1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

قصو حضرت لوط عليه اسلام

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    لوط ع ابراهيم ع جي ڀاءُ هاران بن تارخ (آزر) جا پُٽ هُئا. لوط ع جو والد (هاران) ئي شهر (حران) جو بُنياد رکيو
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    قصو حضرت لوط عليه الصلات و سلام لوط ع ابراهيم ع جي ڀاءُ هاران بن تارخ (آزر) جا پُٽ هُئا. لوط ع جو والد (هاران) ئي شهر (حران) جو بُنياد رکيو.(هي قول ضعيف آهي ڇو ته اهل ڪتاب جي روايتن سان موافقت نٿو رکي) والله اعلم. لوط ع پنهنجي چاچي ابراهيم ع جي اجازت ۽ حڪم سان سرزمين(غورزغر) جي هڪ شهر (سدوم) ۾ وڃي آباد ٿيا هُئا. جيڪو ان علائقي جو مرڪزي شهر هو. هن جي چوڌاري گهڻائي ڳوٺ، ٻنيون ٻارا ، وٿاڻ، ۽ ننڍا ننڍ
    اب شهر آباد هُئا. سدوم جا ماڻهو فاجر ۽ فاسق هُئا، الله ج جي قدرتن ۽ دين جا مُنڪر هُئا، نه ته هنن جا اجتمائي رهڻي ڪرڻيءَ جا طريقه سهي هُئا ۽ نه ئي انفرادي ڪردار بهترين. هو ماڻهن کي ڦُريندا هُئا، هلندي هلندي سر عام فاساد ڪندا هُئا، ۽ کين ڪو به روڪڻ وارو نه هو. انهن هڪ اهڙي4 برائيءَ جو بنياد وڌو جيڪو بني آدم ۾ ان کان پهرين ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به ڪو نه هو، هو لونڊي بازيءَ ۾ ڀڙ هُئا ۽ عورتن جي ويجهو به نه ويندا هُئا. لوط ع کين انهن ڳالهين کان روڪڻ جي ڪوشس ڪئي پر هو نه مڙيا، جڏنهن سندن سرڪشي حد کان وڌي وئي ته الله ج مٿائن اهڙو عذاب لاٿو جيڪو ڪنهن جي وهم و گمان ۾ به نه هو، جنهن هنن جو پاڙون ئي پٽي ڇڏيون ۽ دُنيا لاءِ عبرت جو نشان بڻجي ويا.” و لوطا اذقال لقمه اتاتون الفاحشهت ما.. عاقبه المجرمين.(سوره ال اعراف) ۽ (موڪليو اسان) لوط کي جڏنهن ان چيو پنهنجي قوم کي ته ڇو ٿا ڪريو اهڙي بي حيائي جيڪا توهان کان پهرين ڪنهن به نه ڪئي سڄي دنيا ۾ ، بيشڪ توهان وڃو ٿا مردن ۾ شهوت خاطر عورتن کي ڇڏي، بلڪه توهان ته حدن کان ٿا گذرو، نه هو ڪو جواب ان جي قوم وٽ ما سوا ان جي ته چيائون ته ٻاهر ڪڍو ان کي پنهنجي وسنديءِ مان، هي ماڻهو ته ڏاڍا پاباز پيا بڻجن، بس اسان نجات ڏني لوط کي ۽ ان جي گهر وارن کي، سوا ان جي زال جي هو ٿي وئي پٺيان رهڻ وارن مان، ۽ وسايو اسان انهن جي مٿان (پٿرن جو) مينهن ته ڏسو ڪهڙو (عبرتناڪ) انجام ٿيو ڏوهارين جو“. الله ج لوط ع ۽ سندن قوم جو ذڪر قرآن شريف ۾ الاهين جڳهين تي ڪيو آهي. چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي محفلن ۾ زور سان هڪ ٻئي کي ٽِٽَ (آواز سان هوا خارج ڪرڻ) ۾ به شرم محسوس ڪو نه ڪندا هُئا، اڪثر محفلن ۾ ئي ڪنهن جوان ڇوڪري کي ليٽائي بدفعلي شروع ڪري ڏيندا هُئا ۽ ڪنهن جي ڪن تي ڪا جوئن به نه ريگندي هُئي اُلٽو جهلڻ وارن جو تمسخر اڏائيندا هُئا. ”ولما جآءِ ت رسلنا... ڪانت منالغبرين(سوره عنڪبوت) ۽ جڏنهن فرشته آيا ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي، انهن ٻُڌايو ته اسان هلاک ڪرڻ وارا آهيون ان وسنديءَ جي ماڻهن کي، بيشڪ اتي جا رهڻ وارا ڏاڍا ظالم آهن، پاڻ چيائون ته اُتي ته لوط به رهي ٿو، فرشتن چيو، اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا جيڪي اتي رهن ٿا، اسان صرور بچائينداسو ن ان کي ۽ ان جي گهر وارن کي ما سواءِ ان عورت جي، هوءَ پٺيان رهڻ وارن مان آهي. سعيد بن جبير، سدي، قتاده ۽ محمد بن اسحاق روايت ڪن ٿا ته ” ابراهيم ع فرشتن کي چيو ته ڇا توهان ان ڳوٺ کي تباه و برباد ڪندئو جنهن ۾ 300 مومن هُجن؟ فرشتن وراڻيو نه! پاڻ ع وري چيو جي ان ۾ 40 هُجن؟ تنهنتي به پيائون نه! پاڻ وري پڇيائون ته ڇا جنهن ۾ 10 هُجن؟ فرشتن چيو اهو به تباه نه ٿيندو ابن اسحاق چوي ٿو ته اُتي ابراهيم ع اتي وراڻيو ڀلا جنهن ۾ هڪ به مومن هُجي، فرشتن چيو، ها جنهن ۾ هڪ به مومن هوندو اهو به تاه نه ٿيندو“ (باقي آڳيان)
    [​IMG]
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اهي فرشته هُئا جبريل ع، ميڪائيل ع، ۽ اسرافيل ع جيڪي ابراهيم ع کان موڪلائي لوط ع وٽ آيا هُئا
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    ”ولما جائت رسلنا لوطا... قال هذا يوم عصيب(سوره هود) ۽ جڏنهن آيا اسان جا موڪليل (فرشته) لوط وٽ ته هو غمگين ٿي ويو انهن جي اچڻ سان ۽ ڏاڍو پريشان ٿيو انهن جي ڪري، چوڻ لڳو ته اڄ جو ڏينهن ته وڏي مصيبت جو ڏينهن آهي). مفسرين ٻڌائين ٿا ته اهي فرشته هُئا جبريل ع، ميڪائيل ع، ۽ اسرافيل ع جيڪي ابراهيم ع کان موڪلائي لوط ع وٽ آيا هُئا. پاڻ شهر کان ٻاهر ڪنهن ٻنيءَ ۾ڪم پئي ڪيائون جڏنهن (سدوم) جي سرزمين ته سج لٿ
    ي کان پوءِ پُهتا ته اُهي خوبصورت جوانن جي صورت ۾ هُئا. انهن ٽنهين لوط ع سان ملي عرض ڪيو ته کين رات رهڻ جي جڳه ڏي جو هو پرديسي آهن. لوط ع پريشان ٿي ويا ۽ اندشو ستائڻ لڳن ته جي ان ع هنن خوبصورت جوانن کي پاڻ وٽ نه ترسايو ته هو ڪنهن ٻئي وٽ ترسڻ تي مجبور ٿي ويندا، ڇو جو لوط ع انهن کي انسان پئي سمجهيو. ۽ ٻيو ته هو پاڻ به مصيبت ۾ نه پئجي وڃي ع ۽ اهل سدوم لوط ع تي اها به پابندي هئني هُئي تو پاڻ وٽ ڪنهن به مهمان کي نه ترسائيندا ع. پاڻ چار دفعا اشارن ڪنارن ۾ انهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ۽ منع ڪئي ته هن وسنديءَ مان هليا وڃن ڇو جو هتي جا ماڻهن کان وڌيڪ خبيث ماڻهو پاڻ ڪنهن به وسنديءَ ۾ نه ڏٺا پر فرشته اتي رهڻ جا بصد ٿي پيا. ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته فرشته ٻنپهرن جو پُهتا هُوا ۽ انهن جي مُلاقات لوط ع جي ڌيءَ سان ٿي هُئي جنهن ڪنهن کوه مان پاڻي پئي ڀريو. لوط ع کي ٻه نياڻيون هُيو وڏيءَ جو نالو(ريثا) ۽ ننڍيءَ جو نالو(زغرتا) هو. فرشتن ڪنهن هڪ کي چيو ته ڇا اسان کي رات رهڻ جو ٺڪاڻو ملي سگهي ٿو ۽ ڌيءَ چين ته ها، اتي ترسو آئون موٽياچي ٻُڌايان ٿي، جيسين نه موٽان ڳوٺ ۾ داخل نه ٿجو! پاڻ لوط ع وٽ آئي ۽ لوط ع کين ملڻ آيو هو. پوءِ جڏنهن هو مهمانن کي وٺي آيا ته لوط ع جي زال (جيڪا ڪافره هُئي) گهر کان ٻاهر نڪتي ۽ پنهنجي قوم کي انهن سُهڻن نوجوانن جي آمد جو ٻُڌايو ۽ ته لوط ع کين پاڻ وٽ رهايو آهي. ماڻهو ڊوڙندا لوط ع جي ” و من قبل ڪانوا يعلمون السيئات(انهن سان گڏوگڏ انهن ۾ ٻيا به گناه ڪبيه موجود هُئا جيڪي پهرين کان ڪندا پئي آيا)” قال يا قوم هئو لاءِ بناتي هن اطهر لڪم“( چيو لوط اي مُهنجي قوم! (ڏسو) هي مُهنجيون(قوم جون) ڌيئرون آهن هو پاڪ ۽ حلال آهن توهان جي لاِ). ”اتا تون الذڪران من العلمين. و تذرون ما خلقڪم ربڪم من ازواجڪم بل اتم قوم عدون( سوره الشعراءِ) ڇا توهان بدفعليءَ لاءَ وڃو ٿا مردن وٽ سڄي مخلوق مان، ۽ ڇڏي ٿا ڏيو جيڪي پئدا ڪيون آهن توهانجي لاءِ توهانجي رب زالون، بلڪل توهان حدون اورانگهيندڙ ماڻهون آهي). ”لقد علمت ما لنا في بنتڪ من حق و انڪ لتعلم ما نريد (سوره هود) بدبخت چوڻ لڳا! لوط! توکي خبر آهي ته اسان عورتن ۾ دلچسپي ڪو نه ٿا رکون. تون اسان جو مقصد ۽( اچڻ جو) سبب ته ڄاڻين ٿو!) ۽ پنهنجي پيغمبر سان فحش ڪلامي ڪرڻ لڳا ۽ الله بزرگ و برتر جيڪو سخت عذاب ڏئي سگهي ٿو جو پڪڙ کان نعوڊڄي. ) لوط ع چوڻ لڳا ـ لو ان لي بڪم قوت او آوي الي رڪن شديد( سوره هود) اي ڪاش! مون وٽ انهن جي مقابلي ۾ طاقت هجي! موهنجوڪو سهرو هجي! خاندان جا ڪي ماڻهو انهن جي خلاف مُهنجي مدد ڪندا هجن ته مان هن بڪواس تي انهن کي اها سزا ڏيان ها جنهن جا هي مستحق آه). ” لعمرڪ انهم لفي سڪر تهم يعمهون (سوره الحجر) (اي مبوب) تنهنجي زندگيءَ جو قسم هي (پنهنجي طاقت جي نشي ۾) بدمست آهن (جهمندا جهمندا پيا وتن). مفسرين چون ٿا ته پوءِ لوط ع پنهنجص قوم کي گهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لڳا ۽ ڪشش ڪندا رهيا، دروازو اندارن بند هو ۽ پاڻ دروازي پُٺيان ئي کين نصيحتون پئي ڪيائون، ڪافر زور ڏئي انه کي کولڻ پئي چاهيو ته جيئن اندر وڃي مهمانن جي بيعزتي ڪري سگهن، . روايت آهي ته پوءِ جبريل ع ٻاه آيا، انهن پنهنجو پر انهن مٿان هلايو جنهن سان هنن جي اکين جي روشني هلي وئي، ايستائن جو سڀ انڌا ٿي ويا، نه هنن کي ڪو گهر ڏسڻ ۾ آيو نه ڪو کُوه ۽ نه رستن جا نشان ۽ هو ڀتين کي هٿوڙا ڏيندا پنهنجي گهرن ڏي روانا ٿي ويا ۽ پويان ڌمڪيون به ڏيندا ويا. ” ولقد راو دوه عن ضيفه فطمسنا اعينهم فذوقوا عذابي و نذر و لقد صبحهم بڪرت عذاب مستقر”( ۽ انهن ڦسلائڻ چاهيو لوط کي پنهنجن مهمانن کان ته اسان وڃائي ڇڏي سند اکين جي روشني، هاڻ چکيو مُهنجو عذاب ۽ مُهنجي ڊڄارڻ جو مزو. بس صبح ساڻ انهن تي نه رڪڻ وارو عذاب نازل ٿي ويو (القرآن). پوءِ فرشتن لوط ع کي مخاطب ٿي چيو ته آڌيءَ رات جو پنهنجي اهل عيال سان هتان نڪري وڃو ۽ پُٺيان مُڙي توهان مان ڪو به نه نهاري، جڏنه توهان هن قوم تي نازل عذاب جو آواز ٻُڌو ته هرگز نه ڏسجو پويان. الله ج به لوط ع اهوچيو ته پاڻ ع گهر وارن جي پٺيان ٿي هن جيئن ڌراڙ پنهنجي پالتوجانورن سان پُٺيان هلندا آهن. امام سهيلي رح چوي ٿو ته لوط ع جي زال جو نالو (والهه) هو ۽ نوح ع جي زال جو نالو(والغه) هو. لوط ع جڏنهن پنهنجي گهر وارن سان ٻاهر نڪتا ته انهن سان گڏ ٻئي ڌيئرو هُيون، ڪي لچن ٿا ته زال به هُئي (والله اعلم) جڏنهن شهر کان ٻاهر نڪري آيا ته سج نڪري آيو اڃا مس اُڀريو ئي هو ته الله جو فيصلو اچي ويو، (عذاب الاهي) جنهن کي هاڻ ٽارڻ ڪنهن جي وس ۾ به نه هو. اهل ڪتاب جي روايتن موجب فرشتن لوط ع کي پيو ته توهان ويجهي جبل تي چڙهي وڃو پر پاڻ جبل تي چڙهڻ ۾ت تڪليف محسوس ڪيائون ۽ فرشتن کي ڪنهن ويجهي شهر ۾ وڃڻجو چيائون، بس فرشتن چيو ته ٺيڪ توهان جي اتي پهچڻ جو اسان انتظار ڪنداسون، پاڻ ع (صوعر) نالي ڳوٺ ۾ هليا ويا جنهن کي ماڻهو (غورزرغر) سڏين ٿا ۽ جڏنهن سج اُڀريو ته عذاب شروع ٿي ويو. (باقي اڳيان)
    [​IMG]
     
    منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پوءِ جڏنهن اچي رسيو اسان جو حُڪم ته اسان ڪري ڇڏيو ان جي مٿاهيئن کي ان جي هيٺائين (اُبتو ڪري ڇڏيو)، وسايا انهن تي پٿر ، باه ۾ پڪايل، مسلسل نشانن تي توهان جي رب طرفان
    تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ
    فلما جآءَ امرنا جعلنا عاليها سا فلها و امطرنا عليهم حجارت من سجيل منضود مسومت عند ربڪ اما هي من الظالمين ببعيد (سوره هود) پوءِ جڏنهن اچي رسيو اسان جو حُڪم ته اسان ڪري ڇڏيو ان جي مٿاهيئن کي ان جي هيٺائين (اُبتو ڪري ڇڏيو)، وسايا انهن تي پٿر، باه ۾ پڪايل، مسلسل نشانن تي توهان جي رب طرفان ۽ انهن کي (لوط) وسنديءَ (مڪي کان) ظالمن جي کان پري.)روايتون آهن ته جبريل ع جي پر جي هڪ ڪناري سان انهن وسندين جي بنيادن کي اُکيڙيو ويو جيڪي تعداد ۾ 60 هُيون ۽ جنهن۾ گهڻائي قبيلا آباد هُئا۔

    ڪي عالم چون ٿا ته ان ۾ 400 ماڻهو رهندا هُئا، هڪڙو قول آهي ته رهندڙن جو تعداد 4000 هو (والله اعلم) انهن ۾ جيڪي حيوان هوئا، ٻنيون ٻارا، ميدان وغيره سڀني کي هڪ ئي پلٽي ۾ کڻي آسمان جي بُلنديءَ تائين اُٿلايو ويو ايستائين جو اتي موود فرشتن ڪُڪڙن جي ڪُڪڙاهٽ، ڪُتن جو ڀونڪڻ جا آواز ٻُڌا ۽ پوءِ وسنديءَ کي ڪفرن جي مٿان پٿلايو ويو، مٿي جي زمين هيٺ ٿي وئي. مجاهد رح چوي تو ته سڀ کان پهرين جن تي زمين پٿلائي وئي اُهي اُتي جا شُرفا هُئا، لوط ع جي زال لاٰءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ به پنهنجي مڙس ع ڌيئرن سان گڏ نڪتي هُئي پر جڏنهن هن قوم جو آهون ۽ دانهون ٻُڌيون ۽ ڌرتيءِ جي پلٿڻ جو آواز ٻُڌو ته پويان پنهنجي قوم ڏي ڏسڻ لڳي ۽ هاءِ مُهنجي قوم جو نعرو هنيو ان ڪري انهن مان ڪ پٿر اڇي هن جي مٿان به ڪريو ۽ هوءَ به الله جي نافراني ته پويان نه نهارجو، جي ڪري هلاک ٿي وئي، اهو به چئجي ٿو ته هوءِ مسلمان نه پر ڪافره هُئي (واله اعلم)۔



    ضرب الله مثلا للين ڪفرو... و قيل دخلا النار معاداخلين (سوره التحريم) بيان ڪيو آهي الله ڪفارن لاءِ نوح جي زال ۽ لوط جي زال جو مثال، هو اسانجي ٻانهن مان ٻن نيڪ ٻانهن جي نڪاح ۾ هُيون پوءِ ٻنهين خيانت (دين ۾ ) ڪئي بس اُهي ٻئي( نبي انهن جا مُڙس ع) اله جي مقابلي ۾ انهن کي فائدو نه ڏئي سگهيا ۽ انهن کي حڪم مليو ته توهان ٻئي داخل ٿيڻ وارن سان دوزخ ۾ داخل ٿي وڃو). امام احمد بن حنبل، عمرو بن ابي عمرو عن مڪرمه عن ابن عباس جي سند سان روايت ڪن ٿا ته نبي صلعم جن فرمايو ته” توهان جنهن به شخص کي قوم لوط جهڙو عمل ڪندي ڏسو ته فاعل ۽ مفعول ٻنهين کي قتل ڪري ڇڏيو). امام ابو حنفه رح کا روايت آهي ته، ٻنهين کي بُلند جبل تي بهاري هيٺ ڏڪو ڏئي ڇڏيو ۽ مٿان پٿرن جي بارش (سنگسار) ڪري ختم ڪي ڇڏيو. الله ج ان وسنديءَ ۾ ايتري ته گرمي پئدا ڪري ڇڏي آهي جو نه ته ان علائقي مان پاڻي کڻي سگهجي ٿو، نه ئي پاسي واري زمينن تي ڪو فصل پوکي سگهجي ٿو.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسان انبياءِ ع جي سلسلي ۾ قرآن . حديث، روايت، قولن ، تهذيبن جي اڀياس ڪري ، توريت، زبور، انجيل ۽ اسرائيلي رواينتن ۾ آيل قصن کي حضرت آدم عليه الصلات وسلام کان وٺي، تمام نبين عليهما وسلام ۽ آخر ۾ حضرت مُحمد صلي الله عليه تائين لکيو آهي. ڪو مواد توهان کي مُهنجي فيسبوڪ جي نُوٽس ۾ ملندو. اُميد ته پنهنجي دُعا ۽ راءِ کان آگاه ڪرڻ ۾ ڪنجوس پائي نه ڪندا مُهنجي ڏينهن رات جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ ريسرچ ۽ محنت سان تحرير ڪيل ڪاوش تي فيس بوڪ يا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي وڃي هر پيش ڪيل نوٽ يا ڦوٽو (منظر ڪشي) تي گهڻي ۾ گهڻا ڪامينٽس ڏيندا ته اڳتي هلي انهيءَ جوش جذبي سان ٻيو ڪو سنڌي ٽيڪٽ لکي سگهان.
     
  5. ظفر علي بوزدار

    ظفر علي بوزدار
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    شآ گرد
    ماڳ:
    اسلام آٻآڊ
    توهان جو لکيل مقالو تمام انفارميٽو آهي ادا.محنت جاري رکيو، توهان جو هي مواد اسان لا تمام قيمتي آهي.
     
    Sindhi Media هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو