ڪڍي ڏيون ٿا توکي هٿن سان هِنيون(غزل) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڪافي ڏينهن کانپوءِ هي اڌو لاڙو غزل جنهن ۾ هڪ اڌ جاءِ تي فني ويساهه گهاتي ڪئي اٿم پر سئو فيصد رڌم جي رنگ ۾ رنگيل هي خيال توهان سڀني دوستن سان ونڊيان پيو، دوستو مونسان مجبوري اها آهي ته ڪافي سارين مصروفيتن جي ڪري نه هيڏانهن جو رهيو آهيان نه هوڏانهن جو رهيو آهيان ، مُنهنجو هي غزل هونئن ته سڀني دوستن کي بي لوث محبتن سان ارپيان پيو پر هڪڙي دل واري دوست کي خصوصي طور شيئر ڪريان ٿو، جيڪو ننڍين ننڍين ڳالهي...ن کي وٺي مونسان ڪاوڙبو آهي ۽ پرچڻ جو نالو ئي ڪونه وٺندو آهي الله سائين کيس پنهنجي پيارن سان آباد رکي

    غزل
    نثاراحمدناز
    جُدائِيءَ جا جانان ڪڙا ڍُڪَ پِيُون
    کٽي يار قسمت مَرُون يا جِيُون
    ڀليڪارَ دردن ڀَرِي شامَ کي
    اسان دل جلا ڀِي ٿا مُرڪي ڏِيُون
    ڪريو راند دل سان سدا خُوش هُجو
    ڪڍي ڏيون توهان کي هٿن سان هنيُون
    پيو خوب نِکرِي اڱڻ دل سندو
    تُنهنجي پيارَ جُون بارَشُون بَرِسِيُون
    وڇوڙي جِي ويلا ڀري ڀاڪرين
    نٿيون مور وسرن ڏنيون تو چُميون
    پرين ”ناز“ پرچِي ۽ ڪاوڙ ڇڏي،
    ورِي کنڊ بڻجي اچو کيرٿِيون
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل شير احمد ڀلائي

    گل شير احمد ڀلائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪيبل آپريٽر
    ماڳ:
    جده سعودي عرب
    ما شاالله زبردست غزل آھي ادا نثار احمد ناز جو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پرين ”ناز“ پرچِي ۽ ڪاوڙ ڇڏي،
    ورِي کنڊ بڻجي اچو کيرٿِيون
    خوشنصيب آهن اهي ماڻهون جن کي پنهنجا پرين پيارا کير کنڊ ڪرڻ جو صلاحون ڪندا هجن ۔۔۔۔ ​
    تمام ڀلو خيال​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اسان جي استاد محترم جي هن بهترين شاعري تي مست ڪهڙا ٿو ڪمينٽس ڏئي سگهي۔۔ بس اسان ايترا ڪمزور آهيون جو سائين وانگر پنهنجو هِنيون پنهنجي هٿن سان ڪونه ٿا ڪڍي سگهيون۔۔ باقي واقعي هِنيئ وارو يا واري ئي هن شاعري جي داد ڏئي سگهي ٿي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو