1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

قصو حضرت عيسا بن مريم بنت عمران عليه اسلام

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    الله ج سوره آل عمران جي شروعاتي 83 آيتن ۾ نصارن جي دعوائن جو رد پيش ڪيو اهي جن جو عقيده آهي ته حضرت عيسي عليه اسلام الله جو پُٽ آهي (نعوذ با الله)
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    الله ج سوره آل عمران جي شروعاتي 83 آيتن ۾ نصارن جي دعوائن جو رد پيش ڪيو اهي جن جو عقيده آهي ته حضرت عيسي عليه اسلام الله جو پُٽ آهي (نعوذ با الله) حالانه الله ج اهڙين بيهوده ڳالهين کان پاڪ آهي. جڏنهن وفد نجران بارگاه نبي ص جن جي وٽ حاضر ٿيو هو ۽ نبي سائين ص جن سان مُباحثو ڪري چيو هو ته اسان ”تثليث في الاقانيم“ جو عقيده رکون ٿا ۽ انهن اها دعوي! ڪئي هُئي ته الله ج 3 مان 3 آهي (نعوذ با الله) يعني ذا
    ت مقدسه، حضرت عيسي! ع ۽ حضرت مريم رضيه. انهن جي مختلف فرقن جو به انهن جي 3 خدائن باري ۾ اختلاف آهي. يعني روح القدس کي ٽيو ّخُدا مڃن ٿا. الله ج انهن جي جواب ۾ ” سوره آل عمران“ جي شروعاتي 83 آيتن ۾ وضاح ڪئي ته ” حضرت عيسي! ابن مريم ع الله جي ٻانهن مان هڪ ٻانهون آهن، انهن کي به الله ج ماءُ جي پيٽ ۾ شڪل و صورت ڏئي پئدا ڪيو، اهڙِيءَ ئي طرح جيئن ٻيا ٻانهان پئدا ڪيائين، ۽ جهڙيءَ طرح حضرت آدم عليه اسلام جي تخليق ماءُ پيءُ کان سواءِ ڪيائين ج اهڙيءَ ئي طرح عيسي! ع جي تخليق بغير والد جي ڪيائين ج . هنن آيتن ۾ حصرت مريم جي ولادت، ان جي مُتعلق پيش ايندڙ واقعن ۽ حصرت عيسي! ع سان پيٽ ٿيڻ جو تفصيل سان ذڪر ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح اهو واقعو (سوره مريم) ۾ به ذڪر ٿيل آهي. قرآن پاڪ ۾ الله ج فرمائين ٿا ته ” ان الله اصطفي ادم و نوحا..... من يشاءَ بغير حساب (سوره آل غمران) ” بيشڪ الله ج چونڊيو آدم ۽ نوح ۽ ابراهيم جي گهراڻن کي ۽ عمران جي گهراڻي کي، سڄي جهان وارن مان. هي هڪ نسل آهي، ڪي انهن مان ڪن جو اولاد آهن ۽ الله سڀ ڪُجه ٻُڌڻ وارو آهي، جڏنهن چيو عمران جي زال ته اي مُهنجا رب مان نذر ٿي مڃان تُهنجي لاءِ ته جيڪو به مُهنجي پيٽ ۾ آهي (سڀني ڪمن مان) آزاد جي سو قبول فرماءِ (هي نذرانو) مون مان بيشڪ تون آهين (دُعائون) ٻُڌڻ وارو، (نيتن کي) ڄاڻڻ وارو ۽ پوءَ جڏنهن اُن ڄڻيو اُن کي، چوڻ لڳي، ايالله! مون جنم ڏنو آهي هڪ ڇوڪريءَ کي ۽ الله ته خوب ڄاڻندڙ آهي جيڪو هن ڄڻيو، ۽ نه هو ڇوڪرو (جنهن جو هو سوال ڪندي هُئي) پر جهڙوڪ ڇوڪريءَ جي ۽ (ماءُ چيو) مون نالو رکيو آهي ان جو مريم ۽ مان تنهجي پناه ۾ ٿي ڏيان ان کي ۽ ان جي اولاد کي شطان مردود (جي شر کان) کان پوءِ تو قبول فرمايو ان کي رب تمام سُٺي قبوليت سان ۽ پروان چڙهايو ان کي، سُٺو پروان چڙهائڻ ۽ نگران مقرر ڪري ڇڏڻ ان جو زڪريا کي ته جڏنهن به ويندو هو مريم وٽ زڪريا (سندس) عبادتگاه ۾ (ته) موجود ڏسندو هو ان وٽ کائڻ جون شيون (هڪ دفعو) پُڇيائين، اي مريم ڪٿان ٿو تولاءِ اچي هي (رزق) مريم وراڻيس هي الل ج وٽان ٿو اچي بيشڪ هو رزق ڏي ٿو جنهن کي چاهي بي حساب.“ هن آيت ۾ الله ج فرمائي رهيا آهن ته حضرت آدم ع کي چونڊيو ويو ۽ پوِ ان ع جي اولاد مان انهن ماڻهن کي به چونڊيو ويو جن قانون الله ج جي پابندي ڪئي ۽ الله جي اطاعت تي قائم رهيا ۽ پوءِ تخصيص ڪري چيو ته ” و آل ابراهيم“ ان ۾ بني اسماعيل به داخل آهن ۽ پوءِ ان مقدس ۽ طاهر طيب گهراڻي جي فضيلت کي بيان ڪيو يعني آل عمران جي فضيلت کي. (عمران مان مُراد حضرت مريم ع جي والد محترم جي آهي. (شجره نسب اڳيان)
    [​IMG]
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حضرت مريم ع جو والد مُحترم عمران اُن دئور ۾ بني اسرائيل جو امام نماز هُئا.
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    شجره نسب سيدنا عيسي ع ابن مريم ع )حضرت مريم بنت عمران بن هاشم بن امون بن ميشا بن حزقيا بن موثم بن عزاريا بن امصيا بن يادش بن احريهو بن يازم بن يهفاشاط بن ايان بن جعام حضرت بن دائود ع( محمد بن اسحاق) . ابن عساڪر مطابق، مريم بن عمران ماثان، بن العاذر بن اليود بن صادق بن عيازور بن احز ابن مثام بن عزري بن يورام بن يوشافاط بن ايشا بن ايبا بن رجسعام بن سليمان بن دائود ع . ٻنهين ۾ اختلاف آهي پر ٻنهين مان
    ثابت ٿئي ٿو ته مريم ع جو تعلق دائود ع جي نسل سان آهي. حضرت مريم ع جو والد مُحترم عمران اُن دئور ۾ بني اسرائيل جو امام نماز هُئا. مريم ع جي والده جو نالو حنه بنت فاقود بن قبيل هو. پاڻ به عابده، زاهده خاتون هُيون . حضرت زڪريا ع ان دئور ۾ بني اسرئيل جا نبي هُئا ۽ ان ع جي زال اشياع بقول علماءِ جهمور حضرت مريم ع جي ڀيڻ هُئي ۽ هڪ ضعيف قول مُطابق اشياٿ مريم ع جي ماسي (خاله)هُيون. (والله اعلم) محمد بن اسحاق وغيره ذڪر ڪن ٿا ته مريم ع جي ماءُ کي ٻار نه ٿيندو هو، هڪ ڏينهن هن هڪ پکيءَ کي ڏٺو جيڪو پنهنجي چوزي کي خوراڪ کارائي رهيو هو، اهو ڏسي کين خيال ٿيو ته ڪاش ان کي به ءار ٿئي ها! بس پوءِ ان نذر مڃي ته جي ان کي ٻار ٿيو ته هو ان کي بيت المقدس ۾ مُجاوريءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيندي، چون ٿا ته ان کي اوڏي مهل ئي حيض جو رت اچڻ لڳو ۽ جڏنهن پاڪ صاف ٿي ويون ۽ حضران عمران جي قرب سان کين حمل ٺهي پيو. ”فلما و ضفعتها قالت رب اني و ضعتها انثي و اله اعلم بما وضعت“( ۽ پوءِ جڏنهن هُن ڄڻيو، چيائين ايالله مون ته جڻيو آهي ڇوڪريءَ کي ۽ الله خوب ڄاڻي ٿو جيڪو هن ڄڻيو آهي) ”و اليس الذڪر ڪالا نثي“ (۽ نه هو ڇوڪرو(جنهن جو هوءَ سوال ڪندي هُئي) جهڙوڪ ان ڇوڪريءَ جي) يعني بيت المقدس جي خدمت لاءِ، ان دئور ۾ ماڻهن جو اهو معمول هو ته پنهنجن ٻارن کي بيت المقدس جي خدمت لاءِ وقف ڪندا هُئا. ” واني سميتها“ (۽ ماءُ چيو) مون نالو رکيو آهي ان جو مريم) هن آيت سان استدلال ڪندي ڪن جو خيال آهي ته ٻارن جونالو انهيءَ ڏينهن رکڻ گهرجي جنهن ڏينهن ڄميو هُجي. ضحيحن جي هڪ حديث مان به اهو ثابت آهي. حصرت انس ر کان روايت آهي ته مان پنهنجي ڀاءُ کي مُحمد ص جن جي خدمت ۾ کڻي ويس، پاڻ ص کيس گهُتي ڏني ۽ سندس نالو عبد الله رکيو. حسن جي سمره کان روايت ڪندڙ روايتن ۾ اچي ٿو ته اهو ٻار پنهنجي عقيقي جو رهين آهي. ستين ڏينهن هن جي عقيقه لاءِ جانور ڪُٺو وڃي، ان جو نالو رکيو وڃي، سندس وار لاٿا وڃن. امام احمد فرمائي ٿو ته حضرت ابو هريره ر کان روايت آهي ته نبي ص جن فرمايو ته هر ٻار کي پئدائش وقت شيطان ڇُهي ٿو جنهن سان هو زور زور سان روئي ٿو سواءِ مريم 7 ان جي پُٽ جي. ابو هريره ر چوي ٿو ته پوءِ چاهيو ته ان وقت آيت” او اني و عيذهابڪ ذريتها من الشاطان الرجيم“ پڙهو. شيخين ان کي عبدالرزاق جي نالي سان نقل ڪيو ۽ علامه ابن جرير، احمد بن الفرج سان، انهن ٻين سان ۽ ٻين عبدالله بن الزبيديءَ سان، انهن زهري سان، انهن ابي سلمه ر سان ۽ حضرت ابوهريره سان. حضرت ابوحريره کان روايت ته مُحمد ص فرمايو ته هر انسان جنهن کي ماءُ ڄڻي ٿي ته شيطان اچي سند پاسي ۾ مُڪ هڻي ٿو ما سواءِ مريم ۽ ان جي پُٽ جي، ته توهان ڏسو نٿا ته جيئن ٻار ماءُ جي ڪُک کان ٻاهر نڪري ٿو ته رڙيون ڪندو اچي ٿو، صحابن عرض ڪيو ته اي الله ج رسول ص ڇو نه! پاڻ ص فرمايو” ٻار اُن وقت رڙي ٿو جڏنهن شِطان ان جي پاسي ۾ اچي ٺونگي ٿو.
    [​IMG]
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جڏنهن مريم ع جي پئدائش ٿي ته سندن والده کين ڪپڙي ۾ ويڙهي بيت المقدس کڻي وئي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    اڪثر مفسرين هي واقعو بيان ڪن ٿا”جڏنهن مريم ع جي پئدائش ٿي ته سندن والده کين ڪپڙي ۾ ويڙهي بيت المقدس کڻي وئي ۽ کين ع اُتي جي مُجاورن جي حوالي ڪري ڇڏيو. جيئن ته مريم ع سندن امام نماز جي ڌيءَ هُيون، ان سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ هو پاڻ ۾ جهڳڙڻ لڳا ۽ هر هڪ ڪفالت لاءِ بي تاب هو. هي حضرت زڪريا عليه السلام جي نبوت جودئور هو ۽ پاڻ ع مريم ع جي ڪفالت جو پاڻ کي گهڻو حقدار سمجهيو ڇو جو هڪ روايت موجب سندن ع زال مريم
    ع جي ڀيڻ ۽ ٻي روايت موجب ماسي هُئي، بحرحال طع ٿيو ته ڪُڻا ڪڍجن ۽ پوءِ جڏنهن ڪُڻا نڪتا ته حضرت زڪريا جي نلي تي ڪُڻو نڪتيو.”فتقبلها ربها بقبول حسن و انبتها نباتا حسنا و ڪفلها زڪريا“،(۽ پوءِ قبول ڪيو اُن کي، اُن جي رب، تمام گهڻي قبوليت سان ۽ پروان چڙهايو ان کي، پروان چڙهائڻ ۽ نگران ڪيو ويو اُن جو زڪريا کي). مفسرين چون ٿا ته ڪُڻا ه ريت ڪڍيا ويا ته سڀني مجاورن پنهنجا پنهنجا قلم هڪ جڳه تي رکي ڇڏيا ۽ هڪ ٻار کي چيائون ته هن ما هڪ قلم کڻي اچي، هو جيڪو قلم کڻي آيو اهو زڪريا ع جو هو. ڪن مجاورن نه مڃيو ۽ ٻيهر ڪُڻن ڪڍڻ جو چيو، هاڻ قلمن کي شاخ ۾ وڌو ويو اهو چئي ته جنهنجو قلم وهڪري جي خلاف وهندو، مريم ع جي ڪفالت اُن جي سپرد ٿيندي. ڪُڻو وري به حضرت زڪريا جو نڪتو. وري ڪن اختلاف ڪري ٽئي ڀيرو ڪُڻو ڪڍايو ته هاڻ جنهن جو قلم پاڻيءَ جي وهڪري سان گڏ هلندو اهو ڪفالت ڪندو. الله ج جي حم سان وري زريا ع جو قلم پاڻي4 جي وهڪري سان هليو پر ٻين سڀني جا قلم وهڪري جي مُخالف ۾ وهڻ لڳا اهڙيءَ طرح بلآخر مريم ع جي ڪفالت حضرت زڪريا ع جي ذميواري ٿي.”ذالڪ من انباءِ الغيب نوحيه اليڪ وما ڪنت لديهم اذيلقون اقلامهم ايهم يڪفل مريم وما ڪنتلديهم اذ يختصمون(سوره آل عمران).(هي غيب جي خبرن مان آهي، اسان وحي ڪيون ٿا اُن جي توهان طرف، ۽ نه هُئا توهان انهن وٽ، جڏنهن اُڇلي رهيا هُئا اُهي (مجاور) پنهنجا قلم (اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ ته ڪير) ته ڪير انهن مان سرپرستي ڪندو مريم جي، ۽ نه هُئا توهان انهن وٽ جڏنهن هو پاڻ ۾ وڙهي رهيا هُئا). مفسرين لکن ٿا ته زڪريا ع مريم ع لاءِ هڪ مناسب ڪمري جو بندو بست ڪيو جنهن ۾ ڪو به داخل ٿي نه ٿي سگهيو، هي ڪمرو مسجد اقصي! جي ويجهو هو، جتي مريم ع الله ج جي ڏينهن رات عبادت ڪندي هُئي ايستائين جو سندن عبادت ڪرڻ مثال بڻجي وئي. زڪريا ع جڏنهن به سندن حجره عبادت ۾ ويندا هُئا اُتي کين هر بي موسم فروٽ رکيل ملندو هو. پڇڻ تي مريم ع ٻُڌائيندي هُئي ته اهو بي موسميو فروٽ کيس بارگاه الاهيءَ مان ٿو ملي. ان جڳه ۽ ان وقت تي زڪريا ع جي به تمنا ٿي ته ڪاش کيس به الله هن وڏي عمر ۾ هڪ پاڪيزه اولادسان نوازي جهڙيءَ طرح مريم ٿ لاءِ بي موسمان ميوه اچن ٿا. ” قال رب هب لي من لدنڪ ذريه” طيبه” انڪ سميع الدعاءِ (سوره آل عمران) (اي الله مونکي عطا ڪر پاڻ وٽان هڪ پاڪيزه اولاد بيشڪ تون ئي ٻُڌڻ وارو آهين دُعائن جو).
    [​IMG]
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    (۽ بيان ڪر!(اي مُحمد ص) ڪتاب ۾ مريم(جو حال) ته جڏنهن هو جُدا ٿي وئي پنهنجي گهروارن کان
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    الله ج سوره مريم ۾ فرمائي ٿو”و اذڪر في الڪتاب مريم ..... من مشهد يوم عظيم“(۽ بيان ڪر!(اي مُحمد ص) ڪتاب ۾ مريم(جو حال) ته جڏنهن هو جُدا ٿي وئي پنهنجي گهروارن کان هڪ گهر ۾ جيڪو اوڀر ۾ هو. بس ڪري چڏيو هن ماڻهن کان پردو ۽ پوءِ اسان موڪليو ان طرف جبريل کي، جو ظاهر ٿيو ان جي سامهون هڪ تندرست انسان جي صورت ۾. مريم چيو مان پناه گهران ٿي رحمان جي توکان جي تون پرهيزگار آهين. جبريل چيو، من ته تنهنجي رب طرفان
    موليو ويو آهيان ته جيئين ڏيان توکي(خوشخبري) تنهجي هڪ پاڪيزه فرزند جي. مريم(حيرت ۾) چيو (اي بنده خدا!) ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو مونکي ٻار، جڏنهن ته ڪنهن به بشر مونکي ڇهيو تائين ناهي ۽ نه من بدچلن آهيان. جبريل چيو، هي بلڪل صحيح آهي (مگر) تنهنجي پروردگار فرمايو آهي، ائين ٻار عطا ڪرڻ سندس ج لاءِ معمولي ڳاله آهي ۽ (مقصد اهو آهي) اسان ٻُڌايون ان کي پنهنجي (قدرت) نشاني ماڻهن لاءِ ۽ مڪمل رحمت پنهنجي ج طرفان ۽ هيءَ اهڙي ڳاله آهي جهنجو فيصلو ٿي چڪو آهي، بس پوءَ هوءَ ع پيٽ سان ٿي وئي ان(ٻار) سان ۽ پوءِ کڻي هلي وئي ان کي (شڪم ۾) ڪنهن ڏورانهن جڳه تي، ۽ ورايو اُن کي سورن هڪ کجيءِ جي وڻ وٽ. چوڻ لڳي(حسرت ۽ شرم کان) ڪاش! مان مري وڃان ها ان کان پهرين ۽ بلڪل فراموش ٿي چڪجان ها. بس پُڪاريو! پوءِ ان کي هڪ فرشتي ان جي هيٺان (اي مريم!) غمزده نه ٿي، جاري ڪري ڇڏي آهي تهنهجي رب تنهجي هيٺان هج ندي ۽ جهنجهوڙ پاڻ طرف کجيءَ جي وڻ کي، ڪرڻ لڳنديون تو وٽ پڪيون کجيون،(مٺيون)کاءُ ۽ پيءُ(ٿڌو پاڻي) ۽ اکيون ٿڌيون ڪر ۽ پوءِ جي ڏسي ڪنهن شخص کي ته (اشاري سان) چئو ان کي ته مون نذر گهري آهي رحمان لاءِ(خاموشي لاءِ) روزي جي، بس اڄ آئون ڪنهن انسان سان نه ڳالهائيديس. ان کان پوءِ هوءَ ع کڻي آئي ٻار کي (ڪڇ ۾) پنهنجي قوم ڏانهن. انهن چيو ته اي مريم تو ڪوڌو ڪم ڪيو آهي، اي هارون جي ڀيڻ! نه تنهنجو پيءُ خراب ماڻهو هو نه ئي تنهنجي ماءُ بدچن هُئي. ان تي مريم ع اشرو ڪيو ٻار طرف. ماڻهو چوڻ لڳا اسان ڪيئن ڳالهايون ان سان جيڪو (ڄاول) ٻار آهي. اوچتو ڳالهايو ان ٻار ته مان الل ج جو ٻانهون آهيان. هن موتي ڪتاب لاٿو آهي، هن مونکي نبي مقرر ڪيو آهي، هن مونکي برڪت وارو بڻايو آهي جتي ڪٿي به مان هُجان، هن مونکي حڪم ڏنو آهي نماز ادا ڪرڻ جو ۽ زڪوات ڏيڻ جو ، جيستائين ڪه مان جيئرو آهيان ۽ مونکي خدمت گذار ٺاهيو اٿس ماءُ جو ۽ هن ناهي بڻايو مونکي جابر (۽) بدبخت، سلامتي هجي مون مٿان جنهن ڏينهن آئون ڄميس، جنهن ڏينهن آئون مرندس، جنهن ڏينهن اُٿاريو ويندو مونکي زنده ڪري، هي آهي عيسي ب مريم (۽ هي آهن اهي) سچيون چالهيون جنهن ۾ ماڻهو وڙهن پيا ۽ اهو زيب نٿو ڏي الل ج کي ته هو ڪنهنکي پنهنجو پُٽ بڻائي، هو پاڪ آهي، جڏنهن هو هو فيصلو ڏي ٿو ڪنهن ڪم جو، ته بص صرف ايترو حڪم ٿو ڏي ته” ٿي وڃ!“ ته اهو ٿي پوي ٿو ۽ بيشڪ الله ج منهنجو به رب آهي ۽ توهانجو به، ته ان جي عبادت ڪندا ڪريو، اهوئي سڌو رستو آهي ۽ پوءِ گهڻا ئي گُروه پاڻ ۾ اختلاف ڪرڻ لڳا، بس هلڪت آهي ڪُفار لاءِ ان ڏينهن جي حاضريءِ سان جيڪو تمام وڏو آهي.)
    [​IMG]
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ۽ جهنجهوڙ پنهنجي طرف کجيءَ جي وڻ کي ته ڪرڻ لڳنديون توتي پڪيو کجيون
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    و هذي اليڪ بجذع النخله تسا قط عليڪ رطبا جنيا.(۽ جهنجهوڙ پنهنجي طرف کجيءَ جي وڻ کي ته ڪرڻ لڳنديون توتي پڪيو کجيون). الا تحزني قد جعل ربڪ تحتڪ سريا.(غمزده نه ٿي، جاري ڪري ڇڏي آهي تنهجي رب، تنهنجي هيٺان هڪ ندي). فڪلي و اشربي و قري عينا. (کاءُ ۽ پيءُ ۽ اکيون ٿڌيون ڪر). چيو وڃي ٿو ته مريم ع جنهن کجيءَ جي وڻ هيٺان وڃي ويٺيون هُيونناهو خشڪ هو، جيئن ته حضرت عيسي! ع جي پئدائش سياري جي موسم ۾ ٿي هُئي ۽ کجيو
    ن گرميءَ جي موسم ۾ ٿين ٿيون ته هي ميوه کجور ان موسم ۾ به الله ج طرفان عنايت هُئي. عمرو بن ميمون چوي ٿو ته کجي ۽ کارڪ کان وڌيڪ عورت لاءِ ٻيو ڪو سٺو ميوه آهي ئي ڪو نه. ابن حاتم به چوي ٿو ته حضرت علي رضيه کان روايت آهي ته نبي سائين ص فرمايو ته کجيءَ جي وڻ جي عزت ڪريو، هي ان مٽيءَ مان پئدا ٿي آهي جنهن مٽيءَ مان آدم ع پئدا ڪيو ويو آهي ۽ ٻيو اهڙو ڪو ٻُوٽو ڪونهين جنهن جي نر جو ڦر ماده تي وجهي ڦوڳ ڪبو آهي. نبي ص جو ارشاد آهي ته ”ٻار ڄڻڻ وارين عورتن کي جي کجيون نه هُجن ته کارڪون کارايو. الله ج جي ويجهو هن وڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه وڻ عزت وارو ناهي. هن وڻ جي ئي هيٺان مريم بنت عران اچي ويٺيون هُيون“.
    [​IMG]



     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عيسي! ع جي ولادت وقت اوله ۽ اوڀر (مغرب و مشرق) جا سڀئي بُت اونڌا ٿي ڪري پيا هُوا
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    حضرت عيسي! عليه اسلام بيت المقدس جي ويجهو هڪ ننڍڙي شهر بيت اللحم ۾ پئدا ٿيا هُئا. وهب بن منبه رح چوي ٿو ته عيسي! ع جي ولادت وقت اوله ۽ اوڀر (مغرب و مشرق) جا سڀئي بُت اونڌا ٿي ڪري پيا هُوا ۽ شيطان حيران ٿي ويا ته هي ڪهڙي ماجرا آهي؟ ايستائن جو ابليس ان راز تان پڙدو کنيو ته ۽ کين آگاهي ڏي ته عيسي! ع بن مريم ع جي ولادت ٿي چُڪي آهي هو پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ ليٽيو پيو آهي ۽ فرشته ان تي جهڪيا پيا آهن. ولاد
    ت جي رات جو هڪ وڏو تارو به نمودار ٿيو هو جنهن کي ڏسي فارس جو بادشاه ڊڄي ويو ۽ ڪاهنن کان ان تاري جي بابت پُڇڻ لڳو. ڪاهنن کيس ٻُڌايو ته شام ۾ ڪنهن بُلند مرتبي واري ٻار جو جنم ٿيو آهي. بادشاه ان ٻار لاءِ سون، مر ۽ لبان جي تحفن سان قاصد موڪليا هُئا، جڏنهن هي ملڪ شام پُهتا ته اتي جي بادشاه سندن آمد جو مقصد پُڇيو ته هنن وراڻيو ته شام ۾ هڪ بلند مرتبي ۽ مان و عظمت واري ٻار جو جنم ٿيو آهي ۽ هي تحفه کيس فارس جي بادشاه موڪليا آهن. شام جي بادشاه پُڇين ته هو ڪهڙي وقت پئدا ٿيو آهي؟ قاصدن ٻُڌاين ۽ اهو اتفاق سان عيسي! ع جي پئدائش جو ئي وقت هو ۽ هنج ۾ ھلهائڻ جي ڪري هر شخص ان جي باري ۾ ڄاڻندو هو، بادشاه کين روانو ڪيو ۽ پنهنجو به هڪ ماڻهو ساڻ ڪري موڪليو ته ٻار کي ڏسي اچي ۽ اهو بادشاه عيسي! ع کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو. جڏنهن قاصد تحفه کڻي مريم ع وٽ پهتا ته مريم ع کي ٻُڌايو ويو ته هي قاصد درحقيقت عيسي! ع کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا آهن، مريم ع ٻار کي کڻي مصر طرف رواني ٿي وئي، هڪ عرصي تائين مصر ۾ رهي ايستائين جو عيسي! ع جي عر 12 سالن کي پهتي. ٻالڪ پن کان ئي سندن ع هٿن تي ڪرامتن ۽ معجزن جو دئور شروع ٿي چڪو هو. وهب بن منبه رح چوي ٿو ته جنهن هاريءَ وٽ يوسف، مريم ع ۽ عيسي! ع رهيل هُئا ان جي گهر جو ڪجه سامان گم ٿي ويو هو. هن گهر ۾ فقط فقير، ضعيف ۽ محتاج ماڻهو رهندا هُئا، چئي نٿي سگهيو ته اهو مال ڪنهن گم ڪيو آهي، هيءَ ڳاله مريم ع تي ڏکي گُذري، گهر جو مالڪ ۽ ٻيا به پريشان ٿي ويا، حضرت عيسي!ع جڏنهن ڏٺو ته سڀئي پريشان ٿي ويا آهن ته پاڻ هڪ انڌي ۽ هڪ منڊي شخصن طرف اشارو ڪيو جيڪي ڪجه فاصلي تي علحده وٺا هُئا، پاڻ انڌي کي چيائون ته منڊي کي کڻي بيه، انڌي وراڻيو مان ڪيئن ٿو ڪري سگهان، پاڻ چيائون ائين ئي جيئن تو روشندان مان مال گم ڪرڻ وقت ڪيو هو. عيسي! ع جي ڳاله ٻڌي تصديق ڪئي وئي ته انهن اعتراف (ڪنفيشن) ائين ڪيو جو ٻئي اُٿي سد ويجهو آيا. هن معجزه کي ڏسي ماڻهون سندن عظمت جا قائل ٿي ويا. حالانڪه پاڻ ننڍي عمر جا هُئا . هاريءُ جي پُٽ پنهنجن ٻارن جي سُنت (رسم طهارت) لاءِ هڪ دعوت جو احتمام ڪيو هو جنهن ۾ عيسي ! به شامل هُئا. ماڻهو گڏ ٿيا انهن کي ماني کارائي وئي، ماني کائي چڪا ته شراب پيارڻ جو وقت آيو (جيئن ان دئور ۾ رواج هو) مگر اهو ڏسي هاريءَ جا حواس گُم ٿي ويا ته مٽن جي تهن ۾ به شراب ڪونه هو. عيسي! ع جڏنهن ڏٺو ته شراب ختم ٿي چڪو هو ۽ سندن ميزبان هاري پريشان اهي ته الله ج جي قدرت سان سڀئي مٽ بهترين سراب سان ڀرجي ويا. ماڻهو ان معجزي کي ڏسي حيران ٿي ويا ۽ حضرت عيسي! ع ۽ بيبي مريم ع جي خدمت ۾ مال متاع جا ڍير لڳائي ڇڏيائون پر پاڻ ع هڪ شي به قبول نه ڪئي ۽ مصر مان هجرت ڪري واپس بيت اللحم ۾ اچي ويا (والله اعلم)
    [​IMG]
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    (الف) مان مراد الله ج جو نعمتون (ب) مان مُراد ان ج جو شانِ قدرت ۽ (ج) مان موراد ان ج جو شان جمال
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    اسحاق بن بشر، جوبير ۽ مقاتل کان ۽ هي ٻئي ضحاق کان ۽ هو حضرت ابن عباس رضه کا روايت ڪن ٿا ته عيسي! ع ٻالڪ پن ۾ ڳالهائڻ کان پوءِ هڪ خاص عرصي تائين جنهن ۾ ٻار ڳالهائيندو آهي، ڪون ڳالهايو. جڏنهن پاڻ ستن سالن جا ٿيا هُئا ته مريم ع کين مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو، استاد جيڪو به پڙهائيندو هونِ ع پاڻ ان کي پڙهڻ کان پهرين ئي پڙهي پوندا ُئا. معلم کيس (ابوجاد) پڙهايو ته پاڻ پڇيائونس ته ابو جاد ڇا آهي؟ معلم وراڻ
    يو ته هو نٿو ڄاڻي،عيسيى ع چيس ته پوءِ هو ان کي ڪيئن پڙهائي سگهندو؟ جڏنهن هن کي خبر ئي ناهي. معلم چيس ته پوءِ توهان ع ئي مونکي پڙهيو. عيسيى چيس ته پنهنجي مسند مونکي ڏي، معلم مسند کان الگ ٿي ويو ۽ عيسي! مسند تي ويهي فرمايو ، هاڻ مونکان سوال ڪر! معلم اٿي بيٺو ۽ پُڇيائين ته (ابو جاد) ڇا آهي؟ پاڻ ع فرمايو ته (الف) مان مراد الله ج جو نعمتون (ب) مان مُراد ان ج جو شانِ قدرت ۽ (ج) مان موراد ان ج جو شان جمال. هي جواب ٻُڌي معلم حيران ٿي ويو. حضرت عيسي! ع اهي پهريان شخص هُئا جنهن ابو جاد جي تشريح ڪئي هُئي. راوي ذڪر ڪري ٿو ته حضرت عثمان رضيه جن مُحمد ص جن کان ان باري ۾ پُڇيو ته پاڻ ص هرهڪ لفظ جو طويل تفصيل سان جواب ڏنو. ابن عدي اسماعيل بن عياش جي حوالي سان، اسماعيل بن يحي! کان، انهن ابن ابي ملڪيه کان، انهن ابن مسعود کان، انهن مسعر بن ڪدام کان، انهن عطيه کان انهن ابو سعيد کان روايت ڪئي آهي. ابن لهيعه عبدالله بن هبيره کان روايت ڪن ٿا ته حضرت عبدالله بن عمر رضيه ذڪر ڪندا رهندا هُئا ته عيسي! ع ٻار هُئا ته ٻارن سان راند روند رهندي دوستن کان پُڇندا هُئا ته هو ڇا چاهين ٿا ته آئون کين ٻُڌايان ته سندن ما5 انهن جي کائڻ لاِ گهر ۾ ڇا ٺاهيو آهي، اهي چوندا ها ها! ٻُڌايو؟ ۽ پاڻ ٻُڌائيندا هُين، ٻار گهر ويندا هُئا ته ماءُ چوندي هين ته توهان کي خبر آهي ته اڄ مون توهان لا3 ڇا ٺاهي رکيو آهي، ته ٻار ٻُڌائي ڇڏيندا هُين. مائون حيران ٿي وينديون هُيون ۽ سندن پڇڻ ته ٻار ٻُڌائيندا هُين ته اهو کين عيسي1 ع بن مريم غ اڳ ئي ٻُڌائي چڏيندو آهي. مائٽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته اسان ته ائين ئي پنهنجي ٻارن کي عيسي! ع سان راند رهڻ لاءِ ڇڏيندا آهيون جي ٻار ان ع سان گهڻو رهيا ته خراب ٿي ويندا، سو هنن ڪڙا ڏئي ڪمرن ۾ ٻارن کي بند ڪري ڇڏيو. عيسي! ع ٻارن جي تلاش ۾ نڪتا پر ٻار ته بند هُئا ۽ هٿ نه آيا، پاڻ اچانڪ هڪ گهر مان انهن جي گوڙ جو آواز ٻُڌو، پُڇيو ته هي ڪير پيا گوڙ ڪن، ته ماڻهن (سندن مائٽن) کين چيو ته هي سوئر ۽ ڀولڙا آهن جيڪي رڙن پيا. پاڻ بددعا ڪيائون ته اي الله ائين ئي هجي ، ڏسڻ ويا ته سڀئي ڀولڙا ۽ سوئر هغئا. (ابن عساڪر)
    [​IMG]



     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جڏنهن عيسي! ع جي عمر 13 پهتي ته الله ج کين مصر کان ايليا واپس ورڻ جو حڪم ڏنو
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    اسحاق بن بشر چوي ٿو ته انهن کي ادريس ٻُڌايو ته انهن پنهنجي ڏاڏي وهب بن منبه کان روايت ڪيو آهي ته جڏنهن عيسي! ع جي عمر 13 پهتي ته الله ج کين مصر کان ايليا واپس ورڻ جو حڪم ڏنو، فرمائي ٿو ته مريم ع جو ماسات يوسف سندن ع وٽ آيو ۽ ٻنهين ماءُ ۽ پُٽ ع هڪ گڏه تي سواري ڪرائي ايليا وٺي آيو. عيسي! ع انجيل جي ظهور تائين انهيءَ شهر ۾ رهيا الله ج کين تورات جو علم به ڏنو ويو ۽ کين سهڻن گُڻن، بيمارين کان شفا، غيب
    جي علم جي خبر (جيڪي ماڻهو گهرن ۾ ذخيره ڪري رکندا هُئا) جهڙن معجزن سان نوازيو. ماڻهون سندن آمد تي ڳالهيون ڪرڻ لڳا، عجائب کي ڏسي ڊڄي ويندا هُئا ۽ حيران به ٿيندا هُئا ته هي ڪيئن ٿو جهت پٽ ۾ ٿي وڃي. پاڻ ماڻهن کي الله ج طرف موٽڻ ۽ رجوع ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي. ابو زرعه دمشقي رح چون ٿا ته اسان سان عبدالله بن صالح بيان ڪيو، ” حضرت موسي! ع تي جڏنهن تورات نازل ٿي هُئي ته رمضان جون 6 راتيون گذري چُڪيون هُيون. زبور جڏنهن دائود ع تي نازل ٿي هُئي ته رمضان جون 12 راتيون گُذري چُڪيون هُيون ۽ زبور ، تورات جي 482 سالن کان پوءِ نازل ٿي ۽ الله ج جڏنهن عيسي! ع تي انجيل نازل ڪئي ته رمضان جي مهني جون 18 راتيون گُذري چُڪيون هُيون. ۽ انجيل زبور جي 1050 سالن کان پوءِ نازل ٿي هُئي. جڏنهن الله ج محمد صلي الله عليه وسلم تي قرآن نازل ڪيو ته رمضان جي 24 تاريخ هُئي. ابن جرير بيان ڪري ٿو ته نزول انجيل وقت عيسي! ع جي عمر مبارڪ 30 سال هُئي ۽ ڏڏنهن کين جيئرو آسمان تي کنيو ويو ته سندن عم مبارڪ 33 سال هُئي.
    [​IMG]
     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جڏنهن چيو الله ج، اي عيسي! يقينن مان پوري عُمر تائين پُهچائيندس توکي
    ع ۽ کڻڻ وارو آهيان توکي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    يهودي ۽ نصاراي دعوا ڪن ٿا ته هُنن حضرت عيسي! ع کي تخته تي چاڙهي ڦاهي ڏني پر الله ج قرآن ۾ فرمائين ٿا ته” ومڪروا ومڪرالله... فيما ڪنتم فيه تختلفون.(سوره آل عمران) ”۽ يهودين به (مسيح کي قتل ڪرڻ لاءِ) خُفيه تدبير ڪئي ۽ (مسيح کي بچائڻ جي لاءِ) الله ج به خفيه تدبير ڪئي ۽ الله ج سڀ کان بهتر (صادر موئثر) خفيه تدبير ڪرڻ وارو آهي. ياد ڪر جڏنهن چيو الله ج، اي عيسي! يقينن مان پوري عُمر تائين پُهچائيندس توکي
    ع ۽ کڻڻ وارو آهيان توکي پاڻ ج طرف ۽ پاڪ ڪرڻ وارو آهيان توکي انهن ماڻهن (جي تهمتن کان) جن (تنهنجو ع) انڪار ڪيو ۽ ٺاهڻ وارو آهيان انهن کي جن تنهنجي پيروي ڪئي ، غالب ڪفر ڪرڻ وارن مٿان قيامت تائين. ۽ پوءِ موٽي ورڻو آهي توکي بس(ان وقت) مان فيصلو ڪندس تنهنجي وچ ۾ (انهن مسئلن جو) جن ۾ توهان اختلاف ڪندا رهندا هُئا.“ فيما نقضهم ميثاقهم و ڪفر هم .... يڪون عليهم شهيدا.(سوره النساءِ) ”(انهن تي لعنت جو) سبب اهو هو ته هنن ٽوڙي ڇڏيو پنهنجن وعدن کي ۽ انهن انڪار ڪيو الله ج جي آيتن جو ۽ انهن قتل ڪيو نبين کي ناحق ۽ انهن اها (بيهوده) ڳاله ڪئي ته اسان جي دلين تي غلاف چڙهيل آهن (ائين به نه) بلڪه مهر لڳائي آهي الل ج انهن جي دلين تي انهن جي ڪفر جي ڪري ته اُهي ايمان ڪونه آڻيندا پر ڪي گهٽ تعداد ۾ ۽ انهن جي ڪفر جي ڪري ۽ مريم تي الزام هڻڻ جي ڪري ۽ انهن جي ان قول سان ته اسان قتل ڪريڇڏيو آهي مسيح عيسي! فرزند مريم کي جيڪو الله جو رسول آهي حالانڪه نه انهن قتل ڪيو آ ۽ نه ئي انهن ان کي ڦاهي چاڙهيو آ، بلڪه شقي ٿي وئي آ انهن لاِءِ (حقيقت) ۽ يقينن هنن اختلاف ڪيو آ ان جي باري ۾ ، اهي به شڪ و شعبي ۾ آهن ان جي متعلق. ناهي انهن وٽ هن امر جو صحيح علم پوءِ به هو پيروي ڪن پيا شق جي ۽ ناهي قتل ڪيو انهن ان کي يقينن بلڪه کڻي ورتو آهي الله ان کي پاڻ وٽ ۽ الله تعالي غالب حڪمت وارو آهي. ۽ ڪو اهڙو نه هوندو اهل ڪتاب مان مگر اهو ضرور ايمان آڻيندو مسيح تي پر ان جي موت کان پهرين ۽ قيامت جي ڏينهن هو هوندا ان تي گواه“ هن آيتن مان الله ج خبر ڏئي رهيو آهي ته هن عيسي! ع تي ننڊ جي ذريعي هڪ عارضي موت طاري ڪيو ۽ پوءِ يقينن کڻي ورتو پاڻ وٽ ۽ اهائي حقيقت آهي، جنهن ۾ ڪو به شق ناهي. الله ج ان ئي طريقي سان پنهنجي نبي ع کي يهودين جي تڪليفن کان بچايو جن رومي بادشاه جي عدالت ۾ هيءَ دعوي ڪئ هُئي ۽ چغلي هنئي هُئي. هي بادشاه ڪافر هو. بادشاه جو نالو دائود بن نورا هو (باقي اڳيان)
    [​IMG]
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اُن بادشاه جو نالو دائود بن نورا هو، هي بادشاه ڪافر هو، هن بادشاه حڪم ڏنو هو ته حضرت عيسي! ع کي قتل ڪيو وڃي
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    حضرت حسن بصري ۽ محمد اسحاق رح ٻُڌائين ٿا ته اُن بادشاه جو نالو دائود بن نورا هو، هي بادشاه ڪافر هو، هن بادشاه حڪم ڏنو هو ته حضرت عيسي! ع کي قتل ڪيو وڃي ۽ هن کي سوريءَ تي لٽڪايو ڇڏيو وڃي. هي فيصلو ٻُڌي يهودين عيسي! ع جو محاصرو ڪيو جيڪي بيت المقدس ۾ هڪ گهر ۾ هئا، هي جمع ۽ ڇنڇر جي آڌي رات هُئي. جڏنهن يهودين جو گهر ۾ داخل ٿيڻ جو وقت آيو ته الله ج اتي واٺل ماڻهن مان ڪنهن هڪ جي شڪل حضرت عيسي! ع جهڙي ٺاه
    ي ڇڏي ۽ عيسي! ع الله ج جي حڪمت ۽ مدد سان اتان ئي نڪري آسمان طرف روانا ٿي ويا. عيسي! ع جي آسمان تي وڃڻ جو منظر اتي موجود گهر باسي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هُئا. سپاهي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ان نوجوان کي پڪڙيو جنهن جي شڪل الله ج جي حڪم سان عيسي! ع جهڙي ڇي وئي هُئي ۽ اهي سمجهڻ لڳ ته هنن عيسي! ع کي پڪڙي ورتو آهي ۽ پوءِ اهي کيس (عيسي! ع جي همشڪل کي) کڻي ويا ۽ سوريءَ تي لٽڪائي ڇڏيو، کيس مزيد تذليل ڪرڻ لاءِ هن جي مٿي تي به ڪنڊن جو تاج پارايو ۽ يهودين جي ڳالهين ۾ اچي انهن نصرانن به اهو سمجهيو جن عيسي! ع جي آسمان ڏانهن وڃڻ جو منظر پنهنجي اکين اڳيان ڪونه ڏٺو هو. جنهن ڪري اهي به کُلي گمراهيءَ ۾ پئجي ويا. ” ومڪروا ومڪرالله... فيما ڪنتم فيه تختلفون.(سوره آل عمران). ” و ان من اهل الڪتاب ليئومن به قبل مته“ (جڏنهن عيسي! ٻيهر ايندا ته ان تي تمام اهل ڪتاب انهن تي ايمان آڻيندا.) پاڻ آخري وقت ۾ قيامت کان ٿورڙو عرصو پهرين ايندا، دجال کي قتل ڪندا، سوئر کي ماريندا ۽ صليب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندا. سندن دئور ۾ جزئي جو حڪم ساقط ٿي ويندو ۽ ڪافرن سان صرف اسلام تي صلح ٿيندو. . حضرت مهدي ع به حضرت عيسي! ع جن سان ملي ڪوڙي دجال سان جهاد ڪندا جيڪو ماڻهن کي گمراهيءَ طرف سڏي رهيو هوندو. ابن حاتم ٻُڌائي ٿو ته جڏنهن الله ج، عيسي! ع کي آسمان طرف کڻڻ جو ارادو ڪيو ته ان وقت عيسي! ع پنهنجي ڪن حوارين سان گهر ۾ ويٺل هئا. گهر ۾ ويٺلن جو ڪل تعداد 12 هو ۽ انهن ۾ ڪي حواري هُئا. پاڻ هڪ چشمي مان وهنجي گهر ۾ داخل ٿيا هُئا سندن ع مٿي مان پاڻيءَ جا قطرا تمي رهيا هُئا، پاڻ ع فرمايو!” توهان 12 مان ڪي اهڙا آهن جيڪي مون تي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر اختيار ڪندا.“ پوءِ پاڻ کائن پُڇيو ته ”توهان مان ڪنهن شخص کي مُهنجو همشڪل ٺاهيو وڃي، ته جيئن هو موهنجي جڳه تي صليب تي چاڙهيو وڃي ۽ قتل ڪيو وڃي؟ ۽ اهو شخص مونسان گڏ جنت ۾ هوندو“ هڪ نوجوان اٿيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو”آئون اها مُصيبت سهڻ لاءِ تيار آهيان“ پاڻ فرمايائون”تو ويهي ره!“ پاڻ وري پنهنجي ڳاله کي ورجايو ۽ وري ساڳيو نوجوان اٿيو ۽ چوڻ لڳو” آئون ان خدمت لاءِ تيار آهيان“ پاڻ ع پوءِ چيو” ٺيڪ آهي! تون ئي اهو شخص آهين“ هن شخص کي عيسي! ع جو همشڪل بڻايو ويو ۽ پوءِ عيسي! ع آسمان ڏانهن کنيو ويو. راوي بيان ٿو ڪري ته ڳڏنهن يهودي عيسي! کي قتل ڪرڻ جي غرض سان پُهتا ته عيسي! ع جي همشڪل کي کڻي ويا ۽ صليب چاڙهي ڇڏيو. 12 مان ڪن ايمان آڻڻ کان پوٰ ڪفر اختيار ڪيو ۽ ٽن فرقن ۾ ورهائجي ويا. هڪ فرقو چوڻ لڳو” عيسي! ع خدا هو، خدا اسان جي وچ ۾ ايستائن رهيو جيستائين چاهيائين ۽ جڏنهن مرضي ٿيس واچس هلي ويو“ هي فرقو يعقوبي هو. هڪ ٻئي فرقي چيو” هو خدا جو پُٽ هو، جيستائين چاهئئين دنيا ۾ رهيو ۽ جڏنهن خدا چاهيو، پنهنجي پُٽ کي واپس گهرائي ورتائين“ هي فرقو نسطوري هو. ٽئي فرقي چيو” نه حضرت عيسي! ع خدا هو، نه خدا جو پُٽ! بلڪه هو الله ج جو ٻانهون ۽ رسول هو ۽ هي رسول ع هڪ مقرر مدت تائين اسان سان رهيو ۽ جڏنهن الله ج چاهيو، آسمان ڏانهن جيئرو کنيو ويو“ هي آخري گروه مسلمانن جو هو. پر ڪافر ٻئي فرقا ان تي غالب آيا ۽ مسلمان فرقي کي قتل ڪري ڇڏيائون. ۽ پوٰ صحيح اسلام پوين ماڻهن لاءِ اوجهل رهيو، ايستائين جو مُحمد صلي الله عليه وسلم تي نبوت لٿي. ابن عباس رض چون ٿا ته الله ج جو فرمان ان ڳاله جي تائيد ٿو ڪري ”فا يدنا الذين آمنوا علي عدوهم فاصبحوا ظاهرين.(سوره الصف) پوءِ اسان مدد ڪئي جن ايمان آندو دشمنن جي مقابلي ۾ بلآخر اهوئي عالب رهيو“ حوارين جا نالا محمد بن اسحاق هي ٻوڌائي ٿو”(1) پطرس، (2)يعقوب بن زبدي (3) يعقوب جو ڀاءُ يوحنا (4) اندرياس (5) فلپس (6) ابر تلمائي (7) متي (8) توماس (9)يعقوب بن حلفائي (10) تدواس (11) شمعون قانون ۽ يهوده اسخر يوطي. والله اعلم. يهوده ئي اهو شخص هو جنهن عيسي! ع کي پڪڙايو. انهن ۾ هڪ اهو به هو جنهن جو نالو سرجس هو جنهن کي عيسي! ع جو همشڪل بڻايو ويو هو. ڪن يهودين جو گمان آهي ته جنهن کي ٿيسي1 ع جي جڳه تي لٽڪايو ويو اهو يهوده اسخر يوطي هو جيڪو عيسي! ع جو همشڪل بڻيو . ضحاڪ ، ابن عباس رضه کان روايت ڪري ٿو ته عيسي! شمعون کي مقرر ڪيو هو پي يهودين هٿان قتل يهوده ٿيو ڇو جو اهو ئي بمثل عيسي! ٿ شڪل هو (والله اعلم )
    [​IMG]
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    راس جالوت يهودي عيسي! ع کي گرفتارڪرڻ لاءِ اندر داخل ٿيو ته الله ج عيسي! ع جي طرف ان کي انڌو ڪري ڇڏيو
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    احمد بن مروان ٻُڌائي ٿو ته هن سان محمد بن الجهم بيان ذڪر ڪيو ته مون فراءُ کان ”مڪروا مڪرالله والله خير الماڪرين“ جو هي تفسير ڪندي ٻُڌو ته” حضرت عيسي! ع ڪافي عرصي کان پنهنجي ماسيءَ سان ملڻ ڪونه ويا هُئا، هڪ ڏينهن جڏنهن هو ان جي گهر ويا ته راس الجالوت يهودي اٿي بيٺو ۽ عيسي! ع کي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيائين ڪافي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ پوٰءِ انهن اهو دروازو ٽوڙي ڇڏيو ۽ راس جالوت يهودي عيسي! ع کي گرفتار
    ڪرڻ لاءِ اندر داخل ٿيو ته الله ج عيسي! ع جي طرف ان کي انڌو ڪري ڇڏيو ۽ هو ٻاهر نڪري آيو ۽ چوڻ لڳو ته مون اندر چڱيءَ طرح جانچي ڏٺو آهي عيسي! ع اندر آهي ئي ڪونه! هن جي هٿ ۾ اگهاڙي تلوار هُئي، ماڻهو چوڻ لڳيس ته تون ئي عيسي! آهين پوٰ ماڻهن ان کي پڪڙي ورتو 7 قتل ڪري ڇڏيو.“ و ما قتلواه وماصلبوه ولڪن شبه لهم“ عهدمه ابن جرير ٻُڌائي ٿو ته حضرت وهب بن منبه رضيه سان روايت ٿي ڪن ته حضرت عيسي! ع 17 حوارين سان هڪ گهر ۾ ويٺا هُئا، يهودين ان گهر جو محاصرو ڪري ورتو، ڏٺو ويو ته الله ج سڀني کي عيسي! ع جو همشڪل بڻائي ڇڏيو هو، محصور ڪندڙن چيو ته تو اسان تي جادو ڪري ڇڏيو آهي، يا ته توهان مان ڪو ٻُڌائي ته عيسي! ع ڪهڙو آهي يا پوٰ اسان سڀني کي قتل ڪري ڇڏينداسون. اتي حضرت عيسي! ع حوارين کان پُڇيو ته اڄ ڪير آهي جيڪو پاڻ کي جنت جي بدلي ۾ وڪڻندو؟ هڪ شخص چيو” مان ٿو پاڻ کي وڪڻا“ اهو چئي اهو شخص محصور ڪندڙن ڏي ٻاهر نڪري ويو ۽ چيو تهان عيسي! آهيان. الله ج هن جي شڪل عيسي! عجهڙي ٺاهي هُئي ۽ حملي آورن کيس پڪڙي قتل ڪري ڇڏيو ۽ صليب تي لٽڪائي ڇڏيو.
    [​IMG]
     
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عيسي ع ابن مريم ع کي جڏنهن الله ج آگاه ڪيو ته مان ج کين ع کي هن دُنيا مان وڃڻ وارا آهيو ته هو موت جي خوف کان تمام گهڻو روئڻ لڳا
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    ابن حرير ر وهب ر کان روايت ڪن ٿا ته عيسي! ع ابن مريم ع کي جڏنهن الله ج آگاه ڪيو ته مان ج کين ع کي هن دُنيا مان وڃڻ وارا آهيو ته هو موت جي خوف کان تمام گهڻو روئڻ لڳا ۽ ان ڳاله جو کين گهڻو صدمو لڳو. پاڻ ع پنهنجي حوارين کي گهرايو ۽ انهن لاءِ کائڻ جو بندوبست ڪري چويو ته اڄ رات مون وٽ اچجو توهان سان هڪ ڪم آهي. جڏنهن رات جو هي آيا ته پاڻ ع کين پهرين کاڌو پيش ڪيو ۽ سندن خدمت ۾ لڳي ويا. جڏنهن انهن ماني کا
    ئي بس ڪئي ته پاڻ سندن هٿ ڌئارڻ لڳا ايستائي جو کين وضو به ڪرائڻ لڳا ۽ پوءِ پاڻ ئي سندن هٿن کي پنهنجي ڪپڙن سان صاف ڪرڻ لڳا اها ماجرا ڏسي سڀئي حيرت ۽ اچرج ۾ پوڻ لڳا ۽ عيسي! کان خدمت وٺڻ کي ناپسند ڪيائون. پاڻ ع چئين ته اڄ رات آئون جيڪو ڪجه به ڪري رهيو آهيان ، جي ڪنهن مونکي ان مان ڪجه به ورائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته نه اهو مونسان آهي ۽ نه ئي منهجو ان سان ڪو تعلق پوءِ سڀني اطاعت سان سرخم تسليم ڪيو. پاڻ ع چيو” اڄ رات مون جو ڪجه ڪيو، توهان جي اڳيان ماني رکي، توهان جا هع ڌئاريا اهو ان لاءِ ته اهو توهانجي زندگيءَ جو نموني بڻجي، توهان ڏسو پيا ته آئون توهان سڀني مان بهتر آهيان ان ڪري هڪ ٻئي کان وڏو ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪجو، هڪ ٻئي سان ايثار جو اظهار ڪندا رهجو، جيئن مون ع ڪيو آهي توهان جي مددٺڻ جو مقصد اهو آهي ته اوهان الله ج کان دعا گهرو ۽ گهڻو گهڻو فرياد ڪريو ته اللج ج مُهنجي موت کي موئخر ڪري ڇڏي. جڏنهن ماڻهو دعا ۾ مشغول رهيا ۽ ارادو ڪيائون ته دعا ۾ خوب محنت ڪريو ته انهن کي ننڊ وٺي وئي ۽ هو مزيد دعا نه ڪري سگهيا. عيسي! عليه انهن کي سڄاڳ ڪيو ۽ ع چوڻ لڳن” سبحان الله! ڇا توهان صرف هڪ رات صبر ڪري مُهنجي مدد نٿي ڪري سگهيا؟“ حواري چوڻ لڳا” بخدا! اسانکي خبر نه پئي ته هي اسان سان ڇا ٿي ويو؟ بخدا! اسان راتين جو دير تائين جاڳندا رهيا آهيون پر اڄ رات اسان کان جاڳيو نه پيو ٿئي! اسان جڏنهن به دعا ٿا پنون! ته اسان ۽ اسان جي دعا وچ ۾ ننڊ حائل ٿيو وڃي“ عيسي! ع وراڻين” چارڻ کي کنيو ويندو! رڍون منتشر ٿي وينديون! ۽ توهان ائين ئي ڳالهيون ڪندا رهيا پنهنجي وڃڻ جي خبر ڏيندي“ ۽ پوءِ ع چيو ” هي سچ آهي ته توهان مان هڪ شخص ڪڪڙ جي بانگ کان پهرين 3 دفعا منهنجو انڪار ڪندو ۽ توهان مان هڪ شخص ٿوڙي رقم جي بدلي مونکي وڪڻي ڇڏيندو ۽ منهنجي قيمت وٺي کائيندو.“ حواري اتان ٻاهر نڪتا ۽ بکري ويا، يهودي عيسي! ع کي تلاش ڪرڻ لڳا، انهن حوارين مان هڪ (شمعون) نالي شخص کي پڪڙيو ۽ چيو ته هي عيسي! ع جي ساٿين منجهان آهي، شمعون انڪار ڪيو ته هو عيسي! جي ساٿين مان ناهي ته يهودين شمعون کي وڃڻ ڏنو ۽ کيس وري يهودين جي ٻئي گروه به پڪڙي سڳي ڳاله چئي ۽ هو انڪار ڪندو رهيو . ان دوران ڪڪڙ ٻانگ ڏني ۽ شمعون زارو زار روئيندو رهيو، جنهن جي عيسي! ع پيشن گوئي ڪئي هُئي. جڏنهن صبح ٿيو ته حوارين مان هڪ شخص يهودين وٽ آيو ۽ چوڻ لڳن ته جي هو کيس عيسي! ع وٽ وٺي هلي ته هو کيس ڇا ڏيندا، انهن چيو 3 درهم! هن رقم ورتي ۽ انهن کي ٻڌايو ته عيسي! ع ڪٿي آهي، پر ان کان پهرين جو عيسي! ع گرفتار ٿئي الله ج ان وڪڪڻ واري شخص کي عيسي! ع جو همشڪل ٺاهي ڇڏيو! ۽ يهودين ان کي پڪڙي ورتو. ان جا هٿ پير ٻڌي کڻي هليا ۽ گڏوگڏ چوندا رهيا ته تو آهين اهو جيڪو مردن کي جيئرو ڪندو آهين؟ شيطانن کي ڪڍي ڇڏيندو آهين ۽ چرين کي شفاياب ڪندو اهين؟ ۽ هاڻ پاڻ کي هن رسيءَ مان ڇو نٿو ڇڏائين؟ سندس منهن تي ٿڪندا هُئا، انهن تي ڪنڊا وجهندا هُئا، ايستائين جو بل آخر کيس ڪاٺ تي ٺوڪي صليب تي چاڙهيائون. ۽ اهڙيءَ طرح الله ج عيسي! ع کي زنده ئي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. ان همشڪل جو لاش 7 ڏينهن تائين صليب تي ٽنگيل رهيو. ۽ پوٰ ءِ ٿيسي! ع جي ماءُ ۽ اها عورت جنهن لاءِ عيسي! ع دَوا تجويز ڪئي هُئي اها چرئي پن کان شفا ياب ٿي هُئي ٻئي روئينديون آيون جتي صليب تي لاش ٽنگيل هو اتي پهچي ويون. انهيءءَ دوران اتي عيسي! پهچي ويا ۽ پڇيو” ڇو ٿا رئو؟“ هنن چيو ته تنهنجي ع ڪري “ پاڻ ع چيائون” الله ج ته مونکي پاڻ وٽ کڻي ورتو آهي ۽ مونتي سوا ڀلائِءِ جي ٻي ڪا شيءِ ناهي پُهتي” ان سان اُهي ماڻهو شق ۾ پئجي ويا بس انهن حوارين کي چئو ته ”مونکي فلان جڳه تي کڻي وڃن“ حواري کين ع ان جڳه تيکڻي آيا جتي حوارين جو تعداد 11 هو. اتي اهو ڪون هو جنهن عيسي! جو سودو ڪيو هو، پاڻ حوارين کان پڇيو ته ٻارهون ڪٿي آهي، جنهن چين ته هو پنهنجي ڪئي تي نادم آهي ۽ گچيءَ ۾ ڦاهي وجهي خود ڪشي ڪري ڇڏيائين“ پاڻ هڪ ٻار جو پڇيائون جنهنجو نالو يحي! هو ۽ هن سان گڏ رهندو هو . پاڻ چوڻ لڳن ته هليا وڃو مان توهان سان گڏ آهيان توهان مان هر شخص هڪ قوم جي زبان ڳالهائڻ لڳندو .(والله اعلم)
    [​IMG]
     
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حضرت مريم ع بادشاه جي گهر وئي ۽ پڇيو ته ڇا هو صليب تي ٽنگيل جسم کي لاهي؟ ڇو جو سوريءَ تي ٽنگجندي 7 ڏينهن ٿي چڪا آهن.
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    حافظ ابن عساڪر، يحي! بن حبيب بيان ڪن ٿا” حضرت مريم ع بادشاه جي گهر وئي ۽ پڇيو ته ڇا هو صليب تي ٽنگيل جسم کي لاهي؟ ڇو جو سوريءَ تي ٽنگجندي 7 ڏينهن ٿي چڪا آهن. مريم ع سمجي رهيون هُيو ته صليب تي لٽڪيل سندن فرزند عيسي! ع آهي. بادشاه کين ع اجازت ڏني ۽ پاڻ ان شخص مغل شڪل عيسي! کي کڻي اچي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو. حضرت مريم، يحي! جي ماءُ کي چيو ته ته ڇا تون مونسان هلنديئن؟ ته اسان عيسي! ع جي قبر جي زيارت ڪري ا
    چون؟ ٻئي گڏ ويون ۽ جڏنهن قبر جي ويجهو پهتيون ته ريم ام يحي! کي چيو ته ڇا تون پرده ڪونه ڪنديئن؟ ام يحي! وراڻيو پرده! ڪنهن کان ڪريان؟ مريم ع چيو ان شخص کان جيڪو قبر جي ويجهو آهي، ام يحي! وراڻيو ته مونکي ته ڪو شخص ڏسڻ ۾ نٿو اچي. مريم ع سمجي ويون ته هي جبريل امين عليه اسلام هُئا. مريم ع جو جبريل امين ع سان ملڻ کي هڪ عرصو گذري چڪو هو. مريم ع ٻي روايت آهي ته پاڻ ام يحي! کي چيو ته تون اتي ئي بهي ره! ۽ پوءِ پاڻ قبر طرف روانه ٿي ويون، جڏنهن قبر ويجهو پهتيون ته جبريل ع انهن ع سان مخاطب ٿيو ۽ مريم ع کين سڃاڻي ورتو. جبريل ع چئين” مريم ع توهان ڪيڏانه پياوڃو؟ پاڻ ع فرماين” عيسي! ع جي قبر ڏانهن زيارت ڪرڻ سلام ڪرڻ ته ان سان نئون عهد ڪري سگهان، جنهن تي جبريل ع چين ته اي مريم اهو مصلوب عيسي! ع ڪونه هو، عيسي! کي ته الله ج آسمانن طرف کڻي ورتو هو ۽ ڪافرن جي مڪو فريب کان کين پاڪ ڪري ڇڏيو. هي جوان ته عيسي! ع جو همشڪل هو ۽ ان جي ڪري ئي صليب تي چاڙهيو ويو، ان جي نشاني اها آهي ته هن جا گهر واري ان کي ڳولي رهيا آهن جن کي خبر ئي ناهي ته کيس صليب تي لٽڪائي ماريو ويو آهي ۽ هو ان لاءِ روئي رهيا آهن. اي ريم تو فلاڻي ڏينهن اچجئي فلاڻي جنگل ۾ توهانجي ملاقات عيسي! ع سان ٿي ويندي. راوي چون ٿا ته مريم ع جبريل ع سان گفتگو ڪري واپس ام يحي! وٽ اچي وئي ۽ کيس ٻڌايو ته جبريل ع آيا هُئا ۽ ان کيس ع هيئن چيو آهي ۽ جڏنهن اهو مقرر ڏينهن آيو ته مريم ع ان جنگل ڏانهن رواني ٿي ويون جتي سندن عيسي! سان ملاقات ٿي وئي. جڏنهن عيسي! ع جي نظر پنهنجي والده تي پئي ته هو ع ماءُ وٽ ڊوڙندا پُهچي ويا ۽ فرط مُحبت سان ڀاڪر پائي سندن پٿي مُبارڪ کي بوسو ڏنو ۽ ان ع لاءِ دُعا ڪندا رهيا جيئن پهرين ڪندا رهندا هُئا. پاڻ ع کين مخاطب ٿي فرمايو” اي امي! يهودين مونکي قتل ڪونهين ڪيو پر الله ج مونکي پاڻ وٽ کڻائي ورتو آهي ۽ الله ج جي مرضيءَ سان آئون ع سرف توهان سان ملڻ آيو آهيان توهان عنقريب هن دُنيا مان به موڪلائي وينديون، صبر کان ڪم وٺو، الله ج جو ڪثرت سان ذڪر ڪيو! اهو چئي عيسي! آسمان طرف بُلند ٿي ويا. سندن ع اها پهرين ۽ آخري ملاقات هُئي ۽ پوءَ بيبي مريم جي وفات تائين ڪا به ملاقات نه ٿي. راوي چوي ٿو ته مون تائين هيءَ ڳاله پهتي ته مريم ع جي عيسي ع جي آسمان تي کڻڻ کان پوءِ 5 سال جيئرون رهيون ۽ پوءِ وفات ڪري ويون جڏهن مريم ع جي وفات ٿي ته سندن عمر 53 سال هُئي. حضرت حسن رضيه کان روايت آهي ته عيسي! ع جي عمر جڏنهن آسمان طرف کنيا ويا ته 34 سال هُئي. حديثن ۾ اچي ٿو ته جنتي جڏنهن جنت ۾ داخل ٿيندا ته انهن جون مُڇيون ۽ ڏاڙهي ڪونه هوندي اکيون سرمن سان ڀريل هوندون ۽ سند عمر 33 سال هوندي. هڪ ٻي حديث ۾ اچي ٿو ته ”(اهل جنت) حضرت عيسي! ع، حضرت حسن ع، ۽ حضرت يوسف غ جي ڄم ڏهاڙن تي جنت ۾ داخل ٿيندا“ حماد بن سلمه بن علي بن يزيد کان ۽ هو سعيد بن المسيب ر کان روايت ڪن ٿا ته انهن ٻُڌايو ته حضرت عيسي! غ کي جڏنهن آسمان طرف کينيو ويو ته پاڻ 33 سالن جا هُوا. ”و اتينا عيسي ابن مريم البينات و ايديدناه بروح القدس(سوره البقر)“ ۽ ڏنو اسان عيسي ابن مريم کي روشن نشانيون ۽ اسان تقويت ڏني کين انهيءِ جبريل کا“ ثم قفينا علي آثارهم برسلنا و قفينا بعيسي ابن مريم و آتاناه الانجيل (سوره الحديد) پوءِ اسان ان جي پٺيان انهيءَ جي ئي راه تي رسول موڪليا ۽ انهن جي پُٺيان عيسي! ابن مريم کي موڪليو ۽ ان کي انجيل عڀا ڪئي“
    [​IMG]
     
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حضرت عيسي! عليه السلام کي مسيح چوڻ جو سبب اهو آهي ته پاڻ ع زمين تي گهڻو هلندا هُئا
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    حضرت عيسي! عليه السلام کي مسيح چوڻ جو سبب اهو آهي ته پاڻ ع زمين تي گهڻو هلندا هُئا، هڪ ته زمين تي هلڻ سان الله ج جي قدرت جا نظاراڏسڻ مقصود هو ۽ ٻيو ته پاڻ ع يهودين کان لڪندا هُئا جنهنجي ڪري کين پنهنجي جڳه بدلائڻي پوندي هُئي. هي ماڻهو کين ع الله ج جو نبي مڃڻ لاِ تيار نه هُئا ۽ سندن ع ۽ سندن والده مريم ع تي الزام هڻندا رهندا هُئا ٻيو اهو سبب ٻُڌايو ويو آهي ته سندن ع جي قدمن کي مسح ڪيو ويو هو. ” ما
    المسيح ابن مريم الا رسول قدخلت من قبله الرسل و امه صديقه.(نه مسيح بن مريم، مگر هڪ رسول، گُذري چُڪا ان کان پهرين به ڪئي رسول ۽ ان جي ماءُ وڏي صحيح رستي تي هلڻ واري هُئي. سوره المائده). بخاري، مسلم، شعبي جي حوالي سان، ابوبرده بن ابو موسي کان، هو پنهنجي والد کان روايت ڪن ٿا ته نبي ص جن فرمايو” جڏنهن ڪو شخص پنهنجي نوڪرياڻي (باندي، لونڊي) کي ادب سيکاري ٿو، خوب ان جي تربيت ڪري ٿو، ان کي تعليم ڏي ٿو ۽ خوب ڏي ٿو ۽ پوءِ کيس آزاد ڪري ان سان نڪاح ڪري ٿو ته هن کي ٻه اجر ملن ٿا. ۽ جيڪو عيسي! ع تيايمان آڻي ٿو ۽ پوءِ مون ص تي ايمان آڻي ٿو ته ان کي به ٻه اجر ملن ٿا. هڪ ٻانهون جڏنهن پنهنجي رب کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي آقا جي اطاعت ڪري ٿو ته ان کي به ٻه اجر ملن ٿا. امام بخاري ره، زهري رضيه سان روايت ڪن ٿا ته نبيص فرمايو” معراج جي رات مان ص موسي! ع سان مليس. ابو هريره رضيه فرمائي ٿو ته نبي سائين ص جن موسي ! ع جو مڪمل بيان ڪندي ٻڌايو ته ” پاڻ سنهڙا، سڌن وارن وارا هُئا ائين ٿي لڳو گويا قبيله نوه جا شخص هجن. پاڻ ص فرمايو مان عيسي! ع سان مليس ” هو وچولي قد ۽ ڳاڙهي رنگ وارا هُئا، ائين لڳو ڄڻ هان حمام مان وهنجي نڪتا آهن ۽ ون ابراهيم ع کي ڏٺو” ۽ مان ص ان جي سڀني اولادن مان ان ع سان گهڻي مشهابيت رکان ٿو“،
    [​IMG]
     
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مسيح دجال ساڄي اک کان ڪاڻو آهي، ان جي ساڄي اک اهڙي هوندي جهڙو ڪو ڦُليل انگور
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    حضرت عبدالله بن عمر رضيه سان روايت ته نبي سائين ص هڪ ڏينهن ماڻهن سان مسيح ۽ دجال جو ذڪر ڪيو فرمايو” الله ج ڪاڻو ناهي جڏنهن ته مسيح دجال ساڄي اک کان ڪاڻو آهي، ان جي ساڄي اک اهڙي هوندي جهڙو ڪو ڦُليل انگور، مون رات خواب ۾ هڪ شخص کي ڪعبه” الله وٽ ڏٺو جنهن جو رنگ گندمي هو، وار ڪنڌ تائين ۽ صاف سڌا هُئا، جڻ ته ان مان پاڻي پيو ٽمي هو ٻن ماڻهن جي ڪنڌ تي هٿ رکي طواف ڪري رهيو هو. مون ماڻهن کان پُڇيو هي ڪير آه
    ن؟ ماڻهن وراڻيو، هي عيسي! ع بن مريم ع آهن، وري مون ان جي پٺيان هڪ شخص کي ڏٺو جنهن جا وار گهنڊيدار هُئا ۽ ساڄي اک کان ڪاڻو هو، جڏنهن مون ڏٺو ته هو ابن قطن سان گهڻو مشابهت رکندڙ هو، هو به پنهجا ٻئي هٿ هڪ شخص جي ڪنڌ تي رکي طواف ڪري رهيو هو. مون پڇيو هي ڪير آهي؟ ماڻهن ٻڌايو ته هي ”دجال“ آهي. هن کي مسلم ، موسي! بن عقبه جي حوالي سان روايت ڪيو آهي، پوءِ امام بخاريءَ رح فرمايو آهي ته عبدالله بن نافع هن جي اتباع ڪئي آهي، پوءِ ان زهري عن سالم بن عمر جي طريقي سان هلايو، زهري چوي ٿو ته ابن قطعن خزاعه قبيلي جو هڪ شخص هو جيڪو جاهليت جي دئور۾ مري ويو هو. “ حضور ص جن اهڙيءَ ريت ٻن مسيحن جو تعارف ڪرايو آهي هڪ مسيح هدايت (عيسي! ع) ۽ ٻيو مسيح ضلالت (دجال) ته جيئين هي اچن ته ماڻهو ان هن کي سڃاڻي وٺن. مومن مسيح هدايت تي ايمان آڻين ۽ ٻئي کان پاڻ کي بچائين.
    [​IMG]
     
  16. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ماءُ جي هنج ۾ صرف ٽن ٻارن ڳالهايو1عيسيى ع 2 اسرائيل سان تعلق رکندڙ هڪ شخص جنهنجو نالوجريج هو
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    امام بخاري رح حضرت ابو هريره رضيه کان روايت ڪن ٿا ته نبي سائين ص جن فرمايو ته” ماءُ هي هنج ۾ صرف ٽن ٻارن ڳالهايو(1) عيسي! ع (2) اسرائيل سان تعلق رکندڙ هڪ شخص جنهنجو نالو (جريج) هو، جريج نماز پئي پڙهي ته هن جي ماءُ اچي کيس دروازي تي سڏ ڏنو، هن اڃا اهو سوچيو پئي ته ماءُ جي سڏ تي جواب ڏيان يا نماز پڙهي مڪمل ڪريان، ته ان جا ماءُ کيس بد دُعا ڏني” اي الله ج هي ايستائين نه مري جيستائين ڪنهن زاني عورت جي
    جي شڪل نه ڏسي.(هڪ ڏينهن ٿيو به ائين) جريح پنهنجي عبادت ۾ مشغول هو ته هن وٽ هڪ عورت آئي ۽ بدڪاريءَ لاءِ گفتگو ڪرڻ لڳي. هن انڪار ڪيو. پوءِ هوءَ هڪ چوپايو مال چارڻ واري وٽ وئي ۽ ان کي پنهنجي مٺ ۾ ڪري ورتو ۽ پوءِ ان هڪ ٻار کي جنم ڏنو ۽ چوڻ لڳي ته هي جريج جو ٻار آهي، ماڻهن اچي جريج جي عبادتگاه کي مسمار ڪري ڇڏيو، ان کي هيٺ لاهي گهٽ وڌ چوڻ لڳا. جريج وضو ڪيو، نماز پڙهي ۽ پوءِ ان ٻار وٽ اچي چڇڻ لڳو ته تنهنجو پيءُ ڪير آهي، هن جواب ۾ ڳالهايو ۽ چيو ته چارڻ وارو. ماڻهو شرمندو ٿي ويا ۽ جريح کي چيائون ته هو عبادت گاه کي سون سان ٺاهي ڏيندا، جريج وراڻين نه! توهان صرف مٽيءَ جو ٺاهي ڏيو. (3) اهو جنهن کي بني اسرائيل جي هڪ عورت کير پئي پياريو ته ان جي ڀرسان هڪ خوبصورت سوار جو گذر ٿيو، ان عور دعا ڪئي ته يا الله ج منهنجي هن پُٽ کي ان جهڙو بڻائجئين، ٻار ان جو بُبو وات مان ڪڍي (سوار طرف نهاري چيو اي الله ج مونکي ان جهڙو نه ٺاهجئين) ان کان پوءِ وري بُبو چوسڻ لڳو. ابو هريره رضيه فرمائين ٿا ته ته جهڙو مان هاڻ به مُحمد ص جن کي پنهنجو آڱوٺو چوسيندو پيو ڏسان ۽ پوءِ ان وٽان هڪ بانديءَ جو گذر ٿيو، جيڪا چوڻ لڳي ته اي الله ج مُهنجي ٻار کي ان جهڙو نه بڻائجئين، ٻار ماءُ جو بُبو ڪڍي چيو” اي الله ج مونکي اهڙو ئي ڪجئين، ماءُ پُڇيس ڇو؟ ٻار چيس ته اهو سوار ظالم آهي، هن عورت لاءِ ماڻهو چون ٿا ته تو چوري ڪئي آهي، تو زنا ڪئي آهي حالانڪ هي نه زنا ٿي ڪري ۽ نه ئي چوري“ امام بخاري رح روايت ڪري ٿو ته نبي ص فرمايو ته مان ص سڀني کان وڌيڪ عيسي! ع ابن مريم ع جي ويجهو آهيان ۽ سڀئي نبي علاتي اولاد وانگر آهن، مُهنجي ص ۽ ان ع (عيسي! ع ) جي وچ ۾ ڪو به نبي نه گذريو آهي.“
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حضرت عيسي! عليه السلام دمشق جي اوچي مينار تي نزول فرمائينداان وقت صبح جي نماز ٿي رهي هوندي.
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    و ان من اهل الڪتاب ليومن به قبل مو ته و يوم القيامه يڪون عليهم شهيدا (سوره النساءِ) و انه لعلم الساعه (سوره الزرخرف). حضرت عيسي! عليه السلام دمشق جي اوچي مينار تي نزول فرمائينداان وقت صبح جي نماز ٿي رهي هوندي. مسلمانن جو امام (مهدي ع) عرض ڪندا ” اي روح الله اڳيان اچو ۽ اسان کي نماز پڙهايو ته پاڻ ع فرمائيندا ته تون ع فلاڻن فلاڻن تي حڪمران آهين، ڇو جو الله ج هن امت مُهمد ص کي وڏي عزت عطا ڪئي آهي. ه
    ڪ روايت آهي ته عيسي! ع فرمائيندا اقامت پاڻ ع لاءِ چئي وئي آهي ۽ امام مهدي ع جي پٺيان نماز پڙهندا ۽ پوءِ پاڻ سواري ڪري مسلمانن سان گڏ دجال جي تلاش ۾ نڪرندا ۽ کيس باب لد جي ويجهو قابو ڪري پنهنجي هٿن سان قتل ڪري ڇڏيندا. ۽ اسان اهو به ذڪر ڪيو آهي ته قوي اميد آهي ته ته پاڻ دمشق ۾ جيڪو مشرقي منارو ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي اڇن پٿرن سان ٺاهيو ويو آهي اُتي لهندا. هي منارو نصرانين جي مال سان ٺاهيو ويو آهي، جڏنهن ته اتي قائم مسجد کي ساڙي ڇڏيو هو ۽ ان جي ڇوڌاري ٽوڙ ڦوڙ ڪئي. حضرت عيسي! اتي نزول ٿيندو ته پاڻ سوئر کي قتل ڪري ڇڏيندا، صليب کي ٽوڙي ڇڏيندا، ۽ ڪنهن کان به سواءِ اسلام ج
    قبول ڪرڻ جي ڪجه به نه گهرندا. پاڻ ع روحاءِ جي گهاٽي کان حج يا عمري جي نيت سان نڪرندا ۽ 40 سالن تائين زمين تيقيام ڪندا ۽ پوءِ وفات ڪري ويندا ۽ جيئن چيو وڃي ٿو ته کين نبي مُحمد ص! ابوبڪر صديق رضيه! عمر فاروق رضيه سان گڏ روضه اقدس ۾ دفن ڪيو ويندو ( پر هن جي سند صحيح ڪانهين) هن جو ذڪر ابن عساڪر جي روايت ڪندڙ حديثن ۾ ملي ٿو، جن کي هن عيسي! جي حالات زندگيءَ ۾ نقل ڪيو آهي. هو هن ڪتاب جي آخر ۾ حضرت عائشه صديقه رضيه الله عنها کان روايت ٿو ڪري ته عيسي! ع نبي سائين جن سان مدفون ٿيندا. ابو مودود ٻُڌائي ٿو ته روضه اقدس ۾ هڪ قبر جي اڃا گُنجائش آهي ُ(والله اعلم) امام ترمذي ٻڌائي ٿو ته هي حديث آهي جنهن کي ضحاڪ بن عثمان المدني چيو آهي. امام بخاريءَ، يحيي بن حماد کان، ان عبو عوانه کان، هن عاصم الاحول کان، ان ابي عثمان النهدي کان، ان سلمان کان روايت ڪئي آهي ته عيسي! ع ۽ مُحمد ص جي وچ ۾ 600 سالن جو عرصو آهي، حضرت قتاده کان 560 سال، هڪ قول موجب 540 سال جو آهي ضحاڪ کان 430 قمري سال جو حساب لڳائجي ٿو، اهو ان لاءِ ته اهو 600 شمسي سالن جي برابر ٿئي (والله اعلم). اسلاف مان ڪئي عالم تصريح ڪئي ته 4 ماڻهن انجيل جو نقل ڪيو هو (1) لوقا (2) متي (3) مرقس ۽ (5) يوحنا. انهن چئني جي مختلف نسخن ۾ گهڻو تضاد آهي. هر انجيل ٻئي جي مختف آهي. هڪ واقعي کي انجيل ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ته ٻئي ۾ اختصار آهي يا سري سان واقعو آهي ئي ڪونهين. انهن جو پاڻ ۾ تضاد به گهڻو آهي. انهن 4 مان ته 2 اُهي هُئا جن عيسي! ع کي پوءِ سڃاتو ۽ اهي هُئا متي ۽ يوحنا ۽ 2 اهي هُئا جيڪي پاڻ ع جا صحابه هُئا اهي هُئا مرقس ۽ لوقا. عيسي! ع تي ايمان آڻڻ وارو ۽ تصديق ڪرڻ وارن ۾ ضينا نالي هڪ شخص، پولس يهوديءَ جي خوف کان هڪ جهنگ ۾ لڪي ويو هو. هي جهنگ ان ڪليسا جي مشرقي دروازي جي ويجهو هو جنهن کي صليب جي جڳه تي تعمير ڪيو ويو هو. پوليس يهودي وڏو ظالم ۽ مسيحت جو دشمن هو.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحمد ص چيو ته ”شهيد ابن شهيد جو ذڪر ڪٿي آهي“ جيڪو ٽاٽ جو لباس پائيندو هو، وڻن جا پن کائيندو هو
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    حضرت ابن شهاب رضيه کان روايت آهي ته نبي ص هڪ ڏينهن پنهنجن صحابه ڪرام ر وٽ وي ص، جيڪي نبين ع جي فضيلتن جو هڪ ٻئي سان ذڪر ڪري رهيا هُئا، ڪنهن پي چيو ته موسيٰ ع الله جا ڪليم هُئا، ڪنهن به چيو ته عيسيءِ ع الله ج جا روح الله ۽ ڪلمت الله هُئا ڪنهن پئي چيو ته ابراهيم ع خليل الله هُئا اهي ع ائين پئي بيان ڪيئون ته مُحمد ص ته ”شهيد ابن شهيد جو ذڪر ڪٿي آهي“ جيڪو ٽاٽ جو لباس پائيندو هو، وڻن جا پن کائيندو هو
    ڇو جو کين ع هر وقت گناه نه ڪرڻ جو ڀئو لڳو پيو هو. ابن وهب چئي ٿو تهي نبي ص جن جيان مان مُراد حضرت يحيٰ بن زڪري ع هُئي. م؟حمد بن اسحاق سعيد بن المسيب کان روايت ٿو ڪري ته ابن مسيب چيو ته کيس ابن العاص ٻڌايو ته محمد ص فرمايو ته هر شخص قيامت جي ڏينهن ايندو ته هن جي ذمي ڪو نه ڪو گناه هوندو سواءِ يحيٰ ع بن زڪري ع جي. حافظ ابو نعيم اصفهاني چوي ٿو ته ان کي اسحاق بن احمد، ابراهيم بن يوسف، احمد بن ابي اطواري ٻڌايو ته هنن ابو سليمان کي چوندي ٻڌو آهي ته ” عيسي ابن مريم ع ۽ يحيٰ بن زڪريا ع مٽر گشت ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتا ته اتفاق سان يحيٰ ع هڪ عورت سان ٽڪرائجي ويا جنهن تي عيسيٰ ع چيس ته ماسات! اڄ ته توکان غلطي سرد ٿي وئي ۽ مان سمجهان ٿو ته اها معاف به نه ٿيندي. يحيٰ ع پچيو ته ماسات ع مون اهڙو ڪهڙو ڪوڌو ڪم ڪيو آهي؟ عيسيٰ ع وراڻيس ته توهان ع هڪ عورت سان ٽڪرائجي ويا آهيو. يحيٰ ع وراڻيس ته مونکي ته عورت جو شعور به ناهي. عيسيٰ ع وراڻيس، سبحان الله! اوهان ع جو جسم ته مونسان گڏ آهي پر روح ڪٿي آهي؟ يحيٰ ٻُڌين ع ته ٿرش سان لٽڪيو پيو آهي جي مهنجو دل جبريل ع طرف به لڳي وڃي ته مان سمجهندس ته مون هڪ لمحي لاءِ به الله ج جي معرفت حاصل نه ڪئي. (هي حوالي غرابت آهي ۽ هي اسرئيليات مان آهي) اسرائيل ابي حصين کان خثيمه روايت ڪئي آهي ته عيسيٰ بن مريم ع ۽ يحيٰ بن زڪريا ع پاڻ ۾ ماسات هُئا. عيسيٰ ع صوف جو لباس پائيندا هُئا ۽ يحيٰ ع پوستين جو، ٻنهين وٽ نه درهم ۽ دينار هُئا ۽ نئي غلام ۽ ٻانهيون. جسم لڪائڻ لاءِ گهر نه هُئڻ ڪري جتي به رات ٿي ويندي هُين اُتي سمهين رهندا هُئا. جڏنهن ٻئي هڪ ٻئي کان جدا عيڻ لڳا ته حضرت يحيٰ چين ته مونکي ڪا نصيحت ڪريو، پاڻ ع چين ته ڪاوڙ نه ڪجائين، يحيءِ چين ته اهو ته ممڪن ناهي ته ڪاوڙ نه ڪريان، چين وري نصيحت ڪيائون ته پوءِ دنياداريءَ کي دل نه ڏجان، يحيٰ ع چيو ته ها اهو ممڪن آهي. وهب بن منبه کان ورتل هڪ روايت ۾ اختلاف ٿيو آهي ته زڪري ع فوت ٿي ويا يا کين قتل ڪيو ويو هو. هڪ روايت موجب جنهن کي عبدالمنعم بن ادريس بن سنان پنهنجي والد ۽ ان وهب بن منبه کا ورتو موجب جڏنهن حضرت زڪريا ع پنهنجي قوم کان بچي هڪ وڻ (جي خال ۾) ۾ داخل ٿي ويا ته ماڻهن اتي پُهچي وڻ کي آريءَ سان چيرڻ لڳا، جڏنهن آري سند پاسيرين تائين پُهتي ته پاڻ تڪليف ۾ ڪراهڻ لڳا. الله ج وحي موڪلي ته جي تو هي چيخ و پڪار بند نه ڪئي ته مان هيءَ زمين ۽ جيڪو ڪجه ان ۾ آهي ان کي پلٽي اُبتوڪري ڇڏيندس اهو ٻڌي پاڻ ڪراهڻ بند ڪيائون ايستائين جو پاڻ وڻ سميت ڪٽجي ويا. اسحاق بن بشر ادريس بن سنان کان ۽ هو وهب کان روايت ٿو ڪريته جنهن شخص لاءِ وڻ ٻه حصه ٿيو هو اهو حضرت شعيا ع هُئا باقي حضرت زڪريا ع وفات ڪري ويا هُئا (والله اعلم). چون ٿا ته يحيٰ ع تنهائي پسند هُئا پاڻ ويرانن ۾ رهڻ گهڻو پسند ڪندا هُئا، وڻن جا پن کائيندا هُئا، شاخن مان پاڻي پيئندا هُئا، ۽ ڪڏنهن ڪڏنهن تڏيون کائي بک متائيندا هُئا ۽ پاڻ ئي چوندا هُئا ته اي يحيٰ توکان وڌيڪ انعام يافته ڪير ٿو ٿي سگهي. ُوالله اعلم) ابن عساڪر بيان ٿو ڪري ته سندن والدين کين تلاش ڪرڻ لاءِ نڪتا ته ڏٺو ته پاڻ بحريه اردن ۾ ويٺا هُئا. ملاقات ڪري ٻئي زال مرد رُنا چو جو يحيٰ ع بيهد عبادت گزار هوندا هُئا ۽ الله ج کا گهڻو ڊڄڻ وارا. ابن وهب، الڪ کان، هو حميد بن قيس کان ۽ هو مجاهد کان روايت ٿو ڪري ته ” زڪريا ع جي پُٽ يحيٰ ع جيخوراڪ گاه هُئي، پاڻ الله ج جي خشيت سان زاروقطار روئندا رهندا هُئا ايستائي جياکين تي ڏامر چڙهيل هجي ها ته ڳوڙها انهن کي به چيري نڪري اچن ها.“. ابن مبارڪ، وهب بن الورد ر کان روايت ٿو ري ته ” زڪريا ع کان يحياٰ ع ٽن ڏينهن تائين وڃائجي ويا، زڪريا ع کين ع ڳوليندو هڪ وارني ۾ آيا ته ڇا ٿا ڏسن ته يحيا ع هڪ قبر کوٽي ان ۾ ليٽي زاروقطار روئي رهيا هُئا. پهکي زڪريا ع چين ته يحيا ع مان ع توکي ٽن ڏينهن کان پيو ڳوليان ۽ تون قبر کوٽي ان ۾ ليٽي زارو قطار پيو روئين. يحيا ع وراڻين ته اي بابا! توهان ع ته فرمائينداهُئا ته جنت ۽ دوزخجي وچ ۾ هڪ صحراءِ آهي جنهن کي صرف روئڻ وارين اکين سان پار ڪريسگهجي ٿو. پاڻ فرمايائون ته پٽ گهڻو رُنين ۽ پوءِ ٻئي پيءُ پُٽ زارو قطار روئڻ لڳا.
    [​IMG]



     
  19. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    الله ج پنهنجي رسول مُحمد ص جن کي حڪم ڏنو ته زڪريا ع جي حالتن کان ماڻهن کي آگاهي ڏين ته ڪهڙيءَ طرح الله ج هن کي پوڙهائپ ۾ اولاد سان نوازيو
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    حافظ ابوالقاسم بن عساڪر پنهنجي جامع تاريخي ڪتاب ۾ ٻُچائين ٿا ته زڪريا ع جي والد جو نالو برخيا هو، کين زڪرياءِ بن دان به چئجي ٿو. زڪريا بن لدن بن مسلم بن صدوق بن حثبان بن دائود بن سليمان بن مسلم بن صديقه بن برخيا بلعطه بن ناحور بن شلوم بن يهفا بن اينامن بن رحجام بن سليمان بن دائود. زڪريا ع بني اسرائيل جي معروف نبي ع جا والد محترم هُئا. حضرت زڪريءِ ع دمشق جي ويجهو واقع ڳوٺ” البثنته“ ۾ پنهنجي پُٽ حضر
    ت يحيٰ ع جي تلاش ۾ ويا. هڪ قول موجب جڏنهن حضرت يحيٰ ع کي شهيد ڪيو ويو ته پاڻ دمشق ۾ هُئا. الله ج پنهنجي رسول مُحمد ص جن کي حڪم ڏنو ته زڪريا ع جي حالتن کان ماڻهن کي آگاهي ڏين ته ڪهڙيءَ طرح الله ج هن کي پوڙهائپ ۾ اولاد سان نوازيو، سندن زال محترمه ساره رضيه جوانيءَ ۾ کان ئي بانجه هُيون. ۽ عمر جي ان حد تي هُيون جنهن ۾ اولاد جو ڄڻن معجزي کان گهٽ نه هو. ۽ ماڻهون الله جي فضل ۽ رحمت کان مايوس نه ٿين. ذڪر رحمه ربڪ عبده زڪريا از نادي ربه ندءَ خفيا. (سوره مريم) (هي ڪر آهي اوهانجي رب جي رحمت جو، جيڪو هن پنهنجي ٻانهين زڪريا تي ڪيو.) ڪنسلف صالحين جو ارشاد آهي ته حضرت زڪريا ع رات جي وقت اُٿيا ۽ پاڻ سان گڏ ليٽيل ٻئي شخص جي ٻڌڻ کان لڪي آهستي آهستي الله ج کي عرض ڪيو ته” اي مُهنجا رب!“الله ج وراڻيو” لبيڪ، لبيڪ، اي مُهنجا بنده حڪم ڪر! مانحاضر آهيان” قال رب اني وهن العظم مني(چيو اي مُهنجا رب مُهنجي حالت اها آهي جو، ڪمزور ۽ پراڻيون ٿي ويون آهن مُهنجون هڏيون“و اشتعل الراس شيبا(۽ بلڪل اڇو ٿي ويو آهي معپ پوڙهائپ جي ڪري) ولم اڪن بدعائڪ رب شقيا( ۽ اڄ تائين ائين ناهي ٿيو جو مون توکي پُڪاريو هُجي مُهنجا رب! ۽ مان نامراد ٿيو هُجان)، هنالڪ دعا زڪريا ربه قال رب هب لي من لدنڪ ذريه طيبه انڪ سمع الدعا. (سوره آل عمران)” اتي ئي دُعا گهري زڪري پنهنجي رب کان . عرض ڪيو ته اي مُهنجا رب عطا ڪر مونکي پاڻ وٽان هڪ پاڪيزه اولاد، بيشڪ تون ئي ٻُڌڻ وارو آهين“ و اني خفت الموالي من وريئي و ڪانت امراءَتي عاقرا”۽ مان ڊڄان ٿو (پنهنجي بي دين)مائٽن کان(ته هو) مونکان پوءِ (دين نه وڃائي ويهن) ۽ مهنجي زال بانجه آهي“ و يرث من آل يعقوب و اجله رب رضيا” ۽ وارث بڻاءِ يعقوب ع جي خاندان جو ۽ بڻاءِ ان کي اي مُهنجا رب پسنديده“ حضرت زڪريا ع جي دُعا قبول پوي ٿي ۽ الله ج جي وحي آئي ” يا زڪريا انا نبشرڪ بغلم ن اسمه يحيٰ لم نجعل له من قبل سميا.(سوره مريم) اي زڪريا اسان خوشبري ڏيون ٿا توکي هڪ ٻار جي(پئدا ٿيڻ جي) ان جو نالو يحيٰ هوندو اسان ناهي ڪوپئدا ڪيو هن جو همنام ان کان پهرين“ فناده الملئڪه و هو قائم يصلي في المحراب ان الله يبشرڪ بيحيي مصدقا بڪلمه من الله و سيدا و حصورا و نبيا من الصالحين.(سوره آل عمران)” پوءِ آواز ڏنو ان کي فرشتن، جڏنهن هن بهي نماز پئي پڙهي(پنهنجي) عبادت گاه ۾ بيشڪ الله خوشبري ڏي ٿو توکي يحيٰ جي جيڪو تصديق ڪرڻ وارو هوندو الله طرفان هڪ فرمان کي ۽ سردار هوندو ۽ هميشه ورتن کان بچڻ وارو هوندو ۽ نبي هوندو صالحين مان“ قال رب اني يڪون لي غلام و ڪانت امراءَتي عاقرا و قد بلغت من الڪبر عتيا ”اي مهنجا رب! ڪيئين ممڪن آهي مونکي اولاد ٿئي حالنڪه مُهنجي زال بانجه آهي ۽ مان خود پُچي چُڪو آهيانپوڙهائپ جي انتها کي“ چون ٿا ته زڪريا ع جي عمر 99 سال يا ممڪن آهي ان کان وڌ هُئي ان وقت. ” حضرت ساره رضي الله عنها حيران ٿي چيو” يا ويلتيءِ االد و اني عجوز و هذا بعلي شيسا. ان هذا لشيءِ عجيب. قالو اتعجبين من امر الله رحمه و برڪاته عليڪم اهل البيت انه حميد مجيد.(سوره هود) وائي حيراني! ڇا مان ٻر چڻينديس حالانڪه مان پوڙهي ٿي چُڪي آهيان ۽ مُهنجومڙس به پوڙهو آهي. بلاشبه هي ته عجيب و غريب آهي، فرشته چوڻ لڳس ڇا تون تعجب ٿي ڪرين اللج جي حڪم تي؟ الله جي رحمت ۽ برڪتون هجن تو مٿان اي ابراهيم جي گهروارئو! بيشڪ هو هر طرح سان تعريف ٿيل ۽ وڏي شان وارو آهي“ زڪريا ع چيو ته ”قال رب اجعل لي ايه“ اي مُهنجا رب ڏي ڪا مونکي علامت“ قال آيتڪ الاتڪلم الناس ثلث ليال سويا”چيو تنهنجي علامت اها آهي ته تون ڳالهائي نه سگهندي ماڻهن سان ٽن راتين تائين حالنڪه تو صحتمند هوندين“ الله جل شانه جڏنهن کين بشارت سان سرفراز ڪيو ته پاڻ خوش خوس پنهنجي عبادت جي ڪمري کان ٻاهر نڪري آيا ۽ قوم سان مليا ”فاوحي اليهم ان سبحوا بڪره و عشيا.“ ته اشاري سان انهن کي سمجهايو ته توهان پاڪي بيان ڪريو (پنهنجي رب جي) صبح ۽ شام“ يا يحيا خذ الڪتاب بقوه و آتيناه الحڪم صبيا. ” اي يحيٰ پڪڙ هن ڪتاب کي مضبوطيءَ سان ۽ اسان عطا ڪئي هن کي دانائي جڏنهن ته هو ٻار هو“ ٻارن جڏنهن يحيٰ عليه اسلام کي پاڻ سان راند رهڻ لاءِ چيو ته پاڻ ع فرمائين تاه مونکي راند روند رهڻ لاِ ناهي پئدا ڪيو ويو“ وبرا بوالديه و لم يڪن جبارا عصيا“ هو خدمت گذار هُئا پنهنجي والدين جا ۽ جابر(۽) سرڪش نه هُئا.” وسلام عليه يوم ولد و يوم يموت و يوم يبعث حيا.” ۽ سلامتي هُجي ان جي مٿان جنهن ڇينهن ڄميا، جنهن ڏينهن وفات ڪندا ۽ جنهن ڏينهن اٿاريو ويندو انهن کي زنده ڪري“ (جاري)
    [​IMG]



     
  20. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ فرشتي اچي پنهنجي پَر سان پولس جي منهن تي ضرب هنئي ته هو انڌو ٿي پيو. جڏنهن پولس اهو معجزو ڏٺو ته هن کي يقين ٿي ويو ته عيسي! ع الله ج جو سچو نبي آهي.
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    جڏنهن پولس کي خبر پئي ته عيسي! ع دمشق طرف روانا ٿي ويا آهن ته هو پنهنجي خچر تي زين ڪسي پويان تعاقب ۾ ويو ته جيئن عيسي! ع قتل ڪري ڇڏي. پولس عيسي! ع کي ڪب جي علائقي ۾ گهيري ورتو هن عيسي! ع جي شاگردن تي اڃا حملي ڪرڻ ارادو ئي ڪيو هو ته هڪ فرشتي اچي پنهنجي پَر سان پولس جي منهن تي ضرب هنئي ته هو انڌو ٿي پيو. جڏنهن پولس اهو معجزو ڏٺو ته هن کي يقين ٿي ويو ته عيسي! ع الله ج جو سچو نبي آهي. هو عيسي! ع وٽ حا
    ظر ٿيو ۽ پنهنجي ڪيل حرڪتن جي معافي تلافي گهرڻ لڳو. عيسي! ع سندس معذرت قبول ڪئي ۽ کائنس بيعت پڻ ورتي. پولس گذارش ڪئي ته هاڻ پنهنجا ع هٿ مبارڪ اکين تي ڦيرائين ته هن جي اکين جي روشني واپس اچي وڃي. پاڻ ع کيس چيو ته ضينا وٽ وڃي جيڪو دمشق ۾ پولس وٽ آهي ۽ هو مسرف جي سوق مستطيل ۾ رهي ٿو ۽ هو ان لاءِ دعا ڪندو. پولس ضينا وٽ ويو ۽ هن دعا ڪئي ته هن جي اکين جي روشني واپس اچي وئي. پولس هڪ سٺو انسان ثابت ٿيو هن پنهنجي نالي ”پولس“سان ڪليسا جو بنياد رکيو. هن جو عقيده هو ته عيسي! ع الله ج جو ٻانهون ۽ رسول آهي. پولس جو تعمير ٿيل ڪليسا دمشق ۾ ڪافي شهرت ٿو رکي. جڏنهن اصحابن هن علائقي کي فتح ڪيو هو ته ان وقت به هي ڪليسا جيڪو پولس جي نالي سان مشهور هو، اتي موجود هو. عيسي! ع جي آسمان تي کڻي وڃڻ کان پوءِ، عيسائين ۾ اختلاف ٿي پيا. جيئن حضرت ابن عباس ۽ ٻين آئمه سلف به فرمايو آهي ته آيت ”فايده الذين آمنوا علي عدوهم فاصبحوا ظاهرين.(سوره الصف)“ هن باري ۾ تفصيل سان بيان آهي. حضرت ابن عباس ۽ ٻيا مفسرين بيان ڪن ٿا ته ڪن عيسائين جو عقيدو آهي ته” عيسي! ع الله ج جو ٻانهون ۽ رسول هو، هو هڪ عرصي تائين اسان ۾ رهيو ۽ پوءِ کنيو ويو. هڪ گروه ان کي خدا امانت ٿو مڃي ۽ ٻيو گروه خدا جو پُٽ. پهريون گروه صحيح ۽ ٻيو گروه ڪفر ٿو ڪري.“ فاختلف الا حزاب من بينهم فويل للذين ڪفروا من مشهد يوم عظيم.(سوره مريم) پوءِ گهڻائي گروه پاڻ ۾ اختلاف رکڻ لڳا، بس هلاکت آهي ڪفار لاءِ، ان ڏينهن حاضريءَ جي جيڪو وڏو ڏينهن آهي“ انجيل کي عيسي! ع کان ڪيئن نقل ڪيو ويو هن باري ۾ 4 قول آهن ۽ چئني ۾ تضاد آهي ۽ پوءِ عيسي! ع جي آسمان تي کڻي وڃڻ جي 300 سالن کان پوءِ هڪ وڏو حادثو پيش آيو، هنگامه آرائي ٿي، چارئي بطارقه، سڀئي اسقف ، سڀئي عالم ۽ سڀئي راهب ۽ مذهبي رهنما عيسي! ع جي باري ۾ اختلاف ڪرڻ لڳا. ايتري قدر ۽ ايترا قول سامهون آيا جيڪي بيحد گهڻا شمار ٿي ويا جو جنگ و جدل جو فيصلو ڪرائڻ لاءِ بادشاه وقت قسطنطين باني قسطنطنيه لي هڪم مقرر ڪيو. ان ڪائونسل کي پهرين ڪائونسل جو نالو ڏنو ويو. ۽ بادشاه اڪثريت جي حق ۾ فيصلو صادر ڪيو. ان لاءِ ان فرقي جو نالو ملڪي فرقه رکيو ويو. ان فيصلي کان پوءِ ٻين فرقن تي ظلم ڪري کين وطن کان ٻاهر ڪڍيو ويو. جن ۾ هڪ گروه اهو به هو جيڪو عيسي! ع کي اللج جو ٻانهون ۽ رسول مڃندو هو. هن گروه جو پيشواه عبدالله بن آريوس هو. هي گروه جهنگن ۽ بيابانن ۾ روپوش رهيو جتي هنن عبادت گاهون ۽ خانقاه ٺاهي عباد ڪئي. ملڪي فرقي گهڻا ڪليسا تعمير ڪرايا ۽ يونان ۾ وڃي وسيا. هنن ڪليسائن جا مهراب مشرق طرف هُئا، جڏنهن ته ان کان پهرين ڪليسن جو محراب اتر (شمال) جدي لائين طرف هُئا. عيسي! ع جي پئدائش تي فسطنطين بادشاه هڪ قربان گاه تعمير ڪرائي ۽ ان جي ماءُ (هيلانه) هڪ گنبذ تعمير ڪرايو. هي گنبض ان جڳه تي تعمير ٿيو جتي انهن جي خيال موجب عيسي! ع جي قبر هُئي. هي اها ڳاله تسليم ڪندا هُئا ته يهودين عيسي! ع کي ڦاسيءِ (صليب) تي لٽڪايو هو، حالانڪه هي سڀئي ڪافر هئا. هنن اهڙا قانون وضع ڪيا جن سان تورات جي حڪمن جي خلاف ورزي ٿيندي هُئي. هنن گهڻن ئي شين کي حلال ڪرار ڏنو جيڪي تورات موجب حرام هُيون، جنهن ۾ سوئر جو هڪ مثال آهي. هنن مشرق طرف منهن ڪري نماز ادا ڪرڻ شروع ڪئي، حالانڪه عيسي! ع هميشه بيت المقدس جي جبل طرف رخ ڪري نماز ادا ڪئي هُئي. اهڙيءِ طرح ٻيا نبي عجيڪي موسي! ع کان پوءِ آيا. نبي مُحمد صلي الله عليه وسلم به هجرت مديني کان پوءِ 6 يا 7 مهنا ان طرف رخ ڪري نماز ادا ڪئي ۽ پوءِ جڏنهن ڪعبي کي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم نازل ٿيو ته پاڻ ڪعبي ابراهيميءَ کي اختيار ڪيو. عيسائين پنهنجي گرجا گهرن ۾ تصويرون رکيون جڏنهن ته پهرين گرجا گهرن ۾ تصويرون ڪونه رکبيون هيون. هنن هڪ طريقه ٺاهيو جنهن کي ٻار، عورتون ۽ مرد سڀئي ياد ٿا ڪن جنهن کي هي امانت جو نالو ٿا ڏين. هي عقيده باطل، ۽ ڪافرانه آهي ۽ امانت نه پر بدترين خيانت آهي. سڀئي فرقه ملڪي، نسطوري يعني نسطورس جا پيروڪار ٻي ڪائونسل جي شريڪه ڪار، يعقوبيه فرقي وارا يعني يعقوب برادعي جا پيروڪار جن ٽي ڪائونسل ۾ شرڪت ڪئي، سڀئي اهو عقيده ٿا رکن. هو چون ٿا ته ” اسان ايمان رکون ٿا هڪ خدا قادر مطلق پيءُ تي جيڪو آسمان ۽ زمين، سڀني ڏٺل، اڻ ڏٺل شين کي پئدا ڪرڻ وارو آهي ۽ هڪ خداوند يسوع مسيح تي جيڪو خدا جو اڪيلو پٽ آهي، تمام جهان کان پهرين پنهنجي پيءُ مان ڄڻيل، هن جو ۽ هن جي پيءُ جو هڪ ئي جوهر آهي هن جي وسيلي سان سڀئي شيون پئدا ٿيون، خواه آسمان جون هُجن خواه زمين جون. هو اسانجي لاءِ ۽ اسانجي نجات لاءِ آسمان تان لٿو ۽ روح القدس ۽ ڪنواري مريم جي ذريعي مجسم ٿيو ۽ انسان بڻيو ۽ سلاطس نبطي جي زماني ۾ صليب تي چاڙهيو ويو. هن ڏک کنيا، دفن ٿيو، ٽئي ڏينهن قبر مان زنده نڪتو ۽ آسمان تي چڙهي ويو ۽ جيئرن ۽ موئن جي عدالت لاءِ وري ايندو ۽ روح القدس تي جيڪو خدا آهي ۽ زندگي بخشڻ وارو آهي، اهو پيءُ ۽ پٽ سان صادر آهي، هن جي پيءُ ۽ پٽ سان گڏ پرستش ۽ تعظيم ٿي ٿئي ۽ هن نبن جي زبان ڳالهائي. ڪليسا هڪ ئي آهي جيڪو مقدس آهي ۽ تمام يهودين جو جامعه آهي، مان هڪ ئي معموريت جو اعتراف ٿو ڪريان، گناهن جي معافيءَ لاءِ ۽ هو جيئرو آهي مردن جي قيادت لاءِ ۽ زماني جي زندگي آهي ۽ هن جو واقع ٿيڻ يقيني آهي. آمين“ (نعوذ بالله) عيسي! ع تي قلم ختم شد. هاڻ حضرت زڪريا ع ۽ هضرت يحي! عليهما تي روشني وجهنداسون. ضرور پڙهجو.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو