ادا مون کي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته موضوع جي دوران لنڪ ڪئين ايڊ ڪجي جو تقريبن دوستن جي موضوع ۾ هوندو آهي ته هتي ڪلڪ ڪيو هتي ڪلڪ ڪرڻ سان اها ساييٽ کُلي ويندي آهي مهرباني ڪري رهنمائي ڪريو
سڀ کان پهريان انهن لفظن کي سليڪٽ ڪريو جن تي توهان کي لنڪ لڳائڻو آهي جهڙوڪ (هتي ڪلڪ ڪري) ان کان پوءِ مٿي ايڊيٽر ٽولبار مان ”لنڪ شامل ڪريو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ توهان اڳيان لنڪ شامل ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍي ونڊو ظاهر ٿيندي جتي جيڪو لنڪ شامل ڪرڻو آهي اهو لکو يا پيسٽ ڪريو ۽ هيٺ کاٻي پاسي موجود شامل ڪريو بٽڻ ڪلڪ ڪريو يا ڪيبورڊ تان انٽر بٽڻ دٻايو۔۔۔ توهان جا مطلوبا لفظ لنڪ ٿي ويندا۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺين تصوير ڏسو۔۔۔ 434 اٽيچمينٽ ڏسو
ادا توهان جڏهن به ڪجهه موڪلڻ چاهيو ته پهريائين فورم تي اچو مٿي لفظ فورم لکيل آهي ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان سنڌ سلامت جي مين صفحي تي پهچي ويندا بعد ۾ ان ۾ شامل ٿيل شعبن کي پڙهو توهان جو مواد ڪهڙي شعبي سان تعلق رکي ٿو ان کي ڪلڪ ڪريو بعد ۾ ان جي مٿان کاٻي پاسي کان لکيل هوندو نئون موضوع موڪليو ان تي ڪلڪ ڪري پهريائين موضوع جو عنوان لکو بعد ۾ موضوع واري تحرير لکو ۽ هيٺان موضوع موڪليو واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ته توهان جو مواد سنڌ سلامت جي زينت بنجي ويندو۔ جيڪڏهن موضوع لاء شعبي ڳولڻ ۾ دقت محسوس ٿئي ته هتي ڪلڪ ڪريو ته سڀ شعبا توهان جي سامهون کلي پوندا پو توهان جهڙي به شعبي ۾ تحرير موڪلڻ چاهيو انتي ڪلڪ ڪريو۔
دوست توهان جی کافی جاٹ ملی سب مونجهارا لهی ویا مهربای دوستو توهان جي ڪافي ڄاڻ ملي سڀ مونجهارا لهي ويا مهرباني.
ادا سڌير احمد سدیر احمد مهر لڳي ٿو توهان موبائيل تان لکيو آهي شايد ان ڪري تحرير درست نظر نه پئي اچي. موبائيل ته به سنڌي لکڻ جي سهولت آهي جيڪڏهن ڪو سنڌي لکڻ ۾ مسئلو هجي ته ادا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم يا فاروق سومرو سان رابطو قائم ڪيو اميد ته مسئلو هل ٿي ويندو.
موبائل فون جيڪڏهن ائنڊرائيڊ آهي ته پو اهي سهولتون لازمي هونديون.. فورم ۾ ڪابه وڊيو اپلوڊ ڪرڻ لا هيٺيون طريقو استعمال ڪريو.. پهرين اُن وڊيو جو لِنڪ ڪاپي ڪريو جيڪا توهان سنڌسلامت ۾ لڳائڻ چاهيو ٿا پو سنڌسلامت ۾ هڪ نئين موضوع جي شروعات ڪريو ۽ ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ڏنل وڊيو جي آئڪان تي ڪلڪ ڪريو ۽ مطلوبه لِنڪ اُتي پيسٽ ڪريو ۽ امبيڊ جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.. مٿيان عمل ڪرڻ کان پو موضوع موڪليو جي بٽڻ تي ڪري نئين موضوع کي اپلوڊ ڪريو. تصويري سمجهاڻي هيٺ ڏِجي ٿِي. وڊيو سمجهاڻي لا هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو. http://www.sindhsalamat.com/threads/37843/
ادا مون وٽ x6ڪيو موبائل اينڊرائيڊ آهي . باقي اوهان جي ڏسيل طريقي تي سڀاڻي ڪوشش ڪندس. اوهان دوستن جي مدد شامل رهي ت انشاالله اپلوڊنگ ب ٿي ويندي .هاڻي ننڊ لڳي آھي ساٿ سلامت دعائن ۾ ياد
ادا آئون فانٽ سکان پيو ان جي ڪري هي جواب موڪليو آهي ادا آئون فانٽ سکان پيو ان جي ڪري هي جواب موڪليو آهي ادا آئون فانٽ سکان پيو ان جي ڪري هي جواب موڪليو آهي