1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

محبوبِ مصطفي صلي الله عليه وسلم

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مڪه معظمه ۾ جناب اسماعيل عليه اسلام جي دئور نبوت کان وٺي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    مڪه معظمه ۾ جناب اسماعيل عليه اسلام جي دئور نبوت کان وٺي عمره بن يحي جي پيءُ جي دور حوڪومت تائين بُت پرستيءَ جو وُجود ڪو نه هو. ماڻهو (موحد) هڪ الله جي عبادت ۽ خدا پرست هُئا. ۽ دين ابراهيم ع ، دين اسماعيل ع کي مڃندا هُئا. الله ج جو اهو گهر، جنهن کي ابراهيم و اسماعيل ع ، ٻني پيءُ پُٽن ملي تعمير ڪيو هو، ماڻهن جي عقيدت جو مرڪز هو، خاص ڪري قبائل عرب مان بني جرهم، عمالقه و خزاعه،۽ بني بڪر جي ماڻهن اڳيا
    ن ڪعبت الله کي احترام ۽ تقدس سان ڏسندا هُئا. ۽ بيت الله جو طواف ڪندا هُئا، توحيد پرستيءَ جو اهو حال سوين سالن تائين برقرار هو. يمن مان سيلاب جي خطري ڪري مڪه ۾ اچڻ وارن ۾هڪ شخص عمرو بن يحيا يمني به هو. جيڪو عام المزليقا جي اولاد مان هو. جڏنهن هي شخص پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ حجاز جو بادشاه بڻيو ته هن هڪ دفعي ڪنهن ضرورت تحت شام جو سفر ڪيو هو. اتي پُچي هُن ڏٺو ته ماڻهن پنهنجي هعن سان بت ٺاهي پوءَ ان کي پوڄيو پئي، هن جي پُڇڻ تي کيس چيو ويو ته هي بُت مصيبت جي وقتن ۾ ڪم اچن ٿا، بارش وسائين ٿا ۽ دلين جون اُميدون پوريون ڪن ٿا. عمروبن يحيا انهن کان هڪ بُت ورتو جنهن جو نالو (هبل) هو ۽ اُن کي آڻي بيت الله شريف ۾ نسب ڪيو هن ان جي پاڻ به پوڄا ڪئي ۽ اهڪ مڪه کي به ترغيب ڏني. تمام عرب جا ماڻهو جيڪي هتي حج ڪرڻ ايندا هُئا پنهنجي پنهنجي قبيلن جي حساب سان بت ٺاهي، اُنه تي نالا رکي منسوب ڪندا ڪيائون. مثلن ڪنهن قبيلي جي بُت جو نالو (سواع ۽ برهاط) هو، ڪنهن جو (دود، بعوث)، ڪنهن جو (بعق، ۽ يربس، غم دان، نسر) وغيره الله جو گهر بُت پرستيءَ ۾ استعمال ٿي ويو. اهل عرب تمام دُنيا جي بُرائين ۽ غلاظتن ۾ سڀني کان اڳيان هُئا. جوا کيڏندا، شراب پيئندا، نياڻين کي زنده دفن ڪندا هُئا، ڳاله ڳاله تي تقرار ۽ تلوار، پنهنجي آرام و عياشيءِ لاِءِ ايراني بادشاهن جي اڳيان جهڪندا، بُک مٽئڻ لاِ نانگ، وڇون، ڪُئا تائين کائيندا هُئا. بت پرت جڏنهن رڳ رڳ ۾ پئجي وين ته الله ج دُنيا جي آخري نبي صلعم پئدا ڪيو. مورخين سندن جنم ڏهاڙو 12 ربيع الاول 40ع يا 48 ع نوشيرواني به مُتابق 1882ٿ سڪندري تحرير ڪئي آهي. پاڻ ص نوشيروان عادل جي عهد حُڪومت ۾ پئدا ٿيا. (باقي اڳيان)

    [​IMG]
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اهو ئي آهي عرب مُلڪ. عرب مُلڪ جنهن ۾ ماڻهن جي آبادي آهي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    بر اعظم ايشيا جي جنوب مغرب ۾ هڪ جزيرو واقع آهي جيڪو پنهنجي وُسعت ۽ ڪُشادگيءَ جھي اعتبار سان سڀني مليل جزيرن مان سڀني کان وڏو آهي. اهو ئي آهي عرب مُلڪ. عرب مُلڪ جنهن ۾ ماڻهن جي آبادي آهي اهو بحر احمر، بحر هند، ّليج عمان ۽ درياءِ فرات جي پاڻيءِ سان محصور آهي ۽ هن جو فقط هڪ حصو خشڪيءَ تي آهي. عرب مُلڪ پنجن حصن ۾ تقسيم آهي هڪ تهامه، ٻيو حجاز، ٽيو نجد، چوٿون يمن ۽ پنجون عروض. اهل عرب سام ابن نوح جي اول
    اد آهن، چون ٿا ته نوح ع جي طوفان کان پوءِ سام مڪي ۾ سڪونيت اختيار ڪئي جتي ان جا پُٽ ۽ پوٽا هر طرف ۾ ڦهليا ۽ انهن دُنيا جا مُختلف مُلڪ اباد ڪيا. اهل عرب ٽن طبقن ۾ ورهائجي ويا. هڪ(بانده) هي اُهي هئا جيڪي ڪڏنهن دُنيا جي نقشي تي موجود هُئا پر هاڻ بلڪل نه آهن، ايستائين جو انهن جو ڪو نشان پتو به نٿو ملي. هي ماڻهو عاد، ثمود، عمالقه طسم، جدليس ۽ جرهم قبيلن جا هُئا. ٻيو طبقو(ماريه) هي قحطان ابن سام جي اولاد مان هُئا ۽ هي ماڻهو يمن ۾ پئدا ٿا. ٽيون طبقو(مستعربه) هي اُهي عرب آهن جيڪي حضرت اسمائيل عليه اسلام جي اولاد مان آهن، هن قبيلي جو باني (عدنان) هو جيڪو حضرت اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان هو. هن شجري مان خبر پوي ٿي ته سڀئي عرب جناب اسماعيل بن ابراهيم عليه السلام ۽ قحطان ابن سام جي اولاد مان آهن. ۽ اسان جو پيارو رسول مُحمد صلي الله عليه وسلم جناب اسماعيل عليه اسلام جي اولاد مان آهن. سندن قبيلي جو نالو (هاشمي) آهي جيڪو قبيله قريش ۽ ٻين عرب قبيلن ۾ تمام افضل ۽ ممتاز هو. الله سائين جل شانهُ حضرت اسماعيل عليه السلم جي اولاد تي وڏي برڪت ۾ رکيو، هي ماڻهو مغرب (اوله)۾ نانهال مصر تائين، جنوب(ڏکڻ) ۾يمن تائين ۽ شمال(اُتر) ۾ شام تائين آهن. اهڙيءِ طرح حضرت ابراهيم عليه اسلام جو نسل بابل، مصر، شام، ۽ عرب تي قابض ٿيو. ۽ بحره هند، بحره احمر جهڙيون تجاري ساحلي پٽيون سندن قبضي ۾ آيون. حضرت اسماعيل جا 12 پُٽ هُئا(1)نابت، (2)قيدر، (3)اذبل، (4)منشا، (5)مسمع، (6)ماشي، (7)دما، (8)آذر، (9)ظيما، (10)لسطورا، (11)انيش ۽ (12) قيذ. تاريخ نابت کان سواءِ باقي ڪنهن به اولاد بابت گهڻي روشني ناهر وڌي. حضرت اسماعيل عليه اسلام جو نسل (نابت) مان ئي هليو. علامه اسحاق لکيٿو ته نابت کي (نبرح) ۽ نبرح کي (نامور) ، ۽ نامور کي (ناهون) ۽ ناهون کي (اودا) ۽ اودا کي(عدنان) اولاد پئدا ٿيو. پوءِ عدنان کي ٻه پُٽ (معد) ۽ (رعڪ) ٿيا. معد مڪي ۾ رهيو ۽ رعڪ (استعريون) سان وڃي مليو. معد کي 4 پُٽ هُئا (1)نزار، (2)قضاعه، (3)قنص، (4) اياد. پوءَ نزار بن معد کي چار پُٽ ٿيا(1)مضر، (2)اياد، (3)ربيعه، (4)انمار. نضر مان قبيله قريش پئدا ٿيو، جنهن کي مڪه مُڪرمه جي سعادت نصيب ٿي. اياد مان بني اياد ٿيا جيڪي وڃي عراق ۾ آباد ٿيا. ربيعه مان بني اسد، بني تغلب، بني حديله، بني عنتره، بني بڪر، بني مره، بني جديله، بني طرفه، بني القارضان، بني النمر، بني حشم، بني العجل، بني سدوس، بني الهازم، ۽ بني عبدالقيس قبيلا ٿرب منسوب ٿيا. انمار جو اولاد بني انما سڏيو، جنهن يمن کي پنهنجو مسڪن ٺاهيو، مضر جا ٻه پُٽ هُئا الياس ۽ قيس، الياس کي ٻ پُٽ هُئا مرڪه ۽ تانجه ، پوءِ مدرڪ کي ٻه پُٽ ٿي خذيمه ، هزيلي ۽ پوءِ هزيلي کي 3 پُٽ ٿي ڪنان، هون، اسد، ڪنان کي گهڻائي پُٽ ٿي جنهن ۾ نصر وڏو هو. نصر کي مالڪ، مالڪ کي فهر پئدا عيو ۽ فهر جولقب قُريش هو. هي شُجاٿ، داناءُ، بهادر ۽ زيرڪ هو اهڙِءَ طرح قبيله قريش ساڻن منصوب آهي، پوءِ فهر مان غلب، غالب مان لوئي، لوعي مان ڪعب ۽ ڪعب مان مره ۽ مره مان ڪلاب ۽ ڪلاب مان قصي پئدا ٿيا. قصي ابن ڪلاب ڪعبت الله جا متولي ٿيا. ۽ هن جي شادي حاجب حليل بن حسيبه جي ڌيءَ حُبي سان ٿي جنهن ما 4 پٽ ٿيا ٻن جا نالا بُتن جي نالن تي رکيا ويا. عبد مناف ۽ عبدالعزي ۽ ٻن جا نالا عبد قصي ۽ عبدالدار. (باقي اڳيان)

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قبيله قريش ۾ قصي ابن ڪلاب اهو پهريون شخص هو جنهن عربن کي 600 سالن جي ذلت ۽ خواريءَ کان پوءِ مڪه ۾ باقاعده هڪ رياست جو مالڪ بڻايو.
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    ابن ڪثيرَ، البدايه و الناهيه ۾ لکيو آهي ته قبيله قريش ۾ قصي ابن ڪلاب اهو پهريون شخص هو جنهن عربن کي 600 سالن جي ذلت ۽ خواريءَ کان پوءِ مڪه ۾ باقاعده هڪ رياست جو مالڪ بڻايو. جنهن جو انتّظام و انصرام جهموري اُصولن تي هو. ان لحاظ کان قصي ابن ڪلاب قريش جو پهريو سردار هو. جنهن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري اهل قريش تي لازم هُئي. پاڻ جهموري روايتن تحت متفقه طور تي قومي سردار بڻيا ۽ پنهنجي سهري حليل بن حسبيه
    جي وصيت مُتابق ۽ قومي اتفاق سان ڪعبت الله جا متولي چونڊجي ويا. پاڻ ڪعبت الله جي ووليت سنڀالي نهئيت عمدي طريقي سان رفاهي عمور ۽ ماڻهن جا پاڻ ۾ عيندڙ جهيڙا نبيريا. سندن ٻين تقريبن ۽ شادي هال وغيره لاءِ (دارالندوه) جي نالي سان عمارت پڻ ٺهرائي. ۽ هُ جي چوڻ تي تمام قريشن جا قبيله مڪي شريف ۾ اچي رهڻ لڳا. جڳه جي قلت کر دور ڪرڻ لاءِ هن آس پاس جي وڻن کي ڪٽايو جيڪي حُدود حرم ۾ ايندا هُئا. ۽ ان وقت جي حاجين لاءِ رهڻ ، کائڻ، پيئڻ جو پاڻ بندو بست ڪيو ۽ هرڪم پاڻ پڻ ڪندو هو. قصي ابن ڪلاب جي وفات کان پوءِ هن جي ٽن پٽن عبد مناف، عبد قصي، عبدالعزي تجارت ڪئي ۽ خوب پئسو ڪمايو پنهنجي ڀاءُ عبدالدار کي جيڪي پيءَ جي پوڙهي ۽ ڪنزور هُئڻ جي ڪري ڪاروبار امور سنڀاليندو هو کي چيو ته هاڻ فيصلو ٿيڻ گهرجي ته قوم جو سردار ڪنهنکي ڪجي. ۽ پوِ فيصلو ٿيو ته عبد مناف جيڪو عبد الدار جي نسبت گهڻو ذهين ۽ داناءُ هو ان کي سردار ڪجي. عبد مناف جيستائين جيئرو هو قبيله قريش نهايت عزت و احترام سان رهيا ۽ سندس وفات ڪري سندس اولاد ۾ اقتدار، و منصب جي ورهاست جو مسئلو پيش آيو. عبد مناف جا 4 پٽ هئا عبدالشمس، هاشم، نوفل، ۽ مطلب. تقسيم هن ريت ٿي ته سقايت ۽ رفاه جا امور هاشم کي ڏجن ۽ قيادت عبدالشمس کي. جناب هاشم جنهن جو اولاد هاشمي سڏيو ويو تمام گهڻا سُهڻا، تدبر وارا، ۽ صالح ڪردار جا مالڪ هُئا. چئني ڀائرن ۾ تمام گهڻي محبت هُئي پر عبدالشمس جو نوجوان پُٽ (اُميه) پنهنجي چاچي (هاش) سان حسد رکندو هو. ايستائين جو عرب روايتن مطابق هاشم سان هڪ لڙائي لڙي کيس 10 سالن لاءِ ملڪ مان جلا وطن ٿيڻو پيو. مورخين لکن ٿا ته هاشم جو اصلي نالو (عمر) هو پر قبيله قريش کي هڪ دعوت ۾ لذيذ (هشم) يعني شوربو کارائڻ تي قوم کيس هاشم جو لقب ڏنو ۽ هو عمر مان هاشم بڻجي ويا. شام جي هڪ سفر تجارت ۾ جڏنهن پاڻ مدينه کان سفر شروع ڪيو پاڻ رستي ۾ سلمي ا، نالي هڪ خوبصورت مدني سان شادي ڪئي جنهن مان کين هڪ پُٽ ڄائو جنهن جي وارن ۾ ڄمڻ وقت سفيدي هُئي جنهن جي ڪري سندس نالو (شيبه ) رکيو ويو (باقي آئينده)

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    شيبه جي پئدائش کان پوءِ جناب هاشم (عمر) ڪجه عرصو مديني ۾ رهيا
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    شيبه جي پئدائش کان پوءِ جناب هاشم (عمر) ڪجه عرصو مديني ۾ رهيا ۽ پوءِ تجارت جي سلسلي ۾ شام طرف سفر رکيئون پر اڃاغزوه جي جڳه وٽ پُهتا ته بيمار ٿي پيا ۽ بيماري ايتري وڌي وئي جوپاڻ وفات ڪري ويا. بيماريءَ وقت پاڻ پنهنجو سمورومال متاع (ابو اهم بن عبدالعزي) جي هٿان پنهنجي ڀاءُ (المطلب) ڏانهن ڏياري موڪليو ۽ سخت تاڪيد به ڪئي ته سندس لخت جگر( شيبه) جي پرورش ۽ تربيت توجه سان ڪري. پر افسوس جو المطلب، پنهنجي
    ڀاءُ جي وصيت کي سالن تائين وساري ويٺو ۽ جناب (شيبه) مفلسي ۽ ڪمپسري جي حالت ۾ پلجندو رهيو. هڪ طويل مدت کان پوءِ جڏنهن المطلب کي پنهنجي ڀاءُ هاشم (عمر) جي اڪيلي فرزند (شيبه) کي ڏسڻ جو اشتياق ٿيو ته هو مديني ويو ۽ پنهنجي يتيم ڀائٽئيءَ پيار ڪري گلي لڳايو ۽ کيس پاڻ سان واپسيءَ تي وٺي وڃڻ تي زور ڀريو. شروع ۾ شيبه جي والده ۽ ٻين مائٽن مخالفت ڪئي پر بلآخر گهڻو زور ڀرڻ تي کيس پنهنجي چاچي سان وڃ۾ جي اجازت ڏني. ۽ هو پنهنجي چاچي سان اُٺ تي سوار ٿي جڏنهن مڪي جي دروزي وٽ پُهتا ته مڪي جا ماڻهو سمجهڻ لڳا ته هو المطلب جو غلام آهي. پاڻ اهو ٻُڌي ترديد ڪيائون ته هي مُهنجو غلام نه پر ڀائٽيو (شيبه)آ هي. جيئن ته غلاميءَ جي ڳاله پکڙجي چُڪي هُئي، ان ڪري هو شيبه مان (عبد المطلب) يعني المطلب جو غلام ، نالي سان مشهور ٿي ويا. هي ئي اهو عبدالمطلب آهي جنهن کي الله سائين هڪ پوٽو ڏنو جيو خاتم النبين ٿيو (حضرت مُحمد صليالله عليه وسلم). پنهنجي چاچي جي وفات کان پوءَ (شيبه) عرف عبدالمطلب جانشين مڪه ٿيا ۽ شريف مڪه بڻيا. پاڻ نهايت خليق ۽ مهربان سردار بڻيا ۽ تمام قريش مڪه جا ڪنڌ سندن شجاعت، سخاوت، ، شرافت، غرض هر اعتبار کان جهڪي پيون. (باقي اڳيان)

    [​IMG]
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جناب عبدالمطلب(شيبه) کي 10پُٽ هُئا، چون ٿا ته پاڻ نذر مڃي ته جي الله کيس 10 پُٽ ڏيندو ته
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    جناب عبدالمطلب(شيبه) کي 10پُٽ هُئا، چون ٿا ته پاڻ نذر مڃي ته جي الله کيس 10 پُٽ ڏيندو ته پاڻ هڪ پُٽ کي الله جي نالي تي ڪعبت الله ۾ ذبح ڪندا. کيس 10 پُٽ ٿيا ته نذر پوري ڪرڻ لاءِ ڪعبت الله ۾ رکيل بُت (هبل) جي ويجهو اچي پنهنجي 10 پُٽن جي نالن سان قرعه اندازي ڪئي جنهن ۾ سندن ننڍي ۾ ننڍي پُٽ (عبدالله) جو نالو نڪري آيو جيڪو کين سطني پُٽن کان گهڻو پيارو هو. جڏهن اهل قريش کي اها خبر پئي ته پاڻ عبدالمطلب(ش
    يبه) وٽ اچي احتجاج ڪيو ته جي پُٽن قرباني ڪرڻ جي رسم اهل قريش ۾ پئجي وئي ته آفت اچي ويندي ۽ ان رسم کي ملتوي ڪرڻ جو چيو. ۽ حضرت عبدالله جي جڳه تي اُٺ کي قربان ڪرڻ تي زور ڏنو. پاڻ بلآخر تجويز تي عمل ڪري 100 اُٺ قربان ڪيا. هن واقعي کان پوءِ مورخين لکن ٿا ته پاڻ وهب عبد مناف وٽ ويا ۽ ان جي ڌيءَ حضرت آمنه جيڪي قريش عورتن ۾ سڀني کان افضل ۽ ممتاز هُيون سان حضرت عبدالله جو نڪاح ڪرايو. سندن نڪاح ابره جي فوج ڪشي سال ۾ ٿيو هو. پر حضرت عبدالله ان وقت تجارت غرض سان مڪه کان شام طرف سفر تي روانا ٿي چُڪا ها. رستي ۾ بيمار ٿي پيا ۽ مديني ۾ ئي ناناڻن وٽ ترسي پيا. ۽ اُتي ئي سند وفات ٿي. ابراه لاءِ لکن ٿا ته هو هڪ عيسائي سردار هو ۽ ڪعبت الله جي مقبوليت هن جي دل ۾ ڪنڊو بڻجڻ لڳي، تنهنڪري هو ڪعبت الله کي ميسارڻ لاءِ حبشه مان هڪ وڏو لشڪر وٺي ڪاهڻ آيو هو. هن اُتي جي ماڻهن کي خبر ڪرڻ لاءِ سندن جانور پڪڙڻ شروع ڪيا جنهن ۾ جناب عبدالمطلب جا اُٺ به هُئا. جڏنهن جناب عبدالمطلب کي خبر پُتي ته پاڻ هن وٽ ويا ۽ اُٺن جي واپيءِ جي تقاضا ڪئي. ابراه کائن حصرت سان پُڇيو ته توکي ڪعبت الله کان وڌيڪ پنهنجي اُٺن جو فقر ٿي پيو آهي؟ جنهنکي آئون ڊاهڻ آيو آهيان؟ پاڻ بيپرواه ٿي وراڻيس ته اُٺ مُهنجا آهن ۽ آئون هنن جو مالڪ! ان لاءِ واپي جي تقاضا پيو ڪريان، باقي ڪعبت الله جو مالڪ ٻيو ڪو آهي ۽ اُهوئي اُن جي حفاظت ڪندو. ابن هشام و ابن اسحاق لکن ٿا ته قريشن بيت الله جي لاي مدافعت بلڪل نه ڪئي پر جناب عبدالمطلب سان گڏ جبلن ۾ پناه وٺي لڪي ويا. ٻئي صبح تي ابراها جي فوج هاٿيين سان ڪعبت الله تي حملو ڪري ڏنو ۽ الله ڪعبت الله جي حفاظت پنهنجي ذمي ڪئي ۽ ابابيل پکي موڪيا جنهن جي چُهنبن ۾ پٿرون هُيون ۽ هُنن ابرها جي لشڪر ڱي لمحن ۾ نيست و نابود ڪري ڪعبت الله جي حفاظت ڪئي. عبدلمطلب جي پيشن گوئي ۽ ابراه جي نيست و نابود ٿيڻ تي اهل قريش هڪ وڏي جشن جو احتمام ڪيو ۽ جناب ابو مطلب جي واکاڻ. ان جشن دوران ڪعبت الله ۾ ئي کين ٻُڌايو ويو ته بيبي آمنه کي پُٽ ڄائو آهي ۽ اهو ٻُڌي پاڻ محفل ڇڏي ڊوڙندا ڊوڙندا گهر پُهتا ، پوٽي کي پيار، مُسرت سان کڻي چُيو ۽ سندن نالو (مُحمد صلي الله عليه وسلم) رکيو جنهن جي معني آ هي (ساراهيڻ جوڳو) يا (جنهنجي فر طرف تعريف ٿئي) (باقي اڳيان)
    [​IMG]
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ولادت مُحمدي ص جي وقت دُنيا ۾ ڪا اهڙي جڳه ڪانه هُئي جتي حق جي حاڪميت هُجي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    ولادت مُحمدي ص جي وقت دُنيا ۾ ڪا اهڙي جڳه ڪانه هُئي جتي حق جي حاڪميت هُجي، ماڻهون پنهنجي پالڻهار الله ج کي وساري اهڙن شين لي پوڄڻ ۾ لڳا پيا هُئا جنهنکي الله ج سندن ئي خدمت لاءِ پئدا ڪيو هو يا جيڪي هنن پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهي هُئي، يهودي ۽ عيسائي جيڪي اهل ڪتاب هُئڻ جا داعي هُئا، پنهنجي ،مطلب لاءِ توريت ، زبور ۽ انجيل ۾ پنهنجي فائدي لاءِ تبديليون آئي چُڪا هُئا، غرض ته سند رڳ رڳ ۾ جهاليت سمائجي چُڪي
    ُئي ۽ عرب ان جهالت ۾ سڀني کان اڳيان هُئا. پوِٰءِ قدرت الاهيءَ تمام دُنيا لاءِ عرب قوم مان ئي خري رسول مُحمد صلي الله عليه وسلم کي نوشيروان عادل جي عهد حُڪومت ۾ پئدا ڪيو. ان وقت اهل عرب ڪعبه شريف ۾ رکيل بُتن جي پوڄا ڪندا هُئا. سندن والد جناب عبدالله سند ولادت کان پهرئين ئي وفات ڪري چُڪا هُئا، جڏنهن پاڻ ص 6 سالن جا ٿيا ته سندن والده ماجده به وفات ڪري ويون، ۽ اها مختصر مُدت به پاڻ والده ماجده سان گُذاري نه سگهيا هُئا ڇو جو عرب روايت مطابق کين مڪي کان ٻاهر پنهنجي دائي بي بي حليمه رضيه سان گڏ رهڻو پيو هو، جيڪا کين کير پيارڻ لاءِ پاڻ سان گڏ کڻي وئي هُئي. جڏنهن پاڻ 8 سالن جا ٿيا ته سندن ڏاڏي جناب عبدالمطلب جي لاڏاڻي جو وقت ويجهو اچي پُهتو. جڏنهن وفات جو وقت ويجهو آيو ته جناب عبدالمطلب پهنجي نون ئي پُٽن (1) جناب عباس، (2) جناب ابو طالب، (3) جناب امير حمزه، (4) ابولهب، (5) زبير، (6) حارث، (7) مجل، (8) مقدم ۽ (9) ضرارکي گهُرائي پُڇيو ته توهان مان ڪير آهي جيڪو مُحمد ص جن جو سندن وفات کانپوءِ ماءُ پيءُ وانگر خيال رکي؟ ان تي سندن سڀني چاچن مان پهرين جناب عباس رضيه اڳتي وڌي پاڻ پيش ڪيو، پر جناب عبدالمطلب اهو چئي انڪار ڪيو ته نه! ڇو جو جناب عباس پاڻ به ڪثير الاولاد هُئا. پوءِ جناب امير حمزه اڳتي اچي پاڻ تي ڪفالت جو زمون کنيو! انهن کي به انڪار ڪري چيو ويو ته تون اڃان پاڻ ئي ڪمسن آهين، پوءِ ابولهب اڳيا وڌيا، پاڻ انهن کي منع ڪندي وراڻيو ته نه تون سخت دل انسان آهين تون مُهنجي يتيم ڏهٽي سان شفقت جو سُلوڪ نه رکي سگهندي، پوءِ اهي وراڻيون ٻُڌندي ڊڄندي ڊڄندي جناب علي رضه جڳي والد مُحترم جناب ابو طالب اڳيان وڌيا ۽ فرمايائون ته حالانڪه هو ايترو اثاثو نٿو رکي ۽ ٻين ڀائرن جي مُقابلي ۾ تمام غريب آهي پر پوءِ به مُحمد صلي الله عليه وسلم جي دلداري ۽ ناز برداريءَ ڪرڻ جي همت رکي سگهان ٿو، جناب عبدالمطلب مُحمد صلعم طرف ڏٺو. ابن ڪثير ۾ لکيل آهي ته اهو ٻُڌي جناب مُحمد صلعم جهٽ ڏئي وڃي پنهنجي ڇاڇا جناب ابي طالب جي ڪچه ۾ وڃي ويٺا پوڙهي ڏاڏي اهو ڏسي اطمينان جو ساه کنيو ۽ 82 سالن جي عُمر ۾ (ڪنهن جي نزديڪ 120 سالن جي عُمر ۾) هن جهان فانيءَ کان موڪلائي ويا. (باقي اڳيان)
    [​IMG]



     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحمد صلي الله عليه وسلم کي جناب ابو طالب پاڻ سان گڏ پنهنجي پاسي ۾ سُمهاريندا هُئا،
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    جناب ابو طالب ولديت ۽ ڪفاليت و حق ادا ڪيو، محبت جو عالم اهو هو ته مُحمد صلي الله عليه وسلم کي جناب ابو طالب پاڻ سان گڏ پنهنجي پاسي ۾ سُمهاريندا هُئا، پاڻ جڏنهن به ٻاهر ويندا هُئا مُحمد ص ساڻن گڏ هوندا هُئا، گهر ۾ جڏنهن ماني ٺهندي هُئي ۽ دسترخوان لڳندو هو ۽ سندن اولاد جلدي کائڻ تي اصرار ڪندو هو ته پاڻ سڀني کي صبر جو چئي فرمائندا هُئا ته ترسو! پهرين مُهنجي پُٽ مُحمد صلي الله عليه وسلم کي اچڻ ڏيو، ۽ گهر جي ماني پوءِ کائبي هُئي. مورخين اسلام لکن ٿا ته باوجود اُن جي جو دُنياوي محرومي هوندي هُئي، مُحمد ص جن ننڍي عمر ۾ ئي اخلاق ۽ عادتن جو بهتر نمونو هوندا هُئا، پاڻ ڪڏنهن به ڪوڙ نه ڳالهايائون، ڪڏنهن ڪنهن کي گار گند نه ڏنائون، ۽ پاڻ ڪعبت الله وڃي ڪڏنهن به اُتي رکيل بُتن جي پوڄا نه ڪئي، ڪڏنهن به بُتن جي نالن تي ضبح ٿيل گوشت چکيائون، اهوئي سبب هو جو ننڍي هوند کان ئي سندن عزت ڪئي ويندي هُئي پاڻ سڀني اصلاحي ڪمن ۾ حصو وٺڻ باوجود تنهائي پسند هُوندا هُئا. ۽ اردگرد جو ماحول ڏسي سوچن ۾ پئجي ويندا هُئا. مورخين لکن ٿا ته جڏنهن پاڻ ص 13 سالن جا ٿيا ره پنهنجي چاچي ابو طالب سان شام جو سفر ڪيائون سند ٻاهر جو هي پهريون سفر هو، جڏنهن سندن قافلو بصري پُهتو ته هڪ عيسائي راهب (بحيره) سند ذات مُبرڪ ۾ نبوت جون نشانيون ڏسي جناب ابو طالب کي مشورو ڏنو ته کين هڪدم واپس وٺي مڪي هليا وڃن، ڇو جو شق آهي ته يهودي کين قتل (نعوذ بل الله) نه ڪري ڇڏين تنهڪري سفر شام مختصر ڪري کين واپس مڪي آندو ويو. جڏنهن پاڻ ص 15 سالن جا ٿيا ته پاڻ پنهنجي چاچي زبير جي تحريڪ (معاهده قريش) ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو مقصد هو مظلومن جي حمايت ڪرڻ. پاڻ هن تحريڪ ۾ سڀني کان نمايان حصو ورتو. هن تحريڪ جو نالو (حلف الفضول) هو، چون ٿا ته هن تحريڪ جا ٽي رُڪن فضل نالي سان هُئا، جنهنجي ڪري هن تحريڪ کي (الفضول) جو نالو ڏنو ويو. ڳڏنهن پاڻ ص 25 سالن جا ٿيا ته عرب جي شاهوڪار پاڪ باڀن خاتون جناب خديجه رضيه جي طرفان ٻيو دفعو شام ڏانهن واپار جي غرض کان ويا. ساڻن ص گڏ بيبي خديجه ر جو غلام (ميسره) پڻ هو، کين ص هن سفرِ تجارت ۾ تمام گهڻو فائدو پُهتو ۽ غلام ميسره جي واتان جڏنهن بيبي خديجه سندن تجارتي طريقه ڪار ۽ ڪاميابيءَ جي واکاڻ ٻوڌي ته پاڻ ر خوش ٿي ويون. ايتريون نيڪيون ٻُڌي ٻُڌي سندن مُحبت ايتر وڌي جو پاڻ ر کين ص نڪاح ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي جنهن کي پاڻ ص فورن قبول ڪري ورتو حالانڪه ان وقت پاڻ 25 سالن جا ۽ بيبي 40 سالن جي هُئي. جيستائين بيبي خديجهر زنده رهي پاڻ ٻي شادي نه ڪيائون، ڪنوار پن ۾ پاڻ هڪ متين ۽ سنجيده انسان هُئا ۽ سندن دامن تي ڪو به اهڙو ٽڪو نه هو جيڪو عرب رسم و رواج ۽ گرم ملڪ جي ڪري پاڻ بچائڻ مُشڪل هو. بيبي خديجه ر جي بطن مان کين ٻه پُٽ ۽ 4 نياڻيون پئدا ٿيون. پُٽ ته پهرين ئي وفات ڪري ويا، البته نياڻن ۾ (1) جناب فاطمه (2) جناب زينب، (3) جناب رقيه، (4) جناب ڪلثوم رضي الله تعالي عنهما بچيون. جناب رُقيه ۽ جناب ڪلثوم هڪ جي وفات کان پوءِ جناب عثمان رضيه جي نڪاح ۾ آيون جن تي جنهڪري ( ذوالنورين) جولقب پيو. بيبي زينب جو نڪاح ابو العاص سان وڌو ويو پر هي نياڻي رسول ص مُحمد ص جي هڪ دُشمن جي هڪ نيزي جو نشان بڻجي شهيد ٿي ويون. جناب خُديج سان کين تمام پيار هوندو هو ۽ سندن وفات کان پوءِ به کين گهڻو ياد ڪندا هُئا، ۽ چوندا هُئا ته جڏنهن پاڻ ص ناڻي اعتبار سان نادر ۽ مُفلس هُئا ۽ جڏنهن سندن مٿان نبوت لٿي ۽ ان ڪري جڏنهن ماڻهو کين مفتري ۽ ڪاذب چوڻ لڳا ته جناب خُديجه سندن مدد ڪئي، سند معان لٿل نبوت جي تصديق ڪئي ۽ جڏنهن سمورو ملڪ ۽ ماڻهو سندن ص خلاف ٿي بيٺا ته کين جناب خُديجه رضيه جي رفاقت ، همدردي ملي. جناب خُديجه سند عمر کان ٻڻي هُئي ۽ پاڻ رضيه ساڻن شادي کان پهرين ٻه دفعا بيواه ٿي چُڪيون هُيون سڀ ڪُجه ڄاڻي به پاڻ ساڻن شادي ڪئي جيڪا مُبارڪ بڻي. پاڻ جڏنهن جناب خُديجه ر جي وفات ڪري ۽ پيار جي ياد ۾ پاڻ گهڻو مغموم رهڻ لڳا ته سندن ص اها ڪيفيت ڏسي يار غار حضرت ابوبڪر رضيه پاڻ پنهنجي نياڻي بيبي عائشه رضيه جيڪي کائن عمر ۾ به گهٽ ۽ ڪمسن هُيون نڪاح ۾ وٺڻ تي زور ڀريو. پاڻ ص 11 شاديون ڪيون جن ۾ صرف بيبي عائشه جن ننڍيو هُيون باقي تمام ازواج مطهرات ساڻن پاڻ نڪاح جي درخواست ڪئي جيڪي اڌيڙ عُمر ۽ بيواه هُيون، پاڻ اهي شاديون عالم اسلام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيون هُيون ڇو جو بيواهن سان شادي ڪرڻ جو عربن ۾ رواج ڪونه هو ۽ جڏنهن هنن جي مڙسن جي وفات ٿيند هُئي ته سندن مٿان مصيبتن جو پهاڙ تُٽي پوندو هو. مسلمانن کي 4 زالن رکڻ جو حڪم پوءِ آيو هو. پوءِ الله سائين کين وڌيڪ شادين ڪرڻ کان منع فرمايو ۽ مسلمانن لاءِ بيڪ وقت انشاف ۽ حق سان فقط 4 شاديون ڪرڻ جو حڪم ڏنو. الله فرمايو ” لا يحل لڪ النساءِ من بعد ولآن ان تبدل بهن من ازواج ولو اعجبڪ عنهن الا ملڪت يمينڪ و ڪان الله علي ڪل شي رقيبا“ يعني (اي رسول هن (11 زالن کان پوءِ) کان پوءِ توهان تي ٻيو زالون ڪرڻ حلال ڪونهين ۽ نه اهو ته انهن کي بدلائي شاديون ڪريو، جي توهان کي انهن جو حسن سُٺو لڳي ليڪن اُهي جيڪي توهان جون آهن ۽ الله هرشي جو مُحافظ آهي).
    [​IMG]
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نبي آخرت زمان مُحمد صلي الله عليه وسلم جڏنهن 35 سان جا ٿيا ته ڪعبت الله جي ٻيهر تعمير نو لاٰءِ اهل قريش ۾
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    نبي آخرت زمان مُحمد صلي الله عليه وسلم جڏنهن 35 سان جا ٿيا ته ڪعبت الله جي ٻيهر تعمير نو لاٰءِ اهل قريش ۾ (حجر اسود) کي نصب ڪرڻ تي جهڳڙو پئدا ٿيو ۽ هر فريق ۽ گروه جي هيءَ خواهش پئدا ٿي ته حجر اسود کي نصب ڪرڻ جو فقط ان کي موقعو ملي ۽ انکان پهرين جو اهو جهيڙو طويل ٿئي ۽ اهل قريش هڪ ٻئي جي اڳيان تلوارون ڪڍي خون خراب ڪن، رسول الله ص جو اُتان گُذر ٿيو، ماڻهن جو کين ڏٺو ته يڪ زبان ٿي چوڻ لڳا” هذا الامين
    رضينا هذا مُحمد” يعني (هلو مُحمد ض جن اچي ويا آهن ، اسان سڀئي راضي آهيون ته کائن ص پنهنجو فيصلوڪرايون) چناچه سڀئي مُحمد ص وٽ ميڙ ڪري آيا ۽ پاڻ جيڪو فيصلو ڪيو ان تي سڀ راضي ٿي ويا. پاڻ ص ڇا يائون جو پنهنجي چادر مُبرڪ زمين تي رکي پاڻ ص حجر اسود کي کڻي پنهنجي چادر تي رکيو ۽ سڀني اهل قريشن سردارن کي چيو ته هاڻ سڀ گڏجي اها چادر مٿي کڻن ۽ ان کي تعمير ڪعبه وٽ پُهچائين ۽ پوءِ پاڻ ص جن پنهجن هٿن مُبارڪن سان حجر اسود کي کڻي ديوار ۾ کُپايو. جڏنهن سندن نبوت جا ڏينهڙا ويجها ايندا ويا ته پاڻ ص مڪي کان 3 ميل پري اڪثر و بيشتر غار حرا ۾ مصروف عبادت ٿي ويندا هُئا جتي کين 40 سالن جي عُمر ۾ پيغام وحي مليو ” اقراءَ باسم ربڪ الذي خلق. خلق الانسان من علق. اقراءَ و ربڪ الاڪرم الذي علم بالقلم. علم الانسان مالم يعلم“ يعني( پنهنجي رب جي نالي سان پڙه!، جنهن سڀ ڪُجه پئدا ڪيو آهي. جنهن گوشت جي لوٿڙي مان انسان پئدا ڪيو. پڙه! ته تنهنجو رب بزرگ آهي جنهن قلم جي وسيلي علم سيکاريو. انسان کي اُهي ڳالهيون سيکاريون جن کي هو ڄاڻندو به نه هو). بنوت کان سرفراز ٿي پاڻ ص ماڻن ۾ آيا کين فردن فردن توحيد طرف موڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن کي ٻُڌايو ته هو جن بُتن (هبل، عزي، لات، ۽ منات) جي پوڄا ڪن ٿا اُهي ڪوڙا آهن انهن جو الله تعلي جي بارگاه ۾ ڪو عمل دخل ناهي، ۽ نه ئي انهن جي ڪا سفارش هلندي. هي بُت مٽيءءَ جا آهن، بي حس و حرڪت، پٿرن جا بي جان جسم جن تي توهان شخصيتن جا نالا گهڙي رکيا آهن باطل آهن. اچو ان الله ج طرف موٽون ۽ ان جي بارگاه ۾ صرف جهُڪون، جنهن جو ڪو شريڪ ناهي، هو اڪيلو آهي ۽ هن تمام ڪائنات، زمين و آسمان ج واحد خُدا. هو خود هميشه لاءِ آهي ۽ هميشه ئي رهندو. تاريخ اسلام ۾ هن پهرئين خطبي کي (خفيه تبليغ) چيو وڃي ٿو جيڪا مسلسل ٽن سالن تائين رهي. ان زماني ۾ سب کان پهرين ٻارن ۾ حضرت علي رضيه، عورتن ۾ بيبي خُديجه رضيه ۽ وڏڙن ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعالي عنههما تصديق نبوت ڪئي. ان کان پوءِ سگهوئي حضرت عثمان غني، ابوذر غفاري، سعد بن ابي وقاص، طلحه، عبدالرحمان بن عوف، ابو عبيده، ابو سلمه، الارقم بن ابي ابي الرقم، عثمان بن تصنون، عبيده بن الحارث، سعيد بن زيد، فاطمه بنت خطاب، اسما بنت ابي بڪر، قدامه بن مضوف، عبدالله بن مضون، ابن لارث عمير بن ابي وقاص، عندالله بن مسعود، مسعود بن قاري، سليط بن عمرو، عياش ابن ابي ربيعه، اسماءَ بنت سلمه، خنس بن خذافه، عامر بن ربيعه، عبدالله بن جحجش، ابو احمد حجش، جعفر ابن ابي ڀالب، اسما بنت عميس، خالد بن البڪر، عامر ابن البڪر، عمار بن ياسر، جهيت ابن سنان، حاطب ابن الحارث، ازهر بن عبدمناف، ابو حذيفه، واقد بن عبدالله، نعيم بن عبدالله، المطلب ابن ازهر بن عبد منف، نڪيه، بنت يسار، رملقه، بنت ابي عوف السائب ابن مضون، عامر بن فبيره، خالد بن سعيد اضوان الله تعالي عليهم اجمعين هُئا.
    [​IMG]



     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    آغازِ نبوت جي 4 سال مُحمد صلي الله عليه وسلم دعوت حق کي عام ڪيو
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    آغازِ نبوت جي 4 سال مُحمد صلي الله عليه وسلم دعوت حق کي عام ڪيو ۽ ان جو حوڪم کين وحي معرفت الله ج ڏنو” يا ايها الناس اني رسول الله اليڪ جميعان الذي لهُ ملڪ السماوات و الارض لا اله الا هُوَ يُحيي و يُميتُ فآمنو بالله و رسولهِ النبي الامي الذي يومن بالله و ڪلماتهِ و اتبوه لعلڪُم تهتذرون. “ ترجمون (اي مُهنجا پيارا محبوب مُحمد ص! چئي ڏيو ته بيشڪ مان توهان سڀني لاءِ الله جو رسول آهيان، جنهن جي حڪومت آس
    مانن ۽ زمين ۾ آهي، ناهي ڪو خُدا مگر الله تعالي! ، هو زنده ڪري ٿو ۽ موت ڏي ٿو. پوءِ بس ايمان آڻيو الله تي، ان جي رسول امي تي، جيڪو ايمان آڻي ٿو الله تي ۽ انهن جي ڪلمن تي، ته جيئن توهان هدايت وارا ٿي وڃو). توحيد پرستيءَ جي هي کُلي دعوت، انسانن کي انسانن جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ جو پهريون پيغام هو، جنهن کي جناب عيسي! عليه السلام جي غائب عيڻ کان وٺي سندن رسالت جي اعلان حق تائين دُنيا پهريون دفعو ٻُڌو، هيءَ اهائي صورت هادي هُئي، جو معبودان باطل ٿرٿرائڻ لڳا، دُنيائي جهالت جي هر ديوار ڏڪڻ لڳي، ابن ڏاڏن جون ريتون ۽ رسمون جو جُنون، شخصيت پرستيءَ جي انڌي تقليد، پنهنجي تمام هولناڪين ۽ تباهين سا گڏ ابو سفيان ابن حرب، اميه ابن عبدالشمس جي قيادت ۾ توحيد پرستيءَ جي مُخالفت بڻجي سامهون نروار ٿي بهي رهيا. مگر باوجود انهن تمام مُخالفن جي نبوت جي پيرن ۾ ڪاب لرزش نه آئي ۽ مُحمد صلي الله عليه وسلم تبليغ و هدايت جي ميدان ۾ برابر قدمن سان قدم وڌائيندا رهيا .
    [​IMG]



     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    الله جي حُڪم سان دعوت اسلام ڏيڻ جي غرض سان هڪ ڏينهن پاڻ ص ڪوه صفا تي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    آغاز نبوت جي چوٿين سال، الله جي حُڪم سان دعوت اسلام ڏيڻ جي غرض سان هڪ ڏينهن پاڻ ص ڪوه صفا تي بهي هر قبيلي جو نالو پُڪاري کين سڏڻ لڳا. جڏنهن سڀئي قبيلا جمع ٿي ويا ته فرمايائون ” اي ماڻهئو! جيڪڏنهن مان توهانکي چوان ته هن جبل جي پُٺيان دُشمن جي هڪ فوج بيٺي آهي جيڪا چاهي ٿي ته موقع ڏسي توهان مٿان حملو ڪري ڏي، ته ڇا مُهنجو يقين ڪندئو؟“ سڀني هڪ زبان ٿي چيو ”يقينن ڇو جو، اسان توهان ص کي ڪڏنهن به ڪوڙ ڳاله
    ائيند ڪونهين ٻُڌو، سچ کان سواءِ توهان ص ۾ ڪُجه به نٿو ڏسجي“ رسوُل الله صلي الله عليه وسلم پوءِ فرمايو ته ” ته ٻُڌو! هي مٽيءَ جا بي حس و حرڪت ۽ بيجان مُجسما جن کي توهان خُدا پيا سمجهو، يا خُدا جي طاقتن جو مظهر خيال پيا ڪريو، بلڪل باطل آهن، هي توهانجي ڪنهن به ڪم نٿا اچي سگهن. اي ماڻهئو! اهڙي شيءِ جيڪ نه پنهنجو ڪُجه ٺاهي سگهي، نه ته توهان جي لِاءِ، توهان انهن جي سامهون سر جُهڪائي بيهڻ ڪيئن گوارا ڪري ورتو. ۽ ان کي ڪيئن خُدا مڃي ورتو. اي ماڻهئو! هي لات عزي! ۽ نائله و هبل (بُتَ) هرگز پوڄڻ جي قابل ناهن، توهانکي عبادت صرف اُن هڪ ذات جي ڪرڻ گهرجي جنهن اسانکي، توهانکي ۽ هن سموري ڪائنات کي خلقيو آهي. اي ماڻهئو! مان توهان کي اُن شديد عذاب کان ڊيڄارڻ چاهيان ٿو جيڪا توهانجي خُدا کان غفلت ۽ گُمراهيءَ جي ڪري توهان کي سخت گرفت ۾ وجهندي. (ان تي ابولهب وراڻيو” مُحمد ص خُدا توکي برباد ڪري، ڇا تو اسان کي ان ڳاله لاِ گڏ ڪيو آهي؟ مفسرين لکن ٿا ته سدنس ائين چوڻ سان هي آيت نازل ٿي” تبت يدا ابي لهب وتب وما اغني! عنهُ مال و ما ڪسب. (ابولهب ئي برباد ٿيندو ۽ اُن کي نه اُن جو مال ڪم ايندو نه اُن جي ڪمائي).
    [​IMG]
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جناب رسالت مآب صلي الله عليه وسلم جن جي مڪي زندگيءَ جا 13 سال سخت مُشڪلاتن ۽ مُصيبتن ۾
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    جناب رسالت مآب صلي الله عليه وسلم جن جي مڪي زندگيءَ جا 13 سال سخت مُشڪلاتن ۽ مُصيبتن ۾ گُذريا. قوم کين ص هڪ الله وحده لا شريڪ جي توحيد جو سبق ڏيڻ ۽ فقط ان ج جي بندگيءَ طرف سڏڻ جي پاداشت ۾ طرح طرح جون تڪليفون ۽ دردناڪ اذيتون پُهچايون. پاڻ ص جي توهين ۽ تحقير ڪرڻ ۾ جيئن وڻين تيئن ڪيائون. پاڻ ص کي نماز جي ادائگيءَ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ايستائن جو ملعونن ۽ بدبختن پاڻ ص مٿان ٿُڪون اڇلائي، گهر جو ڪچرو ۽
    مٿان گندگي ڦتي ڪيائون. ملعونن پاڻ ص جن جي ڪنڌ ۾ سندن ص ئي عمامه جي ڦاهي ٺاهي وجهي ڪعبه کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. مطلب ته پاڻ ص ۽ ايمان آڻيندڙ مسلمانن تي ڀرح ڀرح جا ظلم ڍائي سنن زندگيءَ کي تلخ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيئون. مگر بيشمار تڪليفن ۽ مُصيبتن جي باوُجود به مُحمد صلي الله عليه وسلم فرضهءِ تبليغ رسالت ۾ برابر ڌيان ڏيندا رهيا. هڪ روز مڪي جي ڪافرن، قريش جي وڏن وڏن سردارن جي هڪ وفد کي پاڻ ص جن جي چاچي حضرت ابي طالب (حضرت علي رضيه جي والد) جي خدمت ۾ موڪليو ته جيئن هو پنهنجي ڀائٽئي کي سمجهائين، ته هو ص سندن خدائن جي تذليل نه ڪرڻ کا جهلي. پر پاڻ ص جن پنهنجي چاچي کي به بلڪل صاف ۽ واضح جواب ڏئي چيو ته ” عم و الله و ضحُو الشمس في يميني و القمر في يساري علي! ترڪ هاذا الامر حتي! يظهرهُ الله و اهلڪ فيه تَرڪتهُ“ (اي چاچا! جيڪڏنهن هي ماڻهون مُهنجي ساڄي هٿ تي سج کي آڻي رکن ۽ کاٻي هٿ تي چنڊ کي آڻي رکن ۽ چاهين ته آئون هن الله جي حُڪم کي ڇڏي ڏيان ته جيستائين هي غالب نه ٿي وڃن يا مان ص خُود ص ئي هلاک (نعوذ با الله) نه ٿي وڃان مان ان امر کي هرگز نه ڇڏيندس). ان کان پوءِ سردار قريشن پاڻ ۾ طع ڪيو ته هڪ وفد کي مُحمد ص جن ڏي موڪلين ۽ پُڇن ته تو ص جيڪو اسان جي خدائن سان ڪيو آهي ، ڪنهن به نه ڪيو آهي، آخر تون ص انهنکي گهٽ وڌ ڇو ٿو چئين؟ جي ائين ڪرڻ سان تُهنجو ص مطلب دولت جو حُصول آهي ته اسان ڏيڻ لاِ تيار آهيون. جي توکي ص اسان جو سردار ٿيڻ جي تمنا آهي ته اسان توکي ص پنهنجو سردار به ٺاهڻ لاءِ تيار آهيون. پر جي تون ص بادشه ٿيڻ چاهين ٿو ته به اانکي منظور آهي. چناچه اهي نبي ص جن وٽ حاضر ٿي اهو چوڻ لڳا. پاڻ ص کين وراڻيو ”مونکي ص انهن مان ڪنهن به شي جي ضرورت ناهي، مونکي ص ته الله جل شانهُ توهان جي هدايت لاءِ رسول ٺاهي موڪليو آهي. مونکي ص ته صرف توهان کي بندن جي غلاميءَ مان آزاد ڪري صرف ۽ صرف هڪ الله جل شانهُ جي بنده ٺاهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو غرض ناهي“. هڪ موقع تي مشرڪينِ ڪُفار مڪه جو خيال ٿيو ته حج جو موسم پيو اچي، پري پري کان ماڻهو هتي ايندا ۽ مُحمد ص جن جي ڪوسس هوندي ته کين تبليغ ڪري مُسلمان ڪري، بهتر آهي ته حج جي موسم اڇڻ کان پهرين سندس ص خلاف ڪو منصوبو ٺاهي کين ص بدنام ڪريون. ماڻهن کي گڏ ڪري تجويز ورتي وئي ته ڪيئن؟ ڪن چيو ته سندن ص خلاف ڪاهن هُئڻ جي پرو پئگنڊا ڪريون. اُي وليد بن مُغير چيو ته اسان ڪاهنن مان خوب واقف آهيون، مُحمد ص ڪاهن هرگز نٿو ٿي سگهي. ماڻهن چيو ته پوءِ ڇو نه کيس مجنون ثابت ڪجي. وليد چيو ته مُحمد ص مجنون به نٿو ٿي سگهي. پوءِ چيائون ته شاعر؟ وليد چيو ته شاعر به نه. ۽ پوءِ جڏنهن سءئي تجويزون ڏئي ڏئي ٿڪجي پيا ته عاجز ٿي کيس چوڻ لڳا ته ڀلا تون ئي ڪا تجويز ڏي. وليد چيو جي توهان مونکي ٿا چئو ته مُهنجي صلاح آهي ته کيس ساحر چئي پروپئگنڊا ڪريون. ڇو جو واقعي مُحمد صلي الله عليه وسلم جي ڪلام ۾ جادو آهي ۽ اهو دلين ۾ گهر ڪيو وڃي. اُتي نظر بنالحرث لقمو ڏنو ته اص سردارانِ قريش مُحمد ص تي توهان جي ڪا به تدبير ڪارگر نه ويندي، تواهن ان کي ٻالڪ پن کان سُڃاڻو ٿي ته هو توهان سڀني ما گهڻو سچ ڳالهائڻ وارو آهي، توهان کي اهو ص وڻندو هو تنهڪري توهان هُن ص کي امين چوندا آهيو. هو ص توهان وٽ اهڙو ڪلام کڻي آيو آهي جيڪو هن تي نازل ٿيو آهي ته توهان هُن کي ڪاهن ٿا چئو؟ حالانڪه هو ڪاهن هرگز ناهي. توهان هن کي شاعر ٿي چئو؟ حالانڪه هو شاعر به ناهي. پوءِ توهان هن کي جادوگر ٿا سمجهو؟ ۽ سمجهو ٿا ته هو جادوگر به ناهي. ي سرداران قريش! توهان پنهنجي حالن تي غور ڇو نٿا يرو؟ بخدا! توهان لاءِ هي تمام وڏي شي نازل ٿي آهي. هڪ ڏينه ابو جهل مُهمد ص جن کي قتل ڪرڻ جي نيت سان مسجد ۾ داخل ٿيو، پاڻ اُن وقت نماز پئي پڙهيائون. جڏنهن پاڻ ص جن سجدي ۾ هُئا ته هن هڪ ڳرو پٿر کنيو ۽ چاهيو ته سندن مٿي مُبارڪ کي هڻي چچلي ڇڏي (نعوذ بالله) ته جيئن عمل ڪيائين ته هن تي ڏڪڻي ڇائجي وئي، پٿر هٿن مان ڪري پيس، پاڻ به ڪري پيو ۽ ان کان پهرين جو مُحمد ص نماز مان فارغ ين پاڻ ڊپ کا ڀڄي رفو چڪر ٿي ويو (باقي اڳيان)
    [​IMG]



     
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُسلمانن جو جيئڻ جنجال پئي بڻايو ويو، ريگستان عرب جون گرم گرم لوهي سلاخون سندن اکين ۾ وجهي اکيون پئي ڪڍيون ويون
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    هوڏانهن مُسلمانن جو جيئڻ جنجال پئي بڻايو ويو، ريگستان عرب جون گرم گرم لوهي سلاخون سندن اکين ۾ وجهي اکيون پئي ڪڍيون ويون، کين بک ۾ پئي رکيو ويو، پاڻي بند پئي ڪيو ويو، گهڻن کي ته ڦاهيءَ تي به لٽڪايو پئي ويو ۽ ڪي باه ۾ ساڙيا وي. مڪه ۾ رهي مُحمد صلي الله عليه وسلم خود مصيبتون جهيلي رهيا هُئا. پاڻ ص کان مُسلمان جي اها حالت ڏٺي نه پئي ٿي ۽ الله جي حوڪم سان کين مڪي کان هجرت ڪرڻ جو ڇيو ويو. رسول الله ص جي
    حڪم سان مسلمان مڪه کان حبشه هجرت ڪري ويا انهن هجرت ڪرڻ وارن جو تعدا 83 مرد، 18 مايون هو. پر ڪفار جو دليو پوءِ به ٿڏيون نه ٿيو، انهن مسلمانن کي حبشه ۾ به ساه پٽڻ نه ڏنو. پهرئين هنن حبشه جي پادرين سان ملي ڪوشش ڪئي ته مسلمانن کي سندن حوالي ڪيو وڃي، پر جنهن کي الله رکي اُن کي ڪير چکي، حبشه جي بادشاه نجاشيءءَ بغير تحقيقات جي مسلمانن کي انهن جي حوالي ڪرڻ کان منع ڪيو. ۽ پادرين کي سختيءِ سان دڙڪيو ويو. پوءِ نجاشي بادشاه مُسلمان کي پاڻ و حظر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنابِ جعفر ابن ابي طالب رضي الله تعالي عنهُ مهاجرن جي نمائندي جي حيثيت سان نجاشيءَ جي دربار ۾ پُهتا ۽ کيس فرمايو” اي بادشاه! اسان جي قوم سخت جاهل هُئي. اسان بُتن کي پوندا هُئاسون. ۽ مردار جانور کائيندا هُئاسون. پاڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شرم ۽ لحاظ ڪونه رکندا هُئا سون. رُڳو پيا وڙهندا هُئاسون، ايستائين جو اسان جا جهيڙا وڌي وڌي قومن ۽ قبيلن تائين ڦهلجندا هُئا جنهن سان هزارن جي لاش جي خونن سان ننديو وهنديون هُيون. اسان پنهنجي ويجهن عزيزن کي ته ڇڏي ڏيندا هُئاسون پر پنهنجي پاڙي وارن سان بُرايون ڪندا هُئاسو ۽ اسان ۾ جيڪو طاقتور هوندو هو ڪمزور کي دٻائي رکندو هو ۽ کيس نيست و نابود ڪري ڇڏيندو هو. اسان سڀني جو اهوئي حال هو. الله کي اسان تي رحم آيو ۽ پوءِ هُن ج اسان تي هڪ رسول موڪلي. اسان ان جي حسب نسب کا چڱي طرح واقف هُئاسون سندس سچائي ۽ پاڪدامنيءِ کان به واقف هُئاسون. بس پوءِ هُن ص اسان کي هڪ الله ج جي عبادت ڪرڻ طرف راغب ڪيو ته اسان ان ج کي وحده لاشريڪ لهُ سمجهون ۽ ان جي ئي فقط عبادت ڪريون ۽ ان کان علاوه ڪنهن جي به نه. ۽ اُهي پٿر ۽ بُت جن کي اسان جا پيئر ۽ ڏاڏا پُڄندا پئي آيا ڇڏي ڏيون ۽ اسان کي حڪم مليو ته سچ ڳالهايون. ۽ جنهن جي به امانت اسان وٽ آهي ان کي ان ڏي موٽايون،ويجهن مائٽن سان ملي جهلي رهون، پاڙي وارن سا حسن سلوڪ روا رکون، ۽ جن به شين کان اسانکي روڪيو ويو آهي انهن کان پري رهون، ۽ جن ڳالهين لاءِ جهليو ويو آهي انهن کان پري رهون، ۽ نه ڪنهن جو خون ڪريون غرض ته اسان کي هر بُرائي ڪرڻ کان جهليو ويو آهي. اسان کي ڪنهن تي الزام هڻڻ کان ، يتيمن جو مال کائڻ کان، پاڪ زالن تي بي جا الزام هڻڻ کان جهليو ويو آهي. اسان کي زڪوات ڏيڻ ۽ نماز جو حڪم ڪيو ويو آهي ۽ پاڻ سڀئي اسلامي گُڻ چئي ٻُڌايا. پاڻ رضي کين ٻُڌايو ته هي اُهي حقيقتون آهن جنهن سان اسان مُحمد ص کي سچو مڃيو. ۽ ان ص تي ايمان آندو ۽ هر ان شي کي جنهن جي موٽ هو الله ج طرف ٿو ڪري پيروي ڪئي. اسان صرف هڪ الله جي عبادت ٿا ڪريون ۽ ان سان ڪنهن کي به شريڪ ه. جيڪا شي اسان تي حلال ڪئي وئي اُن کي پاڻ تي حلال ٿا سمجهون ۽ جنهن کي حرام ، اها حرام ٿا ڄاڻون. هي اهي حقيقتون آنهن جنهن تي هي قوم اسان جي خلاف ٿي رت جي پياسي ٿي پئي آهي ۽ اسان تي طرح طرح جا ظلم ڪيا اٿن. ۽ اسان ي سخت مصيبت ۾ وڌو اٿن ته اي بادشاه! جڏنهن هي اسان ۾ ۽ اسانجي دين ۾ حائل ٿيڻ لڳا ته اسان مجبورن پنهنجي مُلڪ مان نڪري تنهنجي مُلڪ ۾ پناه وٺڻ آيا آهيون. نجاشيٰ پوءِحضرت جعفر بن ابي طالب کان پُڇيو ته ڇا توهان وٽ ان مان ڪُجه آهي جيڪو مُحمد ص طرفان کڻي آيا آهيو؟ ته حصرت جعفر هي قرآني آيت پڙهي” ڪهيص ڪر رحمت ربڪ عبده ذڪري. اذ نادي1 ربهُ نداءِ خفيا. قال رب اني وهن العظيم مني و اشتعل الراس شيبا و لم اڪن بدعائڪ رب شقبا“( پنهجي بندي زڪريا تي تنهنجيرب جي رحمت جو ذڪر آهي. هن چيو ته اي مُهنجا رب! مُهنجون هڏيون پوڙهيون ٿي ويون آهن ۽ مُهنجو مٿو پوڙهائپ جي ڪري چمڪي پيو يعني اڇو ٿي ويو آهي. ۽ اي مُهنجا رب مان توکان گهرڻ ۾ ڪڏنهن به محروم ناهيو ٿان) قرآن حڪيم جي فصاحت ۽ بلاغت ڪم ري وئي. هنن آيتن کي ٻُڌي نجاشي ۽ ان جي پوري دربار زارو زار رُئڻ لڳي وئي ۽ ان مڪي جي ڪافرن کي واظح طور مسلمان کي سندن حوالي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. ٻئي ڏينه وري مڪي جي ڪافرن پادرين جي معرفت هڪ ٻي چال کيڏي. عمرو بن العاص نجاشيءَ کي چيو ته هي جيڪي مُسلمان تُهنجي پناه ۾ آهن اُهي حضرت عيسي عليه السلام کي خُدا جوپُٽ ٿا مڃن. نجاشيءَ وري مسلمانن کي گهرائيو جن صاف صاف ٻُڌايو ته هو عيسي ع الله جو پُٽ نٿا مڃن بلڪ ان کي رسول ۽ الله جو بنده ٿا سمجهن. نجاشي چيو بيشڪ توهان سچا آهيو ۽ جيڪ چئو ٿا سچ آهي، توهان سڀئي مُهنجي امان ۾ آهيو پوءِ هن ڪفار مڪه طرفان مليل سڀئي تحفا کين واپس ڪري ڇڏيا ۽ کين ذليل و خوار ڪري واپس اُماڻيو.
    [​IMG]



     
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُسلمانن جو جيئڻ جنجال پئي بڻايو ويو، ريگستان عرب جون گرم گرم لوهي سلاخون سندن اکين ۾ وجهي اکيون پئي ڪڍيون ويون
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    هوڏانهن مُسلمانن جو جيئڻ جنجال پئي بڻايو ويو، ريگستان عرب جون گرم گرم لوهي سلاخون سندن اکين ۾ وجهي اکيون پئي ڪڍيون ويون، کين بک ۾ پئي رکيو ويو، پاڻي بند پئي ڪيو ويو، گهڻن کي ته ڦاهيءَ تي به لٽڪايو پئي ويو ۽ ڪي باه ۾ ساڙيا وي. مڪه ۾ رهي مُحمد صلي الله عليه وسلم خود مصيبتون جهيلي رهيا هُئا. پاڻ ص کان مُسلمان جي اها حالت ڏٺي نه پئي ٿي ۽ الله جي حوڪم سان کين مڪي کان هجرت ڪرڻ جو ڇيو ويو. رسول الله ص جي
    حڪم سان مسلمان مڪه کان حبشه هجرت ڪري ويا انهن هجرت ڪرڻ وارن جو تعدا 83 مرد، 18 مايون هو. پر ڪفار جو دليو پوءِ به ٿڏيون نه ٿيو، انهن مسلمانن کي حبشه ۾ به ساه پٽڻ نه ڏنو. پهرئين هنن حبشه جي پادرين سان ملي ڪوشش ڪئي ته مسلمانن کي سندن حوالي ڪيو وڃي، پر جنهن کي الله رکي اُن کي ڪير چکي، حبشه جي بادشاه نجاشيءءَ بغير تحقيقات جي مسلمانن کي انهن جي حوالي ڪرڻ کان منع ڪيو. ۽ پادرين کي سختيءِ سان دڙڪيو ويو. پوءِ نجاشي بادشاه مُسلمان کي پاڻ و حظر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنابِ جعفر ابن ابي طالب رضي الله تعالي عنهُ مهاجرن جي نمائندي جي حيثيت سان نجاشيءَ جي دربار ۾ پُهتا ۽ کيس فرمايو” اي بادشاه! اسان جي قوم سخت جاهل هُئي. اسان بُتن کي پوندا هُئاسون. ۽ مردار جانور کائيندا هُئاسون. پاڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شرم ۽ لحاظ ڪونه رکندا هُئا سون. رُڳو پيا وڙهندا هُئاسون، ايستائين جو اسان جا جهيڙا وڌي وڌي قومن ۽ قبيلن تائين ڦهلجندا هُئا جنهن سان هزارن جي لاش جي خونن سان ننديو وهنديون هُيون. اسان پنهنجي ويجهن عزيزن کي ته ڇڏي ڏيندا هُئاسون پر پنهنجي پاڙي وارن سان بُرايون ڪندا هُئاسو ۽ اسان ۾ جيڪو طاقتور هوندو هو ڪمزور کي دٻائي رکندو هو ۽ کيس نيست و نابود ڪري ڇڏيندو هو. اسان سڀني جو اهوئي حال هو. الله کي اسان تي رحم آيو ۽ پوءِ هُن ج اسان تي هڪ رسول موڪلي. اسان ان جي حسب نسب کا چڱي طرح واقف هُئاسون سندس سچائي ۽ پاڪدامنيءِ کان به واقف هُئاسون. بس پوءِ هُن ص اسان کي هڪ الله ج جي عبادت ڪرڻ طرف راغب ڪيو ته اسان ان ج کي وحده لاشريڪ لهُ سمجهون ۽ ان جي ئي فقط عبادت ڪريون ۽ ان کان علاوه ڪنهن جي به نه. ۽ اُهي پٿر ۽ بُت جن کي اسان جا پيئر ۽ ڏاڏا پُڄندا پئي آيا ڇڏي ڏيون ۽ اسان کي حڪم مليو ته سچ ڳالهايون. ۽ جنهن جي به امانت اسان وٽ آهي ان کي ان ڏي موٽايون،ويجهن مائٽن سان ملي جهلي رهون، پاڙي وارن سا حسن سلوڪ روا رکون، ۽ جن به شين کان اسانکي روڪيو ويو آهي انهن کان پري رهون، ۽ جن ڳالهين لاءِ جهليو ويو آهي انهن کان پري رهون، ۽ نه ڪنهن جو خون ڪريون غرض ته اسان کي هر بُرائي ڪرڻ کان جهليو ويو آهي. اسان کي ڪنهن تي الزام هڻڻ کان ، يتيمن جو مال کائڻ کان، پاڪ زالن تي بي جا الزام هڻڻ کان جهليو ويو آهي. اسان کي زڪوات ڏيڻ ۽ نماز جو حڪم ڪيو ويو آهي ۽ پاڻ سڀئي اسلامي گُڻ چئي ٻُڌايا. پاڻ رضي کين ٻُڌايو ته هي اُهي حقيقتون آهن جنهن سان اسان مُحمد ص کي سچو مڃيو. ۽ ان ص تي ايمان آندو ۽ هر ان شي کي جنهن جي موٽ هو الله ج طرف ٿو ڪري پيروي ڪئي. اسان صرف هڪ الله جي عبادت ٿا ڪريون ۽ ان سان ڪنهن کي به شريڪ ه. جيڪا شي اسان تي حلال ڪئي وئي اُن کي پاڻ تي حلال ٿا سمجهون ۽ جنهن کي حرام ، اها حرام ٿا ڄاڻون. هي اهي حقيقتون آنهن جنهن تي هي قوم اسان جي خلاف ٿي رت جي پياسي ٿي پئي آهي ۽ اسان تي طرح طرح جا ظلم ڪيا اٿن. ۽ اسان ي سخت مصيبت ۾ وڌو اٿن ته اي بادشاه! جڏنهن هي اسان ۾ ۽ اسانجي دين ۾ حائل ٿيڻ لڳا ته اسان مجبورن پنهنجي مُلڪ مان نڪري تنهنجي مُلڪ ۾ پناه وٺڻ آيا آهيون. نجاشيٰ پوءِحضرت جعفر بن ابي طالب کان پُڇيو ته ڇا توهان وٽ ان مان ڪُجه آهي جيڪو مُحمد ص طرفان کڻي آيا آهيو؟ ته حصرت جعفر هي قرآني آيت پڙهي” ڪهيص ڪر رحمت ربڪ عبده ذڪري. اذ نادي1 ربهُ نداءِ خفيا. قال رب اني وهن العظيم مني و اشتعل الراس شيبا و لم اڪن بدعائڪ رب شقبا“( پنهجي بندي زڪريا تي تنهنجيرب جي رحمت جو ذڪر آهي. هن چيو ته اي مُهنجا رب! مُهنجون هڏيون پوڙهيون ٿي ويون آهن ۽ مُهنجو مٿو پوڙهائپ جي ڪري چمڪي پيو يعني اڇو ٿي ويو آهي. ۽ اي مُهنجا رب مان توکان گهرڻ ۾ ڪڏنهن به محروم ناهيو ٿان) قرآن حڪيم جي فصاحت ۽ بلاغت ڪم ري وئي. هنن آيتن کي ٻُڌي نجاشي ۽ ان جي پوري دربار زارو زار رُئڻ لڳي وئي ۽ ان مڪي جي ڪافرن کي واظح طور مسلمان کي سندن حوالي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. ٻئي ڏينه وري مڪي جي ڪافرن پادرين جي معرفت هڪ ٻي چال کيڏي. عمرو بن العاص نجاشيءَ کي چيو ته هي جيڪي مُسلمان تُهنجي پناه ۾ آهن اُهي حضرت عيسي عليه السلام کي خُدا جوپُٽ ٿا مڃن. نجاشيءَ وري مسلمانن کي گهرائيو جن صاف صاف ٻُڌايو ته هو عيسي ع الله جو پُٽ نٿا مڃن بلڪ ان کي رسول ۽ الله جو بنده ٿا سمجهن. نجاشي چيو بيشڪ توهان سچا آهيو ۽ جيڪ چئو ٿا سچ آهي، توهان سڀئي مُهنجي امان ۾ آهيو پوءِ هن ڪفار مڪه طرفان مليل سڀئي تحفا کين واپس ڪري ڇڏيا ۽ کين ذليل و خوار ڪري واپس اُماڻيو.
    [​IMG]
     
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جيئن جيئن ڪافر ان کي دٻائڻ جي ڪوشش ۾ هُئا تيئن تيئن اسلام ڦهلجندي پئي ويو
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    هوڏانهن مڪي ۾ اسلام جي ترقيءَ جو هي عالم هو ته جيئن جيئن ڪافر ان کي دٻائڻ جي ڪوشش ۾ هُئا تيئن تيئن اسلام ڦهلجندي پئي ويو، ايستائين جو قريش قوم جا وڏي ۾ وڏا بهادُر پاڻ ص جي رسالت تي ايمان آڻڻ شروع ڪيائون. ان ۾ حضرت امير حمزه رضيه، حضرت عُمر فاروق رضيه سر فهرست هُئا. حضرت عمر فاروق ر جي ايمان آڻڻ کان پهرين مُسلمانگهرن ۾ عبادت ڪندا هُئا ۽ سندن اسلام ۾ داخل ٿيڻ سان ئي مُسلمانن اعلانيه معبي ۾ نماز پڙهڻ
    لڳا. ۽ اهائي پهرين نماز هُئي جيڪا حضرت عُمر فاروق ر جي شُجاعت ۽ دليريءَ ڪري اعانه ڪعبي ۾ پڙهي وئي ۽ اهو وقت اچي ويو جو ڪافرن جي دلين ۾ مسلمانن جو خوف گهر ڪري ويو ۽ وڌندڙ قوتون ڏسي دهلجڻ لڳا پر پوءِ به مُسلمانن کي ستائڻ شروع ڪري ڏنائون. ته هاڻ ماڻهون اسلام قبول ڪرڻ کان باز نه ايندا، ڇو نه مُسلمانن جو سوشل بائڪاٽ ڪيو وڃي، لحاظه انهن معاهده ڪري اعلان ڪيو ته ڪو به شخص بني هاشم سان تعلقات نه رکي، نه انهن کان ڪا شي وٺي ۽ نئي وڪڻي ڏي، ۽ ها جيڪر بني هاشم مُحمد ص کي سند حوالي ڪندو ته پوءَ سندن بني هاشم قوم سان ڪو به جهڳڙو ناهي. مگر ان مهربان چاچي ابو طالب ، مُحمد ص کي چئي ڏنو ته هاڻ وڃ پُٽَ، توکي جيڪو ڪرڻو ۽ چوڻو آهي ڪندو وڃ، ابو طالب توکي ڪڏنهن به دُشمنن جي حوالي ڪونه ڪندو. ۽ پوءِ ابو طالب ر مسلح هاشمي نوجوان وٺي قريشن وٽ ويو ۽ چيو” اي قريش! هي هاشمين جي هٿيارن جي چمڪ ته ڏسو! الله جو قسم جي توهان مُهنجي ڀائٽئي مُحمد ص کي ماري وڌو (نعوذ بالله) ته مان توهان مان ڪنهن کي به زنده نه ڇڏيندس. پوٰ ڀلي توهاني ۽ اسان جي ويڙه ڪٿي وڃي پُهچي. ۽ پوٰ انهيءِ مرد مُجاهد نبوت جي 7 سال پنهنجي هڪ پُٽ ابو لهب کان سواءِ پنهنجي ڀائٽئي مُحمد ص سان گڏ سموري بني هاشم کي وٺي شهر مڪه کان ٻاهر هڪ جبل جي دره ۾ اچي رهيا جنهن کي (شعبِ ابي طالب) سڏجي ٿو. کين 3 سال سخت تڪليفن ۾ هتي رهڻو پيو. هن 3 سالن جي مدت ۾ جڏنهن قريش جي چند ماڻهن کي بني هاشم سان پنهنجي ظلم ۽ ستم ڪرڻ جو احساس ٿيو ته هُنن باوجود ٻين جي مُخالفت جي، هن سوشل بائڪاٽ جي معاهدي کي ٽوڙي ڇڏيو. هوڏانه وري الله جي قدرت ڏسو ته ان معاهدي کي جيڪو هُنن ڪعبه جي در تي ٽنگي نمايان ڪيو هو اُن کي به اُڏوهي کائي وئي ۽ اهڙيءَ ڀرح بني هاشم کي مصيبت مان آجائي ملي ۽ هو وري مڪي ۾ اچي رهيا. اتي وري جڏنهن نبي صڏٺو ته فلحال انهن کي ڪاميابيءَ جي اُميد ناهي ته پاڻ ص طائف جو سفر ڪيو. هي واقعو جناب ابي طالب جي وفات کان پوءِ جو آهي. جن جي وفات ، نبوت جي 10 سال پاڻ ص کي داغ مفارقت ڏئي ڇڏيو. ڪافرن جناب ابي طالب جي وفات مان خوب فائدو ورتو ۽ کين ص بي حد پريشان ڪري ڇڏيائون، ايستائن جو رستي ويندي سندن ص مٿي مُبارڪ تي مٽي هاري ڇڏيندا هُئا. نماز دوران سجدي ۾ ويندا هُئا ته مٿان اُٺ يا ٻڪريءَ جي اوجهري وجي ڇڏيندا هُئا، ۽ اڪثر رستي ويند سندن ص دامن مُبارڪ ڇڪي ڇڪي گهليند هُئا، ۽ اُن وقت حضرت ابو بڪر صديق رصي الله تعالي عنهُ اچي ڪافرن کي ڌمڪائي چوندا هُئا ته توهان الله جي هڪ بندي کي ان لاءَ مارڻ (نعوذ بالله) ٿا چاهيو ته هو توهان کي هزار خدائن جي بندگين کان ٻاهر آڻي هڪ الله ج جي بندگيءَ طرف ٿو سڏي. طائف جي سفر دوران ۾ ڪافرن سندن ص پويا غنڊن کي به موڪلي جيڪي سنن ص مٿان پٿر ۽ پٿريون اڇليند هُئا. جنهن سان سندن ص جا پير مُبارڪ لهو لهان ٿي ويند هُئا. پاڻ ٿڪجي ويهي رهندا هُئا ته دُعا ڪندا هُوا ته ” اي الله ج مان توکان ئي پنهنجي ڪمزوريءِ ۽ ذلت جي شڪايت ٿو ڪريان، قوم کان ڪا شڪوه ناهي. اي الله ج تون انهن جي حالت تي رحم ڪر. اي الله ج تون ڪمزورن جو ناصر ۽ مددگار آهين. تون مونکي ڪنهن جي ڀروسي تي ٿو ڇڏين. اگر تون مونکان راضي آهين ته مونکي ڪنهنجي ناراضگيءَ جي ڪا به پروه ناهي“
    [​IMG]



     
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ ڀيري جڏنهن مدينه(يثرب) مان قبيله اوس ۽ خزرج جا ڪجه ماڻهو مڪي ۾ آيا
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    هڪ ڀيري جڏنهن مدينه(يثرب) مان قبيله اوس ۽ خزرج جا ڪجه ماڻهو مڪي ۾ آيا،انهن جي خيال ۾ هو ته ڪو نبي ص جن جو احوال تورات ۾ لکيل آهي ۽ هو هاڻ سگهوئي اچڻ وارو آهي ۽ اُن ص جي اچڻ ڪري مدينه ۾ سندن وقار بحال ٿي ويندو، اُهي هو اهو پيغام کڻي پنهنجي معمول جي تبليع سبب، مُحمد ص ڏانهن به پيغام هدايت کڻي ويا. ۽ پوءَ مُهمد صلي الله عليه وسلم کي ڏسي، ٻُڌي کين تورات ۾ ٻُڌيل نبي هُئڻ جي گواهي ڏني ۽ اُنهن مان 6 ماڻ
    هن اُتي جو اُتي ايمان آڻي مسلمانيت جوشرف حاصل ڪيو. پوءِ انهن 6، مديني (يثرب) وڃي اسلام جي تبليغ شرو ڪري ڏني، جنهن مان اهو نتيجو نڪتو جو اڳئين سال اوس ۽ خزرج جا ٻيا ماڻهون به مڪي آيا جن مان وڌيڪ 12 اسلام قبول ڪيو. ۽ پاڻ سان مُبلغ اسلام جناب عُمير رضي الله تعالي عنهُ جي پُٽ مصعب رضي الله کي مديني وٺي وڃڻ ۽ وڌيڪ تبلغ لاءِ اجازت ورتي. مصعب ابن عمير، اهل مدينه کي اسلام جي تبليغ ڏيڻ شروع ڪئي. جنهن جي اثر سان مدينه (يثرب) جي گهر گهر ۾ اسلام جوچرچو ٿيڻ لڳو. ايستائين جو نبوت جي 13 سال مديني (يثرب) ۾ 73 ردن اسلام قبول ڪري رتو. ۽ ُمحمد ص کي مديني ۾ اچڻ جي درخواست ڪئي. چيايائون ته اي الله ج جا رسول ص جيڪو عهد وٺو، اسان پنهنجي ڪامل وفاداري ۽ جانثاري ۽ سچائي سان توهان صمٿان پنهنجي جان نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پاڻ ص فرمائيُن” مان توهان کان فقط هي وعده وٺڻ ٿو چاهيان ته صرف هڪ الله ج جي عبادت ڪندئو! جيڪوتوهانجو ۽ هن سموري ڪائنات جو اڪيلو خالق، مالڪ ۽ رب آهي هن جو ڪو به شريڪ ناهي! “ هنن ماڻهن جي طرفان هرآبن مغرور سردار خزرج پاڻ ص سان وعده ڪيو ۽ بيعت ورتي جنهن کي تاريخ الام ۾ (بيعت عقبي! ثانيه) چئجي ٿو. عقبه مدينه کان پرڀرو هڪ جھه جو نالو آهي. هاڻ مدينه ۾ به اسلام تيزيءَ سان ڦهلجندو ويو، ڪفار مڪه اسلام جي ترقيءَ جو هي رنگ ڏسي ابو جهل جي مشهوري سان مُحمد ص جي گهر جو مُحاصره ڪري ڇڏيو. ۽ طع ڪري ڇڏيو ته (نعوذ بالله) هاڻ مُحمد ص کي هرگز نه ڇڏيو ويندو. جڏنهن پاڻ صلي الله عليه وسلم کي ان ڳاله جي پروڙ پئي ته پاڻ پنهنجي سئوٽ حضرت علي رضيه کي پنهنجي بستر تي ليٽائي، پنهنجي يار حضرت ابوبڪر صديق رضه سان راتو رات نڪري مدينه جي راه ورتائون. ڪافر مڪه جيڪي تلوارون ميان مان ڪڍي سندن ص گهر جو مُحاصرو ڪري ويٺا هُئا، صبح جو حضرت علي ر کي سندن مُبارڪ بستر تي سُتل ڏسي، مُحمد ص کي ڳولڻ لاءِ هر طرف پنهنجا ماڻهو ڊوڙيا. پر پاڻ ص رات جي وقت ۾ ئي نڪري سندن دست ۽ گرفت کان نڪري چڪا هُئا بل آخر ٿڪجي ڪافرن سندن گرفتاريءَ لاءِ 100 اُٺن جو انعام مقرر ڪيو. مديني وارن کي جڏنهن سندن اچڻ جي خبر پئي ته پاڻ مُشتاق نگاهن سان سندن انتظار ڪرڻ ۽ طليڪار ڪرڻلاءِ ميدان تي آيا. پاڻ ص 12 ربي الاول، جمع بمطابق 24 سيپٽمبر 662ع مديني پُهتا ۽ اهومديني ۾ عيد جي ڏينهن مثل هو. سندن بيمثال استقبال رستن، گهٽين،ماڙين، گهرن مان ٿيو ۽ هر شخص جي چاهت هُئي ته پاڻ يص انهن جي گهر ۾ رهائش رکن.
    [​IMG]



     
  16. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مديني وارن جوآڌر ڀاءُ ۽ مديني وارن جي مُحبت ڏسي رسول الله صلي الله عليه وسلم مديني پُهچي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    مديني وارن جو ڌر ڀاءُ ۽ مديني وارن جي مُحبت ڏسي رسول الله صلي الله عليه وسلم مديني پُهچي، پنهنجي گهروارن ۽ ٻين مُسلمانن کي به مديني اچڻ جو پيغام موڪليو جيڪي هڪ هڪ ڪري، پنهنجو گهر، مال متاع، سامان ڇڏي هٿين خالي مدينه پُهچڻ لڳا. جن کي مدينه وارن دل جي گهراين سان قبول ڪيو. ايستائين جو هڪ مدني مُسلمان هڪ مڪي مسلمان لاءَ پنهنجي مال جا ٻه حصه ڪري سندن سُپرد ڪيو، جن وٽ ٻه زالون هُيون هُنن اُنهنکي طلاق ڏ
    ئي مڪي مسلمانن سان شادي ڪرائي. پا۾ مديني پُهچي سڀ کان پهرين هڪ مسجد تعمير ڪئي جنهن کي مسجد نبي ص چيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ هڪ دفاعي تنظيم جوڙي جنهن ۾ اتي جي يهودين به حصو ورتو ۽ پنهنجي مرض سان مُسلمانن جي ماتحت آيا. انهن مان هڪ شخص عبدالله ابن ابي به هو جيڪو پاڻ ص جي پُهچڻ کان پهرين اُتي جو سردار هُئڻ جا خواب ڏسندو هو، هن سخص ظاهري طور ته اسلام قبول ڪري ورتو هو پر باطني پنهنجي ٻين همخيال يهودين سان ملي اسالم جو مديني ۾ پيل بُنياد کي پاڙ کان پٽڻ جي جستجو ۾ هو. مطلب ته مُسملان مڪي جي ڪافرن کان ته اجا ٿي ويا پر مديني ۾ مُشرڪن ۽ يهودين جي هڪ نئي جماعت سندن مخالف ٿي بيٺي. رسول الله ص جن دفائي تنظيم جي ماتحت جيڪو مُعاهده ڪيو هو اُن جو هي متن هو” ڪو به گُروه ٻئي ڪنهن به گروه جي مذهب، جان ۽ مال کي نقصان نه رسائيندو بلڪه دُشن جي حملي وقت هڪ ٻئي جي مدد ڪندو، جيڪڏنهن فرقن ۾ ڪو جهڳڙو به ٿي پوي ته هو ان لاِ الله ج جي رسول مُحمد ص طرف رُجوع ڪندو“ هي معاهدو دوستانه حيثيت ۾ ڪيو ويو پر پوءَ يهودين ان کي روايتي بدعهدي مطابق ٽوڙي ڇڏيو، جنهن جو نتيجو ي نڪتو ته هنن ڪفار مڪه سان ملي ساز باز شروع ڪري ڏني ۽ مُسلمانن کي پنهنجي تحفظ 7 بقا4 لاءِ مُختلف لڙايون جنگ بدر، جنگ احد وغيره وڙهڙيون پيون.
    [​IMG]



     
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪُفارءِ مڪه ۽ مُسلمانن جي وچ۾ بدر جي جڳه تي سن 2 هجريءَ ۾ سڀ کان پهرين جنگ بدر لڳي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    ڪُفارءِ مڪه ۽ مُسلمانن جي وچ۾ بدر جي جڳه تي سن 2 هجريءَ ۾ سڀ کان پهرين جنگ بدر لڳي جنهن ۾ رسول الله ص 313 جان نثار اسلام کي مقابلي لاءِ آندو، ڪفار مڪه جو سپه سالار ابو سفيان حرب ابن اميه ابن عبدالشمس هو ۽ هُن سان گڏ 1000 مسل سپاهي هُئا، 17 رمضان تي مُقبلو ٿيو ۽ ڪافر مات کائي ڀڄي ويا. ٻئي سال ڪافرن بدلو وٺڻ لاءِ وري ميدان ڪارزار گرم ڪيو هي جنگ، جنگ احد جي نالي سان مشهور آهي، جنهن ۾ عبدالله بن ابي ج
    ي مُنافقت کُلي سامهون اچي وئي ۽ هو پنهنجن ساٿين سان ملي رستي مان ئي واپس وري ويو ۽ نبي سائين جن صرف 700 فداين کي وٺي 3000 ڪافرن جي مُقبلي ۾ پُچي ويا. هتي به دُشمن ڀڄڻ تي مجبور ٿيو پر مال غنيمت هٿيائڻ جي چڪر ۾ ڪي نادان مُسلمان هڪ غلطي ڪي ويٺا ۽ کٽيل جنگ هار ۾ بدلجي وئي، گڏو گڏ جليل قدر صحابي به شهيد ٿي ويا سندن ص چاچو حضرت امير حمزه رضيه به هن جنگ ۾ هڪ وحشي نالي سپاهيءَ جي لڪي وار ڪرڻتي شهيد ٿي ويا، ٻيا ته ٺهيو پر خود نبي صلي الله عليه وسلم جن جي چهري مُبارڪ تي به هڪ تير لڳو ۽ ڪافرن سندن شهادت جو اعلان ڪري ڇڏيو. هنده زال ابو سفيان لاشن جي بيحُرمتي ڪئي يعني انهن جا نڪ ۽ ڪن وات سان ڪٽي ککيا. ۽ جناب امير حمزه جي لاش جوگهڻو خراب هشر نشر ڪيو ۽ بيددرديءَ سان سندن ڪليجو چٻائي ڇڏيو ۽ اُڇلايو. بل آخر هڪ اهڙو وقت به اچي ويو جو الله ج جي ڪيل وعدي پوري ٿيڻ جو وقت به اچي ويو، نهايت استقلال، صلح ۽ آتشي سان گڏ اسلام جي تبليغ و هدايت ڪرڻ جي نتيجصي ۾ مسلانن جي طاقت مضبوط ٿي وئي. ۽ نبي سائين جن 10 هزار مُسلمانن جولشڪر وٺي مڪي طرف روانا ٿي ويا، سندن مڪي ۾ داخل ٿيڻ جو شان اهڙو هو جو تمام قبيلا پنهنجي سردارن جي پُٺيان پنهنجا پنهنجا جهنڊا کڻي هلندا ويا. ۽ مڪي پُهچي پاڻ بغير ڪنهن لڙائي شڙائيءَ جي نهائيت پُر ام طريقي سان مڪه فتح ڪري ورتو. الله ج شان ڪريمي ڏسو ! پاڻ جڏنهن هڪ لشڪر جرار سان گڏ مڪي ۾ داخل ٿيا ته اهل مڪه جا دل ڏڪڻ لڳا، چهرن تي پريشانيون ڇائنڻ لڳيون، مسلمانن تي ڪيل ظلم ۽ ستم ، موت بڻي سند اکين اڳيان گهمندو رهيو، لشڪر اسلام کي ڏسي ابو سفيان جو هي حال هو ته ڪٽجيس ته رت ئي نه نڪريس. پر جڏنهن نبي ص جن جو چاچو حضرت عباس رضيه مڪي کان هجرت ڪري مديني اچي رهيا هُئا رستي ۾ کين مُحمد ص ملي ويا ۽ واپس مڪي وٺي آيا، رات جي وقت مُحمد ص هر شخص کي باه ٻارڻ جوهڪم ڏنو، حضرت اباس ر جڏنهن پنهنجي خيمي مان نڪري مڪي شهر طرف وڃي رهيا هُئا ته رستي ۾ کين ابو سفيان مليو. حضرت عباس ر کيس سمجهايو ته مُحمد ص انتهائي شفيق، رحيم ۽ ڪريم آهن تون جي ان وٽ صلح جو پيغام کڻي ويندي ته هو ص پسند ڪندا. ابوسفيان حضرت عباس ر سان گڏ نبي ص جن وٽ وڃي رهيا هُئا تي رستي ۾، حضرت عمر فاروق کيس ڏسي سڃاڻي هڪدم مياڻ ما تلوار ڪڍي ورتي تنهنتي جناب عباس ر لين چيو ته ابوسفيان سندس امان ۾ آهي، پوءِ ٽئي گڏجي مُحمد ص جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، اُتي جناب عُمر ر ابو سفيان کي قتل ڪرڻ جي اجازت گهري، پاڻ ص ابو سفيان کي ساري رات لاءِ حضرت عباس ر جي سپرد ڪري وراڻيو ته هن جو فيصلو صُبح جو ٿيندو. ٻئي ڏينهن ابو سفيان اسلام قبول ڪري ورتو، حضرٿ عباس ر نبي سائين جن کي عرض ڪيو ته اي الله ج جا رسول ابو سفيان فخر ۽ مان مرتبي جو ڏاڍو خواهشمند رهيو آهي؟ پاڻ اهوٻُڌي ابوسفيان کي اعزاز بخشيو ته جيڪو ابو سفيان جي گهر ۾ پناه وٺندو ان کي امان ملندي. مڪي ۾ داخل ٿيڻ وقت نبي ص جن پنهنجي چاچي حضرت عباس ر کي چيو ته ابو سفيان کي لشڪر اسلام ڏيکاريو وڃي ، لشڪر ڏسي ابوسفيان حضرت عباس کي وراڻيت ته تُهنجو ڀائٽيو ص ته وڏو بادشاه بڻجي ويو آهي، عباس ر جواب ۾ چيس ته هي بادشاهت نه نبوت ۽ رسالت جو زور آهي. (باقي اڳيان)
    [​IMG]



     
  18. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اڄ رحمت عالم صلي الله عليه وسلم جي دربار نبوت ۾ اُهي ماڻهو هُئا جن مڪي جي سرزمين کي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    اڄ رحمت عالم صلي الله عليه وسلم جي دربار نبوت ۾ اُهي ماڻهو هُئا جن مڪي جي سرزمين کي مسلمانن جي لاءِ خاردار بڻائي هُئي، انهن ۾ اُهي حوصلا مند به هُئا جن پاڻ ص جن جي راه ۾ ڪنڊا وڇايا هُئا، سندن گلو مُبارڪ گهٽيو هو، پٿريون ۽ پٿر اُڇلائي زخمن ۾ چور ڪيو هو، اُهي به هُئا جن (شعب ابي طالب) ۾ کين پنهنجي خاندان هاشمي سميت قيد ڪري ساڻن سوشل بائڪاٽ ڪري داڻو پاڻي بند ڪري رکيو هو، اُهي ماڻهو به هُئا جن سندن
    رفيقه حيات بيبي حضرت خُديجه” القبري! رضي الله تعالي عنها کي بنو هاشم جي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيڻ نه ڏنو هو، اهي به هُئا جن مُسلمانن جو حبشه تائي پيڇو ڪيو هو ۽ مديني مُبار شريف ۾ به سک جڳ ساه نه کڻڻ ڏنو، اُهي به هُئا جن کي خون رسالت ص جي تمنا هُئي پر پاڻ ص مڪو فتح ڪري نهايت تبسم سان فرمايو” اي ماڻهئو! توهانکي خبر آهي ته مان توهان سان ڪهڙو سولوڪ ڪرڻ وارو آهيان؟“ جيئن ته هي ماڻهو ضرور ظالم ۽ شقي القلب هُئا پر ادا شناس مزاج نبوت به ضرور هُئا چوڻ لڳا” توهان هڪ شريف ڀاءُ آهيو! اسانکي اوهان کان سُٺي سلوڪ ج توقع رکڻ گهرجي“ پر اهو ڪير چئي ٿي سگهيو ته هنده کي ڇڏيو ويندو جنهن سندن ص پياري چاچي جو ڪليجو چٻاڙي ڦٽي ڪيو هو، ۽ ڪنهن کي توقٿ هُئي ته پاڻ ص پهنجي چاچي جو گلو ڪٽڻ وري وحشيءَ جي جان بخشي ڪري وٺندا. ۽ اهو ڪير ٿي خيال ڪري سگهيو ته پاڻ ان (هبار) کي معاف ڪري ڇڏيندا جنهن جي نيزي جي ضرب سان سندن ص ڌيءَ حمل جي حالت ۾ شهيد ڪئي وئي هُئي، الله! الله! قابو پائي ڇڏڻ!، اقتدار وٺي دُشمنن کي نوازڻ! هر ڪنهن جو ڪم ناهي، هي اهو ڪم آهي جيڪو نه موسي ع ڪيو ! نه ئي سڪندرو نوشيروان کان ٿي سگهيو، پاڻ پنهنجي دُشمنن سان اهوئي سلوڪ ڪيو جيڪو مصر ۾ حضرت يوسف عليه السلام پنهنجي ڀائرن سان ڪيو. فرمايائون ” وڃو! اي ماڻهئو! توهان تي ڪوالزام ناهي! توهان سڀئي آزاد آهيو!“ پوءِ پاڻ ڪعبي جي بُتن کي ڏسي هي آيت پڙهيـ جاءَ الحق و زحق الباطل ان الباطل ڪان زهوقا“ (يعني حق اچي ويو ۽ باطل مٽجي ويو. بيشڪ باطل گهڻو (اڪثريت) ئي ٿيندو آهي) پوءِ پاڻ هي خطبو ڏنائون” اي ماڻهئو! الله هڪ آهي اهوئي عبادت جي لائق آهي ۽ ان جو ڪو به شريڪ ناهي. اسان سڀئي هڪ ئي پيءُ حضرت آدم عليه اسلام جا پُٽ آهيون. ۽ هڪ الله جل شانهُ جا ٻانها. ۽ حضرت آدم عليه اسلام مٽيءَ مان پئدا ٿيو آهي. ڪن کولي ٻُڌي وٺو ته عربيءَ کي عجميءَ تي ۽ نه ئي عجميءَ کي عربيءَ تي فخر ۽ امتياز آهي. تمام نسلي امتياز ۽ قومي گهٽتاين ۽ واڌاين کي اڄ الله تعالي جل شانهُ مليا ميٽ ڪري ڇڏيو. هن جي بارگاه ۾ نه ڪو آقا آهي ۽ نه ئي ڪو غلام. اسان سڀ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا ڀائر آهيون. ۽ زندگيءَ جو ساه کڻڻ لاءِ الله ڳ جي سلطنت ۾ هڪ ئي درجو رکون ٿا. اسان مان ڪنهن کي به اهو حق حاصل ناهي ته الله جي ٻانهن تي حڪم هلائي. حاڪميت صرف الله ج جي ئي لائق آهي ۽ ان جي ويجهو اُهي ئي ماڻهون معزز ۽ مڪرم آهن جيڪي متقي ۽ پرهيزگار آهن“ (باقي اڳيان).
    [​IMG]



     
  19. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جناب رسالت مآب صلي الله عليه وسلم هڪ حمله آور جي حيثيت ۾ ڪڏنهن به جنگ و جدل نه ڪئي هُئي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    يورپيئن مورخين لکن ٿا ته مُحمد صلي الله عليه وسلم، قريش ۽ ٻين عرب قبائلن، يهودي ۽ نصارن سان جيڪي لڙايون لڙيون هُيون اُهي حُصول فتح، استيصالِ مُخالفت ۽ زبردستي مسلمان بنائڻ جي غرض سان هُيون. پاڻ هڪ هٿ ۾ قرآن ۽ ٻئي هٿ ۾ تلوار کڻي ماڻهن کان پنهنجي رسالت جبرن مڃائي هُئي (نعوذ بالله). پر حقيقت هي آهي ته جناب رسالت مآب صلي الله عليه وسلم هڪ حمله آور جي حيثيت ۾ ڪڏنهن به جنگ و جدل نه ڪئي هُئي، نه اسلام
    جي معاملي ۾ ڪنهن به طرح جو جبر ۽ ڏاڍ کان ڪم ورتو هو. پاڻ جيڪي به لڙايو وڙهيون آهي دفاعي هُيون، انتقامي هرگز نه. ڪفار مڪه ، مسلمانن جي خلاف مديني ۾ ٽي جنگيون ڪيون پهرين جنگ بدر، پوءِ جنگ اُحد، ۽ ٽي جنگ احزاب. پاڻ ص ۽ ڪفار جي وچ ۾ صرف اهي ٽي جنگيون ٿيون جن ۾ پاڻ ص به شريڪ هُئا. هي ٽئي جنگيون نه ته ان غرض سان وڙيون ويون هُيون ته مُسلمانن جا اُهي حق جيڪي خطري ۾ هُئا انهن کي قائم ڪيو وڃي ۽ نه ئي اهومقصد هو ته انهن جي نقصانن جي تلافي ڪئي وڃي جيڪي ڪُفار مڪه جي هٿان پاڻ ص کي ۽ اصحاب ر سڳورن کي رسيا. ان جو مقصد صرف ۽ صرف اهو هو جيڪومٿي بيان ڪري آيا آهيون يعني دفاع. جيئن ته اسان ڪفار مڪه طرفان ڪيل ظلمن کي واضه ڪري ڇُڪا آهيون، ان کي سامهون رکي هي تسليم ڪرڻو پوندو ته جي انهن حالتن ۾ هٿ پير نه هلائجن ها، ته پاڻ ص پنهنجي فرض ۾ جيڪو الله ج طرفان مليو ڪوتاهي ڪرڻ سڏجي ها. ان وقت پاڻ ص جو اهو فرص هو ته مسلمانن جي هلاک ٿيڻ بچائجي. تنهنڪري پاڻ ص اهو فرض ادا ڪيو ۽ ائين ئي ڪرڻ گهربو هو. ته ڇا پنهنجي حفاظت ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ ۽ خاص طرح جڏنهن جان تي اچي پوي ته ڪو شش نه وٺڻ ضحيح هُجي ها. بچاءَ جي حتيالمقدور ڪوشش ڪرڻ لاءِ دُنيا جو اهو ڪهڙو قانون آهي جيڪو اجازت نٿو ڏي. اهو ڪهڙو شخص آهي جيڪو انهن حالتن ۾ پنهنجي ۽ ساٿين جي جان بچائڻ لاِ هٿ پير نٿو هڻي؟ حفاظت ۽ مدافعت هڪ قدرتي امر آهي، وڏي کان وڏي انسان کان وٺي ننڍي کان ننڍي ڪيڙي ماڪوڙي تائين مصابت ۾ اچڻ وقت پنهنجي حفاظت ۽ مدافعت جي ڪوشش ٿئي ٿي. ڪن سيرت نگارن به سندن جنگين شمار ڪرڻ ۾ غلطي ڪئي آهي تنهنڪري ابن سعد ڪاتب الواقديءَ سندن لڙاين جي تعداد جنهن ۾ پاڻ به شامل هُئا 27 ٻُڌايون آهن. (قسطلاني جلد6، صفحه 386). ابن اسحاق به اهو ئي تعداد لکيو آهي پر اُهي جنگيون جن ۾ پاڻ شريڪ نه ٿيا هُئا پر اهڙن سپه سالارن جي ماتحت ٿيون هُيون انهن جو تعداد 38 لکيو آهي ۽ ابن سعد 74، بيان ڪيون آهن (ابن هشام صفحه 972). الو يعلي رح حضرت جابر رضيه کان روايت ڪري ٿو ته ان ۾ 21 لڙيون شمار ڪيون آهن مگر زيد بن ارقم جيڪو سڀني کان وڌيڪ معتبر راوي آهي ، جنگين جو تعداد 19 لکي ٿو ۽ هي پاڻ به انهن ۾ شامل هو. مختصرا” هي ته محدثين ۽ مورخين جيڪي جنگين جا نالا ۽ احوال لکيا آهن انهن ۾ نه ته ڪو عقلي تنقيد جو باقائده لحاظ رکيو آهي ۽ نه ئي اصول روايت جي پابندي ڪئي آهي. جنهن تي ڪنهن روايت جي شادت کي پرکي سگهجي. هنن ماڻهن تمام مهمن کي بس درج ڪري ڇڏيون اهڙيون به جن جي ڪا به معتبر شادت نٿي ملي. انهن ۾ بعض ته بلڪل بي بنياد آهن ۽ ڪن کي ته جنگي مهمو به لکي ڇڏيو آهي. اهائي اُها غلطي آهي جنهن کي متعصب يورپي مورخين حوالا ڏئي اهڙن سڀني اُمورن کي جن کي جنگ سان واسطو به ناهي (غزوات و ستايا ۽ بعبوث) قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن ماڻهن (1) پاڻ ص جو دوستانه عهد نامون ترتيب ڏيڻ لاءِ وڪيلن کي موڪلڻ، (2) تبليغ اسلام جي دعوت لاِ روانگين، (3) ملڪن جي سردارن وٽ اسلامي سفيرن کي موڪلڻ، (4) واپاري جهيڙن، (5) حجاج جي قافلي، (6) قزاقن جي جماعت کي منتشر يا تنبيج ڪرڻ، (7) دشمن جي حرڪتن جي نگهداشت لاءِ مُجاهد اسلام کي موڪلڻ، (مخبرين کي خبرون آڻن لاِ مولڻ کي، (9) دشمنن سان وڙهڻ يا انهن کي روڪڻ لاِ فوج کي رواني ڪرڻ جي تياري يا وٺي وڃڻ. ثرض انهن تمام اُمورن کي يورپ جي بد بخت مورخين غزوات وغيره جي طور تي ورتو آهي.جنهن جي معني انهن جي نزديڪ لُٽ مار جون مهمون (لڙايون) هُيون. يورپ ۽ عرب جي مورخين ٻنهين پاڻ ص جي مهمات جو تعداد 147 سمار ڪيو آهي جيڪو هرگز دُرست ناهي. در حقيقت مهمن جو جيڪو تعداد بيان ٿيو آهي يعني 27، 19، 21 يا 17، انهن ۾ 8، 9 ته واقعي اهڙيون آهن جن ۾ جنگ ٿي هُئي. باقين جي ڪا سند نٿي ملي. اُهي 9 جنگيون هُيون (ا) جنگ بدر، (2) جنگ اُحد، (3) مريسيع، (4) قريظه، (5) حنين، (6) طائف، (7) احزاب، (8) خيبر، (9) مڪه. انهن ۾ بني مصطلق سان مريسيع جي جڳه تي ٿيندڙ جنگ جي ڪا معتبر شهادت نٿي ملي. بني قريضه سان ٿيندڙ ويڙه جي به ڪا سند ناهي، انهن جو سلسلو صرف جنگ احزاب سان هو. ان ڪري هن ن کي علحده جنگ تصور نه ڪئي وڃي. مڪه ۾ ڪابه جنگ ناهي ٿي، رهي ڳاله طائف جي ته اها به مثل اوطاس جي جنگ حنين جو هڪ جُز هُئي. جيڪي ماڻهو لڙائيِ مان فرار ڪيا وي هُئا انهن کي پڪڙڻ لاءِ محصره ڪيو ويو هو، جيڪو بعد ۾ کنيو ويو هو. اهڙيءَ طرح ڪُل 5 جنگيو ٿين ٿيون. جنهن ۾ شق و شعبي جي ڪا به گُنجائش ناهي. پر هي لڙايون يا مهمون به في الواقع جنگ جي نالي سان ياد ڪرڻ جون مستحق ناهن. در حقيقت هي دفاعي قدم هُئا ها هنن کي معمولي جنگ يا معمولي منقشه چئي سگهجي ٿو. جنگ بدر ۾ ڪفار مڪه جو جاني نقصان 49، اُحد ۾ 20، احزاب ۾ 3، خيبر ۾ 93، ۽ حنين ۾ به 93 ٿيو هو. مسلمانن جو نقصان بلترتيب 14، 74، 5، 19 ۽ 17 ٿيو هو. هنن سبني مهمن ۾ مسلمانن جو ٽوٽل جاني نقصان 139 ۽ دُشمنن ڪُفار جو 258 ٿيو هو.
    [​IMG]



     
  20. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پاڻ صلي الله عليه وسلم ڪڏنهن به مشرڪين ۽ ڪُفار کان جزيه وٺڻ لاءِ اهي جنگيون نه لڙند هُئا
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    اسان جي نزديڪ ڪافرن جي موت جو ۽ مسلمنن جي جانن جو ڪُل ٻُڌايل نقصان ته انهن سڀني مهنن ۾ مسلمان 129 ۽ ڪفار 258 ٿيا اهو به شقي آهي لحاذا موخرين کي ان تعليم جي تشهير ڪرڻ ۾ به ٿورِو احتياط کان ڪم وٺڻ گهُرجي. باقي سُال رهيو ته ڇا مُسلمانن هي مهمون غير مُسلمانن کان جزيه حاصل ڪرڻ جي خاطر لڙيون؟ واقعه هي آهي ته پاڻ صلي الله عليه وسلم ڪڏنهن به مشرڪين ۽ ڪُفار کان جزيه وٺڻ لاءِ اهي جنگيون نه لڙند هُئا. جي جن
    گين جو صاقعي اهوئي مقصد هوجي ها ته جنگ جي حالت ۾ انهن کي اجازت ئي نن هُجي ها ته پاڻ ص جو وعظ اچي ٻُڌن. ۽ پوءِ وڃي پنهنجي امن جي جڳهين تي واپس ورن. جزيه صرف انهن غير مسلمانن تي عائد هوندو هو جيڪي سندن ص جي پناه ۾ ايندا هُئا. ليڪن پوءِ به اُهي محصل صدقات و زڪوات، جيڪي مسلمانن کي اسلامي جهموريت جي مصرف لاِ ادا ڪرڻا پوندا هُئا انهن کان هرگز نه ورتا ويندا هُئا. قرآن حڪيم ۾ مذڪوره جنگين جو غرض ۽ غايت به اهو ثابت ٿي ڪري ته جنگ حفاظت، خود اختياري جي ڪري صلح ۽ امن ۽ م،ذهب جي آزاديءَ کي قائم رکڻ ۽ فتنه فساد ۽ ايذا رسانيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ مجبورن تجويز ٿيل آهي. يعني مُسلمان ڪافرن جي ظلم و ستم کان پناه وٺن ۽ دين اسلام، ان مزهبي مزاحمت ۽ زبردستيءَ کان آزاد ٿي وڃن، جيڪي مُسلمانن کي ٻيهر بُت پرستيءَ طرف موڙڻ لاءِ مشرڪ ۽ ڪافرن جي طرفان عمل ۾ آند ٿي وڃي. قرآن ڪريم پاڻ ص جي دعوت حق تي هيئن روشني وجهي ٿو. (1)” ادع الي سبيل ربڪ بالحڪمه” و الموعظه و جادلهم با التي هي احسن (سوره نحل ع 1416 (توهان انهن کي الله جي رستي طرف حڪمت جي ڳالهين ۽ عمده نصيحتن جي ذريعي آڻيو ۽ انهن سان اهڙيءَ طرح بحث ڪيو جيڪو تمام وڻندڙ هُجي). (2) لا اڪره في الدين. (دين جي معاملي ۾ ڪا به زبردستي ۽ جبر ناهي) (3) و ان احد من المشرڪين استجارڪ فاجره حتي يسع ڪلام الله ثم ابلعهُ ما منهُ ذالڪ بانهم قوم لا يعلمون، ( اگر ڪومُشرڪ توهان ان پناه گهري ته پناه ڏيو، ايستائين جو هو الله جو ڪلام ٻُڌي۽ پوءِ کيس پنهنجي جاءِ امن تائين پُهچايو. هي رعايت ان لاءِ آهي ته ماڻهون سچائيءَ کي نٿا ڄاڻن) مُسلمانن چي چيو ويو ته ؟ لا تُفسدو في الاض بعد اصلاحها ذالڪم خير لڪم ان ڪنتم مومنين“ (توهان دُنيا ۾ (انتظام کان پوءِ) فساد نه ڦهلايو. هي توهان لاءِ بهتر آهي اگر توهان ايمان وارا آهيو). “ الفتنه اشد من القتل“( فتنو ۽ فساد ڪشت خون کان به وڌيڪ سخت آهي)، ”ولا تعتدوا ان الله لا يحب المعتدين“ (۽ توهان زيادتي نه ڪريو. الله زيادتي ڪرڻ واري کي پسند نٿو ڪري) جز اسيئهـ مثلها فمن عفا و اصلح فاجره علي الله انهُ لا يحب الظالمين“( برائيءَ جو بدلو ٺيڪ اهڙي ئي بُرائي آهي. ليڪن جيڪو شخص معاف ڪري ڇڏي ۽ صلح ڪري ته ان جو صلو اللج جي ذمي آهي. بيشڪ الله زيادتي ڪرڻ واري کي پسند نٿو ڪري)، فتح مڪي کان پوءِ عرب جا ٻيا به قبيلا اسلام جي حڪمن ڀرف متوجه ٿيا ۽ نبي ص جي خدمت ۾ حاضر ٿي تبادله خيال ڪرڻ کان پوءِ دل مطمعن ڪري اسلام قبول ڪندا رهيا. (باقي آئينده) جزاڪ الله
    [​IMG]



     

هن صفحي کي مشهور ڪريو