135 اٽيچمينٽ ڏسو خوبصورت شاعر ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙو جي ورسيء تي ڀيٽا ---------------- ڪٿي کُٽي ٿي وڃي رات، ڪا خبر ناهي، ڪٿي ٽُٽي ٿي وڃي بات، ڪا خبر ناهي. اسين فــقـيـرَ، مسـافـرَ، محبـتـن جا سفـيـر، پڇو ٿا ڪهڙي اٿئون ذات، ڪا خبر ناهي. طارق عالم قنبر جي نامور مصور ۽ قنبر شهر جي پهرئين فوٽوگرافر سائين محمد عالم ابڙي جي گھر ۾ 10 اپريل 1958ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن جا ڀائر دارا عالم، اياز عالم، منصور عالم (مرحوم) ۽ قيس عالم پڻ آرٽ ۽ ادب جي شعبن جون مشهور ۽ منفرد شخصيتون آهن. 1960ع ۾ سندس ڪٽنب سنڌ جي علمي آستان ڄام شوري لڏي ويو، جتي هن پرائمري تعليم 1965ع ۾ پرائمري اسڪول ڄام شوري، مئٽرڪ (پرائيويٽ) جامعه عربيه حيدرآباد، انٽر آرٽس سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد، بي اي (پرائيويٽ) 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ايم اي (پرائيويٽ) 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. هن پڙهڻ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيليفون اٽينڊنٽ ۽ سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ سيمينار انچارج طور هڪ سال پڻ نوڪري ڪئي. طارق عالم 1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي ادبي رسالي ٽماهي ”مهراڻ“ جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. هو سنڌي ادبي بورڊ جو ڪجهه وقت سيڪريٽري به رهيو. هن ايڊيٽر ماهوار ”گل ڦل“ طور پڻ ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ کيس ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو هو. طارق عالم 1975ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو، جڏهن سندس پهريون نظم ”ماروئڙا“ رسالي ۾ ڇپيو. سندس پهرين ڪهاڻي ”پائلي“ 1978ع ۾ ڇپي، جنهن کان پوءِ هو مسلسل لکندو رهيو. طارق عالم جي ناول ”رهجي ويل منظر“ کي 1985ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران سال جي بهترين ادب جو ايوارڊ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران نسيم کرل گولڊ ميڊل ڏنو ويو. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”سار آهي ستل ڊائريءَ ۾“ (شاعري)، ”بي روپ چهري جي ڪهاڻي“ (ڪهاڻيون) ۽ ”مٽي“ (ناول) شامل آهن. طارق عالم پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ سنڌي چئنلن لاءِ ڊراما (ٽيلي پلي) پڻ لکيا. سندس لکيل پهريون ڊرامو ”چنڊ رهين ٿو دور“ 1979ع ۾ پِي ٽِي وِي تان ٽيلي ڪاسٽ ٿيو، جيڪو سندس پنهنجي ئي هڪ ڪهاڻيءَ کي ڊراماٽائيز ڪيل هو. طارق عالم جا 25 کان وڌيڪ ڊراما نشر ٿي چڪا آهن. هن پنهنجي لکيل ڊرامي ۾ اداڪاري پڻ ڪئي جنهن جو نالو ”سج لهڻ کان اڳ“ هو. سنڌ ٽِي وِي چئنل تان نشر ٿيندڙ پهريون ڊرامو ”خالي فريم“ طارق عالم جو ئي لکيل هو. جڏهن ته، طارق عالم 1992ع ۾، روزاني عبرت حيدرآباد ۾، ڪالم/ڪهاڻي جي سري سان هفتيوار ڪالم پڻ لکيا. آرٽسٽڪ خاندان جو فرد هئڻ ناتي طارق عالم مصور پڻ هو. سندس فن پارن جي نمائش 2003ع ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ٿي. فنِ مصوريءَ ۾ هن جو پين ورڪ ۽ آئل ورڪ ڪيل هو....... هو گهڻي عرصي کان بيمار هو ۽ آخرڪار 11 جون 2011 تي زندگيء جي جنگ هارائي ويو. __________ سٽون رياضت ٻرڙو جي ٿورن سان
ڪٿي کُٽي ٿي وڃي رات، ڪا خبر ناهي، ڪٿي ٽُٽي ٿي وڃي بات، ڪا خبر ناهي. اسين فــقـيـرَ، مسـافـرَ، محبـتـن جا سفـيـر، پڇو ٿا ڪهڙي اٿئون ذات، ڪا خبر ناهي. خوبصورت شاعر، چترڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙو جي ورسيء تي ڀيٽا طارق عالم ابڙو : لفظن جو مصور ۽ رنگن جو شاعر محمد عثمان ميمڻ سنڌي ادب ۾ چند اهڙا اديب هوندا جن جي شهرت جو باعث ڪجهه لکڻيون ئي بڻيون هجن، سندن ان لکڻيءَ ايترو ته پاڻ مڃرايو هجي جو خود ليکڪ حيرت ۾ رهجي ويو هجي. طارق عالم اهو ڄاتو ئي نه هو ته سندس شهرت جو سبب سندس هڪ ناول ”رهجي ويل منظر“ بڻبو. جيڪو هن پنهنجي يونيورسٽي واري زندگي تي لکيو هو. سندس اهو ناول پڙهندڙن ۾ ايترو ته مقبول ٿيو جو هن ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن شايع ٿيندا رهيا. طارق جيتوڻيڪ سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪهاڻيون، سفر ناما، مضمون، ناول، شاعري وغيره پڻ وڌا پر سندس شهرت جو سبب ”رهجي ويل منظر“ ئي بڻيو. سندس انهي ناول بين القوامي شهرت ماڻي. سانوري رنگ سان سڃاتو ويندڙ هن سنهڙي مڙس جي قسمت ۾ شهرت جي ديوي گهر ڪري ويهي رهي. جيتوڻيڪ سندس شهرت تي ڪيترن ئي اديبن ساڙ به ڪيا پر ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس! طارق پنهنجي زندگي ۾ مختصر عرصي ۾ ڪافي نالو ڪمايو. طارق عالم ولد محمد عالم ابڙي جو جنم 10 اپريل 1958ع تي تعلقي قمبر ۾ ٿيو. 1960ع ڌاري سندس خاندان حيدرآباد مستقل رهائش پذير ٿيو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪرڻ بعد 1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين، جتي ڪيترن ئي سالن تائين مختلف ادبي ذميواريون نڀائيندو رهيو ۽ ڪيترو وقت ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. طارق عالم، سنڌيءَ جو منفرد اسٽائل رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هن جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ تمام گهڻيون مقبول آهن. سندس لکڻ جو ڊڪشن منفرد ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهندي ماڻهو پنهنجو درد محسوس ڪري ٿو. هو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو فن چڱيءَ ريت ڄاڻندو هو، جو قاري سندس اڪثر ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تائين پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو هو. هن جي لکڻيءَ جي اها ئي ڪشش کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان اهم ۽ مختلف بڻائي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ”رت سانت ۽ سوچون، (ڪهاڻيون 1979ع)، ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ (ڪهاڻيون 1998ع)، ”رهجي ويل منظر“ ناول (1984ع)، ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو 1992ع ۽ ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفر نامو 1998ع شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ ”پيوند“، ”طوفان کان پوءِ“، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ ۽ ”ڇانورو“ وغيره شامل آهن. ”ايس او ايس“، ”سڃاڻپ جي ڳولا“، ”ڪوئل“، ”فريم“، ”رات سانت ۽ سوچون“ سندس مشهور ڪهاڻيون آهن. طارق عالم جي ڪهاڻين ۾ جيڪا رومانويت آهي سا پڙهندڙن جي لاءِ ڪشش جو باعث بڻجي ٿي. انهيءَ حوالي سان ئي طارق کي ”سنڌي ادب جو روميو“ پڻ سڏيو ويندو هو. سندس ڪردار نڊر، بيباڪ، جذباتي ۽ حساس هوندا هئا، جن جي ٻولي ۽ انداز بيحد وڻندڙ هوندو هو. طارق عالم پاڻ هڪ خوبصورت تخليقڪار هو ۽ اهو ئي سبب هو جو هن تخليقي ادب کي وڌيڪ اهميت ڏني. ٽه ماهي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ هن سڀ کان پهريون ڪم به تخليقي ادب کي اهم سمجهندي ان کي مناسب جڳهه ڏئي ڪيو، هونئن به ادب جي ٻين شعبن جو محور تخليق ئي هجي ٿو، انهيءَ ڪري هن جي اهڙي آندل تبديليءَ کي پڻ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ کيس مانائتي موٽ پڻ ملي. طارق عالم جي خاندان جا اڪثر فرد آرٽ جي مختلف شعبن سان واڳيل رهيا آهن، جن ۾ سندن والد کان وٺي مڙني ڀائرن تائين خاص طور تي فن مصوري ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ جو اهم حوالو رکندڙ آهن. طارق نه فقط لفظن کي معنائون ڏئي مهانتا ماڻي، پر هن رنگن جي ميلاپ سان به ڪيترائي شاهڪار تخليق ڪيا. جن کي ڏسڻ کان پوءِ سندس ڪيل پيار ڀرئي پورهئي جو ڪاٿو آسانيءَ سان لڳائي سگهي ٿو. سندس مَن اندر جا اُڌما (Inner Feelings) جڏهن ڪوري ڪئنواس تي پين روڪ يا آئل پينٽ جي صورت ۾ پڌرا ٿيا ته انهن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ليئا پائيندي محسوس ڪري سگهجن ٿيون ۽ اها هڪ آرٽسٽ جي وڏي خوبي هجي ٿي ته سندس رنگن مان ڪيتريون ئي معنائون جنم وٺن ۽ اها پينٽنگ ڏسندڙن کي انهن معنائن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري. طارق عالم آرٽ جي دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر هو، جيڪو دنيا ۾ امپريشن ازم (Impressionism) جو وڏي ۾ وڏو حامي هو. جيتوڻيڪ طارق عالم جو ڪم بحيثيت مصور ايڏو گهڻو منظر عام تي نه آيو پر اهو تاريخ جو اهم ۽ سانڍڻ جهڙو حصو ضرور آهي. سندس فن پارن جي نمائش 2003ع ۾ سنڌ الاجي ۾ منعقد ٿي هئي. هن پنهنجي جيون سفر ۾ مذڪوره مڙني شعبن ۾ جيڪو به ڪم ڪيو سو هر طرح سان ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ طارق داد وٺڻ يا طلبڻ جو قائل نه هو پر سندس فن جي اها ڪماليت ئي چئبي جو هن بنان ڪنهن ڏيکاءَ جي سنڌي ادب جي ميدان ۾ ايترو ساراهه جوڳو ڪم ڪيو. طارق عالم يار ويس ۽ کل مک انسان هو. جهٽ ۾ رسندڙ ۽ جهٽ ۾ پرچندڙ طارق جي اسان کي اها خبر ئي ڪو نه هئي ته هو اسان کان جهٽ ۾ رسي ايترو پري هليو ويندو. جتان موٽڻ جي به نه ڪندو. زندگيءَ جي آخري حصي ۾ بڪين جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو. جنهن سبب ڪجهه وقت ڪراچي اسپتال ۾ پڻ داخل رهيو. ان دوران ثقافت کاتي پڻ سندس مدد ڪئي پر طارق جي حياتي بچائڻ لاءِ 80 لکن روپين جي ضرورت هئي. جيڪا هڪ اديب لاءِ گڏ ڪرڻ ناممڪن آهي. طارق عالم اسان سڀني کان 11 جون 2011ع تي موڪلائي ويو. طارق جو وڇوڙو سنڌ جي ساڃاهه وندن کان ساهه کسڻ برابر هو. طارق جي ڪهاڻي کيتر ۾ کوٽ اڄ به جيئن جو تيئن آهي. ڪهاڻي طارق پڄاڻان سچ پچ ته ”رهجي ويل منظر“ جهڙي ڏيک ڏئي رهي آهي ۽ واجهائي رهي آهي ته ڪڏهن ٿو طارق جهڙو جينيس اچي ۽ ڪهاڻي جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي ته ”ڪهاڻي منهنجي مٺ ۾ بند آهي.“
زندگيءَ جا ڪيترائي سفر، طارق عالم سان مون گڏ ئي ته طئه ڪيا هئا ۽ هاڻي هُن کان سواءِ ڄڻ اڪيلو مسافر آهيان، جيڪو باقي زندگيءَ جو سفر، بنا ڪنهن دوست جي طئه ڪري رهيو آهيان. سوچيندو آهيان منهنجي زندگيءَ ۾ هاڻي باقي بچيل ڀلا ڪيترو پنڌ....۽ يار طارق سان وڃي ملڻ لاءِ مون وٽ ڪيترا رات ڏينهن!؟ ۽ اهو سڀ نامعلوم! ۽ ٽي ورهيه... جيڪي هن کان وڇڙئي هاڻي مون کي ٿي چُڪا آهن. ڀانئيان ٿو ڪو هڪ به لمحو، اهڙو نه هوندو، جڏهن هن جي ياد کان آئون غافل رهيو هوندس. نامياري ليکڪه امرتا پريتم لکيو هو.... ”هُوءَ ساحر لڌيانويءَ جي سموڪ ڪيل سگريٽن جا اڌڙ ۽ ٽوٽا گڏ ڪري، انهن کي اڪثر پئي چپن سان لائيندي هئي.“ ائين ئي مون طارق جو لکيل اکر اکر پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيو آهي. يعني خط، تصويرون، ڊائري.... ۽ هِي اجهو رات... هِي ان ئي ڊائريءَ کي کولي هُن کي تلاش ڪندو رهيو هئس، جنهن ۾ هن پنهنجي وکريل زندگيءَ بابت، پينسل سان ڪي ننڍا ننڍا نوٽس ورتا هئا. شايد آخري ڏهاڙن دوران، هن ڊيٿ بيڊ تي، رات جي اونداهيءَ ۾ اهي نوٽس لکيا هئا. ان ڪري سِٽون سٽن جي مٿان... ۽ ائين هڪ ٻئي سان سلهاڙيل، ڄڻ ”عشق پيچان“ ول جون ڪي وليون هجن، ۽ ان ۾ ڪا ڳالهه واضح ته ڪا اڻ واضح ۽ خاص لفظ ته هِي... ”منهنجي هن آٽو بايوگرافيءَ جو نالو آهي ڪيڙا ماڪوڙا“ ۽ ان عنوان جي هيٺان پنهنجي سُهڻي سڀاءَ مطابق طارق پنهنجي ٽهڪن جي آوازن کي لفظ ڏيندي لکيو هو....ها... ها.... ها.... ۽ هُو جيئن نه، ڪنهن وقت امرتا پريتم بي خوديءَ جي حالت ۾ پنهنجي ساري وجود مٿان ”ساحر ساحر“ لکندي رهندي هئي. ڏٺم طارق پوري ڊائريءَ جي پني پني تي، پنهنجي صَحيح ائين ڪئي آهي.... جيئن، سانجهه سمي آسمان تي آڙيون پيون اڏامنديون نظر اينديون آهن. ۽ طارق!! ڪيڏو ته شوق هوندو هو توکي پکين وانگر اُڏامڻ جو...ان ڪري نيٺ ڪنهن پکيءَ وانگر آخر اُڏامي ئي ته هليو وئين....اِجهو ڊائريءَ جي پوئين صفحي تي طارق جا پنهنجي زندگيءَ ۾ لکيل آخري جيڪي لفظ هئا... اُهي وري هِي ته: منهنجي مرڻ سان ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي ناول مري ويندا تڏهن آلين اکين سان طارق جي انهن اکرن ڏانهن ڏسندي ڏسندي، ڊائريءَ تي ... ڏک منجهان پنهنجو قلم رکي.... دل ئي دل ۾ چوندو ٿو رهان.... طارق! توکان پوءِ رڳو تنهنجون ڪهاڻيون ۽ تنهنجا ڪيترا ناول ئي نه.... تنهنجو هي دوست به توکان پوءِ ڪهڙو جيئرو آهي جاني؟ اهو به ته مٺا! ختم ئي سمجهه، صفا ختم!! نصير مرزا/حيدرآباد
غزل طارق عالم ابڙو پسن ٿا نيڻ نِماڻا پري پري تائين اوهان جا رنگ او! راڻا پري پري تائين، ڪِناري بيٺا هُئاسين ڪُڏيون پئي لهرون پکي هوا ۾ اُڏاڻا پري پري تائين، سفر ۾ ڪالهه هئا ، ۽ سفر ۾ اڄ آهن نه جِن جا ٿاڪ ٺِڪاڻا پري پري تائين، وڳو گهڙيال ۾ هڪ هو جو سانت ڪمري ۾ اوهان جا ٽهڪ اُڏاڻا پري پري تائين، ڇڏڻ لاءِ جهان کي جڏهن به سوچيوسين اوهان جا سڏ ٻُراڻا پري پري تائين، پسن ٿا نيڻ نِماڻا پري پري تائين اوهان جا رنگ او! راڻا پري پري تائين.
سنڌي ادب جي منظر ۾ طارق عالم موجود آهي رکيل مورائي اڄ طارق عالم جي ورسي آهي. سندس وڇوڙي جو هيءُ ڪائون سال، مهينو، هفتو ۽ ڏينهن آهي، اهو وچور ڏيڻ انهيءَ ڪري غير ضروري آهي جو ان سموري عرصي ۾ هو سنڌي اديبن، شاعرن، پنهنجي همعصر دوستن ۽ گهر وارن کان هڪ گهڙي به نه وسريو آهي. طارق عالم، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، شاعر، ناٽڪ نگار ۽ ساڳئي وقت ناٽڪ جو اداڪار به! سچ ته اهو آهي ته هيءُ جڳ اسٽيج ئي آهي ۽ هر شخص پنهنجي ڏنل پارٽ جو ڪم پورو ڪري اسٽيج تان غائب ٿي وڃي ٿو ۽ پويان ڇڏي وڃي ٿو پنهنجو ادا ڪيل ڪردار، جيڪو جنهن به حوالي ۾ هوندو ياد ڪيو ويندو. ايئن طارق عالم جا ڪيترائي حوالا آهن. سندس شخصيت ۽ ادب جي باري ۾ ڪيتريون ئي سهمتيون ۽ اسهمتيون آهن جن تي تفصيل سان لکڻ جي گهرج آهي. اهو سڀ نه لکڻ سبب اسان پنهنجي اديبن، شاعرن ۽ عالمن جي علمي ادبي ڪٿ ڪرڻ کان محروم رهجي وڃون ٿا. هن وقت ڪجهه به لکڻ طارق جي وڇوڙي جي حوالي سان ئي آهي. هيءُ اهڙو اڀياس نه آهي، جنهن ۾ تفصيل سان اهو سڀ لکيو وڃي، جيڪو طارق عالم، اسان سڀني کان لهڻي ٿو. سندس ادب جي باري ۾ به ڪو تفصيلي اڀياس اچڻ گهرجي. ايئن سندس شخصيت جي باري ۾ اهو سڀ لکت ۾ اچڻ گهرجي جيڪو اڃا تائين لکت ۾ نه اچي سگهيو آهي، اسان وٽ اڄ تائين طارق بابت جيڪو پهتو آهي، ان جو وڏو حصو اهڙو فڪشن آهي جنهن جو ادبي اڀياس سان ڪوبه واسطو نه آهي. دلي اظهار آهي، جيڪو ڪنهن به ويچار کان وانجهيل آهي، خاص طور طارق عالم جي شخصيت بابت ۽ ادب بابت في الحال مان ڪجهه به لکڻ لاءِ پياري نصير مرزا ۽ پياري اخلاق انصاريءَ تي ڇڏيان ٿو. ان وشواس سان ته هو ٻئي عمر جي ڪنهن حصي ۾ ضرور ايماندار ٿيندا ۽ اهو سڀ لکت ۾ آڻيندا. جيڪو فڪشن نه هوندو، هڪ ادبي اڀياس هوندو، ڇاڪاڻ ته فڪشن/تصور آهي. تخليقي توڻي تنقيدي ۽ تعريفي اڀياس ئي ڪنهن به تخليقڪار کي ادب ۾ پنهنجي مرتبي آهر زندهه رکندو آهي، ايئن سنڌي ڪهاڻي، ناول توڻي ناٽڪ ۾ طارق عالم پنهنجي تخليقي قوتن آڌار ئي زندهه رهيو آهي ۽ اڳتي به زندهه رهڻو آهي، ڪن به افسانوي مفروضن ۽ واڌو نيڪ خواهشن تي ادب ڪڏهن به زندهه رهي نه سگهندو آهي. طارق عالم هڪ ئي وقت الڳ الڳ صنفن تي نهايت ئي تخليقي طور سفر ڪندو رهيو پر سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ کيس وڌيڪ آبروءَ سان سنڌي تخليقي ادب ۾ زندهه رکندو، سندس ڪهاڻيون، گهڻي حد تائين منفرد آهن پر ايئن نه آهي ته اهي سنڌي جي موجوده ڪهاڻيءَ کان بنهه الڳ آهن. ان حوالي ۾ خاص طور ٿر جي وڏيءَ ڀٽ تان ايندڙ هڪ وڏي آواز هڪ سموري نسل کي گمراهه ڪيو پر اڄ ايئن نه آهي. سنڌي ادب ۾ تخليقي ناول فقط ”رهجي ويل منظر“ نه آهي ان جي اڳيان پويان ڪي ٻيا به ناول آهن پر هن ناول يونيورسٽي جي دائري ۾ ڪيترن ئي نسلن کي موهيو. اهو هن ناول جو تخليقي پهلو آهي. هي اهڙو ناول آهي جنهن طارق عالم کي بيحد گهڻي آبرو بخشي. طارق عالم شاعري به ڪئي، سندس ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ شايع ٿيو ته ان کي به ادب ۾ چڱي جڳهه ملي. توڻي جو ان ڪتاب بابت شايع ٿيل ليک به اڀياس کان وڌيڪ افسانوي آهن. ادب ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون لکڻيون پنهنجي ادبي اهميت وڃائي ويهنديون ۽ پڪ سان اڄ جي نئين صديءَ ۾ لکيو ويندڙ ادب خاص طور تنقيد گهڻو اڀرڻ لڳي آهي، جيڪا افسانوي قصن کان الڳ آهي. ان ڪري سنڌي ادب جي سنجيده اڀياسين کي طارق عالم جي ادب بابت وڌيڪ سنجيده ٿيڻ جي ضرورت آهي، ايئن اسان پنهنجي هن تخليقي ليکڪ سان وڌيڪ انصاف ڪري سگهنداسين ۽ کيس مناسب مرتبو ڏئي سگهنداسين. اسان جا اڪثر اديب/شاعر ۽ عالم، وفات کان پوءِ ڏند ڪٿائون بڻايا ويا آهن، جن جو حقيقت سان واسطو گهٽ آهي. ان ڪري اسان سنڌي ادب ۾ ايندڙ نسل لاءِ هڪ گمراهه/اونداهي راهه جوڙي رهيا آهيون، جيڪا ان کي روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جي بجاءِ، اونداهيءَ ڏانهن وٺي ويندي. ان ڪري اسان کي پنهنجن تخليقڪارن کي اهڙي ڏند ڪٿائي اونداهيءَ کان الڳ ڪري، نج تخليقي بنيادن تي بيهارڻو آهي. شخص پنهنجي طبعي عمر گذاري هليا وڃڻا آهن، پر زندگي روان دوان آهي، اها لڳاتار هلڻي آهي، ايئن ادب پڻ زندهه رهڻو آهي ۽ ڪوبه اديب پنهنجي ادب ۾ ئي زندهه رهڻو آهي. اها ئي سندس اصل ڄمار آهي. پڪ سان سنڌي ڪهاڻيءَ، ناول، ناٽڪ ۽ شاعريءَ ۾ طارق عالم آبرودار نموني زندهه رهڻو آهي. ڪنهن مثال جي ضرورت نه آهي، اسان کيس ياد ڪري رهيا آهيون. اهو مثال نه آهي؟! سندس ادب ئي ته آهي جيڪو اسان سڀني کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي رهيو آهي ۽ سدائين ڇڪائيندو رهندو. هو ڀلي جسماني طور اسان ساڻ نه رهيو آهي پر سندس سمورو ادب اسان وٽ سندس ياد لاءِ گهڻو آهي. هو اسان جو اهڙو تخليقڪار آهي جيڪو ڪيترن ئي نسلن تائين وري وري پڙهيو ويندو اهڙي پڪ آهي.