”سمجهو، مرزا هائوس اريسٽ آهي“

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ڪي ايم ڪبير ـ خوف، لالچ ۽ حوس سميت ڪيترائي عنصر ماڻهو کي ڀاڙيو ڪندي دير نه ڪندا آهن. زماني ۾ ڪيترائي ماڻهو اسان توهان جا ڏٺل آهن، جيڪي پنهنجي دور ۾ هڪ هڪل سان ٻي ماڻهو جو ساهه ڪڍي وجهندا هئا يا دشمن تي دهمان اهڙو، جو مجال آهي انهن ماڻهن جو ڪير وار به ونگو ڪري سگهي. پر ساڳيا ماڻهو پوءِ ائين توبهه تائب ٿي ويا، جو دشمن انهي سان جيئن وڻي تيئن ڪري پر مجال آهي جو هڪ اکر به ڪُڇين. انهن سمورين ڳالهين کي ياد ڪجي ته پوءِ سنڌ جي اڳوڻي گھرو وزير ذوالفقار مرزا کي به ياد ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ وري انهي تي ضرور غور ڪجي ته مرزا سان آخر مسئلو ڪهڙو آهي؟ هو ڪيڏانهن غائب ٿي ويو؟ 22 مئي جي تاريخ، لياري جون ڳليون، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل هزارين ماڻهو جڏهن لياري واسين سان ملي سنڌ جا گيت ڳائي رهيا هئا ۽ ساڳيون لياريون جون ڳليون جيڪي رحمان ملڪ ۽ ٽَپي خان جي هدايتن تي 22 مئي کان ڪجھ ڏينهن اڳ لهولهان ٿي چڪيون هيون، انهن ڳلين ۾ سنڌ ڌرتي جي ڌڻين جي آمد جي خوشي ۾ دُهل شرنايون وڄي ويون هيون. اهو گھڻي وقت کان پوءِ پنهنجو نوعيت جو پهريون مڪسچر شو هو. عذير بلوچ ۽ اياز لطيف جو هٿ ۾ هٿ هو. پنهنجو کسجي ويل شهر ٻيهر موٽائڻ جي اميد تي انهيءَ جلوس ۾ شامل سمورن ماڻهن جا سينا فخر وچان ويڪرا ٿي ويا. لياري انهي ڏينهن رحمان ڊڪيت کي تمام گھڻو ساريو هو پر انهي کان به وڌيڪ لياري واسين ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ساريو هو. رحمان ڊڪيت کي ته راڻا مقبول جي يار ايس ايس پي چوڌري اسلم ”نمبر ون“ جي چوڻ تي مبينه طور گاڏي مان لاهي، گوليون سان پروڻ ڪري مقابلو ڏيکاري ڇڏيو هو پر ذوالفقار مرزا اڃا زنده سلامت آهي. زنده سلامت هوندي به هن لياري وارن جي سار نه لڌي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، جنهن لياري وارن کي پنهنجا ٻچا سڏيو، جنهن اهو وچن ڪيو هو ته هو لياري وارن تان قربان ٿيندو، لياري سميت سموري سنڌ 22 مئي ۽ انهي کان پوءِ، هن کي تمام گھڻو ساريو پئي. سنڌياڻي غزالا صديقي دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائي وڙهندي شهيد ٿي وئي. ڪراچي جي قابض دهشتگردن سنڌ ورهائڻ جي سازش خلاف نڪرندڙ ريلي ۾ شريڪ بي هٿيار معصوم ماڻهن کي ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو. ذوالفقار مرزا کي ڪا به خبر نه پئي؟ مرزا ڪنهن جي ڪلهي ڪانڌي ته نه ٿيو پر هڪڙو بيان به جاري نه ڪيائين. ذوالفقار مرزا کي مون سميت سموري سنڌ ته ڳولي پئي پر لياري آپريشن جا متاثر اڄ به مرزا جي واٽ نهاري رهيا آهن. ذوالفقار مرزا ڪٿي آهي؟ اسان انهي سوال جي جواب جي تلاش ۾ نڪتل رهياسين پر ڪير انهي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار ئي نه هو. ڇا ذوالفقار مرزا ملڪ کان ٻاهر آهي؟ جواب مليو نه، مرزا ملڪ اندر آهي. وري اهو سوال اٿيو ته جيڪڏهن ملڪ اندر آهي ته ڇا سنڌ کان ٻاهر آهي؟ انهي تي به جواب مليو ته، نه سنڌ کان ٻاهر به نه آهي. جيڪڏهن مرزا سنڌ اندر آهي ته پوءِ ڇا ڪراچي ۾ آهي؟ انهي تي جواب مليو ته ڪراچي ۾ ناهي، بدين ۾ آهي. بدين ۾ اسان پنهنجي ”جاچوسن“ جي ڊيوٽي هنئي، جن اها رپورٽ ڏني آهي ته مرزا بدين شهر ۾ ناهي ۽ پنهنجي ڳوٺ المعروف مرزا فارم تي ڏٺو ويو آهي. هن مشڪل گھڙي ۾ لياري، سنڌ ۽ سنڌين مان ائين هٿ ڪڍي ٻاهرين ٻَني تي بيهي تماشو ڏسڻ وارن مان ذوالفقار مرزا ته ڪونه هو. جيڪڏهن ڪير پاڪ ڪتاب مٿي تي کڻي ذوالفقار مرزا تي اهو الزام هڻي ته مرزا کي نه سنڌ پياري، نه سنڌي پيارا، نه لياري پياري، نه لياري وارا پيارا ته پوءِ ان ڳالهه کي مڃڻ ڏکيو ٿي پوندو. ذوالفقار مرزا جي هن وقت ضرورت آهي، ضرورت رڳو انهي جي ڪري آهي جو سنڌ تي مشڪل گھڙي آهي. سنڌ کي انهن مهمانن مان خطرو پيدا ٿيو آهي جيڪي بقول مرزا جي بُکيا اگهاڙا آيا هئا. مرزا وٽ سنڌ جي سمورين مشڪلاتن جو حل ناهي پر مرزا کان ڪا دوا ڪا گوري ملي ته اها به سنڌ جي زخمن تي مرهم جو ڪم ته ڏيئي سگهي ٿي. ڪراچي ۾ جڏهن ڌرتي ڌڻين تي گوليون هلي رهيون هيون، ماڻهو پنهنجي شهر ۾ ڪنهن بي وس پرڏيهين جيان بدحواس ٿي گولين جي منهن کان بچڻ جي ڪوشش ۾ هئا، انهي سموري ڏکوئيندڙ صورتحال کان ذوالفقار مرزا ڪيئن ٿو اڻ ڄاڻ رهي سگهي. اها ڳالهه ته مڃي ئي نه ٿي سگهجي ته سموري صورتحال جي خبر هوندي به مرزا ڪن لاٽار ڪري رهيو آهي يا مرزا پي پي جي شريڪ چئرمين سميت سموري قيادت جيان مفامهت جي پاليسي اختيار ڪري چڪو آهي. مرزا کي 22 مئي کان اڳ لياري ۽ لياري واسين سان گڏ هجڻ گھرجي ها. 22 مئي ۽ انهي کان پوءِ لياري سميت سموري سنڌ سان هجڻ گھرجي ها. مان مرزا جي مڪمل خاموشي ۽ سنڌ ۾ هوندي سندس غير موجودگي جا پيرا کنيا آهن، انهي بابت ڪيترائي تفصيل مليا آهن. انهن کي تيستائين مستند ۽ تصديق ٿيل ڄاڻ نٿو چئي سگهجي، جيستائين انهي جي ڪير تائيد يا ترديد نٿو ڪري. جيڪي خبرون مون کي سندس بدين ضلعي مان پيون آهن، اهي ڪي چڱيون ناهن. مثال طور هڪ خبر اها پئي آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي سندس ڳوٺ يعني مرزا فارم تي بند ڪمري ۾ رکيو ويو آهي. جنهن ذريعي اها ڳالهه ٻڌائي آهي، انهي جو اهو چوڻ آهي ته ”سمجهو، مرزا هائوس اريسٽ آهي“ مرزا تي فارم جي بنگلي مان ٻاهر وڃڻ تي اڻ اعلاڻيل پابندي آهي. انهي ساڳي ذريعي جي اها دعوي به آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وٽ هن جديد دور ۾ ڪميونيڪشن جو ڪو ذريعو ناهي. موبائيل فون کائنس ڦريو ويو آهي. هن جا سمورا رابطا ڪاٽا ڪيا ويا آهن، انهي کان وڏي خبر اها ملي آهي ۽ جنهن کي جيڪڏهن الزام چئجي ته به چئي سگهجي ٿو ته ذوالفقار مرزا جنهن جي هڪ پريس ڪانفرنس ذريعي دشمنن جي هوا ڪڍي ڇڏي هئي، انهي کي هاڻ پنهنجي انهي گھر مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه آهي. کيس “ انجيڪشنز“ تي رکيو ويو آهي. اها پڻ ٻُڌ سُڌ آهي ته ذوالفقار مرزا کي ڪٿان 22 مئي واري ريلي تي فائرنگ ۽ ماڻهن جي شهيد ٿيڻ جي خبر پئي ته هن پاڻ ڇڏائي ڀڄڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هو اهڙي حالت ۾ ٻاهر نڪري نه سگهيو. پَٽ تي ڪرڻ جي ڪري کيس ڌڪ به لڳا آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته 22 مئي وارو هيڏو ظلم ٿي ويو پر مرزا جو نه ڪو بيان آيو آهي نه ڪو رد عمل. مرزا جي هڪ ويجھي دوست ته اهو به خدشو ڏيکاريو آهي ته مرزا جنهن صورتحال ۾ جيئي پيو انهي ۾ نه هو مُئلن سان گڏ آهي نه جيئرن سان آهي. سندس دوست اميد ظاهر ڪري رهيا آهن ته انهن کي مرزا جي حوالي سان ڪا بُري خبر نه ملي آهي ۽ ذوالفقار مرزا جلدي صحتياب ٿي، ماڻهن سان اچي ملندو ۽ حال حقيقت ڪندو. سنڌ جرنل کي خبرون مليون آهن ته هو 26 مئي 2012ع تي نندو شهر ويجهو بدين جي ڳوٺ سونو خان سيال ۾ شاهنواز سيال جي شادي ۾ شريڪ ٿيو. پر هن کي ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي. هڪ دوست پڇا ڪيس ته توهان سان ملڻ لاءِ اخبار ۾ اشتهار ڏيڻو پوندو يا ٻيو ڪو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو، جنهن تي هن رڳو مسڪرائي ڏنو. تاريخ 30 مئي تي سندس ڏس ڪراچي جو آهي پر ساڻس ڪنهن کي ملڻ جي اجازت نه آهي. اڻ تصديق ٿيل خبرون آهن ته سندس طبيعت ناساز آهي. “سنڌ جنرل جي ٿورن سان”
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو