اتر سنڌ مان هندو خاندانن جي هندستان ڏي لڏپلاڻ ... سنڌي ماڻهن جون دعوائون ڪٿي آهن.

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    اڄوڪي اخبارن ۾ خبرون پڙهي رت روئڻ تي دل ڪري رهي آهي، اسان جا سنڌي هندو خاندان ڪيترا مجبو ۽ لاچار ٿي ويا آهن۔ صدين کان پنهنجي ڌرتي جا وارث اڄ ايڏا لاچار ۽ بيوس آهن جو سندن عزتون به محفوظ ناهن؟ هنن جي جان ۽ مال به غير محفوظ آهي۔ ڪٿي آهن قومپرست ؟ ڪٿي آهن سياسي پارٽيون ؟ ڪٿي آهي حڪومت ۽ انتظاميه ؟؟

    ڇا اها بي وسي ناهي جو صدين کان رهندڙ ڪڏهن ڀتي ته ڪڏهن اغوا ذريعي ڌمڪايا ٿا وڃن۔ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين لاء ڌرتي اوپري ٿي وئي آهي۔ ڪڏهن هنن کي گهرن ۾ گهري هنن جي عزتن سان کيڏيو ٿو وڃي ته ڪڏهن وري سندن اسڪول ويندڙ نياڻين جي رستا روڪ ڪئي ٿي وڃي۔ ڪٿي آهي سنڌ جي مهذب روايتون رکندڙ تهذيب ؟ ڪٿي آهن ڌرتي جا وارث جن کي اکين مان نڪرندڙ بيوسيء جا ڳوڙها به نظر ڪونه ٿا اچن۔

    چيو وڃي ٿو ته اتر سنڌ خاص ڪري جروار، ميرپور ماٿيلو، خانپور مهر، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي شهر مان 78 خاندان ڀارت لڏ پلاڻ لاء پنهنجا اجها ڇڏي بسن ذريعي لاهور روانا ٿيا آهن۔ چون ٿا ته جروار مان جڏهن هڪ ئي وقت 60 خاندان لاڏائو ٿيا ته ڪيئي اکيون اشڪبار هيون ۽ ماڻهن ۾ ڏک جي لهر هئي۔ ان سلسلي ۾ روزانه عوامي آواز جي خبر آهي ته

    اطلاعن موجب لڏ پلاڻ ڪندڙ ۽ ارادو رکندڙن جي وڏي اڪثريت جو تعلق گھوٽڪي ضلعي سان آهي جتان جان هندو سڀ کان وڌيڪ پنهنجين نياڻين جي عزتن کي غير محفوظ سمجھي رهيا آهن خاص طور رنڪل عرف فريال واري معاملي کان پوءِ جي ٿيندڙ ڪاررواين اتان جي هندو برادريءَ ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌائي ڇڏيو آهي.ٻئي پاسي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ ڇڏي ڌارين جي ديس هندستان لڏپلاڻ ڪندڙن حڪومت، چونڊيل نمائندن، قومپرست اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي مٿان الزام مڙهيو آهي ته انهن کين ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه لڏ پلاڻ ڪرڻ وقت عوامي آواز سان ڏک اوريندي جروار، ميرپور ماٿيلو ۽ لاڙڪاڻي واسي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جو چوڻ هو ته سڀني جي ساڻن همدردي رڳو اخباري بيانن تائين محدود آهي عملي طور ڪنهن به سندن سار سنڀار ناهي لڌي. هنن روئيندي چيو ته جڏهن اسانجي نياڻين کي اسڪول ۽ ڪاليج ويندي تنگ ڪيو ويندو آهي، جڏهن کين اغوا ڪيو ويندو آهي، جڏهن سندن ڪاروبار وارين جڳهن تي اچي کين ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، هٿيارن جي زور تي ڀتو ورتو ويندو آهي، ڏينهن ڏٺي جو گھرن ۾ داخل ٿي ڦرون ڪيون وينديون آهن، عورتن جي بيحرمتي ڪئي ويندي آهي ته ان وقت نه ڪو چونڊيل نمائندو نظر ايندو آهي نه ڪو قومپرست اڳواڻ ۽ نه سول سوسائٽي سامهون ايندي آهي. هنن چيو ته حڪومت ته اسان کي ٻئي ٽئين ته ڇا چوٿين درجي جو شهري بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس ۽ حڪومتي عملدار ڏاڍن جا ڪمدار بڻيل آهن. هنن چيو ته نه اسان پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلي سگھون ٿا نه ڪاروبار ڪري سگھون ٿا اهڙي صورت ۾ اسان وٽ اهو ئي رستو آهي ته عزتون ۽ جان بچائڻ لاءِ ماتر ڀوميءَ کان جدائيءَ جون درد ڀوڳيندا رهون

    هوڏانهن اڃان تائين ڪيترائي هندو واپاري اغوا ڪيا پيا وڃن پر انتظاميه لاچار آهي، سيوهڻ جي ميلي تان موٽندڙ ٽن هندن کي اغوا ڪيو ويو آهي، جن جي اڃان تائين ڪابه خبر ناهي۔

    الائي ڇو هي سڀ منظر ڏسي ۽ خبرون پڙهي مونکي 1947ع جي ورهاڱي جا منظر محسوس پيا ٿين۔ اڄ مان پانهنجو پاڻ کان سوال ڪري پاڻ کي ئي نندي رهيو آهيان ته مان ڪهڙو سنڌي آهيان جيڪو موهن جي دڙي جو وارث ٿو سڏايان؟ جيڪو پنهنجي سنڌين جي مال، عزت ۽ گهرن جي حفاظت لاء ڪجهه ڪري ناهيان سگهيو۔

    اڄ سنڌ جا اصلوڪي باشندا اسان تي کِلي رهيا آهن ته سنڌي صرف ٻٽاڪون هڻي ڄاڻڻ، هو سنڌ جي مالڪي نه ٿا ڪري سگهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الائي ڇو اڄ هر هر هي ڪلام ٻڌي روئڻهارڪو ٿي وڃان ٿو​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    خبر ناهي ڪڏهن هن نا انصافين کان ماروئڙن کي نجات ملندي يا وري گروهڙي صاحب جي پيشن گوئي وانگر سڀني کان اول اسانجي ڌرتي هڪ ڏينهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! غرق ٿي ويندي۔
    افسوس جي خبر آهي سنڌ ازل کان ديوانن جي هئي هتي هنن سان هر قسم جون زيادتيون ڏکوئيندڙ آهن۔ سچ ته اهوئي آهي ته صرف ديوانن سان ئي نه بلڪه هر ان ماڻهون سان زيادتيون آهن ئي آهن جيڪو به هتي خوشحالي جي زندگي بسر ڪريٿو ۔ ماڻهون لڏ پلاڻ تي مجبور آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    وساڻ سائين!
    سنڌ مان هندوً گهراڻن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ افسوسناڪ آهي جنهن جا سبب هميشه اهي ئي ٻڌايا ويندا آهن، ته ساڻن سندن ئي جنم ڀومي ۾ جتان جا اهي اصلوڪا رهاڪو آهن ناانصافي ڪئي ويندي رهي آهي۔ پو شايد ساڻن اها ناانصافي ايتري شديد آهي، جو کين هتان لڏپلاڻ ڪري وڃڻ کان سوا شايد ٻيو ڪو چارو نظر ئي نه ٿو اچي پر سائين منهنجا هتي هندن کان سوا هي لکين مسلمان جيڪي هتي آباد آهن آئي ڏينهن اخبارن ۾ انهن سان ٿيندڙ زيادتيون ته ايتري انداز ۾ ڇپيل هونديون آهن جو انهن تي اسان مان شايد ئي ڪنهن جي دل ۾ ڪو احسان پيدا ٿيندو هجي۔ پر جڏهن به ڪنهن هندو خاندان سان ڪو اهڙو واقعو ٿئي ٿو ته ان کي هرو ڀرو به وڌائي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي۔ ڇا فقط اسان وٽ ڪنهن سان ٿيندڙ ناانصافي تي افسوس ڪرڻ لا اهو ئي ضروري آهي، ته متاثر هندو هجي۔ ته پو هو لائق آهي، ته سندس واسطي افسوس به ڪجي ۽ اخلاقي پٺڀرائي به ڪئي وڃي۔
    منهنجي ائين لکڻ جو هر گز اهو مطلب نه ورتو وڃي، ته مان ڪو سنڌ مان لڏي ويندڙ هندن جو ڏک نه ٿو رکان۔ بلڪل افسوس آهي، ته اهڙي قسم جي لڏپلاڻ کي رڪجڻ گهرجي۔
    اوهان ڀتي خوري جي حوالي سان جيڪا ڳالھ ڪئي آهي، مان سمجهان ٿو سندن لڏپلاڻ جو مکيه سبب اهو ئي آهي وري جنهن جو ڪارڻ هندن پاران ڀتي خور ن ڀتي جي ذريعي آبياري ڪندو رهڻ آهي۔ باقي جتي سندن نياڻين سان ٿيندڙ بد اخلاقي جي ڳالھ آهي، ته اهو ته گندي ذهنيت رکندڙ انسان ڪنهن به مذهبي يا معاشرتي فرق کان سوا ئي سرانجام ڏيندا آهن۔ پو اهي نياڻيون مسلمانن جون هجن يا ديوانن جون۔ بهر حال هندن جي لڏپلاڻ جي پٺيان جيڪي به سبب هجن، ضرورت آهي، انهن سان مڙس ٿي منهن ڏيڻ جو۔ ڀلا ڪيسيتائين ڪي گنڊا يا ڌاڙيل صفت ماڻهو عام تي ڪهر ڪندا رهندا۔ ان جو ڪڏهن ته انت اچڻو آهي، باقي انهن واقعن کان بيزار ٿي مقابلي ڪرڻ جي بجا ڌرتي کي الوداع ڪرڻ شايد ٺيڪ ناهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا ملڪ جا اڪثريت يا وري ايئن چوجي ته فرسٽ ڪالس سٽيزن جڏهن ظلم جو شڪار ٿين ته وٽن دفاع لاءِ هڪ نه پر کوڙ پليٽ فارم هوندا آهن۔ پر جڏهن اقليت جي ننڌڻڪن سان ڪا زيادتي ٿئي ته انهي خلاف الڳ نموني سان پُڪار ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي۔ اسان عافيه صديقي خلاف ته آواز اُٿاريندي خوش ٿيون ٿا پر ڇا اسان جي اهي لاغرضي ناهيجو آمريڪا جي پنهنجن شهرين جي اڪثريت هڪ ظلم جو شڪار آهي نسلي بنيادن تي۔ پر ڇو ته آمريڪا ۾ مسلمان اقليت ۾ يا وري ايئن چوجي ته سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن آهن تنهنڪري انهي خلاف ڪجهه ٿئي ٿو ته سندن دانهن جي پڙاڏي ۾ دم اسان جي آوازن جي شامل ٿيڻ ڪري ڪجهه گهڻو هجي ٿو۔

    جيستائين منهنجو مشاهدو آهي ته هندو قوم خاص ڪري واڻيا تمام امن پسند (جنهن کي ستم ظريفي سان ڀاڙيائپ چيو وڃي ٿو) آهن۔ هي نه ڪنهن سان وڙهن نه وري ڪنهن جي آئي وئي ۾ ٽنگ اڙائن۔ اسان جي مذهبي ٺيڪيدارن کي سندن ڪاروبار جو انداز نه ٿو وڻي يا ڪو ساڙ اٿن ته اُها هڪ الڳ ڳالهه آهي پر هو پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهن۔ پر هي ڪنهن سان وير رکڻ يا مقبلو ڪرڻ کان بهتر فراريت ئي سمجهن ٿا۔ ۽ شايد صحيح به اهو آهي۔ جاهلن ۽ غنڊن سان ڪيترو مقابلو ڪجي جن وٽ ڪا اخلاقيات نه هُجي۔ جيڪي ڪم ڱان ٽوٽي ٿي هاڻي ڦُر تي لهي آيا آهن سو به هيڻن کان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سائين واڌايون ،قبلا مبارڪون ، اڄ اسان جي نام نهاد پيرن فقيرن ميهڙ جي ميندي ئي مهانگي ڪرائي ڇڏي هوندي ، اهڙي خوشي جي موقعي تي سونهاري سڳوري ۽ گيسوءِ دراز خوب ڳاڙها ڪيا هوندا !!!! هي ته مختلف شهر ن جا 78 ڪٽنب نڪري ويا يارو سوچيو ته سهي جڏهن جيڪب آباد شهر جي ٻيڙي چوڪ تان 600 ڪٽنب روئي نڪتا ڇا ان وقت ڌرتي نه ڌٻي هوندي ؟؟؟ آسمان نه لرزيو هوندو ؟؟؟
    امرجليل جي ڪهاڻي” سرد لاش جو سفر“ ڏڪي نه هوندي ؟؟؟ ڇا ان وقت امن پسند جيڪب آبادي جي ماڻهن جا آنڊا وات ۾ نه آيا هوندا ؟؟؟ چاچي عبدالڪريم گدائي جي قبر ۾ جنبش نه آئي هوندي ؟؟؟ رکيل ، روحل ، سچل ، بيدل ، غمدل ، ٻڍل ،ريجهل ، قلندر ۽ منهنجي مرشد لطيف سرڪار سندس ڀر ۾ مدن لال جي قبرن ۾ ڪيڏي نه چراغان ٿي هوندي ؟؟؟ جڏهن ڌرتي ڌڻين کي زوري لوڌي ڪڍيو ويوهوندو ۔ ڪيڏا نه خوش ٿيا هوندا ؟؟؟ اهي صوفي بزرگ ، جن جي ڏنل پيغام تي اسان عمل پيرا آهيون۔ هڪ حقيقت آهي ته اڄوڪا پير پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب آهن ، جنهن لاءِ هو کيرون لهڻن ۔
    ٻڌايو رسول بخش پليجي ، ايازلطيف پليجي ، ڊاڪٽرقادر مگسي ، ڊاڪٽر صفدر سرڪي ، جلال محمود شاه ۽ مڙني قوم پرستن کي توهان ڪهڙي سياست ٿا ڪريو ؟؟؟ اچو سِکو هتان جي پيرن فقيرن ۽ ميرن کان ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا ڪلام ٻڌي ته واقعي ئي روئڻ ٿو اچي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏاڏو افسوس ء ڏک ٿو ٿئي
    ايس ايم صارم جي مٿين ڳالهه درست آهي۔
    پاڻ واري حڪمرانن کي ڀنگ پئڻ کان ٽائيم ملي ته اڳتي سوچين نه
    هنڌن جو سنڌ مان لڏي وڃڻ سنڌ لاء انتهائي نقصانڪار آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صارم سائين سلام

    ادا سائين منهنجو اهو قطعي مقصد ناهي ته هتي مسلمانن سان ظلم نه ٿو ٿئي ۔۔۔۔ بلڪل هتي نا انصافي ۽ ظلم جي چڪي ۾ هر ماڻهو پيڙجي ٿو پر ان جو اهو مقصد ناهي ته ڪو اسان انهن واقعن ۾ خوش آهيون۔ ڏاڍ، جبر ۽ ظلم جي خلاف اسان جو آواز اٿندو رهندو۔

    پر هيڏي وڏي لڏپلاڻ ۽ مايوسي ڏسي ڪير خوش ٿيندو ؟ هي به اسان جا پنهنجا سنڌي آهن، انسان آهن جيڪي صدين کان هن ڌرتي جا وارث آهن، انهن جو ايئن وڃڻ اسان لاء ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي۔ منهنجي هن ليک جو مقصد قطعي ڪا مذهبي منافرت ناهي پر انسانيت سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    منهنجا سائين اسان ايڪڙ ٻيڪڙ متصب مسلمانن جي روين جو مسلم اڪثريت جي روين تي قطئي ڏوه نه ٿا ڏئي سگهون جو اوهان به شاھ سائين ۽ سچل سائين جن جوتذڪرو ڪيو ته اهي پيار ۽ پاٻوھ جا پرچارڪ هئا ۽ نه صرف اهي سنڌي هئا پر مسلمان هئا جن اسلامي تعليمات کي چڱي ريت سمجهي انسان ذات، جيڪا هڪ قوم آهي سان ميٺ ۽ محبت جو سلوڪ روا رکيو ۽ معاشري ۾ محبت جو لافاني پيغام عام ڪيو۔
    اسلام خود حسنِ اخلاق آهي۔ قرآن پاڪ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته الله جل شانه ڪهڙي نه خوبصورت نموني مسلمانن کي غير مسلمن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ جي هدايت ٿو ڪري۔

    ترجمو: (1)
    الله اوهان کي انھن (سان ڳنڍڻ) کان نٿو جھلي جن اوهان سان دين (جي ڳالهه) ۾ نه جنگ ڪئي آهي ۽ نڪي اوهان جي گھرن مان اوهان کي (ٻاهر) ڪڍيو آهي (۽ هن ڳالهه کان به نٿو جھلي) ته ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آهي. (سورة المُمتَحنَة آيت 8)

    ترجمو(2)
    اي ايمان وارؤ انصاف سان شاهدي ڏيندڙ ٿي الله لڳ بيھڪ وٺندڙ هُجو، ۽ ڪنھن قوم جي دشمني اوهان کي اوهان جي بي انصافي جو سبب نه بڻي، انصاف ڪريو، اُهو پرهيزگاري کي ڏاڍو ويجھو آهي، ۽ الله کان ڊڄو، ڇوته جيڪي اوهين ڪندا آهيو تَنھنجِي الله خبر رکندڙ آهي. (سورة المائدة آيت 8)


    نه صرف اهو پر رحمة للعالمين حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه و آله وسلم جن جي حياتِ طيبه ۾ پڻ غير مسلمان سان حسنِ سلوڪ جا بيشمار واقعه ملن ٿا. جيئن بخاري شريف جي هڪ حديث ۾ آهي، ته ”پاڻ ڪريمن عليه الصلوٰة والسلام جن جي ڀر مان ڪو جنازو گذريو، ته پاڻ ڪريم عليه الصلوٰة والسلام جن ان جنازي جي احترام ۾ اٿي بيٺا. تنهن تي موجود صحابي سڳورن رضوان الله عليهم اجمعين کين عرض ڪيو ته يا رسول الله! هي جنازو ته ڪنهن يهودي جو آهي اوهان ان لاءِ ڇو اٿي بيٺا. رحمة للعالمين صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو. ڇا اها هڪ انساني زندگي (انسان) ناهي.“

    دوستو! اسلام يا اسلام جا پرچارڪ جن اسلامي تعليمات کي صحي نموني سمجھيو هوندو اهي ڪڏهن به ظلم ۽ بي انصافي مان ڪم نه وٺندا باقي اسان منجهان جن اسلامي تعليمات کي سمجھيو ئي ناهي. انهن جي ته ڳالهه ئي ڇا ڪجي.

    الله سائين اسان سڀني هدايت ڪري، ته پنهنجي آس پاس موجود هيڻن ۽ ڪمزورن جو آسرو بڻجون، انصاف سان هلون ۽ ساڻن سهڻو سلوڪ رکون. آمين.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    صرف هندن تي ئي ظلم نه ٿو ٿئي پر اتر ۾ هر ڪمزور قوم تي ظلم ٿئي ٿو ۽ انهن کان ڀتو ورتو وڃي ٿو۔
     
  11. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    اهي ايڪڙ ٻيڪڙ سڀني جي مٿان مسلط آهن ، اهي ايڪڙ ٻيڪڙ سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهن سڄي قوم انهن وٽ گِروي آهي ۔ اهو به ياد رکو ته مڇي جي کاري مان جي هڪ مڇي به ڪِني نڪرندي آهي ته سڄي ٽوڪري خراب سمجهي ويندي آهي ، پوري دنيا ۾ جڏهن اهڙن هٿ ٺوڪين مذهبي ٺيڪيدارن پيرن فقيرن جي اهڙي ڪُڌي عمل جو پيغام ويندو ته اُتي اوهانجا اهي بهانا ڪڏهن به قبول نه ٿيندا ايڪڙ ٻيڪڙ يا ٽيڪڙ مسلمان نه نه اتي مسلمان ئي سڏبو ته واه جو سلامتي واري دين جو ٺيڪيدار آهي جوڌرتي ڌڻين کي لوڌي ڪڍين ٿا ۔ اسان وارا هٿ ٺوڪيا پير فقير اسرائيل جي يهودين کان به اڳرا نڪتا آهن ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    منهنجا سائين!
    انهي ئي سوچ کي ته تبديل ڪرڻو آهي، ته هڪڙي خراب مڇي جي ڪري کاري ۾ موجود سموري مڇي کي خراب نه سمجهيو وڃي۔ ڇا ان خراب مڇي کي کاري مان ڪڍي اڇلائي نه ٿو سگهجي؟!!!!۔ ائين ئي جيئن کير ۾ هڪ اڌ ڪک جي ڪرڻ سان اسان کير کي ناهيون هاريندا بلڪه انهي ڪک کي ڪڍندا آهيون۔ اهڙي نموني ڪي چند خراب عناصر جيڪي معاشري جي خرابي ۽ انتشار جو سبب آهن انهن کي ٻنجو
    ڏيڻ جي ضرورت آهي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔سڀ کان اهم هِي ته اسلامي ڀائيچاري سان گڏ بين المذاهب ڀائيچاري کي پڻ تقويت ڏيڻي آهي، ته جيئن معاشرو ڪنهن به رنڊڪ ۽ رخني کان سوا اوسر کائيندو رهي۔
    الله سائين اسان سڀني کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو