ثقافتي رنگا رنگي ۽ سنڌ جي وحدت (وسعت الله خان)

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪجهه ڏينهن اڳ بي بي سي اردو جي وسعت الله خان جو سچاين ۽ تاريخي حقيقتن تي مشتمل هڪ ليک ڇپيو هو۔ پر اڄوڪي ڪاوش ۾ لکيل سندس هي ليک انهن ماڻهن جي منهن تي چماٽ آهي جيڪي سنڌ جي حرامي پٽن ۽ ڌاريائپ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سلام وسعت الله خان کي جنهن سچايون بيان ڪيون آهن، جنهن اسان سان ڪيل نا انصافين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اسان جي ناڪامين ۽ نا اهلين کي به سامهون آندو آهي۔
    ثقافتي رنگا رنگي ۽ سنڌ جي وحدت
    وسعت الله خان

    [​IMG]
    توهان مان جيڪي ماڻهو مونکي پڙهندا ۽ ٻڌندا رهندا آهن، اهي شايد واقف هجن ته ڊگهي گفتگو ڪرڻ ۽ لکڻ کان مونکي ڪيتري قدر الرجي آهي. مون ۾ ۽ عابده پروين ۾ اها هڪ جهڙائي آهي ته اسان ٻئي ان بلهي شاهه جا پرستار آهيون، جيڪو چوي ٿو ته، ”پڙهه نقطا، ڇوڙ ڪتابان نون، اِڪ نقطي وچ گل مُڪدي اي“.
    بين الاقوامي تعلقات جي هڪ معمولي شاگرد طور مونکي غلط يا صحيح - جيڪو ڪجهه به سمجهه ۾ آيو آهي، سو اهو آهي ته ڪنهن به جڳهه تي ڪنهن به ڌاريي ماڻهوءَ لاءِ ايتري گنجائش هوندي آهي، جيتري گنجائش ان ڌاريي جي طبيعت ۾ هوندي آهي. توهان مان جيڪڏهن ڪنهن کي کچاکچ ڀريل ريل جي گاڏي ۾ سفر ڪرڻ جو اتفاق ٿيو آهي ته توهان کي اهو تجربو به ضرور ٿيو هوندو ته جيڪي مسافر ريل جي گاڏي ۾ پهرين چڙهي ويندا آهن، اهي بعد ۾ ايندڙن لاءِ سولائي سان دروازو نٿا کولين. دروازو کولڻ لاءِ نئين مسافر جي ڪنن ۾ اڪثر اهي آواز ايندا آهن ته، ”بابا اڳئين گاڏي ۾ وڃ ..... ادا هتي ته اڳ ئي ماڻهو هڪ ٻي مٿان سٿيل آهن ..... اڙي چريو ٿي ويو آهين ڇا؟ جيڪڏهن جاءِ هجي ها ته آئون ٽوائليٽ جي سامهون ويٺل هجان ها ڇا! وڃ، بابا وڃي ڪا ٻي جڳهه ڏس.“ ان جي باوجود پليٽ فارم تي بيٺل مسافر آهستي آهستي رڙهندڙ ٽرين سان گڏوگڏ ڊوڙندو رهندو آهي ۽ پوءِ ڪونه ڪو رحم کائي دروازو کولي ٿو ڇڏي ۽ مسافر احسانمند جي نگاهن سان گاڏي ۾ چڙهي وڃي ٿو پر اڳئين اسٽيشن تي اهو ساڳيو ئي مسافر منٿون ڪندڙ نون مسافرن کي چئي رهيو هوندو آهي ته، ”اڙي چريو آهين ڇا؟ ڏسين نٿو ته گاڏيءَ ۾ جڳهه ئي ڪانهي“.
    اها انساني جبلت آهي ته اهو ٻين کي قبول ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳائي ٿو. جيئن جيئن اهي هڪ ٻئي کي سمجهندا ويندا آهن، تيئن تيئن دلين ۾ گنجائش وڌندي يا گهٽجندي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪو نئون ايندڙ شخص اڳ ئي موجود شخص جي ڏک سک، خوشي غمي ۽ نفسياتي لاٿ ۽ اڀار ۾ هن جو جيترو وڌ يا گهٽ ساٿ ڏيندو، ان ئي تناسب سان اڳ ۾ موجود شخص جي عدم تحفظ جو احساس گهٽجندو يا وڌندو ويندو ۽ ٻَئي هڪ ٻئي کان پري ٿيندا يا هڪ ٻئي جي ويجها ايندا ويندا آهن ۽ هڪ رسمي تعلق آهستي آهستي دوستي ۽ هم آهنگي يا دشمنيءَ ۾ بدلجندو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو نئون ايندڙ شخص اهو انتهائي نازڪ نقطو نه سمجهندو ته ان جو مطلب آهي ته، اهو ايترو خود غرض آهي، جو کيس پاڻ کان علاوه ڪجهه به نظر نٿو اچي. آئون ان ڳالهه کي وڌيڪ کولي سمجهائڻ لاءِ هڪ مثال ڏيڻ چاهيان ٿو. توهان کي هڪ مصيبت زده شخص روڊ تي ملي ٿو، توهان ان کي پنهنجي گهر وٺي اچو ٿا ۽ ان جو خيال رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريو ٿا. اهو توهان جي همدرديءَ کان متاثر ٿئي ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ توهان جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. اهو توهان کان پڇڻ کانسواءِ ئي توهان جي ٻارڙي کي پڙهائڻ شروع ڪري ڇڏيندو، پڇڻ کانسواءِ ئي توهان جي غير موجودگيءَ ۾ ٿانوَ ڌوئندو يا ڪمري جي صفائي ڪري ڇڏيندو ۽ توهان ان کان گهڻا متاثر ٿيڻ لڳندا. پوءِ توهان پاڻ ئي ان کي ٻڌائيندا ته فلاڻي هنڌ هڪ جڳهه خالي آهي، نوڪري لاءِ درخواست ڇو نٿا ڏيو. جيڪڏهن ان کي نوڪري ملي ٿي وڃي ته اهو وري اهو چوندو ته کيس مسواڙ تي هڪ گهر جي ضرورت آهي ۽ شايد ان گهر جي ڳولا ۾ توهان به ان جي مدد ڪندا ۽ پوءِ آهستي آهستي جيڪو رشتو همدرديءَ سان شروع ٿيو هو اهو دوستي ۾ بدلجندو ويندو پر جيڪڏهن توهان هڪ اهڙي شخص کي همدردي ڪندي گهر ۾ آڻيو ٿا ۽ ٻي ڏينهن کان ئي اهو چوڻ شروع ڪري ٿو ڇڏي ته، ”آئون ناشتي ۾ سادي ماني نه پر اڦراٺو کائڻ جو عادي آهيان ..... آئون پَٽ تي سمهي نٿو سگهان، مونکي کٽ گهرجي ..... توهان جي ٻارن جي گوڙ سبب منهنجي ننڊ خراب ٿي ٿئي ..... توهان وٽ نه ٽي وي آهي ۽ نه ئي ريڊيو، توهان کي بوريت نٿي ٿئي؟ ..... ٻاهر وڃي رهيا آهيو ته منهنجي لاءِ ڀلا اخبار وٺي اچو ....“ ان رويي جي ڪري توهان گهڻا ڏينهن اهڙي شخص سان همدردي ڪندا يا کيس پنهنجي گهر ۾ رهائڻ پسند ڪندا؟ اها نفسيات صرف فرد جي ئي ناهي، گروهه، برادري، قوم، ملڪ، سڀني جو عمل ۽ ردِ عمل ان نفسيات ۾ ڳوهيل آهي، ان ۾ وڏي يا ننڍي قوم يا ملڪ جي ڪابه بندش ڪانهي. جهڙي ريت ڪنهن فرد جي عزتِ نفس ٿيندي آهي، اهڙي ريت قومن جي به عزتِ نفس ٿيندي آهي. اظهار جي شدت گهٽ يا وڌ ٿي سگهي ٿي پر فرد ۽ قوم ۾ نفرت، محبت ۽ تعصب جو جذبو هڪ جهڙو ورهايل هوندو آهي. اهي جبلي رويا آهن، جيڪي جانورن ۽ انسانن ۾ هڪ جهڙا موجود هوندا آهن. پر هڪ جذبو اهڙو به آهي، جيڪو صرف ۽ صرف انسانن ۾ ملي ٿو ۽ اها آهي لالچ. لالچ سان هوس پئدا ٿئي ٿي ۽ هوس جو پيٽ باقي سمورن جذبن کي ڳڙڪائڻ کانسواءِ نٿو ڀرجي. منهنجو خيال آهي ته فلسفياڻي گفتگو ته گهڻي ٿي وئي، هاڻي ٿورو آسان ۽ عام فهم ٻوليءَ تي اچون ٿا.
    ڊائيورسٽي (تنوع يا رنگا رنگي) ۽ مثبت ڊائيورسٽي جي ڪُني ضروري مصالحن کانسواءِ نٿي پچي سگهي ۽ اهي مصالحا به جيڪڏهن خاص تناسب سان نه وڌا ويا ته پچائڻ واري جي پرخلوص هجڻ باوجود اها ڪُني/ طعام خراب ٿي سگهي ٿو. پهريون مصالحو آهي ٻولي ..... ضروري ناهي ته مونکي توهان جي ٻولي ايندي هجي. اهو به ضروري ناهي ته توهان منهنجي ٻولي ڳالهائيندا هجو پر اهو بهرحال ضروري آهي ته آئون توهان جي ۽ توهان منهنجي زبان سکڻ، سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ جي ٽٽل ڦُٽل ئي سهي، مگر ڪوشش ضرور ڪريون ته جيئن توهان کي منهنجي ۽ مونکي توهان جي لساني خلوص جو اندازو ٿي سگهي. ڀلي ٻولي سکڻ سان ڪو معاشي فائدو ٿئي يا نه به ٿئي، پر نفسياتي ديوار ضرور ڪمزور ٿيندي.
    ٻولي ڪيڏي وڏي قوت آهي، ان جو اندازو مونکي ٽنڊي محمد خان ۾ هڪ هاريءَ سان ملڻ کانپوءِ ٿيو. ان هاريءَ کي پنهنجي وڏيري سان تمام گهڻيون شڪايتون هيون پر انهن شڪايتن ۾ ڪو خاص ڏک نه هو، البته وڏيري جي پٽ لاءِ ان هاريءَ جي لهجي ۾ وڏو صدمو ۽ ڏک هو. چوڻ لڳو: ”مير صاحب ته جيڪي به گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو پر سندس پٽ ته سڌي گار به انگريزي يا اردوءَ ۾ چئي ٿو ته پوءِ اسان جي هن سان ڪيئن پئي!“
    مثبت ڊائيورسٽي جو ٻيو مصالحو آهي زمين ..... جيڪو به شخص يا قوم پنهنجي زمين تي توهان کي جڳهه ڏئي ٿو، اهو عظيم شخص آهي، اها عظيم قوم آهي. انهن ته توهان کي ڇت، روزگار ۽ پاڙيسري هجڻ جو حق ڏيئي ڇڏيو، جيڪڏهن توهان ان جو ٿورو حق به ادا ڪري سگهو ٿا ته ڪڏهن به ان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، ان جي خلاف ڪنهن منصوبي يا سازش جو حصو نه بڻجو، اهو ڪمزور ٿيندو ته ان سان گڏ توهان به ڪمزور ٿيندا ۽ جيئن ته اهو توهان کان پهرين ئي ان ڌرتيءَ تي آهي، ان ڪري ان سان عاجزيءَ سان هلو. جيڪو علمي ۽ فڪري اثاثو ۽ تجربو توهان پاڻ سان آندو آهي، ان ۾ هن کي به برابر جو شريڪ سمجهو ۽ پنهنجيون سموريون توانائيون اجتماعي ترقيءَ تي لڳائي ڇڏيو. جيڪڏهن اهو ڪمزور ٿيڻ لڳي ته توهان ان جي طاقت بڻجو ۽ ان ڌرتيءَ کي اهڙي ريت پنهنجي ماءُ سمجهيو، جهڙي ريت توهان کان اڳ وارن هن ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ بڻايو هو. پر هي مصالحو اتي وڌيڪ مقدار ۽ ذهانت سان استعمال ڪرڻو پوندو آهي، جتي تاريخي حادثن ڊائيورسٽي جي ڪُنيءَ جي جڳهه تي زبردستي ديڳ چاڙهي ڇڏي هجي، جيئن سنڌ سان ٿيو، ان تي آئون اڳتي ڳالهائيندس.
    ٽيون مصالحو آهي هڪ ٻي جو احترام ۽ عزت. هيءَ دنيا ”هڪ هٿ ۾ ڏيو - ٻئي هٿ ۾ وٺو“ جي بنياد تي هلندي آهي. هر شخص ۽ هر قوم ۾ چڱائين ۽ برائين جو تناسب به هڪ جهڙو ورهايو ويو آهي، پر سڀ نه بليڪ آهن ۽ نه وري وائيٽ. اسان سڀ ”گِري“ آهيون ۽ ”گِري ايريا“ ۾ رهندا آهيون. حضرت علي عه جو فرمان آهي ته، جيڪڏهن توهان هڪ آڱر ٻئي تي کڻندا ته توهان جي ئي هٿ جون ٽي آڱريون توهان طرف اٿي وينديون. جيڪڏهن توهان ڪنهن کي ”سائين“ چوندا ته اهو به توهان کي ”حضور والا“ ۽ ”چوڌري صاحب“ چوندو. جيڪڏهن توهان ڪنهن کي ڌاڙيل ۽ ڌنار چوندا ته ٻيو به توهان کي مڪڙ ۽ ڍڳو چوندو. جيڪڏهن توهان ڪنهن کي قورمو کارائيندا ته اهو به توهان کي پلاءُ پيش ڪندو. جيڪڏهن توهان ان کان آخري گرهه کسيندا ته اهو به توهان جي سامهون رکيل سڄي پليٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪڏهن توهان ان جي نياڻيءَ جي عزت ڪندا ته اهو توهان جي ماءُ جا پير ڇُهندو. جيڪڏهن توهان ان جي گهر تي بدنظر وجهندا ته ان جون اکيون به حياءَ ڇڏي وينديون. جيڪڏهن مصيبت ۾ توهان ان جي مالي مدد ڪندا ته بدلي ۾ اهو ٻيو ڪجهه نه به ڪري سگهيو ته به توهان سان گڏ ڊڪ ڊوڙ ضرور ڪندو.

    هلندڙ
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حصو ٻيو

    مثبت ڊائيورسٽي جو چوٿون مصالحو آهي انصاف ..... هڪ انصاف ته اهو آهي، جيڪو عدالت يا جرڳو يا برادري ڪري ٿي ۽ ٻيو انصاف اهو آهي، جيڪو توهان جي اندر جي عدالت ڪندي آهي. آئون اهو مڃڻ لاءِ بنهه تيار ناهيان ته توهان ڪنهن به شخص يا گروهه يا قوم لاءِ چڱو يا برو سوچيو يا ڪريو ۽ توهان جي دل توهان جي دماغ جو هٿ نه پڪڙي. توهان سچ کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪريو ۽ توهان جو ذهن توهان تي نه کلي! توهان پنهنجي برادري يا قوم کي چورن، لچن ۽ لوفرن سميت فرشتو سمجهو ۽ ٻي قوم کي مڪمل طور تي ڏوهاري، جاهل ۽ تهذيب کان وانجهيل سمجهو ۽ توهان جي دل توهانکي طنزيه نگاهن سان نه ڏسي! جڏهن توهان ڪو به فيصلو ڪرڻ وقت پنهنجي ئي نگاهن سان نگاهه ملائي نه سگهو، جيڪڏهن توهان کي ڪو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ رات جي پرسڪون ننڊ کان نجات ملي وڃي ته سمجهي وڃو ته معاملو گڙٻڙ آهي، توهان کان ڪٿي ظلم، بد ديانتي يا غلطي سرزد ٿي آهي.
    آمريڪا، سوئٽزرلينڊ، وچ ايشيا جون رياستون يا ڏکڻ آفريڪا جهڙا ملڪ مثبت ڊائيورسٽي جا جزوي نمونا ان ڪري ناهن، جو انهن ٻين سماجن کان ڪي سٺا ۽ خراب سبق سکيا آهن ۽ پنهنجي حالتن مطابق پنهنجي ڌرتيءَ تي انهن تجربن کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اتي جي قيادت صرف پنهنجو سياسي متاع ناهي وڪيو، پر ان متاع کي ڪواليٽيٽو (معياري) ۽ انسان دوست بنائڻ جي ڪچي ڦڪي ڪوشش به ڪئي آهي. هندوستان مثبت ڊائيورسٽي جو هدف حاصل ناهي ڪري سگهيو پر اسان اهو نٿا چئي سگهون ٿا ته اتي سياسي محاذ ۽ سول سوسائٽي جي پليٽ فارم تان اهڙي ڪوشش نه پئي ٿئي.
    ڏنڊي سان يوگو سلاويا، سوويت يونين، سوڊان ۽ اوڀر پاڪستان ته بڻجي سگهن ٿا پر هڪ ڏينهن جڏهن ماڻهو مارَ جي اثر کان آزاد ٿي اهو ڏنڊو ٽوڙي ٿا ڇڏين ٿا، پوءِ نقشي کي بوسنيا، ڪروشيا، سربيا، ميسي ڊونيا، بنگلاديش، ڏکڻ سوڊان ۽ 15 سابق سوويت ملڪن لاءِ گنجائش پئدا ڪرڻي پوندي آهي پر ايترن سارن تلخ تجربن جي باوجود به جتي اهو بحث جاري هجي ته ڏنڊو وڏو هوندو آهي يا عقل .... اتي صرف سوره فاتحه ئي ڪم ايندي آهي.
    مون شروع ۾ ئي ذڪر ڪيو هو ته مثبت ڊائيورسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾گهٽ چئن بنيادي مصالحن جي ضرورت هوندي آهي. 1947ع تائين سنڌ ۾ به مثبت ڊائيورسٽي موجود هئي ۽ هتي به اها ڪُني انهن ئي مصالحن مان ٺهندي هئي، جن جو مون ذڪر ڪيو هو.
    سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ ۾ ٻاهران جيترا به گروهه، فاتحن يا پناهه گيرن جي شڪل ۾ آيا، ان مان ڪجهه ته واپس هليا ويا پر جيڪي هتي آباد ٿي ويا، اهي صدين جي سفر ۾ ننڍن ننڍن ٽولن جي شڪل ۾ آيا، جن کي سنڌ جي معدي آساني سان هضم ڪري ورتو ۽ ڪنهن کي لساني، ثقافتي، معاشي ۽ سماجي بدهضميءَ جي شڪايت نه ٿي، نه اچڻ وارن کي، ۽ نه ئي وري اتي اڳ ۾ رهندڙن کي پر هندوستان جي ورهاڱي جي عمل ۾ پهريون دفعو ائين ٿيو ته صدين کان آباد لکين ماڻهو سنڌ جي ڌرتيءَ تان سالن ۾ نه، بلڪه مهينن ۾ اکڙي ويا ۽ انهن جي جاءِ جن ماڻهن ورتي، انهن جي پيرن هيٺان به ڌرتي کسڪائي وئي هئي. وڃڻ وارا جيئن ته هندو هئا، تنهنڪري ڪنهن به ڪنهن کي سنجيدگيءَ سان روڪڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. اچڻ وارا جيئن ته مسلمان هئا، انڪري انهن جي آمد تي به ڪو سنجيده اعتراض نه ٿيو پر هندستان جيئن ته هڪ وڏو ملڪ هو، ان ڪري سنڌي هندو ڪنهن هڪ يا ٻن هنڌن تي آباد ڪرڻ بدران اترئين ۽ الهندي هندستان جي هر وڏي شهر ۾ پکڙجي ويا ۽ ٽيهن چاليهن سالن ۾ گهرن ۾ سنڌي ۽ گهرن کان ٻاهر هندي ڳالهائيندي ڳالهائيندي اهي هڪ وڏي هندستاني سمنڊ جو حصو بڻجي ويا. ٻئي طرف پاڪستان جي ابتدائي حڪمرانن ۽ بيوروڪريسي جو هڪ وڏو تعداد، جيئن ته هندستان جي حڪمران طبقي ۽ بيوروڪريسي جي ابتڙ، پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ کان ڪٽجي چڪو هو، تنهنڪري انهن هندستاني قومي يڪجهتيءَ جي نهرو- پٽيل جي فارمولي تي ڌيان ڏيڻ جي بدران، جنهن ۾ پناهگيرن کي هڪ يا ٻن ٽن شهرن جي بدران هر هنڌ آباد ٿيڻ جي حوصلا افزائي ڪئي وئي هئي، اسان پنهنجي هم زبان مصيبت زده ماڻهن کي چند هنڌن تي اجتماعي صورت ۾ وسائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي. تنهنڪري بهار، اوڀر يوپي ۽ آسام مان بي گهر ٿيندڙ مسلمانن دارالحڪومت ڍاڪا ۽ ديناج پور ۽ کُلنا جهڙن شهرن جو رُخ ڪيو، جيڪي ريلوي جا مرڪز هئا. جيڪي ماڻهو اوڀر پنجاب کان اولهه پنجاب آيا، انهن ۾ گهڻن کي فيصل آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ وسائڻ جي ڪوشش ٿي. ڪشمير مان آيلن کي سيالڪوٽ، وزير آباد ۽ گجرانوالا جي پٽيءَ تي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي پر بمبئي ۽ کوکرا پار جي رستي راجسٿان، گجرات، مڌيا پرديش ۽ حيدرآباد دکن کان جيڪي ماڻهو آيا، انهن جو رُخ قدرتي طور تي سنڌ جي شهرن ڏانهن هو ۽ ان وقت کوکرا پار کان ويندڙ ريلوي لائين تي ٽي ئي وڏا شهر هئا، ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ کوکرا پار. سڀ کان گهڻيون سرڪاري امدادي ڪئمپون به انهيءَ لائين جي ٻنهي طرفن هيون. حڪومت جي سموري مشينري به اتي ئي هئي ۽ گهڻيون متروڪ ملڪيتون به انهيءَ ئي پٽيءَ ۾هيون. جيئن ته مرڪزي حڪمران طبقو غير سنڌي هو، ان ڪري ان جو مفاد به ان ۾ هو ته ايندڙ هڪ يا ٻن هنڌن تي آباد ٿين ته سياسي ۽ اقتصادي تڪ ٺهندا ويندا ۽ سنڌ جي مقامي قيادت ۾ به ايتري همٿ يا سُڌ ٻڌ نه هئي، جو ايندڙ وقت کي ڏسندي ان ڳالهه تي زور ڏين ها ته مهاجرن کي سڄي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي ته جيئن انٽيگريشن (انضمام) تيزي سان ٿي سگهي.
    (توهان ڏسندا ته جيڪي مهاجر حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ کانسواءِ سنڌ جي ٻين ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي آباد ٿيا، انهن جي انٽيگريشن (انضمام) مقامي ماڻهن سان ايتري ته گهڻي آهي، جو انهن مان اڪثر، جي پاڻ نه ٻڌائين ته، انهن جا وڏڙا اردو، پنجابي يا پشتو ڳالهائيندا آهن يا هئا ته انهن جي شباهت، زبان ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي انداز مان اهو ٻڌائڻ مشڪل آهي ته اهي سنڌ ۾ گذريل 80 سالن کان وٺي پنجاهه سالن جي عرصي ۾ آباد ٿيا آهن).
    پاڪستان ٺهڻ جي نتيجي ۾ نه صرف ڌاري ثقافت جا لکين غير مقامي ماڻهو آيا پر ورهاڱي جي قيمت جي طور ڪراچي کي سنڌ کان انتظامي طور ڌار ٿيڻو پيو ۽ بنگالي اڪثريت جي سياسي اثرن کان بچڻ لاءِ پنهنجي شناخت جي قرباني ڏئي ون يونٽ جي اسٽيبلشمينٽ زده ڪڙي گوري به کائڻي پئي. تنهنڪري آهستي آهستي فوجي ۽ غير فوجي، سڀني حڪمرانن کي اهو راز معلوم ٿي ويو ته سنڌ جي وڏيرا شاهي سان ڊيل ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ انهن جي ڪمزوري ڪهڙي آهي؟ ۽ طاقت ڇا آهي؟ انهن کي ڪيئن خريد ڪري ۽ وڪڻي سگهجي ٿو؟ ان عدم مزاحمتي ۽ ذاتي خود غرضاڻي رويي مان فائدو وٺندي جڏهن بيراجي نظام تحت نيون زمينون آباد ٿيڻ لڳيون ته پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪي ۾ هڪ نئين لهر آئي، جنهن جو رُخ فوج، پنجاب ۽ سرحد صوبي (خيبر پختونخوا) کان سنڌ طرف هو. تڏهن ڪٿي وڃي مقامي سنڌي قيادت مان ڪجهه ماڻهن کي پهريون ڀيرو اهو شدت سان احساس ٿيو ته ملڪ ۽ ملت ۽ يڪجهتي ۽ حب الوطني جي نالي تي ساڻن ڇا ٿي رهيو آهي پر سُتل سَهي کي جڏهن هوش آيو، تيستائين ڪڇون گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو. تنهنڪري ان ڊوڙ کٽڻ جي تڪڙ ۾ ان عدم توازن کي ڪوٽا سسٽم، ڊوميسائل ۽ ليٽرل انٽري جي ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان مان ڪجهه ٿيو يا نه ٿيو پر شهري ديهي، نسلي ۽ لساني خليج ۽ بدظني گهٽ ٿيڻ بدران رورس گيئر ۾ وڌندي وئي ۽ اها نفسيات بڻجي وئي ته جيڪڏهن هڪ ڌر جي هٿ ۾ نوڙي آهي ته ٻي ڌر ان کي نانگ سمجهڻ لڳي. اسان جي سنڌي ۽ غير سنڌي بزرگن جي ڀُل چُڪ يا خود غرضي يا سادگي يا چالاڪيءَ جيڪي ڳنڍيون وڌيون، اڄ اُهي ڏندن سان به کلندي نظر نٿيون اچن. ان جي تدارڪ لاءِ جيتري وڏي دل ۽ دماغ گهرجي، في الحال اهو ڪنهن به پاسي نظر نٿو اچي. شايد ان ڳنڊ کي کولڻ جا ٻه ئي طريقا آهن، يا ته سنڌ کي تنگ نظر سياسي مفادن جي قربان گاهه ۾ رکي لبنان يا سريلنڪا بڻايو وڃي يا وري نيلسن منڊيلا جي ڏکڻ آفريڪي ماڊل مان سبق سکيو وڃي. رت وهائڻ کان پوءِ به آخر ته ڳالهه ٻولهه ۽ افهام ۽ تفهيم جي ئي ميز تي اچڻو پوندو، ڇو نه ڪنهن خوني مرحلي مان گذرڻ کان سواءِ ئي انا يا خود غرضيءَ کي هڪ پاسي رکي ڪنهن ٽئين ڌر جو مفاداتي سهارو وٺڻ بنا ئي ڪنهن انصاف ڀريي ٺاهه تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. تاريخ ۽ سياست ڳچيءَ ۾ جيڪو دُهل وجهي ڇڏيو آهي، اهو وڄائڻو ته پوندو پر هاڻي اهو توهان تي منحصر آهي ته ان دُهل کي سُٺي ۽ سريلي انداز ۾ وڄايو يا بي ڍنگي، بي سُري انداز سان وڄائي ڦاڙي ڇڏيو.
    مون اڃا تائين نه آباديءَ جي تناسب تي ڳالهايو، نه وسيلن جي ورهاست جو رت رنو. ڳالهه اها آهي ته دنيا جون سموريون سچايون سڌيون ۽ ساديون هونديون آهن. اصول هڪ ئي آهي ته هيئن ڪندا ته هونئن ٿي ويندو، هيئن نه ڪندا ته هونئن نه ٿيندو. بنيادي مصالحا ۽ سُر ست ئي آهن، انهن مان توهان چاهيو ته لکين کاڌا ۽ سنگيت پيدا ڪريو پر اهي رهندا ست ئي. انهن سچائين کي پيچيده ۽ دقيق عالماڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو پيشو پنڊت، مولوي، ريٽائرڊ جنرلن ۽ اڀرندڙ يا تجربيڪار سياستدانن ۽ انهن جي ڪارندن جي ضرورت آهي، آئون ته هڪ معمولي ماڻهو ۽ ان کان وڌيڪ معمولي صحافي آهيان، مونکان ايتري گهڻي محنت ڪٿي ٿي ٿئي!

    روزانه ڪاوش 8 جون 2012
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سچائيءَ سان جڏهن قلم ساٿ ڏيندو آهي ته اهڙا ليک لکجي ويندا آهن ۔۔۔ وسعت الله خان جي هن ليک کي آئينو چئي سگهجي ٿو، جيڪو هن سنڌ جي آسمان تي رکيو آهي ۽ موجوده مهاجر سنڌي سياست جي پسمنظر ۾ پئدا ٿيندڙ حالتن کي ڏيکاريو آهي۔۔۔

    ٻاهران ايندڙ ڌارين جون ۽ سنڌين جون ڪاتاهيون حساب ۾ آنديون اٿس ۔۔۔ مون ساڳين لفظن کي پنهنجي زبان ۾ چيو هو ته هڪ دوست فيسبڪ تي مونکي ڌارين جو ايجنٽ ۽ پئساکائيندڙ چيو هو ۔۔۔

    اصل ۾ سنڌين هندستان مان آيل ماڻهن لاءِ نه ته ڪالهه ئي ڪو وقتائتو فيصلو ڪيو هو ۽ نه وري اڄ ئي ڪو وقتائتو فيصلو ڪن پيا ۔۔۔ جذباتي رنگ چاڙهي ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري ڪي خاص مقصد حاصل ڪيا پيا وڃن ۔۔۔ جن ۾ پليجو صاحب اڳ کان اڳرو آهي، پليجي صاحب جي ان شعوري يا لاشعوري جدوجهد مان هڪ فائدو ضرور ٿيو ته مهاجرن کي خبر پئجي وئي ته سنڌي مري ويندا پر سنڌ ۾ ڪا به تبديلي برداشت نه ڪندا ۔۔۔

    هن وقت سنڌين کي تمام وڏي عقلمنديءَ کان ڪم وٺندي سنڌ جي مالڪي ڪرڻي آهي ۔۔۔

    اردو ڳالهائيندڙن جي باري ۾ گڏيل فيصلو ڪرڻو پوندو ۔۔۔ ۽ مٿن واضح ڪرڻو آهي ته هنن کي يا ته سنڌي ٿيڻو آهي يا سنڌ ڇڏڻي آهي ۔۔۔ ڪيتري حد تائين هاڻ سڀ سنڌ جون پارٽيون چاهي وفاقي هجن يا قومي سڀ ان ڳالهه کي واَضح ڪري چڪيون آهن ۽ صوبي جو راڳ ڳائيندڙ في الوقت ٻرن ۾ هليا ويا آهن ۔۔۔ پر پوءِ به سنڌين کي اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌ ڌارا ۾ ڳنڍڻ جي پاليسي ٺاهڻي پوندي ۔۔۔ جيڪي پنهنجا ٿين بسم الله، جيڪي دشمن ٿين ته به ظاهر ٿي پوندا ۽ جيڪي ملڪ ڇڏي وڃن ته ست بسم الله۔

    اردو ڳالهائيندڙ سنڌ ۾ اچي چڪو آهي ۽ سياسي رياستي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ سج کي پٺي ڏيڻ جي برابر آهي، انڪري کين سنڌ سان ڳنڍڻو پوندو ۔۔۔ ويڙهه ڪرڻ سان هنن جي سگهه وڌندي ۽ سنڌين کي نقصان ٿيندو ۔۔۔ ڀل قتلام ڪيو، جيترو قتلام ٿيندو اوترو هنن جوڪيس دنيا جي عدالت ۾ مضبوط ٿيندو۔

    مطلب ته هن وقت الله جا شڪر ته قومپرستن پڻ عقلمنديءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، ۽ مونکي جيڪا خبر آهي ته محترم جلال محمود شاه ايم ڪيو ايم کان علاوه اردو ڳالهائيندڙن سان له وچڙ ڪري کين سنڌي ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۔۔۔ الله ڪندو ته ڪامياب ٿيندو ۽ اسانکي سندس جدوجهد کي شابس ڪري ساٿ ڏيڻ گهرجي۔

    سنڌي سچ تي آهن ۽ الله ڪندو ته سنڌ کي نقصان نه ٿيندو ۔۔۔ الله ۾ اميد آهي
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اکيون کولندڙ ڳالهيون آهن۔۔۔ حيرت اٿم ايڏو وڏو آرٽيڪل پڙهي ويس ۽ وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو۔۔۔
    وسعت الله خان جا سنڌ ۽ سنڌيت تي اڳ به آرٽيڪل پڙهيا آهن۔۔۔ پر سندس هن ليک کي جنهن ترتيب سان ۽ جهڙي انداز سان سمجهايو، سلجهايو ۽ ٻڌايو ويو آهي اهڙو انداز ته ڪو سنڌيت سان چاهه رکندڙ سنڌي ليکڪ به شايد ئي لکي سگهي۔۔۔
    واهه واهه ڪيڏو خوبصورتي سان سمجهايو ويو آهي ته گهر جو مالڪ هجي يا ڌرتيءَ جو ۔۔۔۔ پنهنجي گهر ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کان کيس ڌار نه ٿو ڪري سگهجي ۔۔۔۔ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ستل، سست، ڍرو اخلاقيات کان آري، جاهل تهذيب کان وانجهيل جاهيل ۽ ڏوهاري سمجهندڙ به اٿي پوندو ۽ کيس ايتري جذباتي قوت ملي ويندو جو پاڻ تي کنيل ڏنڊي کي به ٻئي تي وهائي ڀڃي ڀور ڪندو ۔۔۔ کيس هوش ئي تڏهن ايندو جڏهن دشمن جي حرڪت بند ٿئي۔۔۔
    دعا آهي ته اهڙو جذبو جلد جاڳي ۽ سڀئي سنڌي گڏجي هڪ قوم ٿي پئون۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    منهنجي نظر ۾ اردو ڳالهائيندڙ کي سنڌ بنائڻ ڪو ايڏو وڏو چيلينج به ناهي۔۔۔ بس ان لاءِ
    سنڌي تعليم لازمي ۽ ضروري هجڻ گهرجي۔۔۔
    سنڌي تهذيت کي وڌيڪ روشن ڪجي۔۔۔
    اردو مواد کي سنڌي ۾ ترجمو ڪجي۔۔۔
    سنڌي ميڊيا کي عام ڪرڻ گهرجي۔۔۔
    سنڌين کي گهرجي ته اردو چينل ۽ اخبارون کولين۔۔۔
    جتي سنڌي تعليم ۽ تربيت کي عام ڪرايو وڃي۔۔۔

    پر سوال اهو آهي ته ”ٻلي کي گهنٽي ڪير پارائي۔۔۔۔؟“
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو