محترم حميد ڀٽو کي سنڌ سلامت سٿ پاران جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ڊائريڪٽر، ليکڪ ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين محترم حميد ڀٽو کي سنڌ سلامت سٿ پاران سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون

    حميد ڀٽو : سنڌ جي هڪ گهڻ رخي شصيت
    محمد سليمان وساڻ

    حميد ڀٽو 6 جولاء 1969ع تي گجڻ پور محله نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ عبدالمجيد ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو جڏهن ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي سوشيالاجي ۾ ڪيائين.

    هو ننڍي هوندي کان ئي سياسي ، سماجي ۽ آرٽ سان واڳيل رهيو. اسڪول جي خاڪن ۽ ٿيٽرن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ فنڪارن جي تنظيم ڪاري طرف به ڌيان ڏيندو رهيو. 1988ع ۾ شاهه اسد سان گڏ پهريون دفعو فنڪارن لاء سنڌ فنڪار تنطيم جو بنياد وڌائين. ان کانپوء هن ڄڻ ته پاڻ کي سنڌ جي فنڪارن لاء وقف ڪري ڇڏيو. هو لاڙڪاڻي ۾ ناٽڪ ، ٿيٽر ۽ موسيقي جي پروگرامن جي ترتيب ۽ تنظيم ڪندو رهيو. 1991ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو بنياد وڌائين. 1997ع ۾ ڪراچي آيو ۽ هتي اچڻ جو مقصد به فنڪارن لاء تنظيم ڪاري هيس. ان کانپوء مسلسل ان تنظيم جو صدر ۽ وري چيئرمين چونڊبو رهيو آهي. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي فنڪارن جي سهائتا، حڪومتي ۽ نجي ادارن کان سهائتا ڪرڻ ۽ فنڪارن کي اوارڊ ڏيڻ جا پروگرام ڪندو رهيو آهي.

    حميد ڀٽو پاڻ هڪ سٺو اداڪار، ڪمپيئر ۽ ڊائريڪٽر پڻ آهي. هو ڊرامه ليکڪ به آهي. سندس ڊرامه سنڌ ٽي وي، پي ٽي وي. هن ڪيترن ئي آديو ڪيسيٽن جي ڪمپي.رنگ پڻ ڪئي اهي. سندس هڪ ٻي سڃاڻ آهي هڪ صحافي ۽ ڪالم نگار جي. هو ڪيترين ئي اخبارن ۽ چينلن سان گڏ ريڊيو پاڪستان سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي. جتي رپورٽنگ، ليکڪ، ڪمپيئرنگ سان گڏ فنلڪارن تي ڪيل سندس پروگرام يادگار آهن.

    حميد ڀٽو منهنجي نظر ۾ جستجو ، سچائي ۽ خلوص جو ٻيو نالو آهي. سندس لاء دعا آهي ته سنڌ جو هي ڀلوڙ ۽ پُر خلوص انسان سدا خوش رهي ۽ هي جنم ڏينهن سندس زندگيء ۾ اڻ مَيون خوشيون ۽ بهار کڻي اچي.
     
    آخري ترميم: ‏6 جولائي 2020
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. AZAM AFZAL

    AZAM AFZAL
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2012
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    249
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    لآڙڪآڻو
    ادا اسان جي طرفان به محترم حميد ڀٽو کي سالگره مبارڪ هجي سائين جن اسان کي به هڪڙو ڀيرو دعوت ڏني هئي ارٽ ڪونسل ڪراچي ۾ ڏاڍو مزو آيو هو محفل ۾
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا اسان جي طرفان به محترم حميد ڀٽو کي سالگره مبارڪ هجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجي عظيم ساليُووڊ جي ساٿي، مُحترم حميد ڀُٽو صاحب جن کي سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا)، ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد جي ٿنڪ ٽيم طرفان پنهنجي جنم ڏهاڙي جو لک لک مُبارڪون انهن دُعائن ۽ اُميدُن سان ته سائين جن حسب معمول پنهنجي ڪرت جاري رکندي سنڌي فنڪارن جي فلاح و بهبود، پروموشن لا پنهنجون ڪوششون جاري رکندا ۽ هر قدم تي اسان کي موجود ڀائيندا۔ الله جل شانهُ اوهانجون ايندڙ گهڙيون آب تاب غ عزت ڀريون ڪري آمين ثم آمين يا رب العاالمين ۔ توهانجو پنهنجو گهڻ گهُريو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان پاران به جنم ڏينهن جون واڌيون
     
  6. Javed Hussain

    Javed Hussain
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 جولائي 2012
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Hyderabad, Sindh
    لک مبارڪون
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جيتوڻيڪ نه مونسان ڪي ملاقات نه ئي آءُ کيس گهڻو سڃاڻان پر اوهان دوستن واتان ۽ ليکن ذريع سندس سنڌي فن جي ڏس ۾ ڪيل خدمتن بابت گهڻو ٻڌو آهي، سنڌ سان ۽ سنڌ جي ادب يا فن سان محبت رکندڙ اسانجي دل جا دلبر آهن ۔۔۔ رب العالمين کيس هر قدم تي ڪامياب ۽ ڪامران ڪري ۔۔۔ لک قرب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو