واهه چاچا ڪريم!

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]

    چاچا ڪريم سچل ڳوٺ جي هڪ هر دل عزيز شخصيت آهي۔ پاڻ وڪالت جي شعبي ۾ هڪ ڪامياب ڪيريئر اُڪاري هاڻ رٽائرڊ لائيف گذراين ٿا۔ ۽ شايد رڳو گذاري وڃڻ جو انتظار ڪن ٿا۔ مون کيس اڪثر چيو آهي ته گذاري وڃڻ کان پهرين ايترو سارو جيڪو پڙهيو اٿئو انهي آڌار اوهان ڪجهه لکو جنهن مان نئين ٽهي فيضياب ٿئي۔ پر سائين اصل ٺپ جواب۔ ايترا جواز ۽ بهانا جو ٻڌي ٻڌي هاڻ ٻڌڻ ۽ چوڻ ڇڏي ڏنو اٿم۔

    سچل ۾ ٻه قسم جا ماڻهو آهن۔ هڪ چاچا ڪريم ٻيا اسان سڀ۔ ۽ ٻنهي سان هڪ هڪ مسئلو آهي۔ چاچا ڪريم جو مسئلو هر ڳالهه چئي ٻڌائڻ جو شوق آهي ۽ اسان سڀني کي نه ٻڌڻ جي بيماري آهي۔ چاچو چوندو آهي مون کي ٻڌو اسان چئون ٿا اسان کي لکي ڏي۔
    هڪ دفعي چاچا کان ڇتي ڪوري جي باري ۾ پڇيم۔ چاچا شروع ٿيو ته مون ڪجهه ئي دير ۾ چيو چاچا بس ڇڏيوس، مون ڇتو ڪوري کي سمجهي ورتو ته هو ڇا هوندو؟ پر چاچا بيهڻ وارو ناهي۔ هن ڳالهه پوري ڪري دنگ ڪئي۔

    چاچا ۾ کوڙ سارين ڀلين ڳالهين مان هڪ اها به آهي ته هو سنڌ جو درد رکي ٿو۔ سنڌ خلاف ٿيل ڪنهن به ڪم تي آواز اُٿارڻ پنهنجو فرضِ اولين سمجهي ٿو۔ تازو 22 مئي 2012 تي ٿيل محبتِ سنڌ ريلي حملي خلاف چاچا ٻارين ٻچين سچل ڳوٺ ۾ مظاهرا ڪيا. چاچاڪم ته ڏاڍو ڏاڍو سٺو جو اسان بي حسن ۽ لاغرضن کي ماري ويو پر ٻي ڏينهن جو ڏِسون ته سندن فيس بوڪ جي اسٽيٽس ۾ وٺو وٺ هُجي ته بس مان اجهو ٿو ايجنسين هٿان اغوا ٿيان۔ اِجهو ٿا مون کي وردين وارا کڻي وڃن۔ اصل وصيتين تي وڃي پُهتو۔ پر اسان پوءِ به پنهنجي بي حسي ۽ لاغرضي پاڻ سان سؤلي ڪري سنڀالي رکي هئي۔ نيٺ مايوس ٿي چاچا پنهنجي ڳالهه ۾ وزن وِجهڻ لاءِ پنهنجي ممڪنه غائب ٿيڻ جي ذميواري رحمان ملڪ تي وجهي ڇڏي۔ رحمان ملڪ کي ته الاءِ اها خبر پئي يا نه ته چاچا هُن تي پنهنجي ڪيل ڏوهه کان پهرين ئي هُنکي ملزم قرار ڏيئي ڇڏيو آهي پر پنهنجي يار سليمان اصل ڪم لاهي ڇڏيِس۔ چئي چاچا تون گهر هلي آرام ڪر تو کي ڪير کڻندو۔ چاچا به سُر کي سمجهي ويو ته هاڻي ڳالهه وڌائڻ سان ٿيندو ڪجهه ڪونه۔ سو پنهنجي اغوا جا خدشات پاڻ تائين محدود ڪندي چُپ ٿي ويو۔

    چاچا کي سنڌ سلامت سکڻ جو به جُنون جي حد تائين شؤق آهي۔ شل نه ڏسي سليمان وساڻ کي ڪمپيوٽر تي ته اچي پاسو وٺندو ۽ چوندو ڪمپيوٽر سيکار۔ پر سليمان ڪري ته ڇا ڪري۔ ذيشان رشيد سنڌ سلامت جا روز اهڙا ٿو هار سينگار ڪري جو سنڌ سلامت جو ايڊيٽري لڏو به پريشان هوندو آهي۔ سو چاچا ڪريم جيستائين سنڌ سلامت جي الف ب ت ث پڪي ڪري ٿو ته سنڌ سلامت جي نئين الفا بيٽ اچيو وڃي۔
    هفتو ڏيڍ پهرين رات جا ڏهه ٿيا هُجن۔ آئون سليمان سنڌ سلامت تي ويٺا ڳالهايون ته چاچو اچي پُهتو۔ اها ئي باءِ ڊفالٽ فرمائش ته سنڌ سلامت سيکاريو۔ سليمان سيکارڻ شروع ڪيو۔ سليمان جي اک اسڪرين تي منهنجي ٻنهي تي ۽ چاچا ڪريم جي اک۔۔۔۔۔۔! هِڪ نه پر ٻئي اکيون بند۔۔۔۔۔۔۔ مون به چُپ ڪري ويٺي ڏٺو يا بلڪه انتظار ڪيو ته سليمان ڇا ٿو چئي؟ جڏهن ڪجهه دير ۾ چاچا جا پُرنم کونگهرا سليمان جي سماعتن تائين پُهتا ته ڇرڪجي پوئٽي ڏسي ته چاچا سُتو پيو آهي۔”ي__________ار حد ٿي وئي۔“ سليمان مٿي تي هٿ هڻندي چيو۔

    چاچا ڪلاڪ کن ننڊ جو ٺاهوڪو جهٽ هڻي اٿيو ۽ معصوميت سان پُڇڻ لڳو ابا ڪٿي پُهتا۔ مون چيو چاچا جتي به پُهتا سين پر دلي ڪافي دور است۔ اوهان هلو گهر هلي سُمهو۔ چاچا هڪ وڏي اوٻاسي ڏيندي چيو ”ها سائين اوهان ڪٿي ٿا سيکاريو مون کي؟“

    چاچا هيستائين سنڌ سلامت تي لکڻ جي ڪافي ڪوششن باوجود انهي ڪري به ناهن لکي سگهيا جو سنڌي جو ڪي پيڊ سمجهه ۾ نه ٿو اچين۔ جيڪي ڪجهه مواد هنن جي نالي سان اپلوڊ ٿيو به آهي ته آن لائين اسڪرين ڪي بورڊ تي مائوس سان ڪلڪ ڪري لکيو اٿن۔ سو ظاهر آهي ته موضوع ايترا ئي هوندا۔ باقي سنڌ سلامت سکڻ جو شؤق جام اٿن پر ماريو انهي ڳالهه آهي ته سکڻ مهل ننڊ اچيو وڃي۔

    ڪلهه رات سليمان وساڻ جي مدد سان هڪ مرنداسين اُتي، جتي ڪو سڃاڻو نه هوندو نالي سان ليک پوسٽ ڪيو اٿن۔ انهي جي مرڪزي صفحي تي آيل ڏيک ڏسي مون کان ته کِل نڪري وئي۔ ڇو ته جڏهن موضوع جو عنوان ٽائيم سان گڏ پڙهيم ته ڪجهه هيئن پڙهڻ ۾ آيو۔

    اڄ 13:33 تي مرنداسين اُتي، جتي ڪو سڃاڻو نه هوندو!​

     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ههههههههههههههه، سائين۔۔۔ واقعي ان طرف ته اسان جو ڌيان ئي نه ويو هو۔۔۔ واهه چاچا ڪريم اوهان جو موضوع
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    چاچي ڪريم جي پرڪارن جي خبر کيس ڏسڻ سان ئي پئجي ويندي آهي پر اڄ حفيظ جي مزاحيه حس سان لکيل ليک مان اها ڄاڻ پئي ته ماڻهون به گودڙين ۾ لال لڪايو وتن ۔۔۔ جيئن جيئن پڙهندو رهيس تيئن تيئن وات گودو ٿيندي وئي ۽ واڇون کنڊرنديون ويون ۔۔۔

    اڄ اها به درستگي ٿي جو اسان ڪريم چاچا کي مظلوم سمجهندي سليمان کي ڪوسيندا هياسون ته هو کيس سنڌ سلامت نٿو سيکاري پر جي پوڙهو ننڊ جا سوپا هڻندو ته سنڌ سلامت ڪٿي سکندو۔!!!! چآچي ڪريم کي به سليمان جي پاسي ۾ ننڊ ڪرڻ جو شوق ۔۔!!!

    عنوان جي حساب سان 13۔33 ڪهڙي ڏينهن وارو هوندو ۔۔۔۔ ۽ هر روز اڄ به ٿئي ٿو ۔۔۔ ۽ هر اڄ وري ڪالهه ٿيو وڃي ۔۔۔۔ خئير ان 13۔33 اڄ کي به ڏسي وٺنداسون ۔۔۔۔ چاچا ڪريم اوهان ڪم 30 تي رکو ۔۔۔ اسين اوهان سان آهيون ۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا ٿورو رحم ڪيو چاچا ڪريم تي، ڇو ويچاري جي پويان پيا آهيو، توهان ته لڳي ٿو هن کي هيء عيد به ڪرڻ ڪون ڏيندو توهان ته چاچي ڪريم جي بايو گرافي ٻڌائي ڇڏي۔
    ڀلا مٿين خبر ان جي گهر وارن کي آهي جي نه ته اهو نيڪ ڪم به توهان ڪري ڇڏيو

    هههههههههههههه
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    واهه ڙي يار حفيظ ۔۔۔ مان ته چوندو هيس ته ٻه ماڻهو تمام سٺو لکي سگهن ٿا بس همت ڪن، هڪ اسان جو دوست ۽ سنڌ سلامت جو وڏو ذيشان رشيد ۽ ٻيو هر دلعزيز ۽ ذهين دوست عبدالحفيظ لغاري ، پر ٻئي ڪيئي دفعا چوڻ باوجود پنهنجي هلائڻ وارا دل چوين ته لکن نه ته ....... واري گوهي ڏئي وڃن.

    خير ڪالهه حفيظ آيو ته چاچا ڪريم واري پوسٽ جو ٻڌايائين، اصل کِلي کِلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو. اسان جو رهنما ۽ سينيئر سائين ڪريم چانڊيو سلجهيل شخص آهي، جنهن سدائين اسان جي رهنمائي ڪئي آهي پر اسان سان هو اسان جي عمر جو ٿي ويندو آهي، ۽ ڪڏهن به منهنجي ڳالهين جو دل ۾ ناهي ڪندو. سڄي سچل ڳوٺ ۾ ٻن ماڻهن سان ٺهي، هڪ ماما تاج محمد سو به سماجي ڪمن ۾ ۽ ٻيو مونسان سدائين ٺهيل پر مان نه ٺهانس. ڇو ته جهوني جي ياري به اصل ويل ۾ وجهي ڇڏي، هاڻي روز ٿو کيس سيکاريان پر وري ٻئي ڏينهن ڪاريء وارا ڪک، پر پوء به جن ڇڏي ڀوت ڇڏي پر چاچا ڪريم نه ڇڏي.

    گهر کان به سدائين ڪاوڙيل يا وري تڙيل ، مان ۽ سائين نثارابڙو صلاح ڪئي ته مظلوم مردن جي ڪا تنظيم ٺاهجي ۽ ان جو سربراهه چاچي ڪريم کي ڪجي. سنڌ جي سدائين لڳل هوندس پر ڪاوڙيل به سڄي سنڌ تي هوندو. چيف جسٽس بحالي تحريڪ ۾ ڪارو ڪوٽ پائي روز مظاهرن ۾ شامل پر هاڻي علي احمد ڪرد وانگر چيف جسٽس کي ظالم جرنل ٿو سڏي.

    چانهه ڦڪي پيئندو ته مونکي شگر آهي پر مٺائي ايندي ته سڀ پاڻ کائي ويندو ............ بس بس يار شايد گهڻو لکي ويس.

    ڏاهو شخص آهي ڀوڳ ٺڪاء پننجي جاء تي، اسان جو محسن ۽ سنڌين جو محسن آهي، ايماندار پر ٿورو ڪنجوس آهي، سندس لاء دعائون ۽ نيڪ خواهشون.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هاهاهاهاهاها
    الائي چاچا عبدالڪريم چانڊيو جي شخصيت جو اثر آهي الائي ته ان جي ڪردار جو جو اسان جو دوست عبدالحفيظ لغاري اهڙو ليک لکي ويو۔۔۔ ليک به اهڙو جو اصل کل بيهي ڪونه ٿي۔۔۔
    اڃان ساهي مس پٽيسين ته سائين نثارابڙو جي لفظن (سليمان جي پاسي ۾ ننڊ ڪرڻ جي شوق) اصل وري روڪڻ نه ڏنو۔۔۔ رهي سهي ڪسر ادا سليمان وساڻ پوري ڪري ڇڏي۔۔۔

    بس دوستو ڪجهه به هجي پر مون کي سائين نثارابڙو جا لفظ ئي پڙاڏو ٿي ٻڌجن ٿا ته ۔۔۔ کنڊرات ٻڌائن ٿا ته عمارت سريلي هئي۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پوء ڀلا کنڊرات ۽ نشانات ڏسو

    [​IMG]

     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڀني دوستن جي مهرباني ،جن ڀي منهنجي تاريخ جاگرافي لکي آهي ، شايد سنڌ سلامت تي تاريخي ادب جو حصو ٿي وڃي، مان سڀني دوستن کي سلام ٿو پيش ڪريان دعائن ڏيڻ سان گڏوگڏ اهو به چوندس ته ڪمپيوٽر سيکارڻ کان ڪيترو به لنوايو پر مرڻ کان اڳ سکي وٺندس۔

    توهان سان حال احوال به ونڊبا پر ٿورو انتظار ڪيو ۽ اوهان کي ٻار ٻچا جهجها ٿين پوء ڏسون ته اوهان گهر ٿا ويهو يا سليمان جي اوطاق تي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سائين نثارابڙو صاحب تحرير پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني۔ منهنجو مقصد سليمان لاءِ وڪيل خلاف وڪيل ٿيڻ هو۔ ڀوڳ کان ته بچي نه سگهبو جو چاچا ڪريم ۽ ڀوڳ هڪ ٻئي لاءِ اٽوٽ آهن۔

    عرس چاچا مرڻ جي انتظار سان گڏو گڏ گهڻو ڪجهه ٻيو به ڪري رهيو آهي، سنڌ جي خود مختياري جا خواب، ڪمپيوٽر سکڻ جو عزم ۽ خود پنهنجي خود مختياري (ٻي شادي ڪرڻ جي خواهش ۾ لڪل خواهش)۔ سو ڳالهه گهڻي آهي۔ اهو انتظار انشاالله تمام گهڻو طويل هوندو انشاالله۔

    سليمان گهٽ ته ن ڪئي اٿو پنهنجي هن پياري چاچا ڪريم سان۔ پر خير اوهان ۽ نثار جي اها تنظيم ٺاهي ته ميمبر سنڌ سلامت کان به وڌي ويندا۔ ۽ پوءِ اهڙا ليک اوهان مون ۽ رشيد سڀني تي لکي سگهبا۔

    هي ليک لکڻ جو ُتساهه ته چاچاڪريم پاران پوسٽ ڪيل هڪ ليک هو پر ڳالهه گهڻو اڳتي نڪري وئي۔

    جهيڙا ٿي به هوندا اوهان کي ڪهڙي خبر۔ جڏهن به چاچا جي سامهون سندس ته ڇا پر ڪنهن جي جواني جو ذڪر ڪر ته اهڙو ٿڌو ساهه ڀريندو آهي جو وڃي ٿيا ست خير۔ عمارت قديم ۽ عظيم آهي۔ قدردان نه مليا۔ جيڪي مليا سي ٿورا مليا۔

    چاچا ڪريم اوهان اسان لاءِ محترم آهيو۔ سچل جي وڏن ۾ اوهان جو ننڍن لاءِ شفقت ۾ رَس مٿي آهي۔ اوهان جي سنڌ سان سڄڻائپ ۽ سنڌين لاءِ درد جي واکاڻ پر پُٺ ٻُڌي آهي۔ اوهان کي سلام آهي جو اسان کي ٻڌو ٿا ۽ سهو ٿا۔ اسان جي رهنمائي ڪيو ٿا۔ الله اوهان کي وڏي حياتي ڏي۔ شل جُڙيا هُجو جهان ۾۔

    باقي اها ڳالهه ڪبي ته مٿي جيڪو ليکو اٿئون سو آهي سورنهن آنا سچ۔ متان ڪو سمجهي ته هاڻي اسان پنهنجا لفظ واپس ٿا وٺون۔ هاهاهاهاها
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    دوستن جي وڌيڪ تبصرن بعد مست جي کل بيهي ئي ڪانه ٿي، واقعي کنڊرات ۽ حالات ٻڌاين ٿا ته عمارت شاندار هئي ۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    چاچوڪريم اڄ به نوجوان لڳو پيو آهي سندن پرسنلٽي سائين محمد سليمان جن جي شادي تي ڏسڻ وٽان هئي پينٽ شرٽ ۾ صفا سچل ڳوٺ جو چيف ٿي لڳو الله تعالي کيس نظر بد کان محفوظ رکي۔ آمين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها با با ها! ڏکئي ڪم ۾ چاچا ڪريم کي اڳيان اڳيان رکندا آهن،ماني کائڻ مهل سڀ ڇڏي ويندا اٿس، پوءِ به ويچارو سنگت سان سلهاڙيو وتي ،نار جي ڀڳل لوٽيءَ جيئان ،حرام جو ڪنهن سان ڪا شڪايت ڪري۔ اڃان به مٿس پيارن جي ڪاوڙ، معافيون وٺي پيو پرچائين۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu

    [​IMG]o_O

    سائين عبدالڪريم صاحب السلام اليڪم ! ادا سائين معاف ڪجو ڪجه مصروفيتن جي ڪري اوهان کي وقت سر اوهان جي ڄمڻ جون وڌايون نه ڏئي سگهياسين.
    الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض آهي ته اوهان جي زندگي جو نئون سال تمام گهڻين خوشين سان ڀريل هجي. اوهان کان هر قسم جي آفت ۽ غم پري هجي. توهان جا هر خوشنما خواب حقيقت جو رنگ ڀرين. توهان خوش ۽ هميشه گلاب جي گل وانگر تازه ۽ خوشبوء ڏيندا رهو.آمين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سڀني دوستن پنهنجي پنهنجي مزاحيه راءِ سان تمام گهڻو ڪجهه لکيو آهي......................................................... پر جڏهن اوهان جا ليک پڙهجن ٿا ته کل بيهي ڪونه ٿي..
     
  16. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستن جون دعائون ۽ کلائيندڙچرچا منهنجي زندگي کي وڌائين ٿا ، ڪيترائي دفعا ملڪل موت ڪوشش ڪئي آهي ،پر پاڻ مرڻ کان پري ڀڄيو وڃون. ان نتيجي ۾ ڪيترائي ڪاپاري ڌڪ لڳا آهن .ڪنن کان ٻوڙو ،نظر ڌنڌلي ۽ هاڻي اچي هوڙن تي حملا شروع ٿيا آهن . ڊپ آهي ته پنهنجا نه پڪڙي ان ملڪل موت جي حوالي ڪن ، باقي اسان جو اٿس ..........زندگي جي ونهنوار ۾ ڪٿي ٿيون سالگراهون ياد رهن ، دوستن وساريو ڪونه مان سندن ٿورائتو آهيان .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو