سنڌي ٻوليءَ جو شهيد: عبدالرزاق سومرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2012۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    سنڌي ٻوليءَ جو شهيد: عبدالرزاق سومرو
    عرفان عباسي.
    عوامي آواز ڪراچي سنڌ

    پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ جڏهن هٿ ۾ الف، ب واري پٽي کڻي جنهن کي ڦرهي چئبو آهي اسڪول ڏانهن ويندا هئاسين موري ۾ مين پرائمري جي اسڪول جي ٻاهران هڪ پوڙهي شخص جي ڪتابن جو دوڪان هوندو هو ۽ اهو پوڙهو شخص ڪتابن تي جلد پڻ ٻڌندو هو. هڪجيڏن دوستن کان خبر پئي ته اهو پيرسن شهيد عبدالرزاق سومرو جو والد محترم آهي، ۽ سندس نالو محمد سليمان سومرو آهي، هي ان شهيد جو بابو آهي جنهن شهيد کي اڄ 39 سال گذري چڪا آهن، جنهن کي قوم ٻولي جو شهيد قرار ڏئي چڪي آهي، شهيدن جي فهرست ۾ هي شهيد پنهنجو ڳاڻيٽو مٿئين لسٽ ۾ ڳڻائي ٿو، ان پيرسن شخص کي دوڪان تي ان وقت جي ڪامريڊن جا ميلا متل هوندا هئا اڳتي هلي سائين سليمان پڻ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو پر هي پيرسن شهيد جو بابو هجڻ جي ڪري پڻ پنهنجي شناخت الڳ رکندو پئي آيو. هتي ڳالھه ڪجي ٿي، اڄ 7 آگسٽ تي ان شهيد جي جنهن شهيد کي ان وقت شهيد ڪيو ويو جڏهن ون يونٽ جي تحريڪ ڪاميابي سان پنهنجي پارُ اُڪاري چڪي هئي جنهن وقت حيدرآباد ۽ ڪراچي کي محدود ماڻهن جي ڪالوني بنايو ويو جنهن وقت سنڌي ٻولي کي راتاهو هنيو پيو ويو ان ٽائيم جڏهن پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ائين هيو ڄڻ (سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتم ڪاريهر تي ڄڻ پير پيم) هي اُن ڪاليج جو پيغمبري پيشو رکندڙ سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جو هي بهادر نوجوان ليڪچرر عبدالرزاق سومرو سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ڪاليج ۾ پوءِ قدم رکندو هو جيتوڻيڪ سندس دوستن جي منع جي باوجود هن جي سڃاڻپ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ هو ان کي سنڌي ٽوپي اجرڪ سان عشق هو، جيڪا 24 ڪلاڪ سندس پوشاڪ هئي. 70 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ووٽر لسٽ ۾ سنڌي ٻولي کي خارج ڪيو پئي ويو تڏهن اقبال ترين، مسئود نوراني، مدد علي سنڌي ۽ ٻين سنڌي شاگردن جڏهن جدوجهد ڪئي هئي ۽ جنرل يحيٰ خان کي مجبور ڪيو هو ته هو اهڙو فيصلو واپس وٺي تڏهن مورو، سڪرنڊ محرابپور ۾ شهيد عبدالرزاق سومرو جي قيادت ۾ پڻ جدوجهد ڪئي وئي هئي، هي ان جدوجهد جو سرگرم ڪارڪن هو. ۽ جڏهن 7 جولاءِ 72 ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙو بل پيش ڪيو ويو ته ان وقت سنڌ سراپا احتجاج ٿي سر تي ڪفن ٻڌي ماڻهو ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار هئا رئيس امبروهي جون مشهور سٽون (اردو کا جنازا هي زرا ڌوم سي نکلي) گاسليٽ تي تيلي جو ڪم ڪيو هو. سنڌي شاگردن تي ۽ سنڌي وسندين تي حملا ڪيا ويا زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ شهيد بشير تنيو ۽ شهيد عبدالقادر هالپوٽو کي شهيد ڪيو ويو. اهڙي ئي وقت ۾ شهيد عبدالرزاق سومرو جيڪو سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کانسواءِ روڊ تي هلڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ پنهنجي توهين سمجهندو هو. پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ڌارين جو ڳڙھ هو. باوجود رزاق کي ڌارين وارنگ ڏني ته اجرڪ ۽ ٽوپي جو استعمال نه ڪر هن اها ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ان ڳالهھ کان انڪار ڪيو ته هو نادري حڪم نه مڃندو اهڙي ريت ان وقت جي فاشسٽ تنظيم جي غنڊن اهڙي ئي وقت هُن تي وار ڪيو جڏهن هو ڪلاس ۾ پريڪٽيڪل وٺي رهيو هو. ايئن ئي ٻولي جو عظيم شهيد مرندو مري ويو پر آڻ نه مڃائين ڌاري ٻولي ڳالهائيندڙ جي غنڊن سندس مٿان وار ڪري خنجرن جا 15 حملا ڪيا ۽ سندس اجرڪ چينهون چينهون ڪيو هو ٻولي جي هن شهيد آخري چمي پڻ ڌرتي کي ڏيندي وڏي واقعي ائين چئي دم ڏنو هو، (ته ڪاتي هيٺان ڪنڌ، پوء به نعرا نينهن جا سنڌڙي جو سڳند مرنداسين پر مرڪندي) ۽ هن شعر جي سٽون اڄ به مورو شهر جو گنجان آبادي شاهي بازار ويجهو سندس مزار تي چٽيل آهن، شهيد عبدالرزاق سومري جي هن شهادت سڄي سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ قومي ڪارڪنن نئو روح ڦوڪيو هو تڏهن ان وقت سنڌ جي قومي تحريڪ شهيد رزاق سومري جي شهادت تي ڪر کنيا هئا، شهيد جي شهر جي هڪ شاعر سندس کي ڀيٽا ڪجھه هئين ڏني هئي،

    وجهي جان جهروڪن ۾ جهونا ڳڻ جهوري
    رزاقن سنڌوديش لاءِ ڪنڌ ڏنو ڪوري
    مان لڌو موري موتي ڏئي مهراڻ جو

    ڳالھه اڃا اتي ختم ڪانه ٿي ٿئي هن شهيد جي شهادت کان اڳ مورو شهر ۾ سندس ماءُ ۽ گھروارن سندس لاءِ شادي جون تياريون موڙ ۽ مهندي سانڍي رکيون هيون. پر هيءُ پنهنجي گھر وارن جو ۽ ان پيرسن سليمان جو خواب ساڀيان نه ڪري سگهيو ۽ جواني ۾ شهادت جو جام پيتو. ۽ پوءِ به پيرسن سليمان سومرو پنهنجي اڪيلي شهيد پٽ جي شهادت تي فخر محسوس ڪندو هو ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجي شهيد پٽ کي اجرڪ جو ڪفن ڏنو هو.

    اڄ مورو شهر شهيد عبدالرزاق جي حوالي کان سڃاتو وڃي ٿو. ٻڌائين ٿا ته ان وقت ريڊيو تي جڏهن اها خبر نشر ٿي هئي ته پوليٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ وحدت ڪالوني جي علائقي ۾ هڪ سنڌي استاد کي شهيد ڪيو ويو آهي ته سنڌ سميت موري شهر ۾ پڻ هڪ باھ ٻري چڪي هئي جڏهن رزاق جو لاش مورو آندو ويو ته موري شهر جي غير سنڌي آبادي ۾ هڪ وڏو خوف طاري هيو ، اهو ئي سبب هيو ته قومي تحريڪ جي هن عظيم شهيد جي خون ان وقت جي قومي تحريڪ کي جياريو هيو ۽ هي ٻولي جي شهيدن ۾ ڳڻجڻ لڳو هو. قومي ڪارڪن شيخ اياز سميت سڀ شهيد جي مزار تي حاضري ڀريندا هئا هن شهيد سان سنڌ جي ماڻهن جي ايتري ته محبت هئي جو ان وقت جيڪو به مورو ۾ گذرندو هو اُهو شهيد رزاق سومرو جي مزار تي حاضري ضرور ڀريندو هو ايسيتائين جو سائين جي ايم سيد پڻ شهيد رزاق سومرو جي مزار تي حاضري ڀري.

    ٻولي جي ان شهيد سان خبرناهي ته تاريخ ڪهڙو انصاف ڪري پر دودو سومرو جي شهادتي تسلسل کان وٺي جڏهن شهيدن جي تاريخ لکبي ته ٻولي جي هن شهيد عبدالرزاق سومرو جو ذڪر ضرور ايندو (جي تاريخدان صحيح تاريخ لکندا). اڄ 39 سال گذرڻ باوجود قومي ڪارڪن شهيدن جي ڊگهي لسٽ هجڻ جي باوجود پوءِ به ان شهيد کي ڀيٽا ڏيندا آهن. اڄ تائين شهيد عبدالرزاق جي مزار ۽ ورسي ۽ يادگار ميڙاڪا قومي تحريڪ جو حصو بنجي چڪا آهن. ۽ قومي ڪارڪن کيس کي ان لفظن ۾ ڀيٽا ڏيندا آهن ته سومرا مهيندرا اي شهيد وطن، سنڌ جي سينڌ کي تو سينگاري ڇڏيو.
    http://www.awamiawaz.net/sindhi-boli-jo-shaheed
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ ڌرتي جي امر شهيد کي سلام

    شهيد عبدالرزاق سومرو جو نالو قومي تاريخ ۾ هڪ شهيد، هڪ غيرتمند جوڌي طور ورتو ويندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو