هڪ قيدي جي جيل جي ڪهاڻي،هر شخص کي پڙهڻ گهرجي۔

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    هڪ قيدي کي جيل ۾ هن سان پيش آيل تڪليفون جي باري ۾ سچي ڪهاڻي۔

    هڪ قيدي جنهن پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جو وعدو ورتو آهي، پنهجي اسيري جي دوران پيش آيل تڪليفون جو ذڪر هيٺن الفاظن ۾ ڪري ٿو:_

    ”تقريبن چار مهينا پهريون جوڍيشل مجسٽريٽ ڪراچي ايسٽ جي حڪم سان هڪ ڪريمنل ڪيس ۾ مون کي جيل انتظاميه جي حوالي ڪرڻ واري آرڊر تي عمل ڪرڻ لاء منهنجي ڪيس جي تفشيشي آفيسر(جنهن کي قانوني زبان ۾ آئي آو) چيو ويندو آهي ،مون کي چيوته توکي جيل ۾ ڇڏي اچڻ جا ٻه طريقا آهن،هڪ هي ته” تون مون کي پندرهن سوء رپيا ،ٽيڪسي جو ڪرايو،منهنجي منهنجند جي ماني جو خرچ برداست ڪرين“ ته مان توکي سڌوجيل ڇڏي آچان،ٻيو رستو اهو اٿئي ته مان توکي سٽي ڪورٽ ۾ موجود لاڪپ جي عملدارن جي حوالي ڪيان،هو توکي جانوارن وانگر جيل جي وين ۾ زبردستي وجهي جيل ڇڏي اچن۔انهن ٻنهي طريقن مان جيڪو توکي پسند هجئي مان ايئن ڪيان۔مون پهريون طريقو استعمال ڪيو۽ تقريبن چار هزار خرچ ڪري ڪجه عزت واري انداز ۾ سينٽرل جيل ڪراچي پهچي ويس۔تقريبن شام جوپنج جو وقت هو،جيل جو مين گيٽ جنهن کي جيل جي زبان ۾ ماڙي چوندا آهن ته مون کي جيل جي پوليس پنهنجي حفاطت ۾ ورتو۔مين گيٽ(ماڙي) کان جيئن مان اندر پهتم ته مون پاڻ سان گڏ ڪجه ٻين نئون قيدين کي قطار ۾ بيٺل ڏٺو۔هڪ وڏي مونڇهن واري پوليس واري وڏي زور سان هڪ ٿپ منهنجي ڪنڌ تي هنيئن ۽ گالم گلوچ سان منهنجو استقبال ڪري مون کي لائين ۾ بيهڻ جو اشارو ڪيو۔خبر پئي ته هاڻي منهنجي تلاشي ورتي ويندي۔تقريبن اڌ ڪلاڪ کان پوء منهنجو ڦوٽو،فنگر پرنٽس،۽ ٽيلفون ڪانٽيڪٽ نمبر وٺي ،جيل سپرنٽنڊ ينٽ جي سامهون پيش ڪيو۔مون سميت ٻين تقريبن سٺ يا ستر نئون قيدين کي مخصوص بيرڪ جنهن کي ڪراٽين چيو ويندو آهي،موڪيلو ويو۔ڪراٽين بيرڪ ۾ به اسان جو استقبال گالم گلوچ ۽ مارپيٽ سان ٿيو،ڪجھ وقت کانپوء منهنجو تعارف ان بيرڪ جي بيٽر(پيسئا جمع ڪرڻ وارو) ،منشي (لکت پڙهت ڪرڻ وارو)،چوبدار(منشي کي رپورٽ ڏيڻ وارو) پٽيل (مارپيٽ ڪرڻ وارو) ۽ مقدم (نظر رکڻ واري) سان ڪرايو ويو۔انهن سڀني کي پنهنجي سڃاڻپ جي لاء ڳاڙهي رنگ جون ٽوپيون پاتل هيون۔
    بيٽر(پيسئا جمع ڪرڻ واري) ٻين وانگر پهريائين منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ڪڪڙ وانگر منهنجو ملھه لڳايو ۽ پوء مون کي جيل ۾ رهڻ جا ٻه طريقا ٻڌايا،هڪ عزت سان هر ڳاله جي سهولت وٺي جيل جي زندگي گذارجي،ٻيو ٻڪرين وانگر يا جانورن کان به بدترين سلوڪ سان قيد جي ڏينهن گذاريا وڃن۔مان بيٽر جي ڏنل پهرين آپشن تي عمل ڪرڻ لاء هن جي ڊيمانڊ وارا 20،000(ويھه هزارن) ڏيڻ جي هاڪار ڪئي ته مون کي ٻين نئون قيدين کان ٿورو پري ڪري ويهاريو ويو۔باقي قيدي جيڪي اهئي پيسئا ڏيڻ جي قابل نه هئا،انهن کي اوڪڙو ويهاري صفا ننڍڙا۔پنن جي سائزا جا ٻهارا ڏئي فرش کي ٻهاري ڏيڻ لاء مجبوري ڪيو ويو،جڏهن به ڪو قيدي ساهي پٽڻ لاء ڪجه وقت بيٺو پئي ته پٽيل ان کي پٺي تي زور سان لت پئي هنين۔مغرب جي اذان جي ٽائيم تي تمام قيدين کي جوڙي جي صورت ۾ ويهاريو ويو۔۽ اسان جي ڳڻپ جنهن کي جيل جي زبان ۾ ٽوٽل چيو ويندو اهي،ڪيو ويو۔ٽوٽل مان معلوم ٿيو ته ڪراٽين بيرڪ ۾ نئون ۽ پراڻا قيدي جو تعداد تقريبن ٻه سوء جي برابر آهي،جيڪا مذڪوره بيرڪ جي گنجائش کان تمام گهڻي هئي۔ٽوٽل کان پوء بيرڪ بند ڪئي ويئي۔ان کانپوء اهئي سڀ نئوان قيدي جن بيٽر جي رشوت واري ڳاله مڃڻ کان معذرت ڪئي هئي،انهن کان مغرب کان وٺي رات 11بجي تائين سخت مشقت جنهن ۾ بيرڪ جي وري ٻهاري ڏيڻ،ڪنا ڀاٿ روم ڌوئڻ۔پٽيل ؤ منشي کي زور ڏيڻ ،مالش ڪرڻ وغيره وغيره ورتي ويئي۔11 بجي رات کانپوء اسان سڀني نئون قيدين کي ڪپڙن جي ٿانن وانگري جيئن شليف ۾ رکيا ويندا آهن ،فرش تي هڪئي پاسي تي سمهڻ لاء سمهاريو ويو،ان کي جيل جي زبان ۾ تهپي لڳائڻ چيو ويندو آهي۔مان ان تهپي واري انداز ۾ سمهي نه سگهيس ۔مون ڏٺو ته پراڻا قيدي جن پيسئن جي عيوض سمهڻ جي لاء بسترا ورتا هئا۔اهيئ ننڍين ننڍين ٽولين جي صورت ۾ پنهنجي بسترين تي ويهي رهيا ۽ اسان جي بيرڪ جي پٽيل جي سرپرستي ۾ هڪ قيدي مقرر هئوجيڪو انهن پراڻن قيدين کي پيسئن جي عيوض هر قسم جي نشي واري شِي(چرس،هيروئن۔ايٽي وان جون گوريون وغيره) مهيا ڪرڻ تي مامور هئو۔ان قيدي انهن تمام بستري واري قيدين کي چرس جو سگريٽ 20 رپئي ۾،هيروئن جي پڙيا سوء رپئي ۾،اهڙي طرح ٻيون نشي آور شيون پيسئن جي عيوض مهيا ڪيون۔ان واپار ۾ حاصل ڪيل سڄي رقم منشي جي ذريعي بيٽر کي منتقل ٿئي ۽ بيٽر جي ذريعي بيرڪ کان ٻاهر سپاهي جي حوالي ڪئي ويئي۔رات جي ٿڪاوٽ جي ڪري مون کي ننڍ اچي ويئي۔صبح جو پنجي بجي پٽيل مون سميت سڀني قيدين کي اٿاري ٍجوڙين جي صورت ۾ ويهاري ڇڏيو۔جن قيدين نماز پڙهڻ چاهيوانهن کي نماز پڙهڻ ڏنو ويو۔صبح جو تقريبن ستين بجي ڌاري ،ڪراٽين بيرڪ جو دروازو کوليو ويو۔ان کانپوء مون ۽ مون جهڙن ٻين مراعات يافته قيدين کي بيرڪ کان ٻاهر وڃي ٽنگون سڌيون ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي۔تقريبن 9 بجي اسان جي بيرڪ جي پٽيل اسان کي ناشتو آڻي ڏنو۔ناشتي ۾ هڪ سڙيل ماني ۽ هڪ پاء واري خالي ملڪ پيڪ جي ڊٻي ۾ چانه جيڪا پيڻ جي لائَق نه هئي ڏني ويئي۔
    ناسته کان اڌ ڪلاڪ پوء اسان سڀني قيدين کي بيرڪ مان ڪڍي مشقت ڪرائي ويئي۔تقريبن ٻه بجي مون کي منشي آواز ڏني ۽ مشقت کان گهرائي هن مون کي پٽيل سان گڏ ملاقات روم يعني گرل ڏي موڪليو،جتي وڃي مون کي معلوم ٿيو ته وڏي مڇين واري سپاهي رات جو ئي منهنجي گهر وارن سان ٽيليفون تي ڳالهائي انهن کي ويه هزار(20،000) ملاقات جي وقت کڻي اچڻ لاء چيو هئو۔ اچن۔گرل جي ٻئي طرف منهنجو والد ۽ ڀاء موجود هئو۔مان اڃان انهن سان ڳالهائڻ مس شروع ڪيو هئو ته منهنجي بيرڪ جي پٽيل جيڪو منهنجي پٺيان بيٺو هئو،ان مون کي چنبه ڪنڍي (مارڪٽ) شروع ڪري ڇڏي ۽ آهستي سان چيوته هنن کي چئو ته پيسئا ڄاري جي ٻئي طرف بيٺل سپاهي کي ڏين۔منهنجي چوڻ تي منهنجي والد ۽ ڀاء 20،000 هزار ان سپاهي کي ڏنا۔ هڪ ٻن منٽن جي ڳالهائڻ کانپوء پٽيل مون کي واپس بيرڪ ۾ منشيء ڏئي وٺي ويو۔ان پيسئا ڏيڻ کانپوء مان به مراعات يافته قيدين جي لسٽ ۾ پڪو ٿئي ويس۔مون سان هر معاملي ۾ نرم رويو رکيو ويو۔پوئين ڏينهن جي روٽين وانگر ٻيهر ٽوٽل ڪرڻ کانپوء بيرڪ جو دروازو لاڪ ڪيو ويو۔مون تي نرمي ڪئي ويئي هئي مون کي تهپي لڳائي سمهڻ وارن قيدين کان الڳ ڪري بسترو(هنڌ) ڏنو ويو۔پهريون ته مان تمام گهڻو خوش ٿيس پر ان بستري تي سمهڻ کانپوء فورن معلوم ٿئي ويو ته ان بستري کي جيل جي زبان ۾ خارش وارو بسترو چيو ويندو آهي۔ان سان خارش جي بيماري لڳي ويندي آهي۔مان هي رات به تڪليف ۾ جسم کي کنهدي کنهدي گذاري۔ٻيا بستري وارا قيدي مون تي ٺٺلون ڪندي،نشو واپرائيندي سمهي پيا۔ٻيو ڏينهن مان مرات يافته قيدين وانگرگهمندي ڦرندي گذاريا،رات جو ٽوٽل ٿيڻ ۽ بيرڪ جو دروازو بند ٿيڻ کانپوء،مان ڪرائي تي موبائل فون حاصل ڪري پنهنجي گهر وارن کي صاف بستر ۽ ٻيون ضروري شيون آڻڻ لاء چيون۔اڳين ڏينهن اهئي سڀ شيون مون کي گهروارن مهيا ڪري ڏنيون۔
    مان هڪ مهيني ۾ تقريبن چار دفعا جيل کان ڪورٽ پيشيء تي آندو ويس،هر دفعي ڪورٽ جي لاء جيل کان ٻاهر اچڻ لاء 200 رپياء ۽هٿڪڙي هلڪي انداز ۾ ٻڌڻ لاء سو رپيو جيل پوليس کي ڏيڻو پوندو هو۔جيل مان ڪورٽ وٺي وڃڻ واري گاڏي ۾ آرام داه طريقي سان وڃڻ لاء،۽ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاء ڪورٽ پوليس سان بارگين ڪرڻو پوندو هو ۽ مرضي جي تاريخ يا ڪورٽ مان جلدي فراغت حاصل ڪرڻ لاء ٽي چار سوء رپياء خرچ ڪرڻا پندا هئا۔اهڙي طرح هر ڪورٽ پيشي تي مون کي تقريبن پنجويه سوء (2500) خرچ ڪرڻا پوندا هئا۔مان تقريبن ساڍا ٽي مهينا جيل ۾ رهيس،مون جيل ۾ اهو سکي ڇڏيو هئو ته جيل ۾ عزت سان رهڻ لاء جيل انتظاميه کي منهنجي کيسي ۾ نئون نئون نوٽ ڏسڻ ۽ اهئي منهنجي کيسي مان هنن جي کيسي ۾ وڃڻ ضروري آهن۔مان پنهنجي قيد جي دوران تقريبن ٻه لک رپياء رشوت جي طور تي جيل جي عملي کي ڏنا۔مون موبائل فون جيل ۾ في ڪلاڪ جي حساب سان ڪرا۔ئي تي به استعمال ڪئي۔

    مون جيل ۾ سڄو مهينو موبائل فون استعمال ڪرڻ لاء جيلر کي 5000 (پنج هزار) رپياء ڏنا۔

    مون جيل ۾ پراڻي ۽ استعمال ٿيل سرنجون کي هڪ کان وڌيڪ قيدي مريضن تي استعمال ٿيندي ڏٺو۔

    مون جيل ۾ وهنجڻ جو پاڻي جو هڪ گيلن وٺڻ لاء 200 رپياء ڏنا۔

    مون جيل جي اندر هڪ نسوار جي پڙي 25 رپئي ۾،مين پڙي 30 رپئي ۾،گٽڪو سوء رپئي ۾،۽ جي ايم 10 رپئي ۾ خريد ڪيو۔

    مون ڏٺو ته جيل جي اندر ٽي وي ڪيبل جي لاء جيلر هڪ ٽي وي ڪنڪيشن جا 300 روپياء روزانه وٺندو هو۔

    مون ڏٺو ته جيل ۾ جيڪو قيدي ڊپريشن جو شڪار ٿئي ويندو هو يا جيل جي عملي جي تشديد جي دانهن جج کا ياڪنهن ٻئي صاحب اقتدار کي ڏيندو هو ته ان کي جيل انتظاميه چريو چئي چريا وارڊ ۾ موڪلي ڇڏيندي هئي ۽ هن کي نشئه آورادويات ڏئي۔سن ڪري روبوٽ وانگر بنائي ڇڏيندي هئي ۽ چوندا هاء ته هاڻي هن کي جيئن اسان چونداسين تيئن ڪندو۔

    ڪاش مون وٽ اهڙو ڪو رستو هجئي هان جو مان رشوت ۾ ڏنل سڄي رقم گورنمنٽ جي خزاني ۾ جمع ڪري باقائده قانوني طرح جيل ۾ سهولتون وٺي سگهان هان۔“

    معزاز ميمبرس،قانون جي مطابق جيل هڪ باشعور معاشري ۾ قيدين جي لاء اصلاح جو ڪم ڏيندا آهن،پر جيڪڏهن قيدي جيل ۾ آسيري جي دوران مثين تڪليفن کي منهن ڏيندا ته هنن ۾ ڪهڙي قسم جي اصلاح ايندي،هو جيل مان معاشري جا سٺا ماڻهون نه پرمعاشري لاء ناسور بنجي ايندا۔جيل ۾ قيدي جي اصلاح جو مقصد مٿين رشوت واري ماحول ۽ سختين جي ڪري بي مصرف(فوت) ٿئي ويندو۔هڪ سڄڻ قيدي جو مٿون داستان جيل انتظاميه جي ظالمانه روايو جو کليل مثال اهي۔شل الله پاڪ اسان جي صاحب اقتدار کي همٿ ،حوصلو ۽ سمجه ڏئي تاڪي هو جيل جي اندر ضروري قدم کڻي جيل کي رشوت ڪلچر کان پاڪ ڪري ،جيل کي قيدين جي لاء اصلاح جو گهر ٺاهي ۽ نه هنن کي وڏو ڏوهاري بنائي ٻيهر جيل کان ٻاهر موڪليو وڃي۔
     
    50 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين سلام ۔۔۔۔۔۔۔

    هي ڪهاڻي پڙهندي مان به واپس پاڻ کي جيل ۾ محسوس ڪيو۔ اها 1989-1990 جي ڳالهه آهي نائين درجي ۾ هوس ۽ ان وقت گرمي جي وئڪيشن هئي، جڏهن ڌاڙيلن سان ويڙهه ڪندي اسان جي ڳوٺ جا سڀ ماڻهو گڏ ٿيا هئا ۽ مقابلي ۾ ٻه ڌاڙيل مئا هئا ۽ مون سميت اسان جا به 15 کان 20 ماڻهو زخمي ٿيا هئا۔ مونکي ساڄي ٽنگ ۾ رائفل جي گولي لڳي هئي جيڪا ران ۾ لڳي چامائو ٿيندي گوشت مان آرپار ٿي هئي ۽ هڏي جو بچاء ٿي ويو هو۔ سخت خوف ۽ پهري ۾ اتان اسپتال پهتو هوس، جتي اسان چار ڄڻا پوليس جي پهري ۾ زير علاج هئاسين، جڏهن ٻن هفتن کانپوء زخم ٺيڪ ٿيو ته اسپتال مان سڌو لاڪ اپ ۽ وري جڊيشل جيل ۽ وري سينٽرل جيل خيرپور، ڇو ته ڪيس کي ابتو ڪري پيش ڪيو ويو هو ۽ سياسي ڪارانده اسان جا مخالف هئا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ساڳيو ماحول، ماڙي، ٻارن جي بيرڪ، پئسن جو استعمال، ناليواري ڌاڙيلن جي ٽولي ۾ شامل ٿي جيل ۾ گروپ ٺاهڻ، جوڙي ٺاهڻ، جهڙتيون وٺڻ، نه وڻندڙ ناشتو، ماني ۾ مليل دال کي پاڻيء ۾ ڌوئي ٻيهر پچائڻ ۽ ان لاء الڳ سان پيسا ڏيڻ، جيل ۾ شاعري ڪرڻ، راڳ ڳائڻ ، ڪپڙا پاڻ ڌوئڻ، ڪورٽ جا چڪر، ملاقاتن تي پيسا، آرام لاء پيسا، دوائن لاء پيسا، فروٽ گهرائڻ لاء پيسا ۔۔۔۔۔۔۔ جلد حاضري لڳرائڻ لاء پيسا، ڪورٽ ۾ ملاقات جا پيسا ۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ پوء ضمانت ۽ وري وپس اسڪول ۽ اسڪول ويندي ٻه ٽي دفعا مارون کائڻ پر تعليم جاري رکڻ۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ اوهان الئي ڪهڙي دنيا ۾ پهچائي ڇڏيو۔۔۔۔

    اسان جي جيلن ۽ پوليس جو سسٽم تبديل ٿيڻ ڪو سولو ناهي، سالن کان اهو نظام هلي پيو ۽ تبديلين جي گنجائش آهي پر ڪير تبديليون آني، ڪير جيل مينيوئل تي عمل ڪرائي ۔۔۔۔ قدم قدم تي تشدد ۽ لٽ مار جا قصا آهن۔

    اوهان بهترين نموني سمورو قصو بيان ڪيو آهي سچ پڇو ته مان اڄ ڄڻ وري ماضي واري ساڳي فلم پيو ڏسان، جيڪا حقيقت هئي۔
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين غلام مصطفى توهان هڪ حقيقت کي واضح بيان ڪيو آهي توهان جي مهرباني جو اوهان ڄاڻ ڏني ڪاش ڪو وقت اچي جو اسان جي ملڪ ۾ سجاڳيء جو سج اڀري۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين محترم غلام مصطفٰيٰ ! منهنجا پيارا دوست ۔۔۔ ڀلا اسانکي ڪتي کاڌو آهي جو اسين سنڌ جي خودمختياري يا آزاديءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون، ڀلا اسان هروڀرو پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ خاطر پاڪستان يا سنڌ ۾ موجود نظام جي يا هن نئين ملڪ کي ٺاهي جهڙي نموني ظلمن جو بازار گرم ڪيو ويو جي مخالفت ۾ ويٺا ڏينهن رات ليک لکون ۔۔۔۔
    اوهان ته ڪنهن قيديءَ جون بيان ڪيل ڳالهيون ونڊ ڪيون آهن پر اسين اهڙن ڪيترين ئي نا انصافين مان گذري جوان ٿي هاڻ ڪراڙا ٿيڻ شروع ٿيا آهيون، 50 سالن جي عمر تائين سنڌ ۾ حڪومتي يا رياستي انصاف ڪٿي نظر نه آيو ۔۔۔

    جهڙي سليمان وارتا ٻڌائي آهي اهڙي ئي وارتا پاڻ وٽ به هوندي پر ڪهڙا سور سليون ۔۔۔ پُٺِ تي پيل پردو ڪهڙو کڻون؟ ۔۔۔ مٺ ڀيڙيائي ڀلي۔

    اوهان جا لک قرب جو اوهان ظلم جي هڪڙي پاسي ڏانهن آئيني جو رخ ڪري منظر چٽيا آهن۔ هن معاشري ۾ هر ادارو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي آسيب زده آهي، عوامي انقلاب ئي انکي ختم ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔ اسين سڀ ڪوشش ڪريون ته پنهنجي پنهنجي اثر ۾ انقلاب جي تياري ڪريون ته جيئن اونده مان جان ڇٽي ۔۔۔

    چڱا ڪن چڱايون ۔۔۔ جريا هجو شال

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    19 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو ساڍا ٽي مهينا جيل ٿو گذاري۔۔ ۽ 2 لک رشوت جا به ڏئي ٿو ۔۔۔۔۔ ان باوجود سندس ڪهاڻي پڙهي حيرت ٿي ۔۔۔ هتي ته اهڙو نظام آهي جو اهي 2 لک پهريان ادا ڪري ها ته کيس جيل ئي نه وڃڻو پوي ها۔۔۔
    اهو بلڪل درست آهي ته جيل ته هوندا ئي اصلاح لاءِ آهن پر هتان جي نظام ۾ جيل ويندڙ هميشه ٻه هٿ اڳتي نڪري ويندو آهي۔۔۔ سليمان جي ته خبر ناهي پر اڪثر ماڻهو قيدين سان ان ڪري به خدا حافظ نه ڪري ايندا آهن اجهو ٿا واپس موٽن۔۔۔
    ٻڌو اٿم ته قيدين جون به ڪيٽيگريون هونديون آهن۔۔ ۽ سياسي قيدي به هتان اصلاح وٺڻ ايندا آهن۔۔۔ پياري پاڪستان ۾ تقريبن 90 فيصد سياستدان جيلن مان سکيا حاصل ڪري نڪتا آهن۔۔۔ افسوس جو معاشري کي سڌارڻ جو ٺيڪو به انهن ئي وٽ آهي۔۔۔ هو جيل جي نظام کي ڪيئن ٺيڪ ڪندا ۔۔۔ هو ته ملڪ کي ئي جيل خانو بنائڻ گهرندا آهن۔۔۔ اهوئي سبب آهي جو عام ماڻهونء لاء ته ٻاهريون معاشرو به جيل مثل آهي۔۔۔ هوئن جيڪڏهن سڌاري آڻڻ لاءِ سوچجي ته به ڪٿان کان شروعات ڪجي۔۔ هتي ته وک وک تي بيٽر بيٺل آهي۔۔۔
    بس الله پاڪ ئي ڪا سڻائي ڪري ۔۔۔۔۔۔۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ وارا ته لا تعداد ماڻهو آهن پر ان ڳالهه تي عمل ٿئي اهي ماڻهو ٿورا آهن ان ڪري روشني جو ڪرڻا گهٽ انڌيرو وڌيڪ نظر اچي ٿو سائين نثار جهڙا جوان جن ۾ روشن خيالي آهي سي به ڳالهين تائين محدود آهن اسان به سندن ها ۾ ها ملائڻ وارا آهيون ليڪن اهو عملي ڪم تڏهن ٿيندو جڏهن مهاجرن وانگر ڪو هڪڙو گرو ٿئي پوء غلط ته غلط ئي صحيح پر ان تي عمل ڪرڻو آهي نه ڪرڻي نه آهي تڏهن ئي ڪو نظام تبديل ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيندو باقي في الوقت ته اسان به ڳالهيون ڪري ۽ ڳالهيون ٻڌي دل کي دلاسا پيا ڏيون ته شايد اهڙو وقت ايندو جنهن جا اسان متلاشي آهيون۔ اهو وقت ايستائين مشڪل اچي جيستائين اسان انفرادي مفادن کي نه ڇڏينداسين ۽ سڄي سنڌيت جي طاقت جو مرڪز هڪ جاء تي نه بنائينداسين هي به ڳالهه آهي۔ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو آهي ته هتي اسان هن فورم تي فعال رڪن ته تمام ٿورا آهيون ۽ سڀ سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ جي حد تائين ته متفق نظر اچن ٿا ليڪن خيال ته سڀني جا مختلف آهن ٿوري ٿوري ڳالهه تي رپوٽ رساما وغيره ته پوء سڀ سنڌي هم خيال ٿي هڪ وڏي قوت بنجن سو ته صفا اونداهي رات جي سپني مثال لڳي ٿو بهرحال اگر الله تعالي چاهي ته اهڙو مرد مجاهد پيدا ڪري جيڪو سڀني سنڌين جي خيالن کي متفق بنائي ته پوء منزل دور نه آهي۔ان ڪري اها ئي رب ڪريم کان دعا آهي ته يا الله اسان ۾ ڪو عادل منصف با عمل باڪردار انسان پيدا ڪر جيڪو تو رب ڪريم جو به فرمانبردار هجي ۽ اسان جي به رهنمائي ڪري۔

    ڇو ته ائين ٻڌو آهي ته ڳالهين سان ڳوٺ ڪونه ٻَڌبا آهن۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ھل چري! ساڳيا ئي قصا پاڻ کان وڏن کان ٻڌندا ايندا آھيون جيڪي جيل جي زندگي گذاري آيا آھن، جيل ته ڇا پاڻ ته ڪڏھن ٿاڻي جو به منھن نه ڏٺو آھي۔
    تفصيلي ليک لکي ونڊڻ جي مھرباني۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.



    سائين مان جڏهن ننچو هوندو هئس ۽ دادو شهر ۾ رهندو هئس ته اتي محترم تاج ۾همد صحرائي صاحب جي تعاون سان قائم ڪيل لائبريري علامه آء آء قاضي ڪتاب ڪهاڻيون ۽ رسالا پڙهڻ ويندو هئس، ۽ اتي مون ڪجهه عالمن اديبن ۽ سياستدانن جون جيل ڊائريون پڙهيون هيون، جنهن ۾ پڻ ڪافي سبق آموز ڳالهيون هيون، سنڌ جي سائين محترم سائين جي ايم سيد صاحب ته جيل انتظاميه جا پول کولي کڻي سامهون رکيا آهن سائين ته تمام ڳالهيون اهڙيون لکيون آهن جنهن جي پڙهڻ سان اهيو يقين به نه ايندو ته ڪو هي جيل اسلامي جهموريه جو ڪو جيل آهي، ان کان علاوه شيخ اياز صاحب پڻ پنهنجي جيل جي لکيل ڪهاڻي ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ ڪافي ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي،سنڌ جي مهان قوي شاعر شيخ اياز کي1965ع واري جنگ ۾، نارائڻ شيام لاءِ محبت ڀريو نظم لکڻ تي، ان وقت جي آمر ايوب خان جيل ۾ وڌو. قيد دوران شيخ اياز ساهيوال جيل جي ڊائري جي نالي سان جيل ڊائري لکي. . شيخ اياز صاحب جو لکيل هي ڪتاب ساهيوال جيل جي ڊائري“ اهم آهي. هن ۾ دنيا جي ساهت، سياست، علميت ۽ عقليت بابت ايترو خزانو آهي، جيترو ٻئي ڪنهن سنڌي ڪتاب ۾ مشڪل ملندو. ...۔۔سائين توهان جي هن مضمون مان به اسان کي ڪافي نين تجربن جي خبر پئي، مهرباني
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مطلب ته جيل اندر يا ٻاهر اسلامي نظام جي نه هجڻ ڪري ظلم ۽ استبداد ، حيوانيت چوٽ چڙهيل آهي ، اهڙا ادارا جيڪي قيدين جي اصلاح لاءِ ڄوڙيا ويا آهن تنهن ۾ ئي اخلاق پستي جو مظاهرو ڪري ڀٽڪيل ماڻهن کي ويتر گناهن ڏانهن رستو فراهم ڪرڻ جي سکيا ڏني پئي وڃي ، جيڪي ڏوهاري جيل وڃن ٿا قانون هنن کي اهڙي سکيا مهيا ڪري ٿو جنهن سان انسان پنهنجي اڳتي زندگي موچاري بڻائي سگهي پر اتي ابتڙ اهڙا ساڃاڻ ڏسي مايوسي اچي وڪوڙي ڇڏيو آهي ،
    سائين محترم غلام مصطفى ميمڻ صاحب يقين ڪري اوهان جي ليک کان اڳ اسان هن معاملي ۾ بلڪل اڻڄاڻ هئا سين اسان جي ڪجه عزيز جنهن جيل ڪاٽي آهي تنهن مان ڪي عزيز نماز پڙهڻ قرآن پڙهڻ جو اهتمام ڪندي اسين ڏٺو آهي مون انهن کان پڇا ڪئي ته اها تبديلي ڪئين آئي تنهن تي انهن ٻڌايو ته جيل اندر قرآن مجيد جي سکيا ۽ نماز جي سکيا ڏني ويندي آهي سو اها تبديلي هن ڪري ٿي آهي ، عزيز جي ڳالھ ۽ وري اوهان جيڪي حقيقتون منظر عام تي آنديون آهن تنهن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ، آئون وري به سمجهان ٿو ته پنڄ اکريون برابر ناهن ٿي سگهي ٿو اها وهڌڻ جتي ڪٿي نه هوندي ، وڌيڪ الله ڄاڻي ٿو ،
    اوهان جو بهترين ليک اسان کي وڏا سبق ڏنا آهن ، اميد ڪجي ٿي ته پڙهندڙ حضرات هن ليک مان ضرور سبق پرائيندا ، ۽ پنهنجي زندگي جي لائحه عمل اهڙي نموني ڄوڙيندا جو اهڙي نوبت نه اچي جو اهڙا ڏينهن ڏسڻا پون ، الله سڀني جي حفاظت فرماءِ ، آمين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين اهڙي سچي ڪهاڻي پڙهي ڪري اصل ذهن ئي ڪم ڇڏي ڏنو

    ڪهاڻي پڙهڻ دوران پاڻ ئي جيل ۾ ئي محسوس ڪيم
    الله پاڪ پنهنجي پناه ۾ رکي

    فلحال هال ته اهڙن معاملن ۾ سڌارو نظر نه پيو اچي

    اهڙي سبق آموز ڪهاڻي ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مان اها دعا گهرندس ته الله پاڪ ان جيل خانن کي ئي غرق ڪري، آمين، مطلب ته هن معاشري ۾ اهڙا ڪم ئي نه ٿين ته هوند جيل نه ڪي ٿاڻا هجن، بس امن ئي امن هجي، هر ماڻهو محبتي هجي، پر سائين نثار صاحب جي ڳالهه ته اهو نظام سڌرندو نظر نٿو اچي، هن ملڪ هو پنهنجو نظام درهم برهم لڳو پيو آهي ته جيل خانن جو وري ڪهڙو نظام سڌرندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محترم ميمڻ صاحب،توهان جو هن ليک ته اسان جي ذهن کي جنهجهوڙي ڇڏيو آهي۔جيل ۾ ايتري ڪرپشن به ٿئي سگهي ٿو ان جو اسان کي اندازو نه هو،اسان جا ڪجه ڪلائينٽ جيل انتظاميه جي ڪرپشن جون ڳالهيون ته ڪندا هئا پر ان تي اسان کي الائي ڇو گهڻو يقين نه ايندو هو پر هاڻي جڏهن توهانجو ليک پڙهيو آهي ۽ ڪراچي ۾ وڪالت شروع ڪئي آهي،اسان کي اهئي سڀ شڪايتون حقيقت محسوس ٿين ٿيون۔جيڪڏهن هي توهانجو ليک ڪنهن طرح محترم چيف جسٽس آف پاڪستان جي ناليٍج ۾ اچي وڃي ته شايد چيف صاحب ڪو سخت قدم کڻن ۽ ٍجيل ۾ ڪا بهتري آڻن۔ اسلام ۽ ٻين مذهبن ؤ قانوپن ۾ جيل کي هڪ ريفامري سينٽر طور ڄاڻايو ويو آهي،پر جيڪڏهن جيل ۾ قيدين کان قدم قدم تي رشوت ورتي ويندي ۽ هنن سان غير قانوني زيادتون ڪيون وينديون ته قيدي ڪيئن پنهنجي رويئي ۽ چال چلت ۾ بهتري آڻيندو۔هو ته جيل مين نڪرڻ کانپوء معاشري لاء ناسور ٿئي ويندو۔توهان جي ليک اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آهن۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    ادا سائين غلام مصطفٰي صاحب ؛ حيرت به ٿي توهان جي لکيل سٽن تي ۽ افسوس به ٿيو۔ پر پوءِ اهو احساس ان لاءِ گھٽ ٿي ويو جو اسان ستل قوم مٿان حڪمران ”آصف “ صاحب جهڙا جيل جا پراڻا رهاڪو آهن، جنهن جي هٿن ۾ ملڪ جون واڳون سي به جيل ڪٽي آيا آهن ته ٻين تي ڪهڙي معيار۔ باقي ڪرپشن هڪ مخصوص طبقي لاءِ روزي جو ذريعو جيڪا هر هنڌ ۽ هر جڳه تي آهي۔ ايون اينٽي ڪرپشن وارا پاڻ به ان مٺائي کي شوق سان کائن ٿا۔
    باقي افسو س ان لاءِ ٿيو ته هن ملڪ کي وري اسلامي جمهوريه جو لقب ڏنو وڃي ٿو۔ جيڪا اسلام لاءِ بدنامي آهي۔
    اسان کي هن معاشري پاڻ سڌارڻ جي ضرورت آهي باقي معاشري ۽ رياست جي عملدارن کان اها توقع رکڻ ۽ اجائي ته ڪو ملڪ ۾ سڌارو آڻيندي۔
    آسمان وارو ڪو شل انهن تي رحم ڪري باقي ڳالهه گوڙ کان چڙهيل آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي حديث جو مفهوم آهي ته: قيدين کي ڇڏايو (آزاد ڪرايو) ، بکايلن کي کاڌو کارايو ۽ بيمار جي عيادت ڪريو۔ (بخاري، مسلم)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    مهرباني سائين جو توهان سچي ڪهاڻي ونڊ ڪري پڙهڻ جو موقعو ڏنو۔
    دعا آهي ته ڪنهن به طريقي سان هي سچي ڪهاڻي چيف جسٽس پاڪستان، اسان جي حڪمرانن تائين پهچي الله انهن همٿ ۽ سگهه ڏي ته اهي جيل ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف قدم کڻن۔ چوندا ته:
    الله دشمن کي به جيل ۽ اسپتال کان بچائي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. خليل جبران

    خليل جبران
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2013
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هي ليک پڙهي اسان جون ته اکيون کلي ويون۔ اسان سمجهندا هئاسين ته جيل ته اصلاح جو گهر آهي پر هن ملڪ جي جيلن ۾ ڪريمنل پيا پيدا ڪيا وڃن۔ اسان جا حڪمران ان طرف توجه ڇو نه ٿا ڏين ۽ سڀ ٺيڪ هي، تي اکيون ڇو ٻوٽي ويٺا آهن۔ سمجه ۾ نه ٿو اچي ته حڪمرانن جي اهڙي روئي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مون ته اهڙا قصا انڊين فلمن ۾ ڏٺا پر سنڌ ڏرتي ۾ قيدين سان ايڏو ظلم ٿو ٿئي ! اها اڄ خبر پئي ۔۔۔
    سچ پڇو ته اڄ دل روئي ڏنو ، ته هتي امڙ سنڌ ۾ اهڙو ظلم ڇو ؟؟؟؟؟؟؟؟

    سچي ڪهاڻي هميشه دل کي ڇهندي رهندي آهي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. چاچو چڀڙ خان

    چاچو چڀڙ خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 مئي 2013
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    195
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Sindhri
    ابل اسانکي به انهن يادن ۾ گم ڪري ڇڏيئي اسان به انهن مرحلن مان گذريا آهيون بس رڳو ظلم آ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    هي ته اهو قيدي هو جيڪو پئسه ڏئي آسائشون حاصل ڪري ويو،پر سوچو ته جيڪو مسڪين ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ هجي ۽ فيصلي جي انتظار ۾ ڇا ڇا نه سهندو هوندو،ان جو ازالو ڪو ڪري سگهي ٿو،جيل ۾ اتان جي سنڀال ڪندڙ ماڻهو يا حڪومتي فرد ڪنهن به طرح سان انسان لڳن ٿا؟؟؟؟!!!!!!
    اهيو ته خواب خيال ئي آهي ته جيل اصلاح جو گهر آهي ،
    هي ته ڪجهه به ڪونهي سائين ڪڏهن تڪليف ڪري ليڊيز جيل جي خبر وٺو،اوهان جو انسانيت تا ويساه نه کڄي وڃي ته چئجو،
    جيڪي ڪلور اتي ٿين ٿا انهن جي ته خبر لکڻ به ڏکي ٿي لڳي،
    جڏهن ته اتان جا سڀ ڪامورا انهن گناهن کان خبروار هوندا آهن ،اتي ٿيندڙ ظلم شرمسار ڪندڙ آهن پر هن ملڪ ۾ شايد تماشبين رکوالا اهيو ئي ڪري سگهن ٿا ،انهن جو ڪم ڪمزور کي زخمي ڪرڻ ۽ زخمي جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ ئي آهي ،سو هرڪو پنهجو پنهجو ڪم ڪري رهيا آهن،
    دولت ۽ نفساني خواهشن جي پوراء لاء نه انهن وٽ انصاف آهي نه قانون نه دين نه قرآن،بس اهي خواهشن جي پوراء لاء بنايا ويا آهن ۽ انهن جي اهيا ئي ذميواري آهي جنهن تي ڪڏهن به پشيماني نه ٿيندي آهي،
    اسان جا ٿاڻا دينا داستي ظلم جو داستان روز مرتڪب ڪن ٿا پر ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي ،
    هڪ سپاهي بنگلن جو مالڪ ڪيئن ٿو ٿئي،هڪ صوبيدار جاگيردار ڪيئن ٿو ٿئي ؟؟؟؟؟؟؟؟اهڙا هزارين ڪردار هزارين سوال مگر جواب ڪوئي نه ٿو ڏئي سگهي ،،،،،،،،،،
    هاڻي ته رواج ئي مٽجي ويو آهي ،،،، سوال ڪندڙ ئي ڪو نه ٿو رهي هن دنيا ۾ ،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. گل بيگ مغيري بلوچ

    گل بيگ مغيري بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جون 2013
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    نواب شاهه سنڌ
    سائين هن صورتحال جي آگاهي هڪ کليل خط جي ذريعي اخبارن ۾ ڏيڻ گهرجي، اسان کي سوچڻ گهرجي ته هن ناسور کي ڪئين ختم ڪجي، جيل خانه هن وقت اصلاحي مرڪز جو گهٽ پر مجرمن کي تربيت ڏيڻ جووڌيڪ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن اعلي اختاريون هن جو سخت نوٽيس وٺن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو