توهان جي نظر ۾ هي احتجاج ڪيئن آهن۔؟

'راءِ شماري' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2012۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هن وقت پاڪستان جي ٻن صوبن ۾ وڏي پئماني تي ٻه احتجاج هلي رهيا آهن،​
    هڪ طرف سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ نوابشاهه يونيورسٽيءَ ۾ استادن ۽ ملازمن طرفان وائيس چانسلر خلاف ۽ ٻئي طرف پنجاب ۾ ڊاڪٽرن طرفان صوبائي انتظاميه خلاف احتجاج هلي رهيو آهي،​
    يونيورسٽين ۾ هلندڙ احتجاج سبب مستقبل جي معمار شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي ته ٻئي طرف پنجاب ۾ ڊاڪٽرن جي هلندڙ احتجاج سبب 15 کان وڌيڪ مريض علاج نه ٿيڻ ڪري پنهنجي حياتيءَ تان هٿ کڻي ويا۔۔

    سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هلندڙ احتجاج جو مُک ڪارڻ هتان جو ڪرپٽ ۽ رٽائرڊ وائيس چانسلر آهي جيڪو ”جمهوري حڪومت“ ۾ ويٺل ڪارندن جي مُٺ گرم ڪري هڪ عظيم وائيس چانسلر کي هٽائي رات پيٽ ۾ ڪُرسي تي اچي ويٺو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هلندڙ ڪيترائي تحقيقي پروگرام، نوان ٺهندڙ ڊپارٽمنٽ ۽ ٻيا ترقياتي ڪم روڪرائي يڪدم فيسن کي 50 کان 200 سيڪڙو تائين مهانگو ڪري ويٺو،​
    هن سيمسٽر جي هلندڙ امتحانن جي آخري هفتي ۾ اچانڪ پنهنجيون موڪلون پاڻ مراديون ختم ڪري ميڊم پروين شاهه کي ايڪٽنگ وي سي جي عهدي تان هٽائي جڏهن اها سياسي پاورفل شخصيت يعني وي سي نذير مغل اچي پنهنجي ڪرسيءَ کي تخت وانگر سنڀالي ويٺو ته سوٽا ۽ سيوا جي اڳواڻن ٻيهر ان يونيورسٽيءَ ۾ بائيڪاٽ جا پرچم بلند ڪيا جيڪا هن ئي سال جي شروع ۾ رڪارڊ 50 ڏينهن بند پئي هئي،​
    جن شاگردن ويچارن جا سڀ پيپر ٿي ويا، هڪ ليب يا وري هڪ پيپر رهيل هو، انهن جي تڪليفن ۾ اضافو ٿي ويو،​
    وي سي پنهنجي ساٿاري استادن جي ذريعي پيپر جاري رکرايا پر اهي پيپر ايئن ٿي رهيا آهن جيئن هڪ دوست جي ڳالهه وانگر ته اسان ڪنهن نجي سينٽر تي ڪاليج جا پيپر ڏئي رهيا هجون ۽ ڪاپيءَ جي ڌم ڌمان لڳي پئي هئي، مجبورن اهڙن پيپرن کي ڪجهه ڊپارٽمنٽن ۾ ڪينسل به ڪرڻو پئجي ويو۔۔۔۔​

    نوابشاهه يونيورسٽيءَ ۾ وري استاد وائيس چانسلر توڙي انتظاميه جي ان انوکي قدم خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن جنهن جو ڪو مثال نه ٿو ملي يعني يونيورسٽيءَ جي سڀني استادن کي هڪ ئي وقت نوڪريءَ مان فارغ ڪرڻ جهڙو قدم۔۔ ان قدم سان ان انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي بند ٿيڻ جا خدشا سامهون آيا۔۔۔

    ٻئي طرف پنجاب ۾ وري ڊاڪٽرن جو اهو چوڻ آهي ته سندن پگهارون ۽ الائونس نه وڌايا ويا آهن، ميڊيڪل جي شعبي کي پرائيوٽائيز نه ڪيو وڃي ۽ حڪومت ان ڪم کي پنهنجي سرپرستيءَ ۾ وٺي۔ جڏهن حڪومت ڪيتري ئي عرصي تائين مذاڪرات ۽ ٽوڪن هڙتال تي به ڪن نه ڌريو ته پوءِ مجبورن ڊاڪٽرن کي مسيحا مان مجرم بڻجڻو پيو،​
    توهان سڀني جي راءِ ۾ مٿئين ڳالهين ۾ ڪهڙيون ڌريون ذميوار آهن۔۔۔۔
    اسان جي سنڌ سلامت جي هن پليٽ فارم تان اهڙي ڳالهين جي اشو کي ضرور کڻڻ گهرجي ڇو ته اهو اسان جي مستقبل جو سوال آهي۔۔۔​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا ميان مست هن ملڪ جي مصيبت جو منهن هميشه جي طرح حڪومت ڏي کُليل هوندو آهي سو اسان به اهوئي چئون ٿا ته اهو حڪومت جوقصور آهي ۔
    پر سائين اسان ڪڏهن ڏٺو آهي ته اهي استاد توڙي پروفيسر سرڪاري ادارن سان ڪهڙو حشر ڪيو ويٺا آهن ۔ ڇا حڪومت اهي ناهن ۔ حڪومت ۾ اسان ئي آهيون ڪي ياجوج ماجوج ته ناهن ۔ اسان جڏهن اهڙا آهيون ته اسان مٿان اهڙا ماڻهون مصلت ٿين ٿا ۔ حڪومت هلائيندڙ اهڙا آهن جهڙا عوام آهن۔
    وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الائي ڇو مون کي اهو لڳي رهيو آهي ته اسان پاڻ تباهي طرف پيا وڃون. جڏهن سول سوسائٽي ڪو ڪردار ادا نه ڪري ته اهو معاشرو تيزيء سان انرڪي طرف ويندو آهي. اسان جون حڪومتون ۽ انتظاميه گهڻو ڪري فيل ثابت ٿيون آهن ، پر اهڙي وقت ۾ معاشري ۾ موجد سول سوسائٽي ۽ ڏاهن تي اهو فرض ٿيندو آهي ته معاملن کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪن. پر هتي اهو به نظر ڪونه پيو اچي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪيترن سالن کان پاڪستان جي پوري نظام تي روئيندي روئيندي هاڻ ته ڳوڙها به سڪي ويا آهن ۽ ملامتي لفظ به کٽي ويا آهن ۔۔۔ پر اثر نه قوم تي نه حڪمرانن تي ۔۔۔ قوم سسڪي پئي ۔۔۔ حڪمران مزن ۾ آهن ۔۔۔ حالتون ڏينهن به ڏينهن وڃن ٿيون خراب کان خراب تر ٿينديون ۔۔۔ ڪٿي دنگ ٿيندو ۔۔۔ والله عالم
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سهڻا سائين !
    قانونن تي عمل درآمد ڪرائن حڪومت جي فرضن ۾ شامل هوندو آهي، جيڪڏهين حڪومت پاڻ ئي پنهنجن قانون تي عمل نه ڪرائيندي،ته انارڪي جنم وٺندي ،لا قانونيت پيدا ٿيڻ سان هر مرض پيدا ٿيندو۽ پوءِ اهائي صورتحال ٿيندي جيڪا ملڪ ۾ اڄ ڪاله آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو