سال 2011 ۾ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ڪم جو هڪ حصو سائنس ڊائريڪٽ پبلشر جي هڪ رسرچ جرنل فوڊ ڪيميسٽري ۾ ڇپيو هو۔ انهي جرنل جو امپيڪٽ فيڪٽر به سٺو آهي۔ اهو ڪم اسان پالڪ جي هڪ قسم چلهه (ڪي وري جلهه به چون) تي ڪيو هو جنهن جو نباتاتي نالو چينو پوڊيم البم آهي۔ اسان مختلف طريقن سان انهي جا عرق ڪڍي انهي جي طبي افاديت جانچڻ سان گڏ ان ۾ موجود اهي جزا به بيان ڪيا هئا جنهن جي ڪري انهي ٻوٽي ۾ اها خاصيت آهي۔ سنڌ جا اڪثر حڪيم انهي ٻوٽي کي دوا طور استعمال ڪن ٿا پر انهي ٻوٽي تي سنڌ ۾ ٿيل اها پهرين سائنسي تحقيق هئي جيڪا انهي وڏي جرنل ۾ ڇپي۔
ساڳيو ڪم برازيل جي سائنسدانن پنهنجي رسرچ ۾ شامل ڪندي هڪ رسرچ پيپر لکيو آهي جنهن ۾ هنن انهي ڪم جي پوئلڳي ڪندي انهي جو حوالو به ڏنو آهي ۽ کين پنهنجي سيمپلس تي ڪيل اهو ڪم نتيجه خيز نظر آيو۔ برازيل وارن همراهن جو اهو ڪم ماليڪيولس نالي هڪ جرنل ۾ ڇپيو آهي۔ هيٺ انهي پيپر جا ڪجهه عڪس آهن۔ جن ۾ هنن اسان جي ڪم جو حوالو ڏنو آهي۔
مون کي خوشي آهي ته سنڌ ۾ ٿيل ڪم کي يورپ جي ليبارٽريز ۾ فالو ڪيو پيو وڃي۔