”مُون سان مون پرين، ڀورڙائي ۾ ڀال ڪيا“

'فوٽو شاپ' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2009۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    سنڌ سلامت سٿ کي سلام هجن. ايڊاب فوٽوشاپ جي سکيا کان اڳ ڪجهه ويچار دل ۾ آيا، جيڪي دوستن سان شيئر ڪرڻ مناسب سمجهيم. سڀ کان پهرين بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته هتي ايڊاب فوٽوشاپ جي سکيا جا فرائض سونپي رهيو آهيان، پر ان سان گڏوگڏ ڳڻتي پڻ ٿي رهي آهي ته ڇا اهي فرائض آئون صحيح طريقي سان پورا به ڪري سگهندس يا نه؟ ڇاڪاڻ ته حقيقت اها آهي مون فوٽوشاپ جي ڪٿان باقاعده ٽريننگ حاصل ناهي ڪئي، بس ڪجهه ڳالهيون ڪنهن کان سکيون، ۽ ڪجهه ڳالهيون ڪنهن ٻئي دوست کان. اهڙيءَ طرح اوندهه ۾ هٿوراڙيون هنيون اٿم. هن سٿ تي باقاعده ايڪسپرٽ دوست پڻ ڏسڻ ۾ آيا آهن، جيڪي فوٽوشاپ کان ڀليءَ ڀت واقفڪار آهن، جيئن ادو جهانداد، ادو عدنان ڪٽپر وغيره. سو اهڙن دوستن کي گذارش آهي ته جتي به مون کان ڪا ڪوتاهي ٿئي يا ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته ٻيلي منهنجي اصلاح ڪندا.

    هن پروگرام جي سکيا لاءِ جن دوستن مون کي همٿايو آهي، انهن مان سڀ کان پهريائين آئون ”ابوزين“ جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن سٿ کي منهنجي نالي جي تجويز ڏني. ان کان پوءِ آئون سائين رشيد صاحب جو ٿورائتو آهيان، جن مون کي فون وسيلي هن ڪم لاءِ همٿايو. آئون انهن سڀني مهربان دوستن جو ٿورائتو رهندس.

    آخر ۾ آئون اهو پڻ ٻُڌائڻ مناسب سمجهان ٿو ته هن ٽريننگ لاءِ مون ”*********“ ۽ ڪجهه اردوءَ جي ٻين ڪتابن تان مدد پڻ ورتي اٿم، انهيءَ سلسلي ۾ آئون پنهنجي وڏي ڀائٽيي سليم احمد ڀٽو جو پڻ ٿورائتو آهيان، جيڪو دُبئي جي ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ جاب ڪري رهيو آهي ۽ هينئر ڪجهه مهينن لاءِ هتي موڪل تي آيل آهي. سندس ايڊاب فوٽوشاپ تي ڪيل ڪم واقعي ڏسڻ جهڙو آهي.

    آئون ڌڻيءَ در دعاڳو آهيان ته منهنجي هن نيڪيءَ جي ڪم ۾ استقامت عطا ڪري. (آمين)
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا ابو واصف ۔۔۔۔
    توهان جي ڦوٽوشاپ جي سبقن جو مونکي ته ڏاڍو انتظار آهي۔۔۔۔
    باقي انسان سدائين سکڻ جي مرحلي مان گذرندو رهي ٿو۔۔ رسول پاڪ صه جي حديث وانگر ته ”پينگهي کان لحد تائين" اسان تي سکڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ فرض آهي۔۔ باقي اهو ضروري نه آهي ته ٻين فورمن جا نالا ظاهر ڪيو۔۔۔ ڇو ته اُنهيءَ فورم جي باري ۾ جيتري انفارميشن مونکي آهي، اوتري ڪنهن کي به نه هوندي۔۔ مهربانيءَ ڪري اُن جو نالو حذف ڪريو۔۔ ڇو ته اُتي جيڪي ٽيوٽوريلس ڏنل آهن اُنهن جو معيار ڪجهه به نه آهي ۽ اُهي شروعاتي طور تي ڪٿان کنيل آهن اها به مونکي خبر آهي۔۔۔
    suhnan saan
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا ابو واصف توهان جي سبقن جو مون کي باقائدگي سان انتظار آهي

    بس هاڻي انتظار نه ڪرا۽ ادا ابو واصف
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ابو واصف کي عرض آهي ته مهرباني ڪري ٽائيم ڪڍي ان سلسلي کي جاري رکن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو