خوشيون سڀ عيد جون کائي مهانگائي وئي آھي (حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي)

'مزاحيه شاعري' فورم ۾ ImamBux طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2012۔

  1. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    خريداري جي سوچن ۾ گذاريندين ته خوش هوندي
    ايئن بس عيد هيلو ڪي گسائيندين ته خوش هوندين
    نه لالچ سَيُن جي رکجاءِ نه مرغي جي پرين پيارا
    پٽاٽن ۾ پلاءُ ملندئي جي کائيندي ته خوش هوندين
    آھي موسم پلي جي اڄ ڳنر ۽ ساڳ جي سهڻا
    اڇي ماني اڇا چانور کائيندين ته خوش هوندين
    دڪانن تي چڙهي بيگم ڪري جو ساڻ ٿو ساٿي
    ائين منصور جان کلڙي کلائيندي ته خوش هوندين
    پائي ڪاٽن پرين ڪپڙا گھمي ٿو ٻانهن لوڏي ڏس
    نه ٿس طاقت وٺڻ جي اگھ پڇائيندي ته خوش هوندين
    خوشيون سڀ عيد جون کائي مهانگائي وئي آھي
    اچي جي عيد مونسان تون گڏ گذاريندين ته خوش هوندين
    اڇي ڏاڙهي اڇو پٽڪو مگر دل پوءِ به جوان آھي
    گڏي گوڏو ويهي مونڏي نهاريندين ته خوش هوندين
    سڄو بس سال منٿون مون ڪيون ته پنهنجي ڀورل کي
    اچي جي عيد تون مونسان گذاريندين ته خوش هوندين
    بهاني عيد جي گھر ۾ سڀاڻي قافلا ايندا
    نهاري يار پايا تون رڌائيندين ته جوش هوندين
    پروڪي عيد جون ڳالهيون ڪبيون هن عيد ۾ “اڪرم”
    چنڱايون چاشنيون پَرُ جون ڀلائيندين ته خوش هوندين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. sardar sajjad magsi

    sardar sajjad magsi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Muhammad Khan
    ادا تمام بهترين شائري آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو