يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
احمد جي هٿ ۾ موبائيل ڏسي بلال پڇيو ته “ڪهڙو موبائيل آهي ڪيتري جو آهي؟”. احمد ٻڌايس ته “فلاڻو موبائيل آهي فلاڻي ڪمپني جو آهي ۽ هيتري ۾ ورتو اٿم ۽ ٻيلي مون وٽ ته ڀلو پيو هلي.” ٻي ڏينهن بلال ساڳيو موبائيل وٺي آيو پر شام جو ڪاوڙجي احمد وٽ اچي نڪتو، چئي “يار مارائي ڇڏيئي، موبائيل بيٽري نٿو جهلي”. احمد چيس ته “ادا پوءِ توکي مون صلاح ته نه ڏني هئي ته اهو موبائيل وٺ، مون چيو ته مون وٽ سٺو پيو هلي اوهان جي پنهنجي پسند آهي”. پر بلال جي ڪاوڙ نه لٿي ، نيٺ بلال خراب لهجي ۾ چيو ته “هاڻي ڪنڌ ۾ ته لڳائي ڇڏيو اٿئي. هاڻي اهو ته ٻڌائي ته هن ۾ ڪلنيڊر ڪٿي پيو آهي؟ مون کي ته سمجهه ۾ ئي نٿو اچي”. احمد چيس ته “ادا ايترو ته آئون ته آئون به نٿو ڄاڻان آئون ته صرف ڪال ڪرڻ ۽ ڪال وصول ڪرڻ تائين محدود آهيان”. بلال جي ڪاوڙ نه لٿي ۽ بڙ بڙ ڪندو روانو ٿيو.
عاشق وٽ يو پي ايس هلندڙ ڏسي گلزار پڇيو ته “ڪهڙي ڪمپني جي بيٽري استعمال پيو ڪرين مون کي به يو پي ايس وٺڻو آهي”. عاشق ڪمپني ٻڌائي ٻي ڏينهن گلزار يو پي ايس وٺي آيو انسٽاليشن ڪرائڻ کان اڳ عاشق کي گهر وٺي آيو ۽ سندس روبرو انسٽاليشن ڪرايائين. عاشق پنهنجو ڪم کوٽي ڪري هن کي انسٽاليشن ۾ مدد ڏياري پر ان رات جو ئي 11 وڳي ڌاري گلزار عاشق کي فون ڪئي ۽ چيائين ته “يار توهان ته چيو هو ته يو پي ايس 5 ڪلاڪن تائين هلندو پر منهنجي يوپي ايس ته 3 ڪلاڪن ۾ ئي پنکي جي اسپيڊ گهٽ ڪري وڌي آهي، اوهان اهڙو ڇا ڪيو هو جو اوهان جو يو پي ايس گهڻي دير هلندو آهي؟؟” عاشق چيس ته“ ادا مون ته ڪجهه به ناهي ڪيو مون وٽ ته صحيح هلندو آهي”. پر گلزار چيس ته “صبح جو آفيس ويندي منهنجي گهران ٿي وڃ ڏسي ڏي ته ڪٿي سيٽنگ ۾ ته ڪا خرابي ناهي”. نيٺ صبح جو عاشق سندس گهر به آيو ۽ سرسري ڏسي چيائين ته“ لڳل ته هر شيءَ ٺيڪ آهي الائي ڇو بيڪ اپ نٿو ڏي”. گلزار ناراض لهجي ۾ چيو ته “ادا جيڪر اوهان وٽ مسئلو هو ته مونکي آگاهه ڪريو هو هروڀرو غلط شيءَ مغز ۾ هڻائي ڇڏئي!!!”.
اصغر جي ٽنڊومحمد خان جي ڀر ۾ ٻنيءَ هئي ۽ هو هفتي ۾ هڪ ڀيرو بدين کان موٽر سائيڪل تي ٽنڊومحمد خان ايندو هو ۽ پنهنجي سولائي خاطر مين روڊ بجاءِ وچان ڪو لنڪ روڊ وٺي ايندو هو جيڪو هُن جي بقول موٽرسائيڪل جي حساب سان آسان ٿيندو هو، ان ڏينهن هن کان علي بخش پڇيو ته “ٽنڊومحمد خان جي پاسي ۾ هڪ ڳوٺ ۾ فاتح تي وڃڻو اٿم ڪار تي وينداسين ڪو شارٽ ڪٽ ته ٻڌا”. هن چيو ته“ آئون ته موٽر سائيڪل تي فلاڻي رستي تان ويندو آهيان، روڊ ڪجهه خراب آهي پر پوءِ به رستو ڪافي شارٽ ٿي ويندو آهي اوهان وٽ ڪار آهي سو مين روڊ کان وڃو ته بهتر آهي”. پر علي بخش چيس ته “اسان کي جلدي آهي سو اسان شارٽ ڪٽ تان وينداسين”. اصغر کي ته ڪو اعتراض نه هو پر اڌ ڪلاڪ ۾ ئي علي بخش کيس فون ڪئي ۽ بخيلائي مان چيائين ته “يار ڪهڙي روڊ تي موڪلي ڇڏيو اٿئي سڄو روڊ کڏا ٿيو پيو هو ماڻهو اهڙي صلاح ئي نه ڏي ناحق توکان صلاح ورتي سين”. اصغر پريشان ٿي ويو ته مون ته هنن کي منع ڪيو هو پر هي پاڻهي ويا آهن ۽ هاڻي مون تي ناراض ٿي رهيا آهن، علي بخش واپس اچي وري اصغر تي ڪاوڙجي پيو ۽ سدائين ان جي گلا ڪندو رهيو.
اهي مثال ته صرف معاشري ۾ اهڙين روين جا ڪجهه نمونا آهن اسان وٽ الائي ڇو اها ڪار حد کان وڌيڪ آهي اڪثر اسان ٻين وٽ ڪا شيءَ ڏسي ان کان متاثر ٿيندا آهيون ۽ ان جهڙي شيءَ وٺندا آهيون پر چوندا آهن نه ته نصيب اپنا اپنا ۽ پسند اپني اپني، هاڻي جيڪر هن کي ان شيءَ ۾ مزو ٿو اچي ته ان شيءَ جو پراڻو استعمال ڪندڙ ماڳهين لوهه ٿي ويندو آهي ۽ سدائين ان مٿان لعنتاڻو اچي ويندو آهي، خاص طور تي ڳوٺن جا اهي ماڻهو جيڪي شهرن ۾ روزگار يا نوڪرين سانگي ٽڪيل آهن اهي ته ٻٽي عذاب جو شڪار هوندا آهن اڪثر انهن کي ڳوٺان فون ايندي آهي ته فلاڻي شيءَ وٺي موڪل پيسا ڳوٺ ايندين ته ڏينداسين. هي ويچارو وٺي موڪليندو آهي پر خدانخواسته ان شيءَ ۾ ڪا خرابي هجي يا مائٽ کي پسند نه اچي ته ان مهل ئي اها شيءَ وٺي موڪليندڙ جي گهر موڪلي ويندي آهي ته “اسان اوهان کي ٿوروئي اها چئي هئي!!!”. گڏوگڏ ٺونٺ جيڏو ايس ايم ايس به موڪليندا ته “نه وٺي ڏيڻو هو ته اها ڳالهه ڪرين ها باقي اسان جي پسند جو ته خيال ڪرين ها!.” وري اهي ماڻهو جڏهن ڳوٺ ايندا ته به انهن کي ڪيترائي ماڻهو پيسا پيا ڏيندا ته فلاڻي شيءَ وٺي موڪلجان فلاڻي شيءَ وٺي کڻيو اچجان. پيسا به هميشه گهٽ ڏيندا ۽ حڪم ڪندا ته وٺيو اچجان جي پيسا گهٽ ٿين ته لڳائي وٺجان آئون پاڻهي پيو ڏيندس ۽ اڪثر ڪري اهي پيسا ناهن ملندا. اهڙين شين ۾ جيڪر موبائيل يا ڪمپيوٽر جهڙي ڪاشيءَ هوندي آهي ته ماڳهين سُور سوايا ٿي ويندا آهن. ڪمپيوٽر جي رڳو ونڊو اُڏامي وڃي ته به فونون پيا ڪندا ته “يار پاڻ واري ڪمپيوٽر جي ونڊو بيهي ئي ڪانه ٿي روز اڏاميو ٿي وڃي تنهنجو ڪو دوست هجي ته ان کي چئو ته مون کي ونڊو ڪري ڏي” ۽ پوءِ اهو سلسلو هلندو ئي رهندو آهي.
اسان جي هڪ دوست سندس مائٽ کي موبائيل وٺي موڪليو سندس اهو مائٽ بيلنس نه هجڻ جي صورت ۾ ٻين کان موبائيل وٺي دوست کي فونون ڪندو هو ته “يار اڳيون موبائيل ايترا پيسا نه ساڙيندو هو هي موبائيل مهانگي ڪال ٿو ڪري هاڻي به ڏس ٻي دوست جي موبائيل تان فون ڪري رهيو آهيان!!!”. ۽ اهڙا ته کوڙ مثال موجود آهن پڙهيا لکيا ماڻهو ائين ڪندا آهن جيڪو حقيقت ۾ غلط آهي، جيڪر ڪا نئين شيءَ ورتي آهي ته ان جي پراڻي واهپيدار سان ان جي باري ۾ صلاح مشورو ڪرڻ ڏوهه ناهي پر هر هر ان کي تنگ ڪرڻ اخلاقي طرح سان بلڪل غلط آهي، ساڳئي طرح سان اسان سڀني جا دوست شهرن ۾ رهن ٿا ۽ اسان انهن وٽ اڪثر ايندا ويندا رهندا آهيون. شهرن جا اڪثر ڳوٺاڻا واقف به ناهن هوندا ۽ اهي مڪمل طرح سان پنهنجي شهري دوستن تي ڀاڙيندا آهن ۽ سندن شهري دوست جيڪي اڪثر نوڪري وارا هوندا آهن اهي انهن کي ظاهر آهي ڀرپور وقت ڏيئي ناهن سگهندا، اهي حقيقت ۾ ايترو ئي ڪري سگهندا آهن ته هڪ ڏينهن وڃي کين گهمائي اچن يا اسپتال يا جتي سندن ڪم آهي اها جاءِ ڏيکاري اچن. پر مائٽن جو خيال هوندو آهي ته اسان جو شهري وارو مائٽ پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي سمورو وقت اسان وٽ گذاري ۽ جيڪو ائين ناهي ڪندو ان جي ڳوٺ وڃي ايتري گلا ڪندا جو الله ڏي پناهه. اهي سمورا طريقا درست ناهن انهن کان بچيو وڃي ته بهتر آهي.