هاڻي سنڌ سلامت تي لکڻ دوران مواد ضايع ٿيڻ جو خطرو ختم... ليکن جي پاڻمرادو حفاظت..

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن کي ياد هوندو ته ڪجهه وقت اڳ هڪ موضوع ۾ دوستن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هيم ته اهي سنڌ سلامت تي سڌو سئون جواب لکندي يا موضوع تحرير ڪندي ڪهڙي طرح پنهنجي مواد جي حفاظت ڪري سگهن ٿا۔۔ ان موضوع ۾ جيتوڻيڪ ڪنهن ٿرڊ پارٽي ايڪسٽينشن کي انسٽال ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو هو جيڪو اڄ به ڪارگر آهي پر دوستن جي خواهش هئي ته ان کان به ڪو آسان حل کين ميسر هجي۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ محترم غلام مصطفي ميمڻ جن سان ڪچهري ٿي انهن هن مسئلي کي سلجهائڻ جي هڪ دفعو وري صلاح ڏني جو سندن لکيل قيمتي مواد اچانڪ ڪمپيوٽر جي بند ٿيڻ ڪري ضايع ٿي ويو هو۔۔ جنهن تي ٻيهر محنت ڪري موڪلڻ وڌيڪ وقت طلبي رهيو هيو۔۔۔
    هن دفعي ڪوشش ڪندي سنڌ سلامت تي موجود جاوا اسڪرپٽ ۾ ڪجهه ضروري تبديليون ڪيون ۽ سنڌ سلامت فورم کي ڪنهن اضافي ايڪسٽينشن جي انسٽاليشن کان سواءِ ئي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ جي طريقي ڪار جو ڪامياب تجربو ڪيو۔۔۔ جنهن جي ڪاميابي جي دوستن کي آگاهي ڏيندي ڪافي خوشي محسوس ٿي رهي آهي۔۔۔
    دوستو اڪثر جڏهن سنڌ سلامت تي ڪو جواب لکندا آهيو يا ڪو نئون موضوع موڪليندا آهيون ته بجلي جي اچانڪ وڃڻ ڪري سمورو لکيل مواد ضايع ٿي ويندو ۔۔ ان ڪري ڪئي دفعا ساڳي موضوع کي بار بار لکڻو پوندو آهي ۔۔۔ اڪثر دوست ته بد دل ٿي ٻيهر ڪو ڊگهو جواب لکڻ کان ئي ڪترائيندا رهندا آهن۔۔۔ يا وري ڪئي دفعا ائين ٿيندو آهي جو جڏهن موضوع تي لکڻ وقت ڪافي وقت گذري وڃي ۽ پوءِ جڏهن نئون موضوع موڪليو بٽڻ تي يا ترت جواب ڏيو بٽڻ تي ڪلڪ ڪبو آهي ته سنڌ سلامت طرفان پيغام ملندو آهي ته توهان کي ٻيهر لاگ ان ٿيڻو پوندو۔۔۔ يا وري پني کي ريفريش ڪرڻو پوندو۔۔ جنهن سان لکيل سمورو مواد ضايع ٿي ويندو آهي۔۔۔ اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڪثر دوست ايم بي سنڌي پروگرام ذريعي مائڪروسافٽ ورڊ تي لکندا ۽ محفوظ ڪندا رهندا آهن ۽ پوءِ ڪاپي ڪري سنڌ سلامت تي موڪليندا آهن۔۔ يا وري ڪافي دوست سنڌ سلامت تي لکڻ کان پوءِ موڪلڻ کان اڳ لکائي کي سليڪٽ ڪري ڪاپي ڪري وٺندا آهن۔۔۔ ان باوجود به لکيل ٽيڪسٽ ضايع ٿيڻ جو هر وقت خطرو کين رهندو ئي آهي۔۔۔

    پر هاڻي سنڌ سلامت تي هڪ خودڪار طريقي کي فعال ڪيو ويو آهي جنهن تحت جڏهن توهان ڪا به تحرير سنڌ سلامت پيڊ استعمال ڪندي لکندؤ ته اها تحرير سنڌ سلامت ڪڪيز ۾ محفوظ ٿيندي رهندي ۽ جيئن توهان جواب موڪليو يا موضوع موڪليو بٽڻ ڪلڪ ڪندو اها تحرير ڪڪيز مان ساڳئي خودڪار نظام تحت ڊيليٽ ٿي ويندي۔۔۔ ان دوران جيڪڏهن توهان ڪنهن سبب ڪري اها تحرير موڪلي نه سگهو جهڙوڪ بجلي جو وڃڻ يا توهان جي برائوزر جو غلط ڪلڪ ڪرڻ سان بند ٿي وڃڻ ۔۔۔ ته اها تحرير ساڳي جاءِ تي ڪڪيز ذريعي محفوظ رهندي۔۔۔ جنهن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي سنڌ سلامت جو ساڳيو يوآرايل کولڻو پوندو۔۔۔

    مثال طور توهان سنڌ سلامت جي اسلام زنده باد سيڪشن ۾ ڪو نئون موضوع موڪلي رهيا آهيو ۔۔۔ پر نه موڪلي سگهيو ته توهان کي لکيل تحرير ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيهر اسلام زنده باد سيڪشن جو نئون موضوع کولڻو پوندو۔۔۔ اهڙي طرح جيڪڏ توهان ڪنهن موضوع ۾ جواب ڏيندي ڏيندي رهجي ويا آهيو ۔۔۔ ته ساڳيو جواب ان موضوع کي کوليندي ترت جواب سيڪشن مان حاصل ڪري سگهندو۔۔۔

    سنڌ سلامت پاڻمرادو حفاظت جي هن سسٽم کي مختلف برائوزر تي چيڪ ڪيو ويو آهي ۽ گوگل ڪروم، فائرفاڪس، انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۽ سفاري ۾ هي سسٽم ڪاميابي سان ڪم ڪندي نظر آيو ۔۔۔ اهڙي طرح هاڻي توهان ڪنهن موضوع ۾ جواب ڏيندي، نئون موضوع موڪليندي، پنهنجي پروفائيل جو اسٽيٽس تبديل ڪندي، نئين ڪچهري جي شروعات ڪندي يا ڪنهن ڪچهري جو جواب ڏيندي بي خوف ٿي پنهنجي مواد کي لکندا رهو ۔۔ توهان جو مواد تحرير جي صورت ۾ لکندي موڪلڻ کان اڳ ۽ پوءِ ٻنهي صورتن ۾ سنڌ سلامت تي محفوظ رهندو۔۔۔

    اميد ته ملڪ ۾ بجلي جي موجوده بحران واري صورتحال يا وري ڪنهن اچانڪ ناگهاني صورتحال تحت ضايع ٿيل توهان جي مواد کي هاڻي سنڌ سلامت طرفان پاڻ مرادو محفوظ ڪرڻ وارو هي سسٽم توهان کي پسند ايندو ۔۔۔ توهان جي جوابن ۽ تبصرن جو انتظار رهندو۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا توهان جي شديد مصروفيتن جو اسان کي اندازو آهي پر توهان کي جس هجي جو ان باوجود توهان سنڌ ۽ سنڌ سلامت فورم جي لا۽ ايترو وقت ڪڍي ڪري
    اهڙا ٽيڪنيڪل ڪم ڪريو ٿا جنهن ۾ پڻ توهان جي ذهانت ظاهر آهي

    ادا اها ته مون جي هميشه خواهش هئي ۽ هر بار مان ئي اوهان کي ياد ڏياريندو هوس ته سنڌ سلامت فورم تي اهڙو خود ڪار سسٽم هئڻ گهرجي

    جس آهي توهان کي جو توهان بلاآخر اهو سسٽم متعارف ڪرائي آصل ڪافي مون سميت ڪافي دوستن جا ٿڪ لاهي وڌا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. AZAM AFZAL

    AZAM AFZAL
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2012
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    249
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    لآڙڪآڻو
    ادا تمام بهترين ڄاڻ اميد ته سنڌ سلامت جا ميمبر ان مان فائدو وٺندا مهرباني
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جڏهن سنڌ سلامت جي نئين سافٽ ويئر جي شروعات ٿي هئي ته انهي ڏينهن مون هي تحرير ٽي دفعا ورائي لکي هئي جو جو بجلي جي آزار ڪري لکي پورو ڪرين ته وري ڪم لهيو وڃن۔ ٽيون دفعو ته توبهه ڪيم پر دوست ذيشان رشيد سان ذڪر ٿيو ته چيائين اسان جي ايتري ساري محنت لاءِ ايترو به نه ڪندين جو ٽيون دفعو لکين؟ ۽ واعدو ڪيم ته لکان ٿو۔ انهي وقت ئي رشيد به اهو واعدو ڪيو ته انهي جو حل جلد آندو ويندو۔ ۽ هاڻي اهو واعدو وفا ٿي چُڪو۔ مهرباني ذيشان رشيد ۽ واڌايون سنڌ سلامت سٿ کي۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀاء ذيشان رشيد اوهان جون مهربانيون جو اوهان هي بهترين ڪم ڪيو۔ سچ ته مونکي اهڙي پريشاني ڪڏهن ڪانه ٿي پر دوست اڪثر ڪري اها شڪايت ڪندا رهيا آهن۔ هاڻي يقينن دوستن لاء وڌيڪ آساني پيدا ٿي پئي آهي۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    شروع شروع ۾ يا وري سنڌ ۾ هجڻ سان اها تڪليف آئي ۽ انجو اظهار به ڪيو هيو ۽ ڀا رشيد انجا حل به ڪڍيا هيا ،،،، هاڻ اهو ڪم به ڀلو ته لکتون اوچتو ڪنهن حادثي سبب ختم نه ٿي وينديون بلڪ موجود هونديون ۔۔۔

    مان هاڻ ئي تجربو ڪري ڪو غلط بٽڻ ٿو دٻايان ۔۔۔

    مون گو بيڪ بٽڻ دٻائي وري ليک تي آيس ته ليک پنهنجي جا تي موجود رهيو ۔۔۔ واه واه،

    هر قدم اڳتي کڻڻ واري رشيد مان اها ئي اميد آهي ۔۔۔ لک قرب دوست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو