ويب سائيٽ هيڪر يا ڪريڪر ڇا ۽ ڪيئن هيڪنگ يا ڪريڪنگ ڪندا آهن سبق پهريون

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق ڏهون . هيڪر جيڪي قدم کڻي هلي ٿو
    [​IMG]
    1۔ ريڪانيسينس يعني (هيرائڻ)
    2۔ اسڪيننگ ۽ اينومريشن يعني (چپو چپو يا قدم قدم وڌڻ) ۽ (هڪ هڪ ڪري ڳڻي رکڻ)
    3۔ گيننگ ايڪسيس يعني (فائدي وٺڻ لاِ پُهچ)
    4۔ مينٽيننگ ايڪسيس ۽ پلسيسنگ بيڪ ڊورس يعني (برقرار رکڻ جي پُهچ) ۽ پُٺين دروازي لاِ رستو
    5۔ ڪليئرنگ يا ڪورنگ ٽريڪس يا لاگ کي ڪليئر ڪرڻ يعني (رستن جي صفائي)۔
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق يارهون . اي ميڪ هيڪنگ ۽ اي ميل ڪيئن ٿو ڪم ڪري
    [​IMG]
    1۔ اي ميل جي سينڊنگ (موڪلڻ) ۽ رسيونگ ( وصول ڪرڻ) کي اي ميل سرور ڪنٽرول ڪندو آهي۔ سڀئي اي ميل سرورس پرووائيڊر پنهنجي اي ميل سرور کي پهرئين ڪنفگر ڪن ٿا، ان کان پهرئين جو ڪو ان ۾ پنهنجي اڪائونٽ ۽ پاسورڊ کي سائين ان يا سائين آئوٽ ڪري ڊجيٽيلي پيغام رساني شروع ڪري ڏي۔
    2۔ هڪ دفعو جڏهن سرور ڪم ڪرڻ لا ڪنفگر ٿي تيار ٿي وڃي ٿو ته يوزر، پوري دُنيان مان پاڻ کي ان سرور جي اي ميل ۾ رجسٽر ڪرڻ شُروع ڪري ٿا ڏين ۽ پنهنجو اي ميل اڪائونٽ سيٽ اپ ڪن ٿا، جڏنهن هنن کي مُڪمل ڪم ڪرڻ واري اڪائونٽ ۾ پُهچ ملي وڃي ٿي ته هو پنهنجي اڪائونٽ ۾ سائين ان ٿين ٿا ۽ ٻين يوزرن سان ڳنڍجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا انهي اي ميل سرور جي ذريعي۔
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق ٻارهون.اليڪٽرانڪ ميل جي سفر ڪرڻ جو رستو

    [​IMG]
    1۔ توهان مٿي شڪل ۾ ڏٺو ته اسان وٽ اي ميل موڪلڻ ۽ رسيو ڪرڻ لا به اي ميل سروس پرو وئيڊر آهن۔ هڪ آهي سرور1 ڊاٽ ڪام ته ٻيو اهي سرور2 ڊاٽ ان۔
    2۔ اي۔ بي۔ سي هڪ رجسٽرڊ يوزر آهي جيڪو سرور1 ڊاٽ ڪم استعمال ڪري ٿو ۽ ايڪس۔ وا۔ زيڊ هڪ ٻيو رجسٽرڊ يوزر آهي جيڪو سرور2 ڊاٽ ان کي پنهنجي اي ميل جي پُهچ، رصد لا استعمال ڪري ٿو۔
    3۔ اي۔ بي۔ سي پنهنجي اي ميل اڪائونٽ مان سرور1 ڊاٽ ڪام اڪائونٽ ۾ سائين ان ٿي هڪ اي ميل پنهنجي دوست کي موڪلي ٿو جيڪو هڪ ٻئي سرور تي ايڊريس ڪرڻو آهي ۽ هي ايڊريس رکي ٿو Xyz@server2.in ۽ سينڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ٿو ته سندس سرور کيس ٻُڌائي ٿو ته هُن سندس اي ميل ڪاميابي سان موڪلي ڇڏيو آهي۔
    4۔ پر توهانکي خبر آهي ته پڙدي جي پُٺيان ڇا ٿو ٿئي! ٿئي ائين ٿو جو اي ميل ڪمپيوٽر Abc@server1.com مان فارورڊ ٿيل ميسيج کي پنهنجي ئي سرور يعني سرور1 ڊاٽ ڪام ڏانهن موڪلي ٿو۔ ۽ پو سرور1، سرور ٻئي جي کوجنا ڪري ٿو ته اُهو به دُنيا ۾ آهي يا بس اي ميل ائين ئي هوا ۾ اُڏائي موڪليو ويو آهي هو انٽرنيٽ تي سرور2 کي ڳولي پو اهو ميسيج سرور2 ڊاٽ ان کي سندس اڪائونٽ ايڪس۔ وا زيڊ لا موڪلي ٿو ۽ پو سرور2، سرور1 کان ميل وٺي، ايڪس۔ ُا۔ زيڊ جي اڪائونٽ ۾ رکي ڇڏي ٿو۔
    5۔ ايڪس وا زيڊ پو جڏنهن پنهنجي ڊيسڪ تي اچي ويهي ٿو ته هو ه پنهنجي اي ميل اڪائونٽ ۾ سائين ان ٿئي ٿو ۽ سرور1 کان مليل ميسيج کولي پڙهي ٿو۔
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب هيڪنگ. سبق تيرهون. اي ميل سرور جا پروٽوڪولس
    [​IMG]

    1۔ ايس ايم ٽي پي (SMTP)
    سمپل ميل ٽرانسفر پروٽوڪول (ايس ايم ٽي پي) استعمال ان وقت ٿيندو آهي جڏنهن اي ميل اي ميل ڪلائنٽ کان نڪرندو آهي جهڙوڪ آئوٽ لوڪ ايڪپريس، کان اي ميل سرور ڏانهن يا جڏنهن اي ميل هڪ سرور کان ٻي سرور طرف ڊيليور ٿيندو آهي۔ ايس ايم سي پورٽ 25 استعمال ڪندو آهي۔

    2۔ پي او پي 3 (POP3)
    پوسٽ آفيس پروٽوڪول 3 (پي او پي 3) هي ۾ پي او پي 3 پروٽوڪول ڪلائنٽ کي ، سرور مان اي ميل ڊائونلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي۔ هي هڪ سادو پروٽوڪول آهي ۽ هن جا فيچر اترا گهڻا ڪونه آهن صرف ڊائون لوڊنگ۔ هن جي ڊزائين سمجهي وڃي ٿي ته اي ميل ڪلائنٽ پنهنجا سڀ اي ميل سرور کان ڊائون لوڊ ڪرڻ ٿو چاهي ۽ سرور مان ئي ڊليٽ ٿو ڪرڻ چاهي، ۽ پو اهو پروٽوڪول ڊسڪنيڪٽ ٿي وڃي ٿو۔ پاپ3 عمومن پورٽ 110 استعمال ڪندو آهي۔

    3۔ آ ايم اي پي (IMAP)
    انٽرنيٽ ميسيج ايڪسيس پروٽوڪول اُهي گهڻائي ساڳيا فيچر شيئر ٿو ڪري جيڪو پاپ3 ڪندو آهي۔ هي به اُهوئي پروٽوڪول آهي جنهن سان ڪلائنٽ (گرهاڪ يا يوزر) اي ميل سرور مان پنهنجا ميسيج وصول ڪري ٿو يا ڊليٽ ڪري ٿو۔ پر تنهن هوندي بي آ ايم اي پي اهڙا گهڻا فيچر رکي ٿوجيڪي پاپ 3 ۾ آهن ئي ڪونه ۔ هي پروٽوڪول ان ڪري ڊزائين ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪلائينٽ کي پنهنجا ميسيج سرور تي رکڻ جي اجازت ڏي۔ هن پروٽوڪول لا سرور تي ڊسڪ جو اسپيس به گهڻو گهُربو آهي ۽ سي پي يو جو به گهڻو استعمال پاپ3 جي ڀيٽ ۾کپي ٿو۔ نوٽ ڪريو ته سڀئي اي ميل سرور تي ئي اسٽور ٿين ٿا۔ هي پروٽوڪول نارملي پورٽ 143 استعمال ڪري ٿو۔
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب هيڪنگ. سبق چوڏهون. اي ميل سرور کي ڪنفگر ڪرڻ
    [​IMG]
    1۔ اي ميل سرور جا سافٽ ويئر جهڙوڪ پوسٽ ڪاسٽ سرور، ايڇ ميل سرور، سرج ميل وغيره توهان جي پي سي کي اي ميل سينڊنگ سرور طور ٺاهڻ ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا۔

    2۔ ايڇ ميل سرور هڪ اهڙو اي ميل سرور آهي جيڪو مائڪرو سافٽ ونڊو لا استعمال ٿيندو آهي۔ هي توهان کي اجازت ڏيندو آهي ته پنهنجا سڀئي اي ميل انٽر نيٽ سرور پرووائيڊر ( آ ايس پي) تي ڀاڙڻ بجا پاڻ ڪنٽرول ڪري سنڀاليو۔ هي توهانجي آ ايس پي جي هوسٽ سرور کي ڀيٽا ڏئي ٿو، ۽ ايڇميل سرورلچڪ ۽ سيڪيورٽي ڏئي توهان کي اسپام ميلن کان بچڻ لاى کي ڪنٽرول ڪرڻ جو فُل ڪنٽرول ڏي ٿو
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب هيڪنگ. سبق پنڌرهون. توهانجي اي ميلن جي سيڪيورٽي
    [​IMG]
    1۔ هاڻ اچو ته جائزو وٺون ته هي اليڪٽرانيڪل خط و ڪتابت ڪيتري سيڪيوئر آهي۔ توهان کي خبر آهي ته هزرن جي تعداد ۾ حملا آهن جيڪي اي ميلس تي ٿيندا رهندا آهن، اهڙا الاهي مٿي ڦريا آهن جيڪي اي ميلن تي حملي ڪرڻ ۾ ماهر ۽ ماسٽر آهن هو بس معصوم ماڻهن کي شڪار ڪرڻ لا ڳوليندا رهن ٿا جيڪي ويچارا هن اي ميل ٽرڪس کان واقفيت نٿا رکن ۽ هُن جي چنبن ۾ آساني سان ڦاسيو پون۔

    2۔ بس توهان کي اهو يقين ڪرڻو آهي ته توهان اهڙن ڪڃرن جا ٽارگٽ ڪونه بڻبئو ان لا توهانکي پنهنجي شناخت ۽ پروفائل کي مضبوط ترين ِ سيڪيوئر بڻائڻو آهي پاڻ کي اهڙن ڀاڙين لا ٽف ٽارگٽ بڻايو۔

    3۔ جيڪڏنهن توهان وٽ آ ڊي (شناخت) آهي ته اهو متان ڀانيو ته جي توهان هيڪ ٿي ويا ته ڇا ٿي پوندو ڇو جو توهانجي ان اڪائونٽ ۾ ڪا خاص انفارميش آهي ئي نه! ۔ پر توهان کي خبر ڪانهين ته اهي شودا جيڪي توهان جي آ ڊي (شناخت) ۽ پاس ورڊ چورائين ٿا اُهي انهي آ ڊي ۽ پاس ورڊ سان ڪنهن به دُنيا جي منسٽري ۽ خبرن جي چئنلن کي ڌمڪين وارا ميسيج به موڪلي سگهن ٿا۔ ها! مٿا ڀُليا آهيو ۽ اڇي مٿي ۾ خواري کڻائي ويهو۔

    4۔ سُهڻا سنڌي معصوم! وڏيرن جا غلام! ۽ انهن جا پير چٽڻ وارا معصوم بي ضرر سنڌيو! حملي آور کي توهانجي ڊيٽا سان ڪو سروڪار ناهي، هو صرف آ ڊي وڪٽم ٿيڻ چاهين ٿا جيڪا کين حملي ڪرڻ لا ڪم اچي، اهو ڪم دهشت گرد تنظيمون گهڻي زور شور سان ڪنديون آهن۔ اهو هڪڙو ئي طريقو ڪونهين، گهڻيون آئڊيو ٺاهڻ وارو سنڌي سٻاجهئو! هڪ هيڪ ٿي ته ٻي ٺاهي ڇا ٿي پيو سمجهڻ وارئو! هن جي استعمال ٻيا به الاهي کوڙ غلط طريقا هوندا آهن۔ مان سمهان ٿو ته ضرور توهان مان ڪي اهڙن مصيبتن ۾ به گرفتار ٿي چُڪا هوندا جڏنهن توهان جو هڪ دوست يا اسڪولي توهان کان آ ڊي وٺي ان سان ٻئي دوست کي ابيوز ڪندو هوندو، ڀلا دوست نه ته ڪنهن ڇوڪري کي! ۽ ڪنهنجي نالي؟ توهانجي نالي! ڪن خراب ڇوڪرين يا ماين ڏي به ته ميل موڪلي سگهي ٿو جڏنهن ته توهان شريف آهيو ۽ پنهنجي آ ڊي هيڪ ٿيڻ جي پرواه به ڪانهين ته ڪنهن ڪڏنهن اها حرڪت ڪري وڌي!
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب هيڪنگ. سبق سورهون. اي ميل اسپُوفنگ
    [​IMG]
    اي ميل اسپوفنگ جو عمل اي ميل هيڊر ۾ فورجري آهي معنيى ڪنهن جي موڪليل ميسيج کي يا ڪنهن وٽ موڪليل ميسيج جي حقيقي سورس جي نقل ٿئي ٿي۔ توهان الاهي، فيس بوڪ، مائڪرو سافٽ، ياهو يا هاٽ ميل وارن ۽ اُنهن جو هيڊر استعمال ڪرڻ وارن جا ميل وصول ڪري ڏٺا هوندا جنهن ۾ توهانکي صلاح تي ڏني وڃي ته پنهنجا ڊٽيل ۽ پاس ورڊ موڪلي تصيح ڪرايو وغيره۔ پوفنگ جنهن سان موڪليل ميسيج اصلي ميسيج جهڙو لڳي ٿو۔ اسپام جا تقسيم ڪار اڪثر اها ٽيڪنڪ استعمال ڪندا آهن ته جيئن ملندڙ هڪدم ڪا وارننگ سمجهي اُن کي کولي وجهي متان کوليا اٿو! ۽ متان کولي ڪا رسپانس ڏني اٿوَ۔ هي قانوني نقطن جي ماهر پوانٽن سان ميسيجنگ ٿئي ٿي جنهن کي توهان يقين ڪري هن جي مرضي ۽ چنبي ۾ اچي ڪروٿا۔

    2۔ گهڻا ئي رستا آهن جنهن ۾ آ ڊي ۽ پاسورڊ ڄاڻڻ کان سوا به فيڪ اي ميل موڪليا وڃن ٿا، تڏنهن ته چون ٿا ته انٽرنيٽ اهڙو نازڪ سورس آهي جنهن سان توهان ڪنهن کي به ڪهڙي به طريقي سان ڪنهن جي به اي ميل آ ڊي سان ڪنهن به سرڪاري آفيسر يا کاتي کي فيڪ ميل موڪلي سگهو ٿا۔
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق سترهون. باب هيڪنگ، مضمون فيڪ اي ميل موڪلڻ جا طريقا
    ا۔ اوپن رلي سرور
    1۔ هي هڪ ايس۔ايم۔پي۔ٽي (سمپل ميل ٽرانسفر پروٽوڪول) سرور آهي جنهن کي اهڙي طرح ڪنفگ ڪيو وڃي ٿو جو هرڪو جيڪو انٽر نيٽ تي ميل موڪلي ٿو ان کي ائين ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿو اهو بس هو (ٽُو) تي لکي ۽ يا ڪنهن سڃاڻجندڙ يوزر طرفان وڃي۔
    2۔ پو اٽيڪر ڇا ٿو ڪري جو هُو اوپن رلي سرورس سان ٽيل نيٽ جي ذريعي لاڳاپجي (ڳنڍجي) ٿو ۽ سرور کي هدايتون ڏي ٿو ته اي ميل موڪلي ڇڏ۔
    3۔ اوپن رلي سرور کي ميل موڪلڻ لا ڪنهن به پاس ورڊ جي ضرورت نه هوندي آهي۔
    2۔ ويب اسڪرپٽ
    1۔ ويب پروگرام جون زبانون جهڙوڪ (پي۔ ايڇ۔ پي) ۽ (اي۔ ايس۔پي) ميل موڪلڻ جا فيچر رکن ٿيون جن کي استعمال ڪري سگهبو اهي ته هواي ميل کي پروگرامنگ فيڪ هيڊر جي ذريعي سان موڪلين۔ جيڪي (فرام)، (ٽُو) ۽ (سنجيڪٽ) آهن۔
    2۔ انٽرنيٽ تي الاهي کوڙ اهڙيون ويب سائٽون آهن، جيڪي اڳئي اهري قسم جا ميل اسڪرپٽ پاڻ ۾ رکن ٿيون، گهڻيو ته گهڻي قدر مفت اسڪرپٽ به فراهم ڪن ٿيون۔
    3۔ انهن ما ڪي بي ناميون مُفت جو اي ميل سهولتون ڏيندڙ ويب سائيٽ هيٺيون آهن۔ جهڙوڪ
    ا۔ ميل ڊاٽ انانيمائزر ڊاٽ نيم (هي اٽيچمينٽ به موڪلين ٿيون)
    2۔ فاڪ اي ميلر داٽ نيٽ
    3۔ ڊيڊ فيڪ ڊاٽ ڪام
    4۔ هيڪنگ ٽيڪ ڊاٽ ڪو ڊاٽ ٽي وي سليش انڊيڪس سليش 0 مائينس 93
     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق ارڙهون_ باب هيڪنگ_ مضمون پي ايڇ پي ميل موڪلڻ جو اسڪرپٽ
    [​IMG]
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق اوڻيهون. باب هيڪنگ. مضمون فيڪ ميل موڪلڻ جي ضرورت ڇو؟
    1۔ توهانجي اي ميل آ ڊي مان ڪنهن سيڪيورٽي اداري کي موڪليل اي ميل بم جو بلاسٽ جهڙو اهي، جيڪو توهان کي لوهه جي راڊن پويان به ڌڪيلي سگهي ٿو۔
    2۔ توهان جي آ ڊي مام ڪو غلط اي ميل توهانجي ڪنهن گرل گرل فرينڊ يا بُوا فرينڊ ڏانهن ، موڪلڻ سان توهاجي دوستي ۽ رشتن جا ناتا به بدلائي سگهي ٿو۔
    3۔ توهانجي آ ڊي مان نڪتل ڪو اي ميل، توهانجي باس ڏانهن نوڪري کان استعيفا ۽ ٻيو ڪو خط به توهان لا مُصيبت جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو۔
    4۔ کوڙ سارا اشو آهن جيڪي فيڪ ميل ڊرافٽ ڪري موڪلڻ سان وجود ۾ اچي توهانجي نُقصان جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا۔
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق ويهون. باب هيڪنگ. مضمون فيڪ ميل کي ثابت يا پُرووِ ڪرڻ
    1۔ هر اي ميل هڪ هيڊر ٿو رکي جنهن ۾ موڪلڻ واري جي معلومات ۽ سفر جو رستو هوندو آهي۔
    2۔ هيڊر حاصل ڪري ۽ اُها لوڪيشن معلوم ڪريو جتان اي ميل موڪليو ويو اهي۔
    3۔ چيڪ ڪريو اهو به ته اي ميل ٻئي ڪنهن اي ميل سرور يا ويب سائيٽ مان موڪليو ويو آهي۔
    4۔ هر اي ميل جو هيڊر ان ويب سائيٽ کي کڻي هلندو آهي جنهن تي اي ميل اسڪرپٽ استعمال ڪيو ويو آهي۔
    سو ياد ڪريو ته فيڪ ميل ڳولڻ تمام آسان اهي ۽ توهان لا ثابتي به سو مهرباني ڪري اهڙيون حرڪتون نه ڪجو نه ته مُلڪ جي قانون يا سائبر قانون جي ور چڙهي سگهو ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تمام سٺا ۽ معلوماتي ليک . موڪليندا رهو.
     
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باقي مضمون هنن لنڪس کي ڪلڪ ڪري پڙهندا
    سنڌيڪار : انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ

    سبق ايڪيهون. باب هيڪنگ. مضمون ڌماڪيدار اي ميل
    سبق ٻاويهون. باب هيڪنگ. مضمون اي ميل اسپامنگ
    سبق ٽيويهون. باب هيڪنگ. مضمون اي ميل پاس ورڊ هيڪنگ
    سبق چو ويهون. باب هيڪنگ. مضمون فشنگ ڇا آهي
    سبق پنجويهون. باب هيڪنگ. مضمون فشنگ اسپام ڇا ڇا ٿي سگهن ٿا
    سبق ڇويهون. باب هيڪنگ. مضمون فشنگ کان بچا جا طريقا
    سبق ستاويهون. باب هيڪنگ. مضمون اي ميل ٽريسنگ
    سبق اٺاويهون. باب هيڪنگ. مضمون اي ميلن جا سورس ڪوڊ حاصل ڪرڻ
    سبق اوڻٽيهون. باب هيڪنگ. مضمون آ پي ايڊريس جو سينڊر ڳوليو
    سبق ٽيهون. باب هيڪنگ. مضمون ڪي اسٽروڪ لاگرس
    سبق ايڪٽيهون. باب هيڪنگ. مضمون پنهنجي اي ميل اڪائونٽ کي ڪيئن بچائجي
    جي هنن مضمونن ۾ اوهانجي ناليج ۾ اضافو ٿيو هُجي ۽ چاهيو ٿا ته اهڙا جديد ٽيڪنيڪل اشوز پنهنجي زبان ۾ اڳيان آڻجن ته پنهنجا ڪامينٽس ڏيڻ نه وساريندا. توهانجا ڏنل ڪامينٽس اسان ۾ همٿ افزائي ۽ اڳتي هلي ٻين جديد سبجيڪٽن تي سنڌيڪاري ڪرڻ تي مجبور ڪندا. توهانجي خاموشيءَ مان سمجهبو ته شايد اسانجي هيءَ ڪاوش بلڪل فضول ۽ بيڪار آهي. (مهرباني)













     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    فضول ڪوبه ليک ناهي. تمام ڄاڻ وارا ۽ بهترين ليک آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اچو ته ملي پنهنجي مختلف سائني، سماجي، ثقافت، فني، علمي، ادبي، فنون لطيفه، لکتن سان سنڌي قوم جي برش واش ڪريون ۽ کين سست ، ڪم چور، مواليگيري، ڀوتار گيري، ڪمداري، پوليس ڌاڙيل ڪلچر کان آزادي ڏياري باب الاسلام وارو ، مڪي مديني مان علم پرائي سنڌ کي نور ڪرڻ وارو ۽ سٻاجهڙو سنڌي بڻايون. سازشن تحت صدين کان سنڌ ۾ پناهه وڄندڙن ۽ قابضن ، سنڌ تان باب الاسلام جو نعرو مٽائڻ لا ڌارين ،سنڌي ريسورسز هٿيائڻ لا دشمني پاري عياش مائل (عباسي، ميرن ۽ نادرشاهي ڪلچر( جيڪو سنڌ مٿان گهوڙا چاڙاهي ٿيندڙ ظلم جي انتها هُئا )۽ فطري طور تي اڄ جو نئون ڄاول سنڌي به درد تي (گهوڙا ڙي) جي رڙ ٿو ڪري. انهن ظلمن (عباسي، ميرن ۽ نادرشاهي) ڪلچر وسيلي سنڌ سُمهاري ڇڏي وئي آهي، کين حقيقي (مڪي مدني) علم حاصل ڪرڻ بجا سنڌ جي ولين، بُزرگن ۽ نيڪو ڪارن ۽ درويشن جي گرد اوتارا يونيورسٽيون جوڙي ، نشي جي عادت ۽ مٿان عشق و محبت وغيره جو ڪلچر ڏئي نه صرف مذهب اسلام کسيو آهي پر کين غلام ڪرڻ لا نادرشاهي پيري مُريدي ڪلچر ڏئي سدائين تائين نادرشاه جي (گهوڙا ڙي) ڪلچر ۾ ڦاسائي مٿائن قابض ٿي غلام بڻاو ويو آهي . اچو ته درٻاري شاعرن ۽ اديبن جي سمويل ۽ غلام ٻڻائيندڙ علم مان جان ڇڏائي حقيقي (مڪي مديني) جو علم اپنايون جنهن ڪري سنڌ باب الا بڻي ۽ اسلام دشمنن کان برداشت نه ٿيو. پنهنجي پنهنجي برين واش ڪريو ! علم حاصل ڪريو ! جديد سائنسي، ٽيڪنالاجي ۽ اڄ جو پاور فُل ميڊيا ميڊيم وٺي پنهنجي پاڻ ٿراپي ڪري واپس باب الاسلام وارو ميرٽ سنڌي بڻجو. ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر کان جان آجي ڪريو ! سنڌ کي جاهل ۽ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيڻ کان بچايو ! سنڌ سلامت ته ساٿ سلامت.
     
  16. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    هي هڪ جديد معلومات آهي ۽ اهڙي معلومات وقت جي ضرورت پڻ آهي، هر ڪنهن کي گذارش آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي ڄاڻ آهر معلومات جي ونڊ ڪندا رهن ته هوند هڪ وڏو خزانو گڏ ٿي ويندو ۽ پڙهندڙ فائدو وٺندا رهندا.
     
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌيڪاري ۽ تحقيق : انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ
    گُذارش : جي هنن مضمونن ۾ اوهانجي ناليج ۾ اضافو ٿيو هُجي ۽ چاهيو ٿا ته اهڙا جديد ٽيڪنيڪل اشوز پنهنجي زبان ۾ اڳيان آڻجن ته پنهنجا ڪامينٽس ڏيڻ نه وساريندا. توهانجا ڏنل ڪامينٽس اسان ۾ همٿ افزائي ۽ اڳتي هلي ٻين جديد سبجيڪٽن تي سنڌيڪاري ۽ تحقيق ڪري اڳيان پيش ڪرڻ تي مجبور ڪندا. پر توهانجي خاموشيءَ مان سمجهبو ته شايد اسانجي هيءَ سنڌ سُڌار علمي ڪاوش سنڌي قوم لاءِ بلڪل فضول ۽ بيڪار محنت ڪرڻ جيان آهي. هڪ علم دوست سنڌيت رکيڻ ۽ هئڻ جو ثبوت ڏيو (مهرباني)
    جي توهان معمولي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکو ٿا ته توهانجي توجه گهرجي !
    اُنهن ڪمپيوٽرس (هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر) سان دلچسپي رکندڙ شاگردن لاءِ بطور خاص اسانجو تُحفو ۽ اُنهيءَ ٽهيءَ لاءِ به جيڪا هيڪنگ ۽ ڪريڪنگ فرق سان سمجهڻ چاهي ٿي. (ايجيوڪيٽ سنڌ، موالي ڀڄايو سنڌ بچايو) سکو ، سمجهو پاڻ به پڙهو، ٻين کي به پڙهايو ۽ سنڌي قوم جو هي نئون ۽ اڄ جو ڪاپي ڊسڪو ۽ بگڙيل نسل جيڪو ترقي سمجهي موالي ڪلچر ڏانهن تيزيءَ سان رغبت رکي ڊوڙي ٿو. انهن کي بچايو. قوم بچايو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو