا کي ڪيئن ٿا ڏسن؟ رٿا جي حوالي سان سندن ڪهڙا خدشا آهن؟ ٻيو اهو ته ذوالفقار آباد رٿا ڇا آهي؟ ۽ ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو خانگي چيني ڪمپنيءَ سان ڪهڙو ٺاهه ڪرڻ پيو وڃي؟ مان ٺٽي مان چونڊيل اسيمبلي ميمبر آهيان ۽ سنڌ ڪابينا جي ميمبر آهيان، مونکي به ان جي ڪا ڄاڻ ناهي ملي سگهي ته پوءِ ان رٿا جي حوالي سان مقامي ماڻهن جي ذهنن ۾ سندن اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ ۽ ٻين موجود خدشن کي ڪيئن دور ڪري سگهبو؟!!!

    ڪابينا جي گڏجاڻي ۾ صوبائي وزيرن کي معاملو سمجهائي اطمينان ڏيڻ بدران کيس وڌيڪ نه ڳالهائڻ لاءِ شٽ اپ ڪال ڏئي ويهارڻ جي ڪوشش ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته مٿان مليل حڪم موجب چيني ڪمپنيءَ سان ٺاهه ڪرڻ جو فيصلو پهرين ئي ٿيل هو. ڪابينا ۾ اهو معاملو ته صرف رسمي منظوريءَ لاءِ آندو ويو. جڏهن هڪ وزير ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت ۾ وڏي دلچسپي رکندڙ پارٽيءَ جي اعليٰ ترين قيادت جي ناراضگيءَ جي پرواهه ڪرڻ بنا گڏجاڻيءَ ۾ معاملن کي کولي بحث ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ پنهنجي ووٽرن جو حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته چونڊيل نمائندي کي به ڪابينا گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ٿي ملي سگهي. ڪابينا گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائڻ جو حق نه ملڻ تي سسئي پليجو ڪابينا جي گڏجاڻي جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ انهيءَ تاريخ جي رات جو سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري کيس مليل ثقافت کاتي جو قلمدان واپس وٺي ڇڏيو. اهڙي طرح سان هوءَ ذوالفقار آباد رٿا جي پهرين سياسي شهيد بڻجي وئي.

    هاڻي اچو ته ڏسون ته ذوالفقار آباد رٿا ڇا آهي ۽ انهيءَ رٿا تي عمل ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين ڪهڙي رٿابندي ۽ سرگرمي ٿي رهي آهي؟ هن شهر جي اڏاوت کي عملي جامو پارائڻ لاءِ 23 نومبر 2010ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان مان ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي قيام وارو ايڪٽ منظور ڪرايو ويو.

    زيڊ ڊي اي جي انتظامي حالت

    سنڌ حڪومت قاعدن موجب صوبائي حڪومت جي ڪنهن به اداري ۾ ڪنهن ٻئي صوبي يا ملڪ جو ماڻهو ڀرتي ان وقت تائين نٿو ٿي سگهي، جيستائين سنڌ حڪومت جي مجاز اختياري وڏو وزير ان جي ڀرتيءَ لاءِ قاعدن کي نرم نه ڪري پر ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو قائم ٿيڻ وقت پنجاب جي گجرانوالا ضلعي جو ڊوميسائيل رکندڙ هڪ رٽائر جنرل ايس پي شاهد کي 3 لک رپيا ماهوار پگهار تي ايم ڊي طور رکيو ويو. کيس ڏيڍ ڪروڙ رپين جون وڏيون گاڏيون خريدڻ جي به اجازت ملي. هو ڏيڍ سال تائين مراعتون کڻندو رهيو پر ڪوبه ڪم نه ڪري سگهيو. جنهن کانپوءِ پنجاب سان تعلق رکندڙ سنڌ جي رٽائرڊ چيف سيڪريٽري چوڌري فضل الرحمان کي صلاحڪار ڀرتي ڪري ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جو ايم ڊي پڻ مقرر ڪيو ويو. کيس سرڪاري نوڪري ۾ ڀرتي ٿيندڙ ٻاهرين ماڻهن لاءِ وفاقي حڪومت پاران منظور ڪيل سڀ کان وڏو مالياتي پئڪيج ايم پي ون ڏنو ويو. جنهن هيٺ کيس ماهوار اٽڪل ساڍا ٽي لک رپيا روڪ ۽ ٻيون مراعتون ملي رهيون آهن. ان اداري کي هلائڻ لاءِ خاص اپائن وارو الڳ کاتو پڻ جوڙيو ويو ۽ ٽن مهينن اندر هن کي پڻ هٽايو ويو. پر پوءِ به هو اڃا تائين سنڌ حڪومت جو خاص اپائن وارو صلاحڪار آهي ۽ ساڳيون مالي مراعتون کڻي رهيو آهي. هن وقت ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي ٻن اعليٰ ترين انتظامي عهدن، مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ۽ ڊائريڪٽر آپريشنز جي عهدن تي قاعدا نرم ڪرڻ بنا غير قانوني طور تي خيبر پختونخوا ۽ پنجاب صوبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن. زيڊ ڊي اي جي ايم ڊي جي عهدي تي خيبر پختونخوا جي اڳوڻي گورنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) سيد افتخار حسين شاهه کي اخبارن ۾ ڀرتي لاءِ اشتهار ڏيڻ بنا اپريل 2011ع ۾ 6 لک رپيا ماهوار پگهار تي ٽن سالن لاءِ ڀرتي ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ کيس گهر جي مسواڙ لاءِ هڪ لک 40 هزار رپيا الڳ ڏنا ويا پر صاحب موصوف چيو ته سندس پگهار ۽ هائوس رينٽ مان ڏيڍ لک رپيا حڪومت جو ٽئڪس ڪٽجي ٿو وڃي، ان ڪري ان ٽئڪس جو بار به حڪومت پنهنجي مٿي تي کڻي. ان بعد سندس ماهوار پگهار ساڍا ست لک رپيا ڪندي کيس هڪ لک 40 هزار رپيا ماهوار هائوس رينٽ به جاري رکڻ جو نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح شهري رٿابنديءَ واري شعبي جي ڪابه مهارت يا تجربو نه رکڻ جي باوجود ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي 20 هين گريڊ جي ايم ڊي جي عهدي تي ڀرتي ڪيل رٽائر جنرل اڍائي لک رپيا ماهوار پگهار ۽ الائونس کڻندڙ سنڌ جي گورنر، وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽريءَ کان ٽيڻ تي وڌيڪ پگهار ۽ الائونس کڻي رهيو آهي. 8 لک 90 هزار رپيا روڪ ماهوار مالي مراعت کانسواءِ کيس بجلي، گئس، ٽيليفون سميت ٻيون يوٽيلٽي سروسز استعمال ڪرڻ جي اڻ کٽ سهولت حاصل آهي. هو سرڪاري پيٽرول ۽ ڊرائيورن سميت ٻه وڏيون گاڏيون پڻ ذاتي استعمال لاءِ رکي سگهندو. کيس گهر تي چيف سيڪريٽري سنڌ جيترا نوڪر رکڻ جي پڻ اجازت آهي. سندس ۽ سندس خاندان کي ميڊيڪل جي پڻ اڻ کٽ سهولت حاصل آهي. ان کانسواءِ زيڊ ڊي اي جي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري وڏي وزير جي چيئرمين شپ ۾ قائم ٿيل اداري جي گورننگ باڊيءَ جو وائيس چيئرمين سنڌ جي چيف سيڪريٽري بدران ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي بڻائي، چيف سيڪريٽريءَ کي باڊي جو ميمبر بڻايو ويو آهي. هن سنڌ حڪومت کان پڇڻ بنا اداري جي ڊائريڪٽر آپريشن جي اهم ترين عهدي تي پنجاب جي فيصل آباد ضلعي جي ڊوميسائيل رکندڙ شوڪت علوي کي قاعدن جي برخلاف اڍائي لک رپيا ماهوار پگهار تي ڀرتي ڪري ڇڏيو آهي. ڊائريڪٽر آپريشن جي عهدي تي ٻاهرين صوبي جي ماڻهو جي غير قانوني ڀرتيءَ کي جڏهن ان ڀرتي لاءِ درخواست ڏيندڙ سنڌ واسي اُميدوار عدالت ۾ چئلينج ڪيو ته ايم ڊي ذوالفقار آباد سنڌ حڪومت کي خط لکي ڀرتي ڪيل پنجاب واسيءَ اُميدوار لاءِ ڀرتي وارا قاعدا نرم ڪرڻ جي درخواست ڪئي، پر جس هجي وڏي وزير کي، جنهن هن جي اها درخواست رد ڪري ڇڏي. پر آمريڪا ۽ پاڪستان جي ٻٽي شهريت رکندڙ پنجاب واسي شوڪت علوي 15 مئي 2012ع تي ڪراچيءَ جي ضلع اوڀر جو ڊوميسائيل ٺهرائي ورتو آهي. هتي اها ڳالهه ڪرڻ به مناسب ٿو سمجهان ته موجوده حڪومت سنڌ ۾ ٽي نوان وڏا ادارا ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو، سنڌ روينيو بورڊ ۽ سنڌ بئنڪ قائم ڪيا آهن ۽ ڪمال اهو ڪيو آهي، جو ٽنهي ادارن جا سربراهه ٻين صوبن جا ڊوميسائل رکندڙ ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيا آهن. زيڊ ڊي اي جو ايم ڊي خيبر پختونخوا سان تعلق رکندڙ سيد افتخار حسين شاهه، سنڌ روينيو بورڊ جو چيئرمين لاهور جو ڊوميسائيل رکندڙ ۽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي الزام هيٺ آيل اڳوڻو ايس پي پوليس شڪيب احمد قريشي ۽ سنڌ بئنڪ جو سربراهه پنجاب واسي بلال شيخ کي بڻايو ويو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ جا ماڻهو ايتري اهليت رکندڙ نه آهن، جو اهي ادارا هلائي سگهن؟



     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حصو ٻيو:

    زيڊ ڊي اي جون ترقياتي رٿائون


    ذوالفقار آباد ترقياتي اداري ٺٽي ضلعي ۾ نئين شهر جي اڏاوت جو ماسٽر پلان جوڙڻ کان پهرين بنيادي ڍانچي جي اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آهي. اداري سنڌو درياهه تي ڌانڌاريءَ واري هنڌ چئن لاٽن واري روڊ واري 6 ڪلوميٽر ڊگهي پل جي اڏاوت لاءِ پوڻا چار ارب رپين جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سوا چار ارب رپين جي ايڪسپريس وي جي اڏاوت لاءِ پڻ ٺيڪو ڏيڻ وارو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي. ساڳئي وقت اهو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي ته زيڊ ڊي اي هڪ چيني ڪمپني سان ڀائيواري وارو ٺاهه ڪري رهي آهي، جنهن ڪمپنيءَ جا ماهر علائقي جو سروي ڪري نئين شهر جو ماسٽر پلان جوڙيندا ۽ ترقياتي رٿابندي ڪندا. ان کانسواءِ اها ڪمپني علائقي ۾ ٻاهرين سيڙپ آڻڻ لاءِ پڻ ڪوشش ڪندي. انهيءَ ڪمپنيءَ سان ٺاهه جي منظوري صوبائي ڪابينا جي ان اجلاس ۾ ڏني وئي، جنهن اجلاس ۾ صوبائي وزير سسئي پليجو کي ڳالهائڻ جي سزا ڏني وئي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن رٿا جو اڃا ماسٽر پلان ئي ناهي جڙيو ته 8 ارب رپين جا اڏاوتي ٺيڪا ڪيئن ڏنا پيا وڃن؟ ٻيو اهو ته دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ان شهر جي بنيادي ڍانچي کي اڏڻ لاءِ چيني ڪمپني سيڙپڪاري ڪندي. جيڪڏهن چيني ڪمپني کي سيڙپ ڪرڻي آهي ته پوءِ سنڌ جي خزاني مان رٿا جو بنيادي ڍانچو ڇو پيو جوڙيو وڃي ۽ جيڪڏهن بنيادي ڍانچي جي اڏاوت صوبائي خزاني مان ٿيڻي آهي ته پوءِ چيني ڪمپنيءَ کي گڏيل ڀائيواري وارا حق ۽ اختيار ڪيئن پيا ڏنا وڃن؟

    سنڌ ڪابينا چيني ڪمپنيءَ سان جنهن يادداشت واري ٺاهه (ايم او يو) تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ان جي مسودي ۾ صاف چيل آهي ته ٺاهه ٿيڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت ۽ ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو پابند هوندا ته ان رٿا بابت ڪنهن به ٽئين ڌر سان ڪابه ڏيتي ليتي ۽ ڪو ٺاهه چيني ڪمپنيءَ جي اجازت کانسواءِ نه ڪندا. ٺاهه جي مسودي ۾ اهڙي ڪابه شق شامل ڪانهي ته علائقي جي مقامي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو، يا صدين کان آباد ماڻهن کي پنهنجي اباڻن ڪکن تان نه لڏايو ويندو، يا سندن روزگار جا وسيلا ڪنهن به طرح نئين شهر جي اڏاوت سان متاثر نه ٿيندا، يا نئين شهر جي اڏاوت ۽ آبادڪاريءَ ۾ مقامي ماڻهن کي خاص ترجيح ڏني ويندي، ان کانسواءِ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ جهڙو ڪم اهو پيو ٿئي جو ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي ترقياتي رٿائن جي تياري ۽ منظوريءَ جي معاملن ۾ حڪومت جي لاڳو قاعدن ۽ پاليسين کان مٿانهون قرار ڏنو ويو آهي.

    وفاقي پلاننگ ڪميشن پاران لاڳو ڪيل قاعدن موجب، سرڪاري فنڊنگ سان هلندڙ رٿائن جي تياري ۽ منظوريءَ جو هڪ پورو طريقو ڏنو ويو آهي، جنهن موجب صوبائي حڪومت جون 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ لاڳت واريون سموريون رٿائون رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ مان منظور ٿيڻ کانپوءِ رٿائن جي منظوريءَ واري اعليٰ صوبائي فورم صوبائي ترقياتي ورڪنگ پارٽيءَ مان منظور ٿينديون. جنهن کانپوءِ رٿابندي کاتو رٿا لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي ايڊوائيز جاري ڪندو، جنهن جي بنياد تي لاڳاپيل صوبائي کاتو ناڻي کاتي کي فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽو اپروول (ڊبل اي) اماڻيندو ۽ ناڻو کاتو فنڊ جاري ڪندو. پر سنڌ حڪومت جي خزاني مان ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي تعمير ٿيندڙ رٿائن لاءِ رٿائن جي منظوريءَ وارن انهن قاعدن ۽ پاليسين کي لتاڙيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت وڏي وزير جي منظوريءَ سان ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي ايم ڊي جي سربراهيءَ م هڪ ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جوڙي اربين رپين جي رٿائن جي تياري ۽ منظوريءَ جا ان کي اختيار ڏئي ڇڏيا آهن. سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ کي ان جو ميمبر بڻايو ويو آهي. اهم ڳالهه اها به آهي ته سنڌ اسيمبليءَ مان زيڊ ڊي اي جي منظور ٿيل ايڪٽ ۾ اهڙي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو ڪوبه ذڪر ڪونهي. ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي رٿائن جي منظوريءَ لاءِ لاڳو قاعدن کان غير قانوني طور تي آجو ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو زيڊ ڊي اي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي اهڙيون رٿائون منظور ڪري انهن جي اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آهي، جن کي ماهر فني حوالي سان ناقص ۽ تمام گهڻيون مهانگيون قرار ڏئي رهيا آهن. جنهن جو وڏو مثال زيڊ ڊي اي پاران سنڌو درياهه تي ڌانڌاريءَ واري هنڌ 6 ڪلوميٽر ڊگهي پل جي اڏاوت واري شروع ڪيل پهرين رٿا جو آهي. ان رٿا جي ڊزائن تيار ڪندڙ ماهر انجنيئر جو چوڻ آهي ته کانئس رٿا جي ڊزائن هڪ چيني ڪمپنيءَ تيار ڪرائي. ماهرن تجويز ڪيل ڊزائن تي اعتراض ڪيو ته سنڌو درياهه جي ان هنڌ تي پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽ هوندو آهي. ان ڪري 6 ڪلوميٽرن بدران هڪ ڪلوميٽر پل اڏي مالي وسيلا بچائي سگهجن ٿا. پر ماهرن کي حڪم ٿيو ته 6 ڪلوميٽر ڊگهي پل جي ڊزائن تيار ڪرڻي آهي.

    زمين جو مسئلو

    روينيو کاتي جي انتظاميا کي حڪم ٿيو ته ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت لاءِ ٺٽي ضلعي ۾ اٽڪل 10 لک ايڪڙ خالي زمين جو بندوبست ڪيو وڃي. روينيو کاتي رپورٽ ڏني ته ٺٽي جي چئن تعلقن جاتي، شاهه بندر، کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر ۾ 3 لک 28 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين خالي پئي آهي ۽ ڪيٽي بندر کانسواءِ ٻين ٽن تعلقن ۾ چار لک 40 هزار ايڪڙ ماڻهن جي خانگي قبولي کاتن واري زمين پڻ آهي، جيڪا رٿا جي اڏاوت لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. روينيو کاتي چئني تعلقن جي خالي 3 لک 28 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين نئين شهر جي اڏاوت لاءِ ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي منتقل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 لک 81 هزار ايڪڙ زمين جاتي تعلقي جي ديهن ڳنڊو، سري ۽ وڇالڪو ۾ آهي. جڏهن ته شاهبندر تعلقي ۾ 8 هزار 782 ايڪڙ، کارو ڇاڻ ۾ 36 هزار 798 ايڪڙ زمين ۽ ڪيٽي بندر ۾ هڪ هزار 88 ايڪڙ زمين ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي ملي آهي. انهيءَ زمين مان جاتي تعلقي واري 2 لک 81 هزار ايڪڙ زمين 1998ع واري آدمشماري جي رپورٽ موجب سالڊ سالٽ (پٿريلو لوڻ) آهي، جيڪا زمين انساني آبادڪاريءَ جي لائق ناهي. ان ڪري ان علائقي ۾ ڪابه انساني آبادي ناهي. ٻيو اهو ته اهو پنجاب ۽ سنڌ جي سم ۽ ڪلر جو کارو پاڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ واري ايل بي او ڊي رٿا جي ڇوڙ جو هنڌ آهي. ان ڪري وڏو علائقو ڌٻڻ ۽ ڊيلٽا واري حالت ۾ آهي. اهڙي ڄاڻ گذريل هفتي بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جي صدارت هيٺ ذوالفقار رٿا جي حوالي سان ٿيل گڏجاڻيءَ کي پڻ ڏني وئي ته رٿا لاءِ مليل 3 لک 28 هزار ايڪڙ زمين مان 2 لک 81 هزار ايڪڙ زمين شهر جي اڏاوت لاءِ استعمال ڪرڻ ڏکيو آهي، ٻيو اهو ته جاتي واري اها زمين پاڙيسري ملڪ ڀارت سان ملندڙ سرحد جي اهڙي هنڌ تي آهي جو ان هنڌ کي ٻن پاسن کان ڀارت جي سرحد لڳي ٿي، ان ڪري پڻ اهو سوال پيدا ٿي پيو آهي ته حڪومت لاءِ اهڙي حساس ترين هنڌ تي هڪ نئون ۽ وڏو شهر ڪيئن اڏجي سگهندو يا ان هنڌ تي ڪو شهر اڏڻ لاءِ اربين رپين جي سيڙپ ڪرڻ مناسب ٿيندو يا نه.

    ذوالفقار آباد اٿارٽي کي مليل زمين مان 36 هزار 798 ايڪڙن وارو ٻيو وڏو ٽڪرو کارو ڇاڻ واري تعلقي ۾ اهڙي هنڌ تي ڏنو ويو آهي، جيڪو هنڌ سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ آهي. ان هنڌ وٽان درياهه سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڊيلٽا وارو اهو علائقو درياهه جي مختلف ڇاڙن ۾ ورهايل آهي. ان ڪري اهو هنڌ به ڪنهن شهر جي اڏاوت لاءِ مناسب ڪونهي. جنهن سبب ذوالفقار آباد اٿارٽيءَ نئين شهر جي اڏاوت لاءِ مليل زمين مان صرف شاهبندر تعلقي ۾ مليل 8 هزار ايڪڙ زمين کي هن وقت پنهنجي رٿا جو مرڪز بڻائڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي، جڏهن ته صدر کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اداري کي نئين شهر جي اڏاوت لاءِ چوهڙ جمالي واري علائقي ۾ 25 هزار ايڪڙ خانگي زمين خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪا اجازت زيڊ ڊي اي جي انتظاميا کي ملي وئي آهي. سنڌ حڪومت ٽي مهينا اڳ ٺٽي ضلعي جي انهن چئن تعلقن جي 2 لک ايڪڙ زمين جي خانگي کاتن کي جعلي قرار ڏئي کاتا رد ڪري زمين سرڪار پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي هئي پر علائقي جي عوام ۽ مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي نتيجي ۾ حڪومت ان نوٽيفڪيشن تي عمل روڪي ماڻهن جا کاتا بحال ڪري ڇڏيا ۽ انهن کاتن جي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ روينيو کاتي جي آفيسرن جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن پاران هن وقت تائين ڪيل ڇنڊ ڇاڻ مان ظاهر ٿيو آهي ته 90 سيڪڙو خانگي کاتا اصلي آهن، جن کي حڪومت رد نٿي ڪري سگهي. ان مان ظاهر ٿيو ته حڪومت ٺٽي ضلعي ۾ اٽڪل 6 لک ايڪڙ يعني 3 هزار چورس ڪلوميٽر علائقي تي جنهن نئين شهر جي اڏاوت جو اعلان ڪيو آهي، ان شهر جي اڏاوت لاءِ علائقي ۾ مناسب خالي سرڪاري زمين موجود ئي ڪونهي ته پوءِ ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي انتظاميا ۽ ان رٿا تي ٻن وڏين ٻوڏن ۾ تباهه ٿيل غريب ۽ مسڪين سنڌ جي خزاني مان اربين رپيا ڇو پيا لٽايا وڃن. جيڪڏهن ان شهر جي اڏاوت لاءِ مناسب خالي سرڪاري زمين موجود ناهي ته پوءِ ان جي اڏاوت لاءِ خانگي زمين خريدڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ذوالفقار آباد شهر جي ٿيندڙ رٿابنديءَ ۾ چيو پيو وڃي ته ان شهر کي تيز رفتار ايڪسپريس وي سان ڪراچي شهر سان ڳنڍيو ويندو. سنڌ جي سڀني شهرن کي روڊن ذريعي ڪراچيءَ کي ڳنڍجڻ گهرجي، صرف ان شهر کي ڇو؟ جيڪو اڃا اڏيو ئي ناهي ۽ جنهن لاءِ خدشا آهن ته ڌارين جي آبادڪاري سان مقامي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ڪيا ويندا.
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ابا سليمان، هاڻ مان ڇا چوان ۔۔۔۔ بس پاڻ ئي پڙهو ۽ پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته سنڌ سان ڇا ٿي رهيو آهي ۔۔۔۔؟؟؟؟؟؟ هاڻ ڪنهنکي ڏجي دانهن ۽ ڪنهنجي در وڃي ڪوڪون ڪجن ۔۔۔؟؟؟ آهي ڪو داد فرياد ۔۔۔ جنهن جو بنياد ئي کوٽ تي آهي ته اڳتي ان مان ڪنهن کي ڪيترو فائدو ٿيندو؟ سنڌين سان ڪهڙي جٺ ٿيندي؟ انجو اندازو ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔

    انڪري قومپرست ڌرين پاران انهن جو بائيڪاٽ جائز ۽ وقتائتو آهي بلڪ سموري سنڌ کي ان سان ساٿ نڀائڻ گهرجي۔ اوهانکي هاڻ بشير خان قريشي جي شهادت جا سبب نظر اچڻ شروع ٿيندا ۔۔۔۔

    بشير خان قريشي ان شهر جي آڏو هڪ مضبوط ڀت هئي جنهن کي ڊاهيو ويو آهي۔

    پ پ پ جو هڪ نئون ظلم سنڌ سان ۔۔۔ سنڌين کي واڌايون
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين معاف ڪجو ۔۔۔۔۔۔ ذوالفقار آباد رٿا بابت ته گهنن کي ڄاڻ ئي ڪانه آهي ته ڇا پيو ٿئي۔ ٻيو ته اسان جا قومپرست، اسان جا دانشور ۽ اسان جا پنهنجا ماڻهو نه ته ڪا خاص ڳالهه ٻولهه ڪري سگهيا آهن ۽ نه وري ماڻهن کي موبلائيز ڪري سگهيا آهن۔ ان جون به وجوهات آهن ۔۔۔۔

    پر پوء به هي سڀ ٿئي ته اسان جا نقصان ڪهڙا ٿيندا ۽ فائدا ڪهڙا ٿيندا، ان تي ڪوبه ڪونه پيو ڳالهائي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اف ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هيڏا ٿين هاڃا ڀوي هن ڀنڀو ۾ آخر سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو دور ڪڏهن ختم ٿيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وقت جي تقاظا آهي ته سڀ سنڌي هڪ آواز ٿي وڃن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هنن سنڌي حڪمرانن جو ڇا ڪجي وس پڄي سڀني کي زنده جلائي ڇڏيان
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ادا اڄ به سنڌي جاڳي رهيا آهن ۽ هن بيڪار رٿا جو خاتمو باالخير ڪندا جي نه ته حڪمرانن کي ڀوڳڻو پوندو اڄ هر سنڌي بشير خان آهي ان مهان ماڻهو پنهنجي سچي محبت سان پنهنجن ماروئڙن کي سنڌ سا محبت ڪرڻ سيکاري ويو آهي سو ڊڄڻ جي ڳاله نه آهي حوصلي ۽ حمت جي ضرورت آهي ۔۔۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو