اچو ته سنڌي ڪلچر سان گڏ سنڌي ادب لکڻيءِ جي به حفاظت ڪريون اهو به اسان جو قومي فرض آهي

'راءِ شماري' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اچو ته سنڌي ڪلچر سان گڏ سنڌي ادب لکڻيءِ جي به حفاظت ڪريون اهو به اسان جو قومي فرض آهي

    اچو ته سنڌي ڪلچر سان گڏ اصل سنڌي ادب ”لکڻيءِ جي ادب“ جي به حفاظت ڪريون اهو به ته اسان جو قومي ۽ اهم فرض آهي اسان سنڌ جي جُدا جُدا علائقن جي ڪلچر، ٻوليءَ (يعني ڳالهائڻ جي اندازن جي) کي هڪ اصلي ۽ لکڻي سنڌي ادب، جيڪو مختلف سنڌي علائقن جي تهذيبن ٻولين ۽ ڪلچر، رسمن، رواجن کي ئي پاڻ م سميٽي هڪ ٿو ڪري، اچو ته ان ڳالهه جي تميز ڪرڻ سکون ته ڳالهائڻ جو ادب هڪ ۽ لکڻ جو ادب ٻيو آهي ، اچو ته حقيقي ۽ سولي سنڌي لکي، گَهڻ سنڌي ٻولين کي ٽوڙڻ بجائي هڪ هار ۾ پويون. ته اُها اسانکي اڳتي وٺي هلي، ٻين قومن ۽ تهذيبن کي سولي سنڌي ۾ سمجهاڻي ڏئي اسانجي ٻولي ڳالهائڻ سيکاري ۽ اسان لا پيار ۽ مُحبت جا رستا ڳولي لهي ۽ اهو تڏنهن ٿيندو جڏنهن توهان پنهنجي ڳالهائڻ واري زبان ۽ انداز کي سنڌي لکڻي ادب کان پاسي ڪرايو، ان جي بهترين جڳهه ڊراما نگاري آهي۔ ڊرامائي طريقن سان ٻين قومن کي پنهنجي حيثيت، شناخت ُجود کي ذهن نشين ڪرايو پر لکو سولي ۽ اسٽينڊرڊ سنڌي ۾۔
    نون اُستادن کي ته بک هڙتالن، جلوسن، ڪاممورن جي ڪُرسي کني هلن۽ پريس ميٽنگن، ٽيوشن سينٽرن مان واندڪائي ئي نٿي ملي پر پُراڻا ماستر يعني اُستاد به الائي ڇو خاموش آهن شايد اهي به اثر وٺي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون بند ڪرائي هڙتال تي ويل آهن ۽ تيسين شاگردن کي چڻا کپائڻ جو درس پيا ڏين۔ هي انهن جو ڪم آهي، رُڳو ڪامورن ۽ وڏيرن جي پُڇ ۾ ٻڌجي گوسٽ اسڪولن جي حفاظت يا کين اوطاقن ۾ تبديل نه ڪن۔

    [​IMG]

    نسلي ڪمزوري آهي، ڪنهن ڳالهه کي ٿا وٺون ته اصل لٺ کنيو هلون مقصد سمجهه ۾ اچي نه اچي نه اچي بس کوهه ۾ ٽُپو ڏيڻو آهي ، رپورٽر ٿيڻو آهي، رائيٽر بڻجڻو آهي، ڊرامان نگار ٺهڻو آهي ادا ائين ڪرڻ جا شفيق جوکئِ ٍجهڙي ڪنهن اُستاد کان به گُر سکڻا پون ٿا، اهو سمجهڻ کان سوا ته ڇا اسان جي دال به ڳرندي يا نه ، بس ڪنهن جي يا پنهنجي ڦاڙڻي آهي ته ڦاڙي ڇڏجي پوءِ ڀلي ڦاڙڻ نه ايندو هُجي۔ ادا ڏاڍو سو گابو ميمڻ ويچاري تي ڪهڙي معيار اسان جي ماٺ آهي يقين نه اچوَ ته مُهنجي يار مُحترم شفيق جوکيو صاحب کان تصديق ڪرائي وٺو۔ شروع ڇو ٿيس جو ”سائين پوري دُنيا جي زبانن ۾ هوندو آهي ته لکت لا هڪ طريقو ۽ ڳالهائڻ لا ٻيو طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي، ڪنهن به کڻي زبان کي کڻو توهانکي اهي ئي ٻه شيون اُتي ملنديون ۽ اهڙي ريت لکت واري سنڌي ۾گرامر جي صحيح استعمال ۽ صحيح اُچار جي خبر به پوندي آهي جيڪو سنڌي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارن لا لازمي هوندوآهي ان ڪري ئي سنڌي ادبي بورڊ جو وجود آيو جيئن صحيح سنڌي زبان جي حفاظت ڪري سگهجي ، اهو دئور واڻين جي دئور کان مُسلسل ڀُٽي صاحب جي دئور تائين هلندو رهيو۔ ۽ پو ڀُٽي صاحب جي نوڪري ڏيڻ واري عهد کان جيئن ئي اُتر سنڌ مان لڏ پلاڻ ٿي لاڙ پُهتي لکت جو طريقو به بدلجندو ويو۽ ڪنهن به برک اصلي لکت واري سنڌي ان کي صحيح رُخ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي ممڪن آهي سياسي پريشرن جي ڪري يا نوڪري ۽ آفيسري بچائڻ جي ڪري ٻين ڪنهن مجبورين جي ڪري۔ اڄ جي سنڌي ڊراما نگاري واري سنڌي آهي۔ اهڙي طرح سُگهڙن جون پُراڻيون ڪچهريون يا سائين صالح محمد شاه جي ريڊئي تي نشر ٿيل فتح خان جي ڪچهري مان به گهڻو ڪُجهه سکي سگهجي ٿو۔ڊرامان نگاري وري هڪ ٻيو فن آهي ها ان ۾ ڊائلاگ علاقائي ڳالهائڻ واري زبان جا لفظ اُچاري سگهجن ٿا ۽ سگهبا آهن جنهن سان علائقي جي تهذيب و تمدن جي خبر گيري ٿيندي آهي ته فلاڻي فلاڻي طريقي سان ڳالهايو پر ان ڊرامي کي کڻي هلڻ لا به لکت اُهائي اصلي سنڌي واري هُئڻ کپندي هُئي، وقت جي گُذرڻ سان ۽ اُتر سنڌ جي اثر ڪري اُتر جي پاسي وارن جي علم ادب، جاب ، ٽيچنگ وغيره ۾ اڪثريت وڌندي وئي ۽ هُنن لکڻ واري سنڌي کي به پنهنجي ڳالهائڻ ورا ڍنگ (ڊراما نگاري)سنڌي سان بدلائي ڇڏيو جيڪو اڄ تائين جاري و ساري آهي۔ هاڻ هرڪو سنڌي لکڻ وارو ليکڪ آهي جيڪو ڳالهائي ٿو اھو ئي لکي ٿو جڏنهن ته لکت جا به اُصول آهن جن جو خيال نٿو رکيو وڃي ۽ ڪا پابندي ناهي، باقي سنڌي جو خانو خراب انهن سنڌي ليکڪن به ڪيو جن مئٽرڪ به مُشڪل سان پڙهي هُجي ۽ جن سنڌي چئنلن تي لکيو، مشهور ٿي ويا جو کين ميڊيا تي پبلسٽي ملي ۽ ماڻهون خاص طور نئين جنريشن اهو رستو اختيار ڪندي وئي ۽ سنڌي ادب هڪ عام ادب بڻجي پيو آهي جنهن جا هاڻ ڪي اُصول ناهن۔ هاڻ فرهاد قائم خاني به سنڌي لکي ٿو ته ڪي ڪي به جن شايد ئي سنڌي اسڪولن جي شڪل ڏٺي هجي ۽ شاهه نواز ڀُٽو ته اسلم ڀُٽو به رائٽر سڏرائجن ٿا اڪثر ڊائريڪٽر ويچارا ته پئسا بچائڻ لا پاڻ به رائيٽر ٿي پيا آهن ۽ سنڌي ڊراما نگاري، اڙدو ڊرامان يا ڊائجسٽون يا هندي فلمون ڏسي ڪهاڻين کي توڙي موڙي سنڌي زبان جون ٽنگون ئي ڀڃي چُڪا آهن ۽ ڪو به ڪلچر سان وابستا اٿارٽي وارو اعتراض نٿو ڪري اُبتو کين رائٽر ايوارڊ سان نوازي ٿو۔ سنڌي ادب جي رهي سهي ڪثر به ختم ٿيندي وڃي ۔ جيئن نثري نظم ۾ هوندي آهي جنهن ۾ نه بحر ۽ نه ئي وزن جو خيال نٿو رکيو وڃي جنهن ۾ شعر جو ماڊرن طريقو ڏسي سگهبو آهي۔ لکت واري سنڌي کي بچائڻ لا ان کي به ڪو نثري نظم جهڙو ئي نالو ڏجي ها،اهڙو ڪو نالو ڏجي ها ته بهتر هُجي ها جيئن نثري نظم ٿي پيو۔ ڇو ته ڳالهائڻ واري زبان گرامر ۽ اُچار ڪرڻ کان آزاد هوندي آهي۔ ۽ اڄ ڪلهه سنڌي ڪلچر ۾ به ڳالهائڻ واري زبان استعمال پئي ڪئي وڃي پو اهو ڀلي ليکڪ ئي ڇو ناهي۔

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    رب سائين سود کان روڪيو، اسان بئنڪ ٺاهي،
    رب سائين زنا کان روڪيو، اسان ڪلب ٺاهي،
    رب سائين پردي جو حڪم ڏنو، اسان ٽيليويزن، ڊي وي ڊي ۽ ڊش اينٽينا خريد ڪري بيحيائي کي عام ڪيو،
    رب سائين فرمايو قرآن پاڪ ۾ توهانجي ڪاميابي آهي، اسان آڪسفورڊ جي ڪتابن ۾ ڪاميابي ڳولهڻ شروي ڪئي،
    ٿورو سوچيو!!!!!!
    اڄ مسلمان انهي ڪري پريشان آهن جو، جنهن کي راضي ڪرڻو آهي، اُن کي ناراض ٿا ڪريون ته پو رب سائين جي رحمت ڪيئن ٿيندي؟
    نيڪي جي دعوت سڀ کي ڏيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    محترم جوکيو صاحب سنڌي قوم لاءِ ته هر جڳهه تي نو اينٽري بورڊ لڳو پيو آهي، پوءِ جي هو حاظر سروس آهن يا سروس جا مُنتظر پر حيرت آهي ته انهيءَ نو اينٽري بورڊ ۾ سنڌي پاڻ ئي ڀائيور آهن جيڪي اقتدار ۾ آهن اُهي سڀ ظالم وڏيرا، رُشوتي سنڌي ڪامورا، اُنهن جا پوئلڳ سندن ذاتي مُلازم، نوڪر، بورچي جن وٽ ڪوڙيون ڊگريون يا جي اصلي آهن ته اٽو ڏئي ورتل، اجايو شوشي بازيءَ ۾ مُبتلا، ٽيڙي ۽ آڪڙ رکندڙ، پنهنجي ئي ميرٽ وارن سنڌين کي نه صرف پاڻ بلڪه غير سنڌين سان ملي سازشون ڪري، جيڪيون نوڪريون وڏيرن، جاگيردارن، زميندارن، رُشوتي ڪامپرن يا ظالم وڏيرن کي ڪوٽا ڪري ملن ٿيون اُهي هو يا ته پنهنجي ڪنهن مائٽ، اولاد يا نوڪر کي ڏين ٿا يا کپائين ٿا جيڪي وري انهن ادارن ۾ وڃي ڪُجه ڪرڻ بجاءِ ٻن کي 52 ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، نالو قومي يا پي پي جو ڀڀ پنهنجا پيا ڀرين جڏنهن ته ٻيون جيڪي قومون آهن اُهي آئنه فيوچر لاءِ پهرئين پنهنجي ميرٽ تي ايندڙ کي اڳيان وڌائين ٿيون. بابا سائين ڌاريو ماري ته سهبو، پنهنجو سنڌي ماري ته ڪيئن سهبو، بس سڀ چور ڳنڍي ڇوڙ پاڻ ۾ ملي ڀائيوار ٿي ويا آهن، ڪنهن ڪنهن کي روئيندئو، مـٺا مُٺي به ماٺ، مِٺي به ماٺ چئون ٿا ته من سمجهي وڃن ته ناراض ٿا ٿين، مرڻ مارڻ جون ڌمڪيون، ڳوٺ اچي ڪاه ڪرڻ جون ڌمڪيون، ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌي قوم ۾ ٽن جنريشن تائين ڪا ترقي يا واڌ ٿيندي؟ اُبتو شهرن ۽ آمريڪا ۾ وڃي پنهنجو سنڌي تشخص وساري ويٺا آهن، قومي نعرا ته هڻن ٿا پر گهرن ۾ انگريزي نظام ٿو هلي، سنڌي ڳالهائڻ به نٿا چاهين يا اچين ئي نٿي ها پئسي وارا آهن ڪو قومي ڏينهن ايندو ته محنگيون مهنگيون سنڌي ڪلچر جون پوشاڪون، اجرڪون، رليون گاڏين ته جهنڊا، ۡلاڪ ٻن جو وقت ضرور ڏين ٿا. هن قوم جهڙي ڪا قوم ملندا جو نعره هڻندي به 7000 سالن کان غلام آهي.
     
  4. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اهڙا ڪالم لکندا رهو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو