سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ جاکوڙيندڙ فرد ۽ سرڪاري ادارن جي بي حسي!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2009۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم


    انٽرنيٽ جي مشهور فورم ”سنڌ سلامت“ تي هڪ دوست (رشيد سمون) سان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان ڄاڻ ڀري ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ تمام خوشي محسوس ٿي ته، اسان جا دوست تمام مصروف نوڪريون ڪندي به سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. جڏهن ته هڪ دوست عزيز مڱريي اهو ارادو ڪيو آهي ته، هو هڪ اهڙي سي ڊي رليز ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪا سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان هڪ مڪمل معاون سي ڊي هوندي. هونئن ته اهو سمورو ڪم سنڌ سرڪار جي آءِ ٽي جي اداري کي ڪرڻ کپندو هو، پر انهن جي خاموشي ۽ نظر انداز ڪرڻ واري عادت انتهائي افسوسناڪ آهي، ان جي ڀيٽ ۾ انڊيا جي آءِ ٽي جي وفاقي اداري سنڌي ٻوليءَ تي ايترو ڪم ڪيو آهي، جو اهو ڏسي پنهنجي سرڪار جي بي حسيءَ تي حيرت ٿي ٿئي. (اڪبر لاکي جي سنڌ فورم تي انڊيا ۾ سنڌي ٻولي تي ٿيل اهو ڪم ڏسي سگهجي ٿو.) سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي ته اهو انفرادي طور تي ڪجهه شخصيتن ئي ڪيو آهي. هن وقت اسان جا ڪافي دوست سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر تي عام ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن ۽ انهن سڀني جو ڪيل ٿورو گھڻو ڪم اڄ ملي ڪري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد بڻجي ويو آهي. مون کي ياد آهي ته، ٽي سال اڳ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ادل سومري جي چوڻ تي شيخ اياز چيئر لاءِ سنڌيءَ ۾ سائيٽ ٺاهي هئم، شيخ اياز جي قومي ڪانفرنس جي موقعي تي منهنجي جڏهن يونيورسٽيءَ جي آءِ ٽي شعبي وارن سان سائيٽ لانچ ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ته کين يونيڪوڊ ۽ سنڌي پروگرامنگ جي ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي، جڏهن شيخ اياز متعلق سنڌي سائيٽ، پروجيڪٽر تي لانچ ڪئي وئي ته سنڌي فونٽس جو حُسن ڏسي ڪانفرنس ۾ تاڙيون وڄي ويون هيون. (افسوس جو اها سائيٽ صرف هڪ سال بعد ايڪسپائير ٿي بند ٿي وئي، جو اداري وٽ ان لاءِ ٽي هزار جو سرڪاري فنڊ به ڪونه هو.) چوڻ جو مقصد اهو ته وڏن وڏن سرڪاري ادارن کي جيڪو ڪم ڪرڻ گھرجي، اهو هو ڪرڻ کان الائي ڇو لاچار آهن؟

    حبيب ساجد

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان

    sindhsalamatsaathsal
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    حبيب صاحب بلڪل صحيح چيو آهي، هن وقت سرڪاري طور تي ڪو به ڪم نه ٿي رهيو آهي، ٿيڻ ته ايئن کپندو هو جو جيڪي ٿورا گهڻا ماڻهو سنڌي پراجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيا آهن انهن جي معاشي طور تي نه ته ڀلا لفظن ۾ پٺڀرائي ڪئي وڃي ها پر اهو ڪم اسان کي مشڪل نظر اچي پيو۔۔
    اسان ماجد ڀرڳڙي صاحب، عبدالعزيز صاحب، ايس ايم صارم صاحب جهڙن دوستن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جو شاهه صاحب جي هن زبان کي انٽرنيت جي دنيا ۾ عام ڪري رهيا آهن
    HaqMojood
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جي ادا بلڪل توهان صحيح پيا چئو
    اسان کي تمام گهٽي محنت جي ضرورت آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو