گهڻ معبود پرست (ڪافر) هڪ معبود (الله) پرست مُسلمان ڪو معبود نه پرست (دهريو)

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جيسين توحيد تي عمل ڪرڻ وارا نه ٿيندئو ڇا به ڪريو ڪُجهه به حاصل نه ٿيندو
    ٿيوري: گهڻ معبود پرست (ڪافر) هڪ معبود (الله) پرست مُسلمان ۽ گهڻ معبود (آقا، قبرون يا شخصيتون ) پو ڀلي نبي، اصحاب ، ولي الله، يا ٻيا نيڪ ٻانهان هُجن (مُشرڪ)ڪو معبود نه پرست (دهريو) يا ڪميونسٽ اها ٿيوري دُنيا تي آهي۔​
    هر اُهو جيڪو مُسلمان سڏائي اُن لا صرف ۽ صرف الله جي وحدانيت مڃڻي آهي جيئن مٿي تفصيل سان ٻُڌايل آهي۔ ڪافر ۽ دهرئي لا قتل جو حڪم ڪونهين ڇو جو بل آخر جڏنهن هُن کي حق سمجهه ۾ ايندو مُسلمان ٿيندو ۽ اسلام تلوار جي زور تي ناهي ڦهليو، دل و جان سان پنهنجو پاڻ عقل فهم سان قبول ڪرڻو آهي۔ ۽ جي قبول ڪرڻ کان پو ڪافرن ۽ دهرين جي عملن ته قائم رهيو ته اُهومُرتد (مُشرڪ) ٿيو۔ ياد رکو مُشرڪ مُسلمان ٿيندو آهي ۽ هر نبي ع جي اُمت کي به مُسلمان چئبو آهي جيڪو اُن وقت جي نبي ع جي هَ ڪلمي کي وٺي اڳتي وڌيو۔ هر مُشرڪ الله جي حُڪم سان واجب القتل آهي پر عمل اسٽيٽ ڪندي ڪو عام قاضي (عدل ڪندو) يا عالم نه (الله جي حڪمت) ڇو الله جو جهنڊو جهلي غير الله جي دعوتون ڏي ۽ غير الله کان گهُري ، الله جون مسجدون ڇڏي غير الله جي درن تي وڃي ۽ پنهنجي هٿ جي جوڙيلن جڳهين کي الله جي ۽ مُحمد صلي الله عليه وسلم جي مُقابلي ۾ سامهون آڻي ۽ انهن طرف ريجهائي الله جي مخلوق کي ورغلائي وٺي وڃي تڏنهن ئي هن باغي مُسلمان کي واجب القتل ۽ سڏيو مُشرڪ ويو آهي۔ (تفصيل مٿي چڱي نموني قرآن جي آيت مان ڏنل آهي هاڻ پاڻ کي مُسلمان سڏائڻ وارو جي سمجهي ويو يا وڃڻ چاهيندو ته الله سندس اکيون کولي ڇڏيندو، ڪن کولي ڇڏيندو، وات ۾ وائي ڏيندو پر جي دل سان مڃڻ جي ڪوشش نه ڪندو ته ” انڌو، ٻوڙو، گونگو آهي واپس نه ورندو (القرآن)​
    مُسلمانيت ۾ اچڻ لا وحدانيت پهريون ۽ لازمي (عمل) سبجيڪٽ آهي پو جي توهان ڀلي ڪيترن به نبين، اسلامي حديثن، اصحابن، ولي الله سان مُحبت ڪندڙ آهيو (جيئن هندُستان ۾ هندو ۽ مُسلمان الاهين مُسلم ولي الله جي قبرن تي وڃن ٿا) پر هڪ الله جي پرتشش جا قائل نه آهيو ته مُسلمان هرگز نه ٿيئو ڀلي پاڻ کي مُسلمان چئو ڇو جو اهو الله ج پنهنجي نبي کي ٻُڌائي چُڪو آهي ته (مفهوم) اي مُحمد صلي الله عليه وسلم تُهنجي اُمت ۾ 72 فرق ٿيندا جن مان 71 جا ايڪهتر پو لڳ پنهنجن خالقن سميت جهنم ۾ داخل ٿيندا بس هڪ ئي هوندو جيڪو الله جي وحدانيت ۽ تُهنجي ٻُڌايل طريقن (حديثن) تي هلندڙ هوندو (والله اعلم بثواب) ته پو اُهي سمورا مُشرڪ جيڪي آهن ته مُسلمان پر الله جا باغي ٿي پنهنجي حلال ڪماين جي بجا حرام ڪمائين يعني وياج مان، کيپ مان، يا ٻين اهڙن طريقن سان ۽ وري اُهو مال الله جي لا ئي ڇو نه ڏين ته الله به کين دُنيا ۾ ان جو ٽيڻو چئوڻو ته ڏيندو پر آخرت ۾ هرگز نه ان ڪري جو رزق حلال جو ئي گهورجي اُهي ڪافر يا دهريا يا مُشرڪ جيڪي الله ج جي وحدانيت کي نٿا مڃن ته الله دُنيا ۾ ئي اُنهن جي نيڪين بدلي ۾مال ۾ برڪت ته ڏي ٿو پر آخرت ۾ توحيد ڇڏڻ ڪري کين جهنم رسيد ٿو ڪري۔ توحيد جو پو لنڪ آهي پنهنجن پنهنجن رسول عليه الصلات وسلام جي اطاعت ڪرڻ ۽ ڪلمي جو ٻيو (صوبائي حصو) جيئن هن اُمت لا (مُحمد رسولُ الله) مُحمد ۽ الله جو پيغام پُهچائيندڙ آهي ۔ ٻنهين حصن کي هر اُمت کي مڃڻو لازمي آهي، مثال يهودي وحدانيت کي ته مڃن ٿا پر ٻي حصي ( وقت جي نبين ) تي ايمان نٿا آڻين۔ جڏنهن اهل ڪتاب چئجي ٿو شاديون ڪرڻ لاِ ته انهن اهل ڪتاب جو ذڪر ناهي پر اُنهن جو آهي جيڪي اُن وقت جي نبين جي قولن کي فالو ڪندا اچن نه ڪه اُهي جن ردوبدل ڪئي )اُهي به مُشرڪ ٿيا) پنهنجي اُن وقت جي دين جا ۽ کين اڄ دين مُحمد کي مڃڻ لازمي آهي۔​
    [​IMG]
    محمد صلي الله عليه وسلم اهو پيغام عمل ڪري ٻُڌايو (سُنتون) ۽ اڳتي هلي ماڻهن کي سمجهڻ لا (حديثن وسيلي) ان ڪري 10 اصحابن جي ڊيوٽي جيڪي پڙهيل لکيل هُئا حديثن لکڻ تي لڳائي وئي ۽الله کين زندگي ۾ ئي جنتي هُئڻ جي بشارت ڏني ۽ قرآن ۾ وحي ذريعي به آيو۔ ۽ پو ديم مُڪلمل ٿي ويو، نبي صلي الله عليه وسلم آخري خطبي ۾ فرمايو ۽ جيئن ته اُهي مُحدث ٻين علائقن جا هُئا ان ڪري اُهي حديثون مُختلف علائقن ۾ ويون ۽ اُتي جي عوام انهن 10 مُحدثن جي حديثون پڙهي اسلام ۾ وڌي جيڪي پو گڏ ٿي سها ستا جي نالي ڪمپائل ٿيون جنهن ۾ هر علائقي جو مُسلم مُتفق آهي ۽ جيڪي ڪمزور هُيون، جن جا راوي مشڪوڪ هُئا يا لنڪ صحيح نه پئي مليو اُهي سڀني عالمن ۽ مُحدثن طرفان منسوخ ٿيون جيڪي ڪڏنهن ڪڏنهن ڪي علم جي صحيح ڄاڻ رکڻ وارا بار بار دُهرائين ٿا ۽ اسلام جي مُختلف علائقن جي مُسلمانن ۾ ڏڦير پئجي ويو جيڪو وڃي 72 فرقن تي رسيو۔جهڙوڪ حديثون ٻن قسمن جون آهن حديث صحا سته ۽ حديث قُدسي۔ (والله اعلم) پو مُحترم منظور علي عباسي صاحب ائين ٿيو جو جنهن سچو دين پرائڻ جي تمنا ڪئي ته ڀلي اُهو ڪافرن جي ماحول ۾ ڪافر ما پي يا ڪافرن جي مُلڪ ۾ پئدا ٿيو الله هُن جي دل کي کوليو ۽ هو ڪلمو پڙهي مُسلمان ٿيو ۽ جيڪو مُسلمانن جي گهرن ۾ پليو، مُسلمانن جي ماحول ۽ مُلڪ ۾ رهيو پر ڪلمو پڙهي وري به توحيد کان انڪار ڪيو ته الله هن کي دُنيا ۾ ته خوار ڪري ٿو پر آخرت ۾ به ان لا عذاب آهي پو ڀلي هو نبي سائين جن جون ڪيتريون حديثون پنهنجي فائدي لاِ ڪوٽ ڪري ته سائين انهن حديثن جو فائدو تڏنهن وٺبو جڏهن پهرئين هڪ الله جي ئي عبادت ڪبي، صرف ان کان گهُربو ۽ اهڙي طرح سان جيڪو صرف ۽ صرف مُحمد صلي الله عليه وسلم کولي بيان ڪيو آهي ۽ الله ج جي گهرن ۾،(صرف مسجدون يا ميدان) پنهنجي گهرن ۾ لڪي يا ظاهر۔​
    ۽ مُشرڪ واجب القتل آهي طاقت رکڻ واري حاڪم الوقت لاِ نه ڪه عام ماڻهون قتل ڪندو وتي پو اُهو عالم ئي ڇو نه هُجي (الله جي حڪمت) دين مُڪمل آهي اُن ۾ پنهنجي طرفان واڌ جيڪا نبي سائين جن ڪانه ڪئي بدعت سڏبي ۽ اُها به الله ج جي رستي تان ماڻهن کي ٿيڙائڻ لا آهي۔ نعوذ بالله دين ۾ واڌ ڪري ڀلي پو اُهو عمل بهتر ڇو نه هُجي گُناه اهي، مغرب جو ٽي رڪعتون آهن ته ٽي ئي پڙهبيون نه ڪه چار ، حالانڪه ڇوٿين ۾ ڪو گناه نٿو ڪجي پر نبي جي ٻُڌايل رستي ۾ واڌ نٿي آني سگهجي، دين مُڪمل آهي ڳوليو، ريسرچون ڪريو جي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ۽ سچ سکڻ ٿا چاهيو ته بس رُڳو پنهنجي دل ۽ دماغ کوليو، بحث مُباحثن يا مقابلن هڪ ٻئي جي عقيدي کي گهٽ وڌ ڪرڻ لا نه پر حق سمجهڻ لاِ۔ اهو دين جيڪو الله جي حُڪم سان نبي ص مُڪمل ڪري چُڪو اهي۔ مُشرڪن وانگر الف الله بي بس نه ٿيو هڪ عالم کان ٻُڌي ٻئي عالم کان به سکون ٻُڌو ۽ پو پاڻ پنهنجي فهم ، عقل، سمجهه استعمال ڪري تصديق ڪريو جيئ دُنياوي ڪمن لا هُشيار هوندا آهيو، ته سچ ڇا آهي اهو توهانکي ئي ڳولڻو آهي ڪرڻو آهي جو الله ج اوهانکي ان لا ته اشرف المخلوقات ٺاهيو آهي، تڏنهن ته ڪافر به دين سمجهڻ لاِ ڪافر ما، پي، ٻار، زالون، دوست، مال متاع مُلڪ ڇڏي مُسلمان ٿئي ٿو ۽ مُشرڪ مُسلمان هوندي به سمجهڻ به نٿو چاهي بس الف الله به بس، جيڪو ابن ڏاڏن چيو اُهو سچ ۽ ان لا قرآن مٿي کوليو اهي۔ (والله اعم بثواب)​
    گهڻن آقائن (بُت،قبر۽ شخصيت) پرستي لا قرآن ڇا ٿو چئي؟
    ڀلا گهڻا جُدا جُدا آقا بهترين يا هڪ الله واحدالقهار (آيت 38)۔ جنهن شين کي توهان الله کان علاوهه پوڄيو ٿا اُهي صرف نالا ئي نالا آهن جيڪي توهانجي ڏاڏن ۽ پيئرن رکي ڇڏيا هُئا ۽ الله انهن جو ڪوبه سرٽيفڪيٽ نازل ڪونهين ڪيو (ڪن کولي ٻُڌو مُشرڪو!) الله کان سوا ڪنهنجي حُڪومت ڪونهين۔ هو چوي ٿو ته هن کان سوا ڪنهن جي عبادت نه ڪريو۔ اهوئي سڌو دين آهي پر اڪثر ماڻهون نٿا سمجهن (القرآن)​
    حوالو سيپارو 14 (وَما من دابه) سوره 12 (يوسف) آيتون 38، 39 ۽ 40۔
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو