1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

محبوبِ مصطفي صلي الله عليه وسلم

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,722
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    رسول الله صلي الله عليه وسلم ، اسلام جي تبليغ مُسلمانن تي واجب ڪري ڇڏي، تنهنڪري اُهي ماڻهون (اصحاب) سڏيا ويا
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    رسول الله صلي الله عليه وسلم ، اسلام جي تبليغ مُسلمانن تي واجب ڪري ڇڏي، تنهنڪري اُهي ماڻهون (اصحاب) سڏيا ويا جيڪي مُختف قومن ۽ قبيلن ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ موڪليا ويا. رسول ص جن پاڻ به تمام بادشاهن ڏي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت موڪلي. مثال شهنشاه روم، شهنشاه ايران، شاه حبش، شاه مصر، حاڪم دمشق، امير الهوز، شهزادگان عمان، حاڪم بحرين، روسائي يمن، اُمرائي حضرت موت، بادشاهانِ غسان شام، شاه يمامه، امير بصري.
    انهن مان گهڻن ئي بادشاهن اسلام قبول ڪري ورتو هو. مگر جن انڪار ڪيو اُتي ايترو ضرور ٿيو جو اسلان جو گهر گهر چرچو ٿيندو رهيو ۽ پوءِ اُتي به اسلام ڇائنجي ويو. مختصرن اسلام پنهنجي رعناين ۽ خوبين سان تمام جلد ترقي ڪري اسلام جي روشنين کي بادشاهن جي محلن، غريبن جي جهوپڙين يڪسان جگمگائجي ويو. ذوالقعد 10 هجري ۾ مُحمد صلي الله عليه وسلم مديني کان مڪي حج ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا ساڻن گڏ هڪ لک 14 هزار مُسلمان هُئا هي حج پاڻ صلي الله عليه وسلم جن جو آخري حج هو، هن موقعي تي پاڻ ارشاد فرمايائون ” اي ماڻهئو! مونکي توهان کي جيڪو ڪُجه چوڻو آهي غور سان ٻُڌو، شايد اڳئين سال ان جو موقعو نه ملي، ڏسو جيئن توهان اڄ جي ڏينهن، مهني ۽ هن شهر جي عزت ڪيرو ٿا اهڙِيءَ ڀرح توهان جي جان، توهانجو مال هڪ ٻئي تي حرام آهي، جاهليت جا سڀئي دستور اڄ مليا ميٽ ڪيا ويا آهن، جاهليت جي زماني جي رسم ُسود به اڄ کان پوءِ ختم ڪئي وئي آهي پاڻي قتلن جا بدلا به ختم ڪيا ويا آهن. اي ماڻهئو! عورتون توهان جي هٿن ۾ نيوس آهن، توهان انهن کي الله جي ضمانت تي حاصل ڪيو آهي لهاذا انهن جي معاملن ۾ الله کا ڊڄندا رهجو. انهن سان نرمي ۽ هربانيءَ سان پيش اچجو، ۽ ڏسو غلامن سان سُٺو سلوڪ روا رکو، جيڪي پاڻ کائو انهن کي به کارايو. جيڪي پاڻ پايو انهن کي به پارايو، جي انهن کان ڪا غلطي ٿئي ته انهن کي معاف ڪري ڇڏجو، اي ماڻهئو! توهان سڀني جوخالق ۽ مالڪ هڪڙو ئي آهي، توهان سڀئي هڪ ئي پيءُ جو اولاد آهيو، توهان مان گهڻو معزز ۽ مڪرم اهوئي آهي جيڪو گهڻو متقي ۽ پرهيزگار آهي ۽ نه عربي کي عجميءَ تي نه عجميءَ کي عربيءَ تي ڪو امتياز آهي“ اليوم اڪملت لڪم دينڪم و اتممت عليڪم نعمتي و رديتُ لڪم الاسلام دينا“ اڄ اسان توهان لاءِ دين کي مڪمل ڪيو ۽ توهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ڇڏي ۽ توهان لاءِ دين اسلام کي پسند ڪيو).
    [​IMG]



     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,722
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نبين ع جي وسيلي هڪ ئي قسم جي تعليم ڏني جيڪا فقط توحيد پريستيءَ جي گرد گهُمي ٿي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    حضرت آدم عليه السلام کان مُحمد مصطفي! صلي الله عليه وسلم تائين الله ج پنهنجن ٻانهن کي نبين ع جي وسيلي هڪ ئي قسم جي تعليم ڏني جيڪا فقط توحيد پريستيءَ جي گرد گهُمي ٿي. گوٽفريڊ سيموئن هڪ يورپين مورخ لکي ٿو ته اسلام ۾ اگرچه معجزات ناهن پر هڪ تمام ٿورڙي عرصي ۾ اسلام جو ڦهلجڻ يقينن هڪ معجزه آهي ۽ اسلام جي اها معجزي نما حيرت انگيز ترقي آهي ان جي صداقت ۽ منزل من الله ج ٿيڻ جو دليل به. قرآن حڪيم ، حضرت موس
    ي!عليه اسلام وانگر پٿر جي تختين تي لکيل نازل ته نه ٿيو هو ۽ نه ان ئي ان ڳاله جي ضرورت پئي ٿي ته نوٽ نه ڪرڻ جي صورت ۾ تلف ٿيڻ جو ڪو خوف هو ۽ نه ئي مُحمد ص جي صحابين کي هن جي ٻي ڪاپي پٿر جي تختن تي کرچڻ جي نوبت آئي. قرآن حڪيم جو نازل ٿيڻ جي نسبت ڪا به امر عجائب سان علوي نه هُئي . ڇاڪاڻ ته مُحمد صلي الله عليه وسلم جي دل سينا جو جبل هو ۽ مُسلمانن جون دليون پٿر جو پٽيون (لوح) هُيون. اسانجي ويجهو اهوئي هڪ سبب آهي جنهن سان الله ج جو ڪلام ۽ الله ج جي رسول ص جي سيرت ٻئي ائين جو ائين محفوظ آهن. جنهن ۾ ڪک جو به تفاوت نه ٿيو. رهي ڳاله مُحمد ص جي جسم خاڪي جي باب جي، ته جيستائين فريضه نبوت مڪمل ۽ ڪمال پايه تڪميل تائين نه رسيو هو، پاڻ هن دُنيا ۾ آخري رَسول جي حيثيت ۾ حيات رهيا ۽ جڏنهن فريضه الاهي ادا ٿي ويو ته پاڻ 63 سالن جي ڄُمار ۾ الله ج جي بارگاه ۾ واپس سڏايا ويا. جناب مُحمد ص پنهنجي وفات جي ٽن ڏينهن کان پوءِ لحد(قبر) ۾ لاٿا ويا، کين اُتي ئي سندن ص جي حُجري ۾ دفن ڪيو ويو جتي پاڻ ص پنهنجي جان يعني الله ج جي امانت کي الله ج جي سُپرد ڪيو. اصحابن سڳورن کين ٻي هنڌ کڻي دفن ڪرڻ پئي چاهيو پر حضرت ابوبڪر صديق رصي الله تعالي عنهه جڏنهن قول مُحمد ص دُهرايو ته ”نبي ع اُتي دفن ڪيا ويندا آهن جتي سندن وفات ٿيندي آهي“ تنهنڪري حُجري کي ئي سندن آخري مقام آرام بڻايو ويو. وفات رسول ص جو صدمون هر مُسلمان جي دل تي هو پر حضرت عُمر رضي الله تعالي عنهُ ته غم مُهمد ص ۾ تلوار مياڻ مان ڪڍي اُٿي چوڻ لڳا ته” جيڪو شخص هاڻ چوندو ته مُحمد صلي الله عليه وسلم جن وفات پائي ويا آهن ته مان ان جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيندس“ جنهن تي جناب ابوبڪر رضيه جن کي الله ج تمام گهڻو صبر ۽ استقامت عطا ڪئي، اصحابن سڳورن جي هن حالت کي ڏٺو ته فرمايائون ر ”اي ماڻهئو! جيڪو به شخص مُحمد ص جي عبادت ڪندو هو ته ان کي خبر رکڻ گهرجي ته مُحمد ص اڄ هن دُنيا مان رحلت ڪري ويا آهن ۽ جيڪو شخص هڪ الله ج جي عبادت ڪندو آهي ۽ جنهن جي عبادت جو درس مُحمد ص کڻي آيا هُئا ته اهو الله ج زنده آهي ۽ زنده رهندو“ ۽ پوءِ جناب ابوبڪر صديق رضيه جن هي آيت پڙهي ” وما محمد الا رسول قد خلت من قبل الرسل فان مات او قتل النقلبتُم علي اعقابڪم ومن ينقلب علي! عقبيه فلن يفرالله شا و سيجزي الله الشاڪرين“ (مُحمد ص الله جو رسول ئي ته آهي، ان کان پهرين به ٻيا گهڻا ئي رسول گُذري چُڪا ته ڇا جي اُهي وفات ڪري وڃ يا قتل ٿي وڃن ته ڃا توهان اُبتي پيرن، اسلام کان ئي ڦري ويندئو! ۽ جيڪو شخص اُبتي پيرن واپس ٿيندو اهو الله ج جو ڪُجه به بگاڙي نه سگهندو ۽ الله جلد ئي شڪر ڪرڻ وارن کي جزا ڏيندو). رسول ص جي نماز جنازه مُتعلق ٻ حديثون آهن. (1) ڪنهن به نماز جنازه نه پڙهي، نه ڪنهن پڙهائي، صرف درود سلام پڙهيا ويا. (2) نماز جنازه ٿي ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضيه جن پڙهائي. ته اها اُمت مُحمد ص، جيڪا پنهنجا ماءُ پيءُ تائين مُحمد ص جي ذات مُبارڪ تي قربان ڪرڻ کان نه ٿي قيٻائيا، اُها اُمت جيڪا پنهنجي جان به وڃائي پاڻ سڳورن ص تي ڪو ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏيند هُئي، ڀلا انهن ۾ اها جسارت ڪيئن ٿِي ٿي سگهي ته، ۽ ڪنهن ۾ ڪيترو حوصلو هو ته، ائين ئي هن ص جي امام هوندي امامت ڪري ها. شايد انهن کي هنن نازڪ لمحن ۾ هوش به نه هو ته هو پاڻ مان ڪنهن کي امام ٺاهين. پاڻ ص جي نمازه جنازه پهرين مردن، مگر گڏ نه پر جماعتن جي صورت ۾ ادا ڪئي، چو جو سند ص جي حجره ۾ 15 يا 20 کان وڌيڪ ماڻهن جي بيهڻ جي جڳه هُئي. ۽ مردن مان به سڀني کان پهرين سندن گهر جي فردن پڙهي، پوءَ مڪي مان هجرت ڪري اچڻ وارن ۽ مديني جي انصارين ۽ پوِءِ عام مُسسلمانن. اُن کان پوءِ عورتن ۽ ٻارن. اهڙيءَ طرح نمازه جنازه جو اهو سلسلو 3 ڏينهن جاري رهيو. (نوٽ. اسان هي تمام تفصيل علامه ابن ڪثير، جي ڪتاب (قصصُ الانبيآ) مان سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪري پيش ڪيا آهن. پر جيئن ته علامه ابن ڪثير هن ڪتاب ۾ حضور ص جو ذڪر ڪونه ڪيو هو، ته هن ڪتاب جي ناشر (زاويه پبلشر دربار مارڪيٽ لاهور) هن ۾ اضافو ڪيو ۽ مُحمد ص جن جو باب( احمد مصطفي صديقيءَ) تحرير ڪيو آهي. جيئن ته اسان قصصُ الانبياءُ عليه جو صحيح ۽ حقيقت تي مُبني انٽرنيٽ ڪتاب يا پي ڊي ايف فائل سنڌي زبان ۾ لکڻ ۽ ڇاپڻ چاهيون ٿا، ته اسان تمام عالم اسلام مڪتبه فڪر جي عالمن کي بل عُموم ۽ مڪتب فڪر اهلحديث جماعت کي بلخُصوص (جن جا حوالا صرف قرآن و حديث هوندا آهن) عرض ڪنداسون ته پنهنجا اختلافي نوٽ قرآن و حديث جي حوالن سان ضرور ڏين ته جيئن مُتفقه عليه ۽ هڪ جامع ۽ سچي اسلامي انفارميشن نئي ايندڙ نسل لاِ محفوظ ڪري سگهجي.(والله اعلم بثواب) پنهنجا اختلافي نوٽ، جهول ۽ حوالن سان صرور لکو ۽ هن نيڪ ڪم ۾ اسان جا ٻانه ٻيلي ٿي ثواب دارين حاصل ڪريو.
    [​IMG]
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,722
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن چچين (ڇپڪلي) کي مارڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ فرمايو ته ” ابراهيم ع تي (باه کي مچائڻ لاءِ) ڦوڪون هڻنديون هُيون
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    امام بخاري ر ۽ ام شريڪ ر کان روايت آهي ته نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن چچين (ڇپڪلي) کي مارڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ فرمايو ته ” ابراهيم ع تي (باه کي مچائڻ لاءِ) ڦوڪون هڻنديون هُيون. نافع ر ٻڌائين ٿا ته بيبي عائشه صديقه رضيه الله عنها چچيون مارينديون هُيون، اما احمد چوي ٿو ته هڪ عورت ( آزاد ڪيل ٻانهي فاڪه بن مغيره )عا.شه ر جي گهر آئي ۽ ڏٺو ته هڪ نيزو ٽنگيل ڏٺو، عورت ان جو سبب پڇيو ته پاڻ ر جواب ڏنائون
    ته ان سان پپيون ماريندي ر آهيان پوءِ پاڻ ان عورت سان نبي ص جي هي حديث بيان ڪئي ته” جڏنهن حضرت ابراهيم ع کي باه ۾ وڌو ويو ته زمين جي سڀني ڪيڙن موڪوڙن، حيوانن (حشرات الارض) ۽ جانور باه اجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا سوا چچيءِ جي، هي ابراهيم ع جي باه کي ڦوڪون هڻندي هُئي. حضرت ابراهيم ع جو هڪ شخص سان جيڪو عظمت ۽ ڪبيري؟ي جي چادر الله ج کان ڇنڻ چاهيندو هو سان مناظرو به ٿيو هو حالانڪه هو به ٻين ٻانهن جيان هڪ بيوس بندو هو. الم تراني الزي حاج ابراهم... لا يهدي اقوم الظلمين. (سوره بقره) ڇا تو نه ڏٺو ان کي جنهن جهڳڙو ڪيو ابراهيم سان ان جي رب جي باري ۾....اللج ج هدايت ڏي ٿو ظالم قوم کي) مفسرين چون ٿا ته نمرود بابل جو بادشاه هو، تمام گهنو ظالم ۽ ڪوڙو ۽ ان جو نالو هو ” نمرود بن ڪنعان بن ڪوش بن سام بن نوح ع“ ڪي چون ٿا ته هن جو نالو هو نمرود بن فالح بن عابر، بن صالح بن ارفشند بن سام بن نوح ع). نمرود دُنيا جي چئن بادشاهن مان هڪ هو، جن ان وقت پوري دُنيا تي بادشاهي ڪئي، هنن مان ٻه بادشاه مسلمان (حصرت ذوالقرنين ۽ حضرت سليمان ع) ۽ ٻه ڪافر هُئا ( نمرود ۽ بخت نصر) . نمرود 400 سال حڪومت ڪئي. ”ربي الذي يحي و يميت قال انا احي و اميت (سوره البقره) (مُهنجو رب اهو آهي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ” ته هن چيو“ مان به جياريان ٿو ۽ ماريان ٿو). مقصد جڏنهن مون وٽ فيصلي لاءِ ماڻهو اچن ٿا ته مان هڪ کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏيان ٿو ته ٻئي کي آزاد ڪرڻ جو. (باقي اڳيان)
    [​IMG]



     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,722
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سُبحان الله ! پنهنجي نبي سائين صلي الله عليهه وسلم جن جي زندگيءَ بابت پڙهي رمضان مُبارڪ ۾ شرف ثواب گحاصل ڪريو.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,722
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسان انبياءِ ع جي سلسلي ۾ قرآن . حديث، روايت، قولن ، تهذيبن جي اڀياس ڪري ، توريت، زبور، انجيل ۽ اسرائيلي رواينتن ۾ آيل قصن کي حضرت آدم عليه الصلات وسلام کان وٺي، تمام نبين عليهما وسلام ۽ آخر ۾ حضرت مُحمد صلي الله عليه تائين لکيو آهي. ڪو مواد توهان کي مُهنجي فيسبوڪ جي نُوٽس ۾ ملندو. اُميد ته پنهنجي دُعا ۽ راءِ کان آگاه ڪرڻ ۾ ڪنجوس پائي نه ڪندا مُهنجي ڏينهن رات جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ ريسرچ ۽ محنت سان تحرير ڪيل ڪاوش تي فيس بوڪ يا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي وڃي هر پيش ڪيل نوٽ يا ڦوٽو (منظر ڪشي) تي گهڻي ۾ گهڻا ڪامينٽس ڏيندا ته اڳتي هلي انهيءَ جوش جذبي سان ٻيو ڪو سنڌي ٽيڪٽ لکي سگهان.
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,722
    ورتل پسنديدگيون:
    4,272
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هي دُنيا ، عرب و مصر، قرآن و حديث ۽ تاريخي ۽ مستند سَندُن سان ۽ حوالن سان چيل ڳالهيون آهن. جيڪي گڏوگڏ ڏنل آهن . جي ڪنهن حصي ۾ توهان کي جهول نظر اچي ٿو ، ته زباني نه پر اهو جهول واضح حوالن سان لکو ۽ انهن جي وضاحت کي به مستند مڃيل ڪتابن ۽ حوالن سان واضح ڪريو ته اڀاس ڪري تاريخ جي سچ ۽ حقيقتن کي نئين سر جوڙ جُڪ ڪري سگهجي . (والله اعلم بثواب) هر ڪنهن کي کُلي دعوت آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو