اڃا ٿا چئو ته سنڌين کي بس روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ جي عادت آهي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    ¨ سنڌي ماڻهن جي شعور بابت ملڪي سطح تي عام تاثر اهو رهيو آهي ته اهو ٻين صوبن ۾ رهندڙ ٻين قومن کان گهڻو تيز ۽ مٿانهون آهي.
    ¨ سنڌين جي ان اٿاهه سياسي شعور کان يقينن اسٽيبلشمينٽ هر دور ۾ ڊڄندي آئي آهي پر جيڪڏهن ملڪي، انتظامي، آئيني ۽ عدالتي گاڏو هلائڻ لاءِ ان کي سنڌين جي صلاحيتن جي مجبورن ضرورت به پئي آهي ته انهن کي محتاط نموني ئي استعمال ڪيو ويو آهي ۽ استعمال بعد ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واري ساڻن ڪار ڪئي وئي آهي.
    ¨ سنڌي ماڻهن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پير پائي ۽ گلوبل وليج جو حصو بڻجي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اُهي وقت جي رفتار سان صفا گڏ نه تڏهن به ڪو گهڻو پوئتي به ناهن.
    ¨ سنڌي ماڻهن جڏهن شاهوڪاري واري دور کانپوءِ معاشي تنگيءَ کي ڏسندي ٻاهرين ملڪن ۾ ٽڙي پکڙي وڃڻ جي ضرورت کي محسوس ڪيو ته پوءِ انهن ايئن به ڪيو ۽ هاڻي اهو به ثابت ڪيو آهي ته هو پنهنجن ڳوٺن، علائقن ۽ سنڌ کان ٻاهر پرڏيهه وڃڻ کان به نٿا لهرائين.
    ¨ پر اصل ۾ سنڌين کي ملڪي ۽ انتظامي سيٽ اپ کان هر ممڪن طريقي سان پوئتي ڪرڻ لاءِ ئي مٿن ڄٽ، سست، نااهل، ڪم چور جا الزام لڳايا ويندا آهن.
    ¨ سنڌين جي حقن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي ”مني پاڪستان“ به بڻايو ويو ته پرڏيهي لشڪرن جي پڻ پناهه گاهه بڻائي وئي ۽ هاڻي ڌارين ”آئي ٽانڊو کڻڻ بڻجي وئي بورچياڻي“ واري ڪار ڪئي آهي.
    ¨ ڪوڙا شناختي ڪارڊ ۽ ڪوڙا ڊوميسائل ٺهرائي اهي ڌاريا نه صرف نوڪريون حاصل ڪري رهيا آهن، اليڪشنن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. اسيمبلي ميمبر ٿي رهيا آهن. وزير به بڻجي ويا آهن ۽ سينيٽ ۾ به سنڌ جي ڪوٽا تي سينيٽر بڻجي رهيا آهن.
    ¨ سنڌي ماڻهو پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آخر ڇا ڪن. هو دانهون ۽ رڙيون نه ڪندا ته ڇا ڪندا؟ احتجاج ڪن ته جيلن ۾، بغاوت ڪن ته ڦاهيون، عدالتن ۾ وڃن ته نا انصافي.
    ¨ سنڌي ماڻهو جڏهن به پنهنجا اهڙا آئيني، قانوني، قومي ۽ سياسي حق نه ملڻ تي احتجاج ڪندا آهن، دانهون ڪندا آهن ته سنڌ دشمن ماڻهو چوندا آهن ته سنڌين کي ته بس روئڻ جي عادت آهي، ٻيو ڪجهه ناهي.
    ¨ هيءَ اُها ڳالهه ٿي ته ”ڌڪ ٿا هڻون ته اکيون ٿا ڏيکاريو“ ڇا ڳالهه ڪجي: هڪ چوري ٻيو سينا زوري.
    ¨ سو نوٽ ڪرڻ جي اها ڳالهه آهي ته هاڻي به سنڌ اسيمبليءَ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي ڊوميسائلن ۽ شناختي ڪارڊن تي ٻين صوبن جا 40 هزار ماڻهو وفاقي حڪومت ۾ ملازمت ڪري رهيا آهن.
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    ادا سنڌين ۾ هڪ خامي اها آهي ته هو هر دور م امن پسند رهيا آهن ۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سٺي عڪاسي ڪئي آھي اوھان، ھڪ ڳالھ ته اسان پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙُو ھڻي رڙيون به پاڻ ئي ڪندا آھيون، اسان جا پنھنجا افعال آھن جن جو سلو ملي پيو۔
     
  4. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    سنڌي اڃا ستا پيا آھن هٿ جي وڍي جو ويڄ نه طبيب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو